تازيون خبرون

Monthly Archives: May 2016

عمر ڪوٽ: هڪ ڏينهن اڳ گم ٿيل نينگريءَ جو تشدد ٿيل لاش هٿ

عمر ڪوٽ (رپورٽر) عمر ڪوٽ ۾ هڪ ڏينهن اڳ گم ٿيل نينگريءَ جو پاڻي جي ٽانڪيءَ مان لاش هٿ آيو. گذريل ڏينهن شام ڌاري کان پراسرار نموني گم ٿيل عمر ڪوٽ جي شِو ننگر جي رهواسي 10 سالن جي معصوم نينگري درشنا ڌيءُ سروڻ بجير جو پاريسري رتن ميگھواڙ جي گھر جي ٽانڪيءَ مان لاش هٿ آيو، وارثن جو چوڻ هو ته نينگريءَ جي جسم تي تشدد جا نشان آهن، جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته نينگريءَ کي زيادتيءَ بعد تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي، واقعي واري هنڌ پوليس پهچي نينگريءَ جي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم بعد وارثڻ حوالي ڪري ڇڏيو.

 

ايشا گپتا”ڪمانڊو ٽو“۾ ڪم ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ايشا گپتا ايندڙ فلم ”ڪمانڊو ٽو“جو حصو هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، ڀارتي ميڊيا مطابق سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي بيان ۾ ايشا گپتا ٻڌايو ته هوءَ ”ڪمانڊو ٽو“ ۾ ڪم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ تمام گهڻا ايڪشن منظر هجڻ تي هوءَ تمام گهڻي پرجوش آهي، هن ٻڌايو ته ان فلم جو هيرو وديوت جمال آهي، جيڪو 2013ع ۾ رليز ٿيل قلم ڪمانڊو ۾ به هيرو جي ڪردار ۾ نظر آيو هو، ايشا گپتا جو چوڻ هو ته مان اهو به ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته مان ان فلم ۾ نه ڪو ناڪاري ڪردار ادا پئي ڪيان ۽ نه ئي ويڙهه ڪندي نظر اينديس.

 

پريانڪا فلم ”بي واچ“ ۾ پريشر ۽ ايڪشن تمام گهڻي سٺي انداز ۾ سنڀاليو: راڪ

نيويارڪ (شوبز نيوز) هالي وڊ اداڪار دي وان جانسن(راڪ)پنهنجي ايندڙ فلم ”بي واچ“ ۾ ساٿي بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا جي واکاڻ ڪندي نه پيو ڍاپي، ڀارتي ميڊيا مطابق راڪ هن وقت ”بي واچ“ جي شوٽنگ ۾ رڌل آهي، هن سماجي رابطي جي ويب سائٽ انسٽاگرام تي هڪ وڊيو ونڊe آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هو پنهنجي ساٿي بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا جي واکاڻ ڪندي نه پيو ڍاپي، راڪ جو چوڻ هو ته پريانڪا فلم ”بي واچ“ ۾ پريشر ۽ ايڪشن تمام گهڻي سٺي انداز ۾ سنڀاليو آهي، جنهن جو ڪو مثال ئي ناهي، هن چيو ته فلم جي پروڊڪشن جي شروعات کان پهرين اداڪارا کي چيو ويو ته يا ته اسان گڏجي پريشر سنڀالينداسين يا وري اسان پاڻ ئي ان جي ور چڙهي وينداسين، جنهن تي پريانڪا چيو ته اسان ان کي بهتر انداز ۾ کڻي هلنداسين، سندس اهڙي خوبي سبب اسان کيس تمام گهڻو پسند ڪيون ٿا، دي راڪ چيو ته فلم جي هڪ منظر ۾ ولن مون تي بندوق رکي ٿو، جيڪو ڪو ٻيو نه پر هڪ عورت آهي،جيڪا ان قسم جو پريشر سنڀالي سگهي ٿي ۽ اها پريانڪا آهي، پريانڪا جي اهڙي ساراهه کانپوءِ کيس به ان وديو ۾ ڏسي سگهجي ٿو، جنهن ۾ سندس مرڪندي ڇوڻ هو ته برائي ڪڏهن به سٺي ڏسڻ ۾ ناهي ايندي، واضح هجي ته فلم”بي واچ“ 1990ع جي مشهور ٽي وي سيريلز تي ٻڌل آهي، جيڪا ايندڙ سال 19 مئي تي رليز ٿيندي.001

 

انگلينڊ خلاف سيريز جي لاءِ ٽيم جو اعلان ڪرڻ کان پهرين رانديگرن جي فٽنس جو جائزو وٺڻ چاهي ٿو:انضمام الحق

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي سليڪشن ڪميٽي جي چيف سليڪٽر انضمام الحق جو چوڻ آهي ته انگلينڊ خلاف سيريز جي لاءِ ٽيم جو اعلان ڪرڻ کان پهرين هو رانديگرن جي فٽنس جو جائزو وٺڻ چاهي ٿو. امڪان آهي ته لاهور۾ 29مئي تي رٿيل قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪيمپ  دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪيو ويندو، جڏهن ته ايبٽ آباد ۾جاري بوٽ ڪيمپ جي پڄاڻي 27 مئي تي ٿيندي. لاهور ۾ رٿيل ڪيمپ کي رمضان شريف جي شروع ٿيندي ئي ختم ڪيو ويندو. انضمام الحق گذريل ڏينهن لاهور ۾ جاري پاڪستان اي ٽيم جي تريبتي ڪيمپ ۾ شامل رانديگرن جي ڪارڪردگي جوجائزو ورتو.

 

اوپن دي نائس ٽينس: اعصام الحق پهرين ئي رائونڊ ۾ ايونٽ کان ٻاهر

پيرس (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽينس اسٽار اعصام الحق قريشي اوپن دي نائس ٽينس ٽورنامينٽ مينز ڊبلز مقابلن جي پهرين رائونڊ ۾ ئي شڪست کانپوءِ ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويو آهي. فرانس ۾ جاري ايونٽ ۾ مينز ڊبلز جي پهرين رائونڊ ميچ ۾ گوئلر موڊيورن ۽ اينڊرس مولٽيني جي مشتمل ارجنٽائن جوڙي بهترين ڪاڪردگي جو مظاهرو ڪندي اعصام الحق ۽ سندس ساٿي رانديگر رابن هاس کي اسٽريٽ سيٽن ۾ 3-6 ۽ 4-6 تان شڪست ڏئي ايونٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.27

 

اتر سنڌ سخت گرمي جي لپيٽ ۾ ….!!: سعيد احمد مڱريو

جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، شڪارپور ، قمبر شهداد ڪوٽ ، ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ  ۽ سکر ضلعا  اهي اتر جا ضلعا آهن ، هن سڄي اترادي پٽي ۾ رڪارڊ ٽوڙ گرمي پوندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اها گرمي وچولن ضلعن ، نوابشاهه ۽ نوشهروفيروز ۾ به ريڪارڊ ٽوڙ هوندي آهي ، هتان جا جهولا به ساڙيندڙ هوندا آهن اتر ۾ موسمي تبديلي ۽ گرمي پد جو اضافو صرف ۽ صرف ماحوليات جي تبديلي جي ڪري ٿئي ٿو ماحوليات اسان جي آسپاس وارين سمورين فضائي، آبي، زميني ۽ موسمي حالتن کي چئبو آهي. جنهن ماحول ۾ اسين ساهه کڻون ٿا يا جنهن ۾ اسين رهون ٿا، جيڪڏهن اهو صاف هوندو ته اسان جي صحت سلامت رهندي، پر جيڪڏهن اهو ماحول گندو هوندو ته اسين بيمارين ۾ وڪوڙجي وينداسين. اسان جو ماحول ڏينهون ڏينهن گدلو ٿيندوٿو وڃي ، ماحولياتي ماهرن جو چوڻ  آ ته ماحول ۾ خرابي يا ان جي اندر الودگي جو وڌڻ جو سبب صنعتن ، مشينون يا گاڏين جي هلڻ سان جيڪو ڌونهون نڪرندو آهي ان ڌونهي سان ئي  ماحول جي اندر گدلاڻ پيدا ٿيڻ جا  امڪان وڌيڪ هوندا آهن پر  جيڪڏهن اسان اتر وارن ضلعن جو ماحوليات جي حساب سان ٿورو جائزو وٺون ته هتان جي موسم ڪجهه اهڙي طرح هوندي آ جيڪڏهن سردي جي موسم هجي ته به هتان جي سردي سخت ، گرمي هجي ته به هتان جي گرمي سخت ٻئي موسمون سخت هونديون آهن .

موسم جي اهڙي تبديلي  جي ڪري هتي ڪي ايڏا  وڏي پيماني تي ڪارخانا ، صنعتي ، ڌونهون ڪڍندڙ وڏيون مشينون يا فيڪٽريون نه هجڻ جي برابر آهن پر پوءِ به گرمي پد جو سخت ۽ آلودگي جو گهڻو مقدار هتان جي شهرن ۾ آهي ،  هتان جي ماحول ۾ تمام گهڻا مسئلا نظر ايندا، هتي جڏهن رَبيع جو فصل ڪڻڪ پوکي ويندي آهي ته پاڻي جو مقدار تمام گهٽ ملندو آهي هتان جا هاري ربيع جو فصل اڪثر ڪري بورينگ يا ٽيوبيل جي ذريعي پوکيندا آهن ، پاڻي جي اڻلڀ هجڻ جي ڪري اتر جي اڪثر علائقن ۾ زمين بنجر پئي ملندي ،  پاڻي جي کوٽ جي ڪري زمينون  خشڪ پئي نظر اينديون ،  جيئن هتي  وري خريف  جي فصل سارين جي ڳالهه ڪيون ته ان دوران وري اسان ٿورو سنڌ جي اتر واري پٽي جو معائنو ڪنداسين ته هر طرف پاڻي ئي پاڻي ملندو جتي سم ، تلاءَ ، ڪلراٺو پاڻي ، سينور گندو گاهه  ايئن پئي نظر ايندو جيئن هتي ڪا آبادي ئي ڪون ٿيندي هجي . هاڻي هتي سوال ايهو ٿو پيدا ٿي ته انهن ماحولياتي مسئلن جا ذميوار ڪير آهن ؟  اسان پاڻ  آهيون يا وقت جي سرڪار ، منهنجي مطابق ماحوليات کي خراب ڪرڻ وارا گهڻي قدر اسان پاڻ ذميوار آهيون ، اسان وقت جي سرڪار تي الزام ته هڻندا رهندا آهيون  پر ڪٿي اسان جون پنهنجون ذاتي به ذميواريون هونديون آهن ،

اسان سمجهون ٿا ته وقت جي حڪومت   ٻين حقن ڏيڻ کان  ته محروم رکيو آ پر ڪٿي اسان جون پنهنجون  ذاتي به ڪوتاهيون آهن  مثال طور جيئن  اسان پنهنجن گهرن جي سامنهون ڪچرو ڦٽي ڪنداسين ، اتي ڪچري جا ڍهير لڳائيندا رهنداسين پر صفا ڪرڻ جو ڪو احساس ڪون ٿيندو نه ئي ڪو خيال ڪنداسين  ، جيئن وري ڏٺو وڃي ته شهرن ۾ وڏا وڏا بنگلا ته ٺهرايا وڃن ٿا پر پنهنجي گهر يا بنگلي اڳيان ننڊڙي باغيچي جو ڪو خلا نه چڏينداسين ته جيئن ان ۾ ننڊا ننڊا ٻوٽا پوکجن يا پارڪ ، جيڪڏهن ٿورو خال به نظر ايندو ته اتي به ڪجهه نه ڪجهه ٺهرائي ڇڏيندا سين ،  وڏي ڳالهه اها به آهي ته ان  بنگلي جو مين دروازو  روڊ تي رکنداسين جيئن معتبر ماڻهون جو هوندو ته پوءِ عام ماڻهون ويچاريو تڪليف پيو برداشت ڪندو رهندو پر ان کي ڪجهه ڪون چوندو . اهڙي قسم جا هتي انيڪ مثال پيا ملندا بحرحال  ماحوليات کي بهتر ڪرڻ وارا اسان پاڻ آهيون اسان کي ڪجهه ذميواريون مخلصي سان نڀائڻون پونديون ، جيڪڏهن هينئر اسان اتر جي ضلعن جي ڳالهه ڪيون ته هتي آبهوا ۾ تمام گهڻي تبديلي اچي چڪي آ اتر سنڌ جي پٽي ۾ پوين ڪجهه ڏينهن ۾ گرمي بد 40 کان 50 سينٽي ڊگري رهي آهي . گرمي جو ايترو هجڻ ان جو سبب ايهو آهي جوهتي وڻ وڍيا ويا آهن وڻن جي ڪٽائي جي ڪري ھر سال سنڌ ۾ گرمي پد ۾ واڌ ٿي ايندي وڃي هتي شهرن توڙي ڳوٺن  ۽ زرخيز زمينن مان باغ ۽ وڻ وڍيا ويا آهن ، ڪنهن دور ۾ اتر سنڌ ۾ ٻيلا گهڻي مقدار ۾ هوندا هئا جيڪي ٻيلا هزارين سالن کان سنڌ جي سونهن ۽ خوشحاليءَ جي علامت رهيا آهن جنهن سان سنڌ جي ماحوليات انتهائي موافق ۽ سٺي رهندي آئي آهي پر سنڌ جي ٻيلن کي هڪ سازش تحت رٿابنديءَ سان ختم ڪيو ويو آهي جيڪا ڳالهه سنڌ لاءِ انتهائي هاڃيڪار ثابت ٿي آهي ، ترقي يافته ملڪن ۾ ماحوليات جي مسئلن تي سنجيدگيءَ سان سوچيو ويندو آهي ۽ پوءِ انهن کي حل ڪرڻ جي لاءِ مختلف پروگرام پڻ جوڙيا ويندا آهن جيئن اهي ان مسئلي کي حل ڪري سگهن ، پر هتي نه حڪومت  ٿي ان تي سوچي نه ئي عوام ان مسئلي جي حل ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي ، جيڪڏهن اسان کي پنهنجو ماحول ، آبهوا يا ايندڙ وقت اهڙي قسم جي سخت گرمي کان پنهنجو پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهيون ته پوءِ سڀ کان پهرين ته اسين پنهنجي ويجهڙائيءَ واري ماحول تي ڌيان ڏيون. ان کي صاف سٿرو بنايون ۽ پنهنجي ذات، گهر، گهٽي، پاڙي، ڳوٺ ۽ شهر جي ماحول کي گدلي ٿيڻ کان بچايون.

سنڌ جو ماحول بچائڻ لاءِ پنهنجي گھرن اوطاقن پاڙن گھٽين شهرن روڊن ۽ چوراهن تي وڻن پوکڻ جي مهم جو هڪ آغاز پڻ ڪيون ته جيئن ننڊن ٻارن توڙي وڏن ماڻهن کي اهڙي عمل جي ڄاڻ اچي ته وڻ به هڪ بهترين ماحول دوست هوندو آهي .   ٻيو هتان جي باشعور ماڻهن جي مٿان اها ذميواري آهي ته اهو پنهنجي پاڙن اوطاقن ۾ نم،ٽالهي جا وڻ پوکين ۽ اهي ڳوٺ ۽ شهر جيڪي ڪچي ۽ درياهه جي ڀر ۾ آهن اتان جي رهاڪن جي مٿان ايهو  فرض آهي ته اهي ڪچي ۾ درياهه جي ڪنارن سان ٻٻر جي چيچڪن کي ڇٽي سنڌ جي سونهن ٻيلن کي ٻيهر وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪن ، ٻيلن جي وڍجڻ جو نتيجو اڄ ايهو آهي جو اتر  سنڌ جي ضلعن ۾ ڪجھ سالن کان تمام گھڻي گرمي ۽ تپش ٿي رهي آهي ۽ ٻيلن جي نه هجڻ سبب سنڌ ۾ مينهن پڻ نٿا پون جنهن سان ڪيتريون ئي بيماريون سنڌ ۾ ڦهلجڻ سان گڏ سنڌ جو جر پڻ تيزيءَ سان زهريلو ٿي چڪو آهي جيئن ته هي هڪ سنگين ۽ انساني هوالي سان عالمي مسئلو آهي . اتر سنڌ ۾ سخت گرمي جي ڪري گهڻون ماڻهون ، جانور ۽ پکي  پاڻي جي پيئڻ جي لاءِ پريشان آهن ، اسان سڀن تي ايهو فرض آهي ته رستن ، روڊن جتان ماڻهن جو گهڻون گذر سفر آهي اتي پاڻي جا مٽڪا ڀري رکون ۽ پنهنجن گهرن جي ڇتين تي پاڻي جا ٿانو ڀري رکون ته جيئن پکي پي ڪري زندگي جو وهنوار جاري رکي سگهن . ماحوليات جي ان تبديلي تي سنجيدگي سان سوچڻ کپي ۽  جلد ڪي اپاءُ وٺڻ گهرجن ايئن نه ٿي جو ايندڙ وقت ان کان وڌيڪ تباهه ڪن ثابت ٿي   اتر سنڌ جا اهي  ماحولياتي اثرات  سنڌ جي ٻين حصن تي به اثر انداز ٿي سگهن ٿا.

Email: saeed@hho.org.pk

 

خلق خدا؛ جيڪا تون به،مان به ۽” دوسو“ به آهي!: شفيق شاڪر

دنيا ۾ هر ڌنڌي ۽ پيشي جي پنهن جي پنهن جي نفسيات ۽ پنهن جو ماحول هوندو آهي.مثال؛ حجامت ڪرڻ وارا تمام گھڻا ڳالهائو ٿين ٿا.اڪثر هروقت بنان ڪنهن ڪاما ۽ فل اسٽاپ جي هر گراهڪ سان جهڪ هڻندا رهندا آهن.گراهڪ جواب ڏئي يا نه پر هنن جو مثال ڪنهن اڳ ۾ ئي ريڪارڊ ٿيل ڪيسٽ وارو هوندو آهي جيڪا هروقت وڏي بي رحميء سان وڄندي رهندي آهي.انھيء هڪ طرفي محفل موسيقيء ۾ ڪڏهن ڪڏهن بليڊ يا ڪينچيء سان پاتل مزيدار چهنڊڙي به گراهڪ کي لائيٽ ڊانس تي مجبور ڪري وجھندي آهي.ڊرائيورن جي وري پنهن جي دنيا آهي،پنهن جي عام ڪچهرين ۾به اهي موٽر،انجڻ،ڪاربوريٽر، سائيڊ، رورس ،ٽاپ،ٽرن،سگنل ،مطلب ته انهن جي گفتگو ئي عجيب هوندي آهي.وري جيڪي دنيا ۾ فنڪار ٿين ٿا جن ۾ گلوڪار،موسيقار، شاعر،اديب وغيره شامل آهن انهن جون عام طور تي طبيعتون گھڻيون نازڪ ۽ حساس ٿين ٿيون، انهن جي گفتگوء ۾ هڪ عجيب قسم جي لفظن جي خوشبوء،نفاست ۽ نزاڪت هوندي.شعر ۽ شاعريء جي چاشني ۽ دانش ڀريل جملن جي مٽا سٽا ٻڌڻ لاء ملندي.استاد،مولوي۽خطيب اڪثر تقريرن  جي شوق ۾ ورتل هوندا آهن ۽ هر وقت، ڪنهن نه ڪنهن کي ڀاشڻن جي مفت چٽڻي کارائيندا رهندا آهن.

گھر ۾ به انهن جو اهو ئي حال هوندو آهي پر وري ڪنهن ٻئي جي ڳالھ ٻڌڻ جي معاملي ۾ڪنهن شوخ حسينا جيان گھڻو بي نياز هوندا آهن.وري ٽين جنس رکندڙن جو عجيب رنگينين ۽ مسڪراهٽن سان ڀريل جهان آهي،شل نه ڪو وڃي سندن هلندڙ ڊرامي ۾ مهمان اداڪار ٿئي! کلندي کلندي آنڊا ئي وات کان ٻاهر اچي ويندس.اهڙيء طرح ٻين ڌنڌن ۽ پيشن جو معامو به ساڳيو آهي. هاڻي اچون ٿا هڪ ٻي مخلوق جي طرف جيڪا دنيا ۾ ڪافي ۽ شافي مقدار ۾ لڌي وڃي ٿي.اهي دنيا ۾ جتي به هوندا آهن اتي انهن جي ساڳي نفسيات ۽ ساڳي ادا هوندي آهي .ساڳي .”شڪاري ڪٽ“ ۽ هٿن ۾  ساڳياشڪار جا اوزار! ها، سڌريل ملڪن ۽ اسان جهڙن ترقي پذير ملڪن جي سياستدانن ۾ ٿورو فرق هوندو آهي سو اهو ته انهن ملڪن ۾ سياستدان پڙهيل ڳڙهيل جڏهن ته اسان جهڙن ملڪن ۾ اهي ” اڻ پڙهيل“ ۽ ” اڻ گھڙيل“ هوندا آهن جنهن ڪري هنن ويچارن جا سور سڌريل ملڪن جي سياستدانن جي سورن کان سوايا هوندا آهن ۽ سندن ملڪن جو عوام کين ”گلن جا هار“ به گھڻو پارائيندو رهندو آهي.هي ويچارا ايترا ته سڃا هوندا آهن جو هنن وٽ نه ته ڪي سياسي پارٽيون هونديون آهن ۽ نه ئي ڪا سندن ذاتي ملڪيت! هي جنهن شيء جا اڳواڻ هوندا آهن سا سياسي پارٽي نه پر ڪا پرائيويٽ لميٽيد ڪمپني ٿيندي آهي جنهن کي هلائڻ لاء ڪنهن افلاطوني ڏانء يا بقراطي عقل جي ضرورت نه ٿي پوي. اهڙيء طرح هنن جي وزير،مشير يا صلاحڪار ٿيڻ لاء به ڪنهن کي هروڀرو ڪنهن سياست، فلسفي، استعداد، تاريخ، معيشت، بين الاقوامي صورتحال تي پي ايڇ ڊي جا پاپڙ ويلڻ جي ضرورت نه هوندي آهي.بس جيڪو ڪمپنيء سان جيترو وفادار هوندو يا گھٽ ۾ گھٽ وفادار نظر اچڻ جي ڪوشش ڪندو ته اهو ئي ڪم جو ماڻهو ۽ اهو ئي ڪمپنيء لاء وڌيڪ مفيد.معتبر،محبوب ۽ معزز آهي. اضافي خوبيون جن جي ڪري اهڙن وفادارن کي سندن مرضيء جو بونس  به ملي سگھي ٿو سي آهن؛ نڪ جي ڏاڍائي،ڍيٽپڻ،وات مان الزامن. طنزن،  طعنن،گارين ۽ ڌمڪين جا ميزائيل بنان وقفي اڇلائڻ جو تجربو،ڪمپنيء جي ڪاروبار وڌائڻ لاء اشتهار تيار ڪرڻ جي مهارت،ڪوڙا بيان جاري ڪرڻ ۾ ڪنهن جو به ، ايستائين جو خدا جو خوف به نه ڪرڻ.اسان جو ويچارو عام ماڻهو ڪيڏو نه بي همت آهي جو جيڪر سندس ڪنهن ڪم يا عمل تي ڪو هڪ ئي آڱر کڻي ته ان ڪم کي ئي لت هڻي ويهي ٿو توڙي جو ان ڪم ۾ هن جو ڪيڏو به وڏو فائدو ڇونه هجي يا اها آڱر ڀلي غلط ڇو نه کڄي هجي.انهيء بي همتيء جي ڪري ته هو سياستدان نٿو بڻجي سگھي.هيء  سياسي مخلوق صفا ڪٺور.ڏاڍي ۽ قائد اعظم جي يقين مستحڪم واري سونهري اصول تي اڪيلي عمل ڪندڙآهي.نه ٿڪن ٿا،نه بيزار ٿين ٿا،نه ڪنهن کي به مڃين ٿا ۽ نه ئي ڪنهن جي اڳيان جھڪن ٿا.انهن خداداد خوبين جي ڪري ئي ته اهي سدابهار سياستدان آهن.نه پوڙها ٿا ٿين ۽ نه ئي ڪمزور!انهن جو هن دنيا ۾ صرف هڪڙو ئي دشمن ازلي آهي.اهو آهي موت!

انهيء سان منهن ڏيڻ ۾ اڃا تائين ته مجبور آهن سو اهي پنهن جي سياسي بلوغت جي پهرئين ڏينهن کان ئي پنهن جن گھرن ۾ئي موجود سياسي نرسرين ۾ ٻڄ پوکي تنهن کي پاڻي ڏيندا رهندا آهن ته جيئن موت جي اچڻ کان پهرين ڪمپنيء جو ڪو حقيقي ۽ اهل وارث ريڊي ميڊ موجود هجي ته جيئين ملڪ ۾ ڪو عظيم سياسي خال پيدا نه ٿي سگھي ۽ عوام ويچاري کي پنهن جي لاء ڪي حڪمران ٻاهرين ملڪن ۾ نه وڃي ڳولهڻا پون.ان گھريلو نرسريء سان گڏ انهن ملڪ ۾ هڪ اهڙي امر فيڪٽري به لڳائي ڇڏي آهي جتي سندن سياسي ڄڃ ۾ نچڻ وارا سوين ”دوسو“ ميڊ ان پاڪستان جي مارڪ سان پيدا ٿيندا ٿا رهن.جيستائين گھريلو سياسي نرسري سرسبز ۽ سائي آهي تيستائين ”دوسو“ به گھربا رهبا.جيڪي ڪمپنيء مان ئي مليل بلٽ ان نعري ”آوي هي آوي“ سان ملڪ جو سياسي ميلو مچائيندا رهندا.خدا جو شڪر آهي جو پنهن  جن ٻين سمورين اڻ هوندن.کوٽن ۽ اوڻاين جي باوجود غريب ملڪن جو عوام ريڊي ميڊ سياستدانن جي صنعت ۾ گھڻو خود ڪفيل آهي. جيستائين اهي سياستدان موجود آهن خلق خدا راڄ ڪندي رهندي.اها خلق خدا جيڪا تون به آهين ۽ مان به آهيان ۽ ”دوسو“ به آهي!

 

 

ٽيڪس نظام ۾ سڌارن جي تجويزن جي طلبي

فيڊرل بورڊ آف روينيو پاران نئين مالي سال جي بجيٽ جي آمد جي موقعي تي سمورن اسٽيڪ هولڊرز کان ٽئڪس واري نظام ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ تجويزون طلب ڪيون پيون وڃن، پر هي پهريون موقعو ناهي، ان کان اڳ به ساڳي ريت تجويزون طلب ٿينديون رهيون آهن، اها به حقيقت آهي ته ايف بي آر مالي خساري کي گهٽ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندو رهيو آهي، ساڳئي وقت ٽئڪس واري نظام ۾ بامقصد تبديلي به نه آندي وئي آهي، نتيجي ۾ ملڪي معيشت ۾ نه بهتري اچي ٿي نه وري عام ماڻهو خوشحالي طرف وڌي سگهي ٿو. پاڪستان دنيا جي انهن خوشقسمت ملڪن مان هڪ آهي، جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، پر خيرات ڏيندڙن جي حڪمن تي ٽئڪس لڳائڻ واري پاليسي ۽ اسان جي نااهل ٽئڪس اوڳاڙين واري نظام ملڪ تي پرڏيهي قرضن جو بار وڌائي ڇڏيو آهي، شايد حڪمران ان کان غافل ٿي ويا آهن ته ٽئڪس ۽ معاشي ترقي هڪٻئي سان جُڙيل آهن، جيڪي ٻئي هڪٻئي لاءِ لازم و ملزوم آهن، ان ڳالهه کي به نظر ۾ رکڻو پوندو ته جتي آبادي ۾ اضافو ٿي رهيو هجي، اتي گهُرجون به وڌي وينديون آهن، جنهن جو واحد حل صرف ۽ صرف پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ هوندو آهي، جيڪڏهن گهرج موجب پيداوار نه ٿيندي ته لازمي طور اتي مختلف بحران ئي ڪَرُ کڻندا، جيڪڏهن اسان کي معاشي شرح ۾ اضافو ڪرڻو آهي ته پوءِ ٽئڪس نظام ۾ به سڌارا آڻڻا پوندا، پر بدقسمتي سان ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي جاندار پاليسي جي حوصلي افزائي ناهي ڪئي وئي، جيڪي به حڪومتون آيون، انهن هميشه ٽئڪس چورن ۽ قومي دولت لٽيندڙن جو حوصلو وڌايو، غير قانوني طور حاصل ڪيل پئسي کي جائز ڪندڙن کي قانون جي گرفت کان آجو رکيو ويو، انتهائي امير ۽ بااثر ماڻهن، عوامي عهديدارن، سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي کي سهولتون ڏيڻ لاءِ اربين رپيا خرچ ڪيا ويندا رهيا آهن ۽ ٽئڪس ادا ڪندڙ عام ماڻهوءَ جي حصي ۾ ڪجهه به ناهي ايندو، اهو ئي سڀ کان وڏو ڪارڻ آهي ته هتي امير امير ترين ۽ غريب غريب ترين بڻجندو رهيو آهي ۽ وڏي عرصي کان اهو سلسلو جاري آهي، هاڻ ته ان تي ضابطو آڻڻ به سولو ناهي رهيو، جڏهن ته غربت گهٽائڻ ۽ ملازمتون پيدا ڪرڻ لاءِ اسان کي تيز معاشي ترقي ۽ سڌارن جي ضرورت آهي، پر افسوس آهي ته اسان وٽ اهڙي ڪنهن به قسم جي پاليسي نظر نٿي اچي، گذريل ڪجهه سالن کان ملڪ جون اڪثر صنعتون بند ۽ معاشي ترقي مفلوج بڻيل رهي آهي، ايف بي آر جي پاليسين جي ڪري ٻاهريان سيڙپڪار به هتي اچڻ کان لنوائين ٿا، ان سان يقينن عوام ۾ مايوسي پيدا ٿئي ٿي ۽ سماجي مسئلن ۾ هر نئين سج اضافو ٿيندو رهي ٿو. ڪاروباري شخصيتن کي اها شڪايت رهي آهي ته ٽئڪس ادا ڪرڻ ۾ ايف بي آر وڏي رڪاوٽ آهي، جيڪڏهن ٽئڪس اوڳاڙين جي طريقيڪار کي بهتر بڻايو وڃي ته سندس اها شڪايت به ختم ٿي ويندي، ڇاڪاڻ ته هُو وقت سر ۽ خوشيءَ سان ٽئڪس ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن. اسين سمجهون ٿا ته هن وقت پاڪستان کي معاشي ترقي ۾ اضافو ڪرڻ جي انتهائي گهرج آهي، ان سان گڏ ملڪ ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻا پوندا، توانائي جي بحران تي سياست ڪرڻ بجاءِ ان کي سنجيدگي سان حل ڪرڻو پوندو ته جيئن ملڪ ۾ هر قسم جون صنعتون بندش واري ماحول مان نڪري پنهنجي پيدوار ۾ اضافو ڪري سگهن. معاشي ترقي لاءِ ضروري آهي ته ٽئڪس واري نظام ۾ سڌارا آندا وڃن،

 

مخالفن جي نصيب ۾ صرف ڌرڻا آهن، نئون پاڪستان اسان پيا ٺاهيون: نواز شريف

ڊيرا اسماعيل خان (اين اين آءِ) وزيراعظم ميان محمد نوازشريف چيو آهي ته نئين پاڪستان جي دعويٰ ڪندڙن کي 2018 جي چونڊن ۾ خيبرپختونخواهه به نه رهندو مخالفن جي نصيب ۾ ڌرڻا ۽ اسان جي نصيبن ۾ ڪم لکيل آهي. مخالف ڌرڻا هڻندا رهن ۽ اسان پنهنجو ڪم ڪندا رهنداسين. ملڪ جو نوجوان عمران خان رانديڪو ۽ اسان لاءِ قومي اثاثو آهن جلسي عام کي خطاب ڪندي نوازشريف چيو ته مولانا فضل الرحمان هميشه ڊيرا اسماعيل خان جي مسئلن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ۽ اڄ اسان پورو هوم ورڪ ڪري آيا آهيون. زباني اعلان نه پر پنهنجي اعلانن تي عمل ڪرڻ لاءِ آيا آهيون هن چيو ته گئس منصوبي جو افتتاح اوهان جي سامهون ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو منصوبو پاڪ چين اقتصادي راهداري ڊيرا اسماعيل خان کان گذري ويو آهي جلد هتان ريل گاڏي جو به گذر ٿيندو جنهن کان عوام کي سفري سهولت ميسر ٿيندي. هن چيو ته ڊيرا اسماعيل خان کي پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ سان ملائي رهيا آهيون اها وڏي ڳالهه ۽ سيڙپڪاري اهي جنهن روڊ جو اسان افتتاح ڪيو آهي اهو به ان منصوبي جو حصو آهي 260 ڪلوميٽرن جي منصوبي تي اربين رپيا خرچ ٿي رهيا آهن ان سان ڊيرا اسماعيل خان جي تقدير بدلجي ويندي هن جلسي جي شريڪن کان سوال ڪيو ته ڪهڙو نئون پاڪستان بڻجي رهيو آهي ان تي حاضرين جواب ڏنو نه نه، ڪوبه نئون پاڪستان نه بڻجي رهيو آهي هن عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته خيبرپختونخنواهه کي نئون ٺاهي نه سگهيا آهن ۽ اهي نئون پاڪستان ڪٿان ٺاهيندا. عوام ڄاڻي ورتو آهي ته ڪوبه نئون پاڪستان نه ٺهي رهيو آهي. هن چيو ته هن ملڪ جي نوجوانن کي عمران خان رانديڪو سمجهي رهيو آهي پر مولانا فضل الرحمان لاءِ نوجوان پاڪستان جو اثاثو آهن. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان اصولن تي اسان جو ساٿ ڏيئي رهيو آهي مسلم ليگ (ن) ۽ جي يو آءِ (ف) وچ ۾ نئين شراڪتداري قائم ٿي رهي آهي جيڪي ڊگهي عرصي تائين هلندي وزيراعظم نوازشريف ڊيرا اسماعيل خان لاءِ 50 ڪروڙ رپين جي ترقياتي پئڪيج جو اعلان ڪندي چيو ته مولانا فضل الرحمان سان گڏجي فيصلو ڪيو آهي ته ڊيرا اسماعيل خان جي اندر هڪ زرعي يونيورسٽي جو قيام ڪيو ويندو هن چيو ته ڊيرا اسماعيل ايئرپورٽ جي تعمير جو انتظار نه ڪيو ويندو پر سول ايسوسيئيشن عملدارن ۽ ايف بي آر کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته عالمي ۽ قومي اڏامن جي آمد شروع ڪئي وڃي. وزيراعظم چمشا ڊيم ڪئنال منصوبي لاءِ 120 ارب رپين جي ٻين منصوبن جو به اعلان ڪيو هن چيو ته اڄ جو پاڪستان پهريان جي نسبت سان بهتر پاڪستان آهي ڊيرا اسماعيل خان ۾ گئس اچي رهي آهي پاڻي اچي رهيو آهي ۽ 2018 تائين لوڊشيڊنگ مڪمل ختم ٿي ويندي نه صرف لوڊشيڊنگ ختم ٿيندي پر بجلي کي سستو به ڪيو ويندو. ان کان اڳ نوازشريف يارڪ جي مقام تي 285 ڪلوميٽر جي موٽر وي روڊ جو سنگ بنياد رکيو ۽ اهو موٽر وي ٻن سالن ۾ 129 ارب رپين کان وڌيڪ رقم جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويندو.

 

جمهوريت ڪو خطرو ناهي، وزير اعظم کي سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا: خورشيد شاهه مخالف ڌر

اسلام آباد(بيورو) گڏيل مخالف ڌر پاناماليڪس جي حوالي سان وزيراعظم نواز شريف پاران تجويز ڪيل پالياماني ڪميٽي ۾ شامل ٿيڻ تي راضي ٿي وئي آهي، اسلام آباد ۾ مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته مخالف ڌر پاناماليڪس جي جاچ بابت حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار آهي، جڏهن ته حڪومت طرفان اڃا تائين ساڻن ڪو رابطو ناهي ڪيو ويو، هن چيو ته وزيراعظم ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جيڪا پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جي ڳالهه ڪئي آهي،ان لاءِ به مخالف ڌر پنهنجا نمائندا مقرر ڪرڻ خاطر تيار آهي، سندس چوڻ هو ته ڪميٽي گڏيل صلاح مشوري کانپوءِ پاناماليڪس جي جاچ لاءِ ٽي او آرز ٺاهي ۽ جنهن به فورم تي چاهي، جاچ ڪرائي وڃي، خورشيد شاهه چيو ته مخالف ڌر قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اجلاس جو بائڪاٽ ختم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي ۽ هاڻ پارليامينٽ اندر ئي احتجاج ڪيو ويندو، هن چيو ته ميان نواز شريف وڏي دير کانپوءِ ايوان ۾ آيو، جڏهن ته مخالف ڌر جي پارٽين جو ته گهر ئي پارليامينٽ آهي، اهي پنهنجي گهر کان ٻاهر ڪيئن ٿا رهي سگهن؟ خورشيد شاهه چيو ته مخالف ڌر طرفان وزيراعظم کان جيڪي سوال پڇيا ويا آهن، کيس انهن جو جواب ڏيڻو پوندو.