تازيون خبرون

Daily Archives: April 15, 2016

منهنجي ڪاميابي ۽ ڪم جو اعزاز اڪيلي سر مون ڏانهن ئي وڃي ٿو:پريانڪا چوپڙا

نئين دهلي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا واضح ڪيو آهي ته منهنجي ڪاميابي ۽ بهترين ڪم جو اعزاز ڪنهن ٻئي ڏانهن نه پر رڳو ۽ اڪيلي سر مون ڏانهن ئي وڃي ٿو، نئين دهلي ۾ هڪ تقريب دوران ڳالهائيندي پريانڪا چوپرا چيو ته مان اهو طئه ڪري ڇڏيو آهي ته مونکي جيڪو به موقعو مليو، ان لاءِ مان پنهنجي دل ۽ جان لڳائي ڇڏينديس، تنهن ڪري منهنجي ڪم جو سڄو اعزاز به اڪيلي سر رڳو مون ڏانهن وڃي ٿو، ڇا ڪاڻ ته مان ئي آهيان.، جيڪا ڪيمئرا آڏو بيهان ٿي ۽ ايڪشن توڙي ڪٽ کي منهن ڏيان ٿي، اهو ڪم ڪو ٻيو اچي ناهي ڪندو، پريانڪا چوپڙا جو چو ڻ هو ته ماڻهو انهن عورتن جي ڪم جو اعزاز پاڻ کڻڻ چاهيندا آهن، جيڪي سخت محنت ڪن  ٿيون، اهي ماڻهو ٻين جي آڏو ائين چوندا آهن ته ان کي ته ٺاهيو ئي اسان آهي پر منهنجو سوال آهي ته جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ هن جهڙِي ٻي ڪا ڇو نه ٺهي سگهي آهي اڄ تائين؟

 

ماڻهو فلم ”سلطان“ جي ٽڪيٽن لاءِ پاڻ ۾ وڙهندا: انيل ڪپور

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار انيل ڪپور چيو آهي ته سلمان خان جي نئين فلم ”سلطان“ جي ٽڪيٽن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مداح پاڻ ۾ وڙهي پوندا. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن مطباق 59 سالن جي اداڪار انيل ڪپور فلم ”سلطان“ جي پهرئين جهلڪ ڏسڻ کان پوءِ تمام گهڻو ساراهيو آهي هن پنهنجي ٽوئٽر پيج تي ان کي جاري ڪندي چيو ته فلم کي ڏسڻ لاءِ مداح ٽڪيٽن تي پاڻ ۾ وڙهندا. واضح رهي ته فلم جا مرڪزي ڪردار سلمان خان ۽ انوشڪا شرما ادا ڪندا، جڏهن ته اها فلم عيدالفطر تي رليز ٿيندي

 

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪوچ ملڪي هوندو يا پرڏيهي،اڃا ڪو فيصلو ناهي ٿيو: شهريار خان

لاهور (اسپورٽس نيوز) پي سي بي چيئرمين شهريار خان  چيو آهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪوچ ملڪي هوندو يا پرڏيهي ان حوالي سان هن وقت تائين ڪو فيصلو ناهي ڪيو ويو، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سالياني اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي شهريار خان جو چوڻ هو ته هن وقت تائين قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ جي حوالي سان ڪو  فيصلو ناهي ڪيو ته ڪوچ ملڪي هوندو يا پرڏيهي، جڏهن ته معين خان، محسن خان  ۽ عاقب جاويد سوڌو سمورن اميدوارن لاءِ دروازا کليل آهن، هن چيو  ته قومي سليڪشن ڪاميٽي  جو اعلان ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪيو ويندو، جڏهن ته قومي ٽيم جي انگلينڊ جي دوري لاءِ عارضي ڪوچ به کڻي سگهجي ٿو، شهريار خان جو چوڻ هو ته محمد حفيظ جي بالنگ ايڪشن جو بائيو ميٽرڪ 8 جولاءِ تي ڀارت جي شهر چنئي ۾ ٿيندو، هن چيو ته ملڪ ۾ 8 سالن کا پوءِ بائيو مڪنيڪ ليب ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي، ان لاءِ محمد حفيظ چنئي وڃڻ کان پهرين پنهنجو بالنگ ايڪشن هتي به چيڪ ڪرائي ته ان لاءِ ڪافي سولايون ٿي وينديون.

 

آءِ پي ايل 9: سريلنڪا، ڏکڻ آفريقا ۽ نيوزيلينڊ رانديگرن کي رليز ڪري هڪ مهل 10-10 لک ڊالر ڪمايا

ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ بورڊ آف سريلنڪا، ڏکڻ آفريقا ۽ نيوزيلينڊ هلندڙ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي نائين ايڊيشن لاءِ رانديگرنکي رليز ڪري 10-10 لک ڊالر ڪمايا. آءِ پي ايل 9 اپريل کان شروع ٿي چڪوآهي ۽ ٽيمن وچ ۾ ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ دنگل جاري آهي. بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ ان انڊيا (بي سي سي آءِ) طرفان جاري ڪيل بيان مطابق بورڊ غير ملڪي رانديگرن کي رليز ڪرڻ تي مختلف بورڊز کي رقم جي ادائگي ڪري ڇڏي آهي. ڪرڪيٽ سريلنڪا 2.43 لک، ڪرڪيٽ سائوٿ آفريقا 6.31 ۽ نيوزيلينڊ 1.73 لک ڊالر حاصل ڪيا آهن. ليگ ۾ شريڪ آسٽريلين، انگلينڊ، ويسٽ انڊيز ۽ بنگلاديشي رانديگرن جي بورڊز کي به جلد رقمن جي ادائگي ڪئي ويندي.

 

خان صاحب جي خدمت ۾.!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

پي ٽي آءِ سرابراه عمران خان صاحب هن وقت لاهور ۾ آهي ۽ تمام گهڻو مصروف آهي ۽ اها به حيقيقت آهي ته سندس اهڙو مصروف هجڻ جي هڪ وجهه به آهي. هو اپوزيشن ليڊر آهن ۽ تازو پاڪستاني وزيراعظم ميان نواز شريف جي خلاف هڪ نئون اسڪينڊ  وٽس وجود آهي.۽ عمران خان اهو اعلان به ڪري چڪو آهي ته هو رائوينڊ اندر ميان صاحب جي گهر ٻاهران ڌرڻو به هڻندو.۽ سندس ئي بيان سان ملندڙ بيان ڏيندڙ ن ليگ جي پارٽي جي رهنما صوبائي وزيرقانون رانا ثناالله به جواب ۾ چئلنج ڏيندي بيان ڏنو آهي ته هوءُ به رائوينڊ ويندو.جڏهن ته هن اهو به بيان ڏنو آهي ته پنجاب جي عوام اسان سان گڏ آهي ۽ اها عوام انهن سان اهڙو حشر ڪندي جو هو هيمشه ياد ڪندا.برحال اهو سياستي جو وهندڙ پاڻي آهي جيڪو کي ڪير ڪيترو به گندو ڇو نه ڪري پر رهڻو سڀني کي انهي پاڻي ۾ آهي.انهي اندر ساهه کڻڻو آهي ۽ انهي اندر زندگي گذارڻي آهي.اتي خان جي خدمت ۾ بي بي سي جي هڪ خبر پيش ڪرڻ ٿو چاهيان.جيئن ته مان پهرين به چئي چڪو آهيان ته هن وقت ميان صاحب پامانا ليڪس جي ڪري تمام گهڻو مصروف آهي.جنهن جي ڪري کيس پامانا ليڪس جون خبرون پڙهڻ کان سواءِ ٻين خبرن پڙهڻ جو وقت ئي ڪون ٿو ملي.خبر اندر اهو ٻڌايو ويو هو ته صوبي ڪي پي ڪي اندر گذريل برساتن اندر لينڊ سلائينڊنگ جي نتيجي ۾ 96ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.۽69کان وڌيڪ شديد زخمي ٿيا هئا. ڪي پي ڪي اندر قدرتي آفتن جي نقصان لاءِ ڪم ڪندڙ اداري ”پي ڊي ايم اي”جي هڪ رپورٽ مطابق ته برساتن ۽ لينڊ سلائينڊنگ جي ڪري هن وقت تائين 38مرد18عورتون40ٻار سوڌو 96 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

پي ڊي ايم اي جي مطابق ته30مرد 20عورتون۽ 19ٻارن سميت 69ماڻهو شديد زخمي ٿيا هئا.جڏهن ته انهي اداري جي هڪ رپورٽ موجب به انهي برساتن اندر ڪي پي ڪي ۾ 949گهرن جي نقصان پهتو هو.جن ما236گهر مڪمل پٽ پئجي ويا هئا.جڏهن ته انهي اداري جي رپورٽ مطابق ته انهي برساتن اندر جيڪي فوت ٿي چڪا آهن انهن کي 3 لک رپيا ڏنا پيا وڃن ۽ جيڪي گهر تباه ٿيا آهن انهن جي هڪ لک رپيا ڏنا ويندا ۽ جيڪي معمولي ڊٺل آهن انهن کي 50هزار رپيا ڏنا ويندا.هاڻ ان ڪري اهو سوال پنهنجي جڳهه تي درست آهي ته جنهن صوبي عمران خان صاحب کي ووٽ ڏنا جتان هن وڏي اڪثريت سان اليڪشن کٽي.ان ڪري عمران خان صاحب جو اهو فرض آهي ته هو اهڙي مشڪل گهڙي اندر ڪي پي ڪي جي عوام جي سار لهي.سندس غمن ۾ ساٿي بڻجي مان سمجهان ٿو ته واقعي اهو صوبائي حڪومتن جو ڪم آهي پر اتي جي عوام عمران خان جا نعرا هنيا هئا هئا ۽ انهي نعري جي ڪري عمران خان کي ووٽ مليا هئا ۽ اهو به سڀني کي خبر آهي ته اتي جي عوام عمران خان سان تمام گهڻي محبت ڪندي آهي ان ڪري عمران خان صاحب کي به انهي عوام سان اوتري محبت ڪرڻ گهرجي.سياسي ضروريت ته هڪڙي پاسي پر انساني ناتي به اهو فرض آهي ته جيڪڏهن ڪو ڏک ۽ تڪليف ۽ آهي ته انهي ڏک ۽ تڪليف ۾ پوندڙ انسان جي مدد ڪرڻ گهرجي.ان ڪري مان هن وقت ڪا پيشنگوهي نه پيو ڪيان پر ڪي پي ڪي جي عوام جي روين کي ضرور سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.ڇو ته اها ڪي پي ڪي جي عوام جي روايت رهي آهي ته انهن سان جنهن به بي وفائي ڪئي آهي پوءِ کيس اقتدار جي ڪرسي جو ٻئي دفعا موقعي ڪڏهن به ناهي مليو.

مطلب ته اهڙيون سياسي پارٽيون جيڪي ڪي پي ڪي جي عوام کي نظرانداز ڪن ڪي پي ڪي جي عوام انهن جي ڪڏهن به ٻيهر ووٽ ناهي ڏيندي.مڪمل ويهه سال گذري چڪا آهن ۽ انهن ويهه سالن اندر ڪي پي ڪي جي عوام جو ووٽ نه ڏيڻ جو شاهديون موجود آهن.ان کان اعلاو عمران خان صاحب لاءِ ڪجهه ٻيون به خبرون پيش ڪجن ٿيون.پاڪ فوج جي شعبي معاملن مطابق چيف آف آرمي جنرل راحيل شريف آڱاري جي ڏينهن گوادر جو دورو ڪيو ۽ انهي دوري دوران جنرل راحيل شريف امن خوشحالي ۽ پاڪ چين اقتصادي راءِ داري جي حوالي سان سيمنار کي خطاب ڪيو جتي ڀارت جي انٽليجنس اداري کي“سي پيڪ“جي خلاف شازس ڪرڻ جي بي نقاب ڪيو ۽ اتي اهو به چيو ويو هو ته پاڪستان جي ترقي ۾ ڪنهن کي به رڪاوٽ بنجڻ نه ڏنو ويندو.جنرل راحيل شريف چيو ته اقتصادي راءِ داري منصوبي جي ڪامياب ڪيو ويندو. ۽ کيس مڪلمل ڪيو ويندو.جنهن جي ڪري هن خطي اندر ترقي جون ڪيترون نيون راهون کلي پونديون.۽ ترقي جي هڪ نئي سفر جي شروعات ٿيندي .جڏهن ته آرمي چيف جي بيان کي ڏسجي ته هن چيو ته هو ملڪ اندر ڪنهن کي به وڳوڙ ڪرڻ نه ڏيندو.۽ هو ڪنهن کي به اهڙي اجازت نه ڏيندو جنهن سان ملڪ جي معاشي نقصان ٿي.جڏهن ته اوهان هڪ نظر سان ويهه سالن تي سياست تي نظر وجهندا ته اوهانکي معلوم ٿيندو ته ملڪ اندر حالتون تڏهن ئي خراب ٿيون آهن جڏهن اسٽيپلمنٽ ڪنهن جي مٿان هٿ رکيو.ڪڏهن نواز حڪومت جي ته ڪڏهن پ پ حڪومت جي ها اها ٻئي ڳالهه آهي ته مشرف جي دور اندر ڪجهه نوان چهرا ضرور معتارف ڪرايا ويا هئا. ۽ جيڪڏهن ڪنهن جي اهي دليل هضم نه ٿيا هجن ته هو ڌرڻن جي سياست جي ڊارپ سين جي ڏسي وٺي.

جنرل پرويز مشرف دور اندر جڏهن بلوچستان اندر اڪبر بگٽي کي مارايو ويو هو ته پوري بلوچستان اندر هڪ باهه ٻري چڪي هئي.جنهن جي ڪري ملڪ اندر هڪ دهشتگردي نئون جنم ورتو.۽ هاڻ انهي باهه کي اوجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.جڏهن ته اسانجا ڪجهه دوست ته اڃان چيف جسٽس افتخار چوڌري جي دور کان ٻاهر ناهن نڪتا.اهو عدليه اداري جي خوش قسمتي هئي ۽ پرويز مشرف کان پوءِ پ پ جي بدقسمتي هئي.جو انهن کي چيف جسٽس مليو پهرين پرويز مشرف انکان پوءِ پرويز الاهي ۽ پوءِ آصف علي زرداي ۽ پوءِيوسف رضا گيلاني. جي حڪومت کي هلڻ به مشڪل لڳي رهيو هيو.عدالت جي پاران ورتل سووموٽو ايڪشن ڪيترن ئي حلقن جي قبول نه هو.ان اندر اسانجا اهي ادارا به شامل آهن جيڪا هميشه مقدس رهيا آهن. ۽ وڪيل به اهو ئي سمجهندا هئا ته عدليه کي انتظاميه جو زميواريون سنڀالڻ نه گهرجن .جڏهن ته پامانا ليڪس کان پوءِ سڀني کي اهو انتظار هو ته عدالتون افتخار چوڌري جي دور جي روايت جي برقرار رکنديون.۽ سندس خيال هو عدالت ضرور سووموٽو وٺندي.عدالت سڳوري سنڌ جي ميئر ڊپٽي ميئر ۽ يونين ڪائونسل جي چيئرمينن جي ووٽن شو آف هينڊ جي متلق ڪيس ٻڌڻي ڪندي چيف جسٽس انور ظهير جمالي چيو ته هتي هاڻ لولو لنگهڙو نظام آهي.۽ انهي نظام کي هلڻ گهرجي هن وڌيڪ چيو ته چوڻ لاءِ ته گهڻو ڪجهه آهي پر بهتر ٿيندو ته پنهنجي چپن جي خاموش ڪجي.!عدالت جي تنقيد به ڪئي ويندي آهي.ان ڪري اسين چاهيون ٿا ته پامانا ليڪس خد انهي معاملي تي نوٽيس وٺي.جڏهن ته خد چيف جسٽس اهو چيو آهي ته جهوريت جو هي نظام لولو لنگهڙو آهي ۽ اها به هڪ واضع حقيقت آهي ته لولو لنگهڙو نظام ٻيساکين جي سهاري کان سواءِ نه ٿو هلي سگهي. ۽ اسانکي هاڻ انهي نظام کي هلاڻو آهي.انهي اندر ڪنهن هڪ ادري يا هڪ ماڻهو جو قصور ناهي.انهي اندر پوري نظام ئي خراب نظر اچي رهيو آهي.

*****

 

تعليم جي تباهي ۾ ڪجهه عناصرن جو ڪردار: هريش ڪمار مالهي  

اها به هڪ حقيقت آهي ته سنڌ ڪجهه مخصوص قوتن جي  قبضي ۾ رهي آهي سنڌ جو جاگيردار جنهن ڪڏهن به سنڌ جي عام ماڻهو لاءِ ڪم نه ڪيو ۽ هڪ منظم طريقي سان عام ماڻهو کي تعليم جي زيور کان پري رکيو ۽ پنهنجي ڪمداري کان اڳتي وڌڻ جوموقعو ئي نه ڏنو انهيءِ ڪم ۾  بالا آفيسر ۽ اسان جا  گوسڙوماستر به برابر جا شريڪ رهيا آهن اهو جاگيردار طبقو ئي شروع کان وٺي اقتدار تي قابض رهيو آهي جنهن سدائين عوامي ڀلائي بدران پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪيا آهن پنهنجن کي ئي نوازيو آهي انهيءِ جاگيردار طبقي سنڌ ۾ ڌارين جي وڌ ۾ وڌ آبادڪاري ۾ ڪردارادا ڪري سنڌين کان لساني ۽ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ  ۾ ڪا ڪمي  نه ڇڏي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ ۾ ايتري ته ڌاري آبادڪاري وڌي وئي آهي جو ڌرتي ڌڻي مانيءِ ڳڀي لاءِ به در در جا ڌڪا کائن ٿا گذريل ٻوڏن ۽ ڏڪار ۾ اها صورتحال اوهان سڀنيءِ ڏٺي جنهن دوران هزارين خاندان دربدر ٿيا پر کين ڪٿي به اجهو  ميسر ٿي  نه سگهيو ۽ اهي دربدري واري حالت ۾ ئي ڪيترا ڏينهن ذندگي گذاريندا رهيا ، جمهوريت جو دستور آهي ته سڀني ماڻهن کي برابري جي بنياد تي حق ڏنا وڃن پر اسان وٽ جمهوريت هوندي به صورتحال اها آهي جو هتي زميني حقيقتون جمهوري اصولن ۽ جمهوري قدرن جي ابتر آهن نه چاهندي به لکڻو ٿو پوي ته اسان وٽ جمهوريت ڪڏهن به اهو ناهي چاهيو ته سڀ انسان حقيقت ۾ برابر هجن ۽ بنا ڪنهن شڪ جي  سڀني کي هڪ جهڙي تعليم ۽ زندگيءِ جون سڀ سهولتون هڪ جهڙيون ملن ،

اسان جي ملڪ ۾ عام ماڻهو کي ووٽ ڏيڻ جو بنيادي حق حاصل آهي بکئي ماڻهو لاءِ ووٽ جو حق ڪهڙي ڪم جو اصل اقتدار نه انهن وٽ رهيو آهي جيڪي انهن جي غربت مان فائدو وٺي رهيا آهن ۽ غريبن کي خوشحالي جا خواب ڏيکاري انهن جي ووٽ سان پنهنجا پيٽ ڀريندا رهيا آهن، پارليامينٽ ۾ ويٺل غريب عوام جي ووٽن تي چونڊجي آيل هجي يا ڌانڌلي ڪري آيل هجي پر ڪردار سڀني جو هڪ جهڙو ئي رهيو آهي جڏهن ته هو پنهنجا ئي قانون ٺاهي ٿو فقط پنهنجي ئي سهولتن جي لاءِ عوامي ڀلائي لاءِ ڪنهن به قسم جو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هوندو جيڪڏهن اها ئي صورتحال آهي ته هن سماج ۾ ڪا به برابري قائم ٿي نه سگهندي ، ڪجهه ڏينهن اڳ مون هڪ ڪالم لکيو هو جنهن ۾ سامارو  روڊ   جا  مسئلا  حڪمرانن ۽  عام ماڻهن جي سامهون آندا هئا پر هن ڪالم کي پڙهي ڪجهه دوستن مونکي حوصلو ڏنو پر ڪجهه اهڙا به ماڻهو ۽ گوسڙو ماستر هئا جن  منهنجي ڳالهه کي سمجهڻ بدران هن ڪالم جو غلط رخ  ورتو ۽  هن ڪالم ۾ لکيل ڪجهه مسئلا پنهنجي زندگي جو حصو سمجهي ان ڪالم تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جيڪا اها ڳالهه منهجي سمجهه ۾ نه آئي ته مون ڪالم  ۾ ڪم چور ۽ گوسڙو ماسترن کي سمجهائڻ لاءِ لکيو هو پر انهن هن ڳالهه کي اشو بڻائي ڇڏيو.

ٿيڻ ته ائين کپندو هويو ته منهنجو ڪالم پڙهي گوسڙو ماسترن کي ٻارڙن تي توجه ۽ ڪجهه محنت ڪن ها ، ٻارڙن جي مستقبل کي تباهه ڪرڻ کان توبه ڪري معافي گهرن ها  پر ٿيو ان جي بلڪل ابتڙ جئين هميشه کان ٿيندو رهيو آ ” چون ٿا ته چور جي مٿي ۾ چڙي  “  سو سچ ثابت ٿيو  ۽ جيڪي ماستر ڪم چور آهن ۽ سڄو ڏينهن ٽنگ جي  مٿي ٽنگ رکي سگريٽ جا شوٽا هڻن ٿا ۽ ٻارڙن کي پڙهائڻ جي لاءِ ٺٺيو (َآنگوٺو) تن منهجي ڪالم تي رد عمل ظاهر شروع ڪيو ۽ ٻه ٽي گوسڙو ماسترن جا نالا کڻي چوڻ لڳا ته اگر اهي گوسڙو ماستر اهو ڪالم پڙهي وٺن ها ته ڪم خراب ٿي وڃي آ. مونکي خوشي آهي ته انهيءِ ڪالم  تي ردعمل ڪم چور ۽ گوسڙو ماسترن ڪيو ، آئون انهن ماسترن ۽ بالا آفيسرن کان گذارش ڪرڻ  ڇاهيندس ته منهنجي گذريل ڪالم ۾ ڪا غلط ڳالهه لکيل هئي جو مونکي اهيءِ گوسڙو ماستر وڏيون معيارو ڏيڻ لڳا ته هي ڇوڪرو اسان جي اسڪول ۾ پڙهي ويو آهي ۽ اسان جي خلاف پيو لکي ، آئون انهن ماسترن سان گذارش ڪرڻ چاهيان ٿو ته توهان جيڪا ٻه ٽي ماسترن جا نالا کڻي مونکا مخاطب ٿيا  انهن  ڪڏهن مون سميت  ڪنهن  ٻار کي  الف ۽ ب  پڙهايو؟  مونکي حيرت ان ڳالهه جي آهي ته انهن ماسترن سان گڏ ڪلارڪ ، هيڊ کان وٺي  بالا آفيسر پڻ شامل آهن جيڪي خود ان ڳالهه ته هوندا آهن ته جيڪو به اسان  جي خلاف ڳالهائيندو تن کي ماٺ ڪرايو ويندو ، اهيءِ ڪم چور گوسڙو ماستر ڪلارڪن کي رشوت ڏيندا آهن، ڪلارڪ هيڊ کي رشوت ڏيندا آهن ، هيڊ وري بالا آفيسر کي مال کارائي ٿو ۽ بالا آفيسر وري اعلي آفيسر کي ته جئين انهن سڀني جي خلاف ڪا به ڪنهن به قسم جي ڪو ڪاروائي نه ٿي سگهي.آخر ڪيستائين اهڙن عنصرن کي برداهشت ڪنداسين  ۽ آخر اهي ڪيستائين تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي غريب ماڻهن جي ٻارڙن جو مستقبل روليندا ، آخر ڪيستائين اهي در در تي  ڌڪا ٿاٻا کائيندا ، ڇا ڪنهن آفيسر ۾ احساس نالي جي ڪا شئي آهي جيڪي انهن تي رحم ڪن ، ڇا اهي سورن صدمن جي لاءِ پيدا ٿيا آهن ؟ ڇا تعليم انهن جو حق نا آهي ؟  ڇا ماسترن جي ذميواري نه آهي ته اهيءِ پنهنجي  پگهارن کي حلال ڪن ؟ ڇا اهو اعلي انتظاميا جي زميواري نه آهي ته اهي ڪم چور ۽ گوسڙو ماسترن تي قدم کڻي انهن کي ڊيوٽي جو پابند  بڻائن ؟.

 

 

پاناما ليڪس معاملو: ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ آمهون سامهون

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته عمران خان جي چوڌاري موجود ماڻهو ٺيڪ نه آهن جنهن جي ڪري آئون عمران خان کي چتاءُ ڏيان ٿو ته مون معاملو سامهون آندو ته پوءِ وڏو تماشو لڳندو، اسلام آباد ۾ ڪنهن کي به ڌرڻو هڻڻ نه ڏينداسين، تحريڪ انصاف هر چوٿين مهيني اسلام آباد ڏانهن رخ ڪندي آهي، حڪومت پاناما ليڪس معاملي تي سمورا قدم کڻڻ جي لاءِ تيار آهي، حڪومت ۽ وزيراعظم جو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي، پاناما پيپرز سامهون آيا ته ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن جا نالا ان ۾ آيا جن ۾ اڪثريت انهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي پر وزيراعظم قوم کي خطاب ڪري جاچ ڪميشن ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، اسان ڪا به پاڪيٽ ڪميٽي ٺاهڻ نه ٿي چاهي، حڪومت اعليٰ عدليه جي ججن سان رابطو ڪيو جنهن ۾ جسٽس (ر) ناصر الملڪ، جسٽس (ر) تصدق جيلاني، جسٽس (ر) امير الملڪ ۽ جسٽس (ر) ساحر علي شامل آهن.

عمران خان ايف آءِ اي کان جاچ جو چيو هو جيڪا اسان قبول ڪئي ۽ چيو ته عمران خان پنهنجي مرضي جو آفيسر نامزد ڪري پر بعد ۾ هن شعيب سڊل جو نالو ڏنو هو ڪڏهن ايف آءِ اي ۾ رهيو ئي ناهي ۽ نه ئي وري حاضر سروس آهي. پاناما پيپرز جو معاملو وزيراعظم جي پٽن سان آهي ۽ شريف خاندان تي سدائين الزام لڳندا رهيا آهن ته هو قرض وٺن ٿا جنهن جي لاءِ نواز شريف فيصلو ڪيو ته سندس ٻار ٻاهرئين ملڪ ئي واپار ڪندا هاڻي ان تي به اعتراض ڪيو پيو وڃي جيڪڏهن حسن ۽ حسين نواز جي ڪمپنين جي لاءِ پئسو پاڪستان مان غيرقانوني طور تي ويو ته پوءِ اهو غيرقانوني آهي.

گهرو وزير جي حيثيت سان جيڪڏهن عمران خان بابت دستاويز سامهون آڻيان ته پوءِ مسئلا وڌي ويندا، مون مخالف ڌر اڳواڻ جي لاءِ صرف ايترو چيو ته مون وٽ سندس ئي ڪيل حڪومت ۾ ڪيل ڪرپشن جون درخواستون موجود آهن ۽ منهنجي ايتري چوڻ تي کيس باهه وٺي وئي آهي،  جيڪڏهن ٻاهرئين ملڪ واپار ڪرڻ ناجائز آهي ته پوءِ صرف وزيراعظم جي خاندان جي لاءِ ڏوهه نه پر سڀني جي لاءِ ڏوهه آهي. پارليامينٽ جي اخلاقيات واري ڪميٽي موجود آهي ته پوءِ اسان ان جي نگراني ۾ ئي ڪميشن قائم ڪريون ٿا. ڇا سمورا قانون صرف شريف خاندان جي لاءِ آهن، ٻاهرئين ملڪ ڪاروبار بابت جواب حسن ۽ حسين نواز ڏيندا پر هتي پاناما پيپرز کي بنياد بڻائي جمهوري حڪومت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

مون وزيراعظم کي چيو آهي ته هو وزيرن کي روڪي ته هو مخالف ڌر جي الزامن جو جواب نه ڏين خاص سياسي ايجنڊا کي ڪرپشن ۽ پاناما ليڪس سان نه ڳنڍيو وڃي. ان ڪيس تي سڄي دنيا جون نظرون آهن ۽ ان ۾ ڪجهه به لڪايو نه پيو وڃي. آئون وري آڇ ڪريان ٿو ته اچي گڏجي ويهي معاملي خير خوبي سان نبيريو وڃي. جيڪڏهن جاچ ڪميشن جو فيصلو وزيراعظم خلاف آيو ته پوءِ سڄي حڪومت ٻئي ڏينهن تي گهر هلي ويندي. گارين ۽ الزام تراشين سان مسئلو حل نه ٿيندو. جيڪڏهن معاملو لڪائڻو هجي ها ته حڪومت ججن سان رابطو نه ڪري ها. هاڻي هڪ بدتميزي جو طوفان برپا ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري ججن به معذرت ڪري ڇڏي آهي.