تازيون خبرون

Daily Archives: April 27, 2016

دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو آهي: چوڌري نثار

لنڊن (م.ڊ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته پاڪستان کي دهشتگردن ۽ انتهاپسندن سان وڙهڻ لاءِ اڪيلو ڇڏيو ويو آهي، پاڪستان کي ڪيترا ئي سيڪيورٽي مسئلا آهن، پاڪستان کي گهڻي گهڻي وڏن مسئلن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي، خابرو ادارن موجب لنڊن ۾ انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽيجڪ اسٽڊيز کي خطاب ڪندي چوڌري نثار جو چوڻ هو ته افغانستان تي حملي جي نتيجي ۾ پاڪستان به متاثر ٿيو، پاڪستان جا ڪيترائي مسئلا ٻين سبب پيدا ٿيا آهن، سندس چوڻ هو ته نائن اليون واقعي کانپوءِ سڄو وزن پاڪستان مٿان مڙهيو ويو.

 

وڏي وزير جي بلاول ڀٽو سان ملاقات، ترقياتي ڪمن تي پورو ڌيان آهي: قائم علي شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اڱاري ڏينهن بلاول هائوس ۾ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي. وزيراعليٰ ان موقعي تي پارٽي چيئرمين کي صوبي جي سياسي صورتحال ۽ ترقياتي رٿائن جي باري ۾ آگاهي ڏني. وڏي وزير کيس ٻڌايو ته سنڌ سرڪار صوبي اندر ترقياتي ڪمن تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ ترقياتي رٿائن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن ته جيئن عوام کي وڌ ۾ وڌ رليف ڏئي سگهجي.

 

ڪشمير مسئلي جي حل بنا خطي ۾ پائيدار امن ممڪن نه آهي: پاڪستان

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان ڀارت آڏو جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي گرفتاري وارو معاملو اٿاريو آهي ۽ بلوچستان توڙي ڪراچيءَ ۾ دهشتگردي جي سرگرمين ۾ ”را“ جي ملوث هجڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري هارٽ آف ايشيا استنبول پراسيس جي اجلاس جي موقعي تي نئين دهلي ۾ ڀارتي هم منصب ايس جي شنڪر سان ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا سماجي رابطي واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري ڀارتي هم منصب کي ٻڌايو ته اهڙي قسم جي واقعن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ وارين ڪوششن کي نقصان پهچي رهيو آهي. پرڏيهي سيڪريٽري سمجهوتا ايڪسپريس ڌماڪن جي مک شڪي جوابدارن جي آزادي لاءِ ڀارت طرفان پيدا ڪيل ماحول تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته بار بار درخواست باوجود ڀارت پاڪستان کي سمجهوتا ايڪسپريس جي واقعي جي تحقيقاتي رپورٽن کان آگاهه ناهي ڪيو جنهن ۾ 42 پاڪستاني اجل جو شڪار ٿيا هئا. هن يقين ظاهر ڪيو ته هاڻوڪن اعليٰ سطحي رابطن ذريعي پيدا ٿيل خيرسگالي واري جذبي طور ٻئي ملڪ پائيدار، بامقصد ۽ جامع ڳالهين واري عمل لاءِ پرعزم رهندا. پرڏيهي سيڪريٽري جامع ڳالهين جي جلد شروعات جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن لاءِ ڀارت جي پرڏيهي سيڪريٽري کي پاڪستان جو دورو ڪرڻو آهي. هن وزيراعظم محمد نواز شريف جي ويزن مطابق ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻن لاڳاپن لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. اعزاز احمد چوڌري اڱاري ڏينهن نئين دهلي پهتو. هن چيو ته ملاقات سان ٻه طرفن لاڳاپن جي تناظر ۾ ٿيل هاڻوڪي اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه جو هڪ لاڀائتو موقعو مليو آهي. پرڏيهي ترجمان چيو ته ڄمون ڪشمير تڪرار سميت سمورن حل طلب معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي سيڪريٽري  ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪشمير هڪ بنيادي مسئلو آهي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشمن مطابق منصفاڻي نموني حل ٿيڻ ضروري آهي.

 

اجائي تنقيد ڪندڙ ترقي جي سفر کان هٽائڻ چاهين ٿا، هر حال ۾ منزل ماڻينداسين: نواز شريف

اسلام آباد(بيورو)  وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو حڪومت تي اجائي تنقيد ڪري اسان کي ترقي جي سفر کان هٽائڻ چاهين ٿا، مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر بابر نواز خان، ثقلين بخاري ۽ محمود بانجرا وزيراعظم نواز شريف سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ جي سياسي صورتحال، عوامي مسئلن ۽ ترقياتي رٿائن بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ان موقعي تي ليگي ايم اين ايز جو چوڻ هو ته عوام حڪومت جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهي، ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ترقي جي رستي ۾ رنڊڪون وجهندڙ عنصر پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندا، هن چيو ته اسان جو اصل مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ آهي، جنهن ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ويندي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جلد اونداهين مان نڪري اسريل ملڪن ۾ شامل ٿي ويندو ۽ پاڪ – چين معاشي لنگهه ملڪ ۾ معاشِي انقلاب جو ڪارڻ بڻجندو.

 

عوام جي نظرن ۾ عمران خان جي حيثيت سياسي فقير جي آهي: پرويز رشيد

لاهور (م.ڊ) وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته عوام جي نظرن ۾ عمران خان جي حيثيت سياسي فقير کانسواءِ ڪجهه به نه آهي، عمران خان ڪرپٽ ماڻهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، خابرو ادارن موجب عمران خان جو چوڻ هو ته ترقياتي منصوبن تي تنقيد سان پنجاب جو عوام عمران خان سان نفرت ڪرڻ لڳو آهي، عمران خان کي شوڪت خانم پُٺيان لڪڻ نه ڏينداسين، عمران خان کي پنهنجي ڪمائي جا ذريعا ٻڌائڻا پوندا، سندس چوڻ هو ته هاڻ احتساب ٿي رهندو، عمران خان پاڻ ۽ پنهنجي ساٿين جي ڪاري پئسي کي نٿو لڪائي سگهي.

 

جنرل راحيل شريف ۽ اردن جي شاهه عبدالله ثاني وچ ۾ ملاقات، دفاع ۽ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ سهڪار تي ڳالهيون

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ اردن جي شاهه عبدالله ثاني ٻنهي ملڪن وچن ۾ دفاع ۽ سيڪيورٽي شعبن ۾ سهڪار ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته شاهه عبدالله پاڪ فوج جي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابين ۽ علائقي جي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ وارين ڪوششن جي ساراهه ڪئي، آءِ ايس پي آر مطابق اردن جي سرڪاري دوري تي جنرل راحيل شريف اردن جي شاهه عبدالله ثاني سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڪيورٽي شعبن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ اردن وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا ۽ ڀائيچاري واري جذبي جي عظيم تاريخ رکن ٿا، شاهه عبدالله ثاني پاڪ فوج جي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابين ۽ علائقي ۾ امن استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي.  ٻئي طرف آرمي چيف جنرل راحيل شريف اسپيشل آپريشن فورسز جي مشقن جو جائزو ورتو آهي، آءِ ايس پي آر موجب فوجي مشقن جو جائزو شاهه عبدالله اسپيشل آپريشنز ٽريننگ سينٽر ۾ ورتو ويو، ان موقعي تي آرمي چيف اردن اسپيشل آپريشن فورسز جي بهترين تربيتي معيار جي ساراهه ڪئي، جڏهن ته آرمي چيف فوجي مشق ۾ شريڪ اهلڪارن سان به ملاقات ڪئي.

 

لنڊن ۾ آصف علي زرداري سان مخدوم جميل الزمان جي ملاقات، سياسي صورتحال ۽ خدشن بابت آگاهي

ڪراچي (اين اين آءِ) سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ سنڌ جي رليف واري صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان گذريل ڏينهن لنڊن ۾ پ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي ملاقات دوران مخدوم جميل الزمان پ پ پ شريڪ چيئرمين کي سياسي صورتحال ۽ خدشن بابت آگاهه ڪيو جڏهن ته سنڌ ۾ نئين تنظيم سازي جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ مخدوم محبوب الزمان ۽ صوبائي صلاحڪار علي حسن هنڱورو به موجود هئا ملاقات تقريبن ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهي. واضح رهي ته مخدوم جميل الزمان جو تعلق پيپلزپارٽي جي ناراض اڳواڻن سان آهي کيس خدشا آهن ته ان کي پارٽي ۾ اهميت نٿي ڏني وڃي. ۽ سندس وزارت ۾ به مداخلت ڪئي پئي وڃي.

 

سڀني جو احتساب هڪ ئي اداري تحت ٿيڻ گهرجي: رضا رباني

لاهور (م.ڊ) سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته سڀني جو احتساب هڪ ئي اداري تحت ٿيڻ گهرجي، هڪ ئي اداري مان احتساب سبب اعتماد پيدا ٿيندو آهي، خابرو ادارن موجب ميڊيا سان ڳالهائيندي رضا رباني جو چوڻ هو ته احتساب جو هڪ اهڙو نظام هجڻ گهرجي جنهن ۾ ڪو به مقدس ڳئون نه هجي، حڪومت پاران اسان جي سفارشن تي في الحال عمل نظر نٿو اچي، آئين ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو ڦير ڦار ڪيو ويو ته نتيجا خطرناڪ نڪرندا، سندس چوڻ هو ته جهموري حڪومت ڀلي ڪيتري به سست هجي، جهموريت کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو نه آهي.

 

 

احتساب ٽرين کي پٽڙي تان لاهڻ واري سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو اهي ته احتساب ٽرين کي پٽڙي تان لاهڻ واريون سازشون ڪامياب ٿيڻ نه ڏنيون وينديون احتساب صرف وزيراعظم ۽ سندس خاندان نه پر هر ان شخص جو ٿيندو جنهن جو نالو پانامه ليڪس ۾ آيو آهي يا وري جنهن ملڪ کي لٽيو ۽ ڦريو آهي. هن چيو ته سياسي جماعتون واعدو ڪن ته هو ڪنهن به ڪرپٽ کي پنهنجي سر جو تاج نه بڻائينديون ۽ نه ئي پنهنجي پارٽي جي ٽڪيٽ ڏينديون. هن چيو ته جماعت اسلامي ڪنهن لٽيري جو سهڪار وٺي ان سان سهڪار نه ڪندي اسان جي تحريڪ جمهوريت جي لاءِ نه پر ڪرپشن جي خلاف آهي ۽ احتساب سان ئي جمهوريت مضبوط ٿيندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار منصوره ۾ جماعت اسلامي جي جاري مرڪزي مجلس شوريٰ جي ٽن ڏينهن واري اجلاس ۾ ڪئي. ان افتتاحي تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته وزيراعظم طرفان من پسند ڪميشن بنائڻ ۽ احتساب کان بچڻ جون ڪوششون ناڪام ٿي چڪيون آهن ۽ قوم به ان کي قسم جي ڪميشن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم 3 ڀيرا قوم کي خطاب ۾ ملڪ کي درپيش چئلينجز جو حل ٻڌائڻ بدران پنهنجون صفايون پيش ڪيون.

 

ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪاروائي، انتهائي گهربل ٽارگٽ ڪلر ڪاشف عرف ڊيوڊ گرفتار، جديد هٿيار، رينجرز جون ورديون هٿ

ڪراچي (اي پي پي) پاڪستان رينجرز سنڌ عزيز آباد ۾ نائن زورو ويجهو ڪاروائي دوران بدنام ٽارگٽ ڪلر ڪاشف عرف ڊيوڊ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ظاهري طور ٽيوشن سينٽر جي نالي تي قائم هٿيار خاني مان وڏي انگ ۾ جديد هٿيار، آوان بم ۽ رينجرز جون ورديون هٿ ڪيون ويون آهن. رينجرز جي وڏي نفري اڱاري جي صبح جو سوير فجر جي نماز کان اڳ ايم ڪيو ايم هيڊ ڪوارٽر نائن زيرو جي آس پاس عزيز آباد واري علائقي تي ڪڙو چاڙهي ورتو. رينجرز هڪ گهر جو تالو ٽوڙي تلاشي ورتي، جنهن مان وڏي انگ ۾ جديد هٿيار، آوان بم ۽ رينجرز جون ورديون هٿ ڪيون ويون. هٿ ڪيل هٿيارن ۾ خطرناڪ هٿيار پڻ شامل آهن. هٿيار خاني طور استعمال ٿيندڙ گهر باهر ٽيوشن سينٽر جو بورڊ لڳل هو. ونگ ڪمانڊر رينجرز سنڌ ڪرنل فيصل صحافين کي ٻڌايو ته ڪاشف عرف ڊيوڊ انتهائي گهربل ٽارگٽ ڪلي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته انتهائي گهربل ٽارگٽ ڪلر ڪاشف عرف ڊيوڊ جو تعلق متحده قومي موومنٽ سان آهي ۽ هو دهشتگري ۽ ٽارگٽ ڪلنگ جي ڪيترن ئي واقعن ۾ گهربل هو. هن ٻڌايو ته ڪاشف کي گزريل رات هڪ آپريشن دوران گرفتار ڪيو ويو هو ۽ سندس نشاندهي تي اها ڪاروائي ڪئي وئي آهي جنهن دوران هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن