تازيون خبرون

Daily Archives: April 8, 2016

هنگو: 50 کان وڌيڪ افغان دهشتگردن جو فورسز جي چوڪي تي حملو ناڪام، 18 مارجي ويا

اسلام آباد/هنگو(اي پي پي) پاڪ افغان سرحد لڳ لوئر ڪرم ايجنسي جي علائقي منگوره سار ۾ فورسز جي چوڪي تي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائيندي فورسز جي فائرنگ ۾ 18 دهشتگرد مارجي ويا آهن. پوليٽيڪل ۽ ايف سي اختيارين اي پي پي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اهو واقعو خميس ڏينهن صبح جو سوير پيش آيو. سيڪيورٽي فورسز مطابق 50 کان 60 هٿياربند دهشتگردن افغانستان مان سرحد پار ڪري منگورا سار واري علائقي ۾ پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو پر چوڪي تي مقرر فوجي جوانن دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائيندي کين واپس ٿيڻ تي مجبور ڪيو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 18 دهشتگرد مارجي ويا. دهشتگرد پنهنجا هٿيار ۽ بارود ڇڏي واپس سرحد پار ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. سيڪيورٽي فورسز ماضي ۾ به سرحد پار کان ايندڙ دهشتگردن جا ڪيئي حملا ناڪام بڻايا آهن. ٻي پاسي هنگو ضلعي جي علائقي ٿاله ۽  تله ڊوبه ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري 10 دهشتگردن ۽ 20 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس گرفتار جوابدارن جي قبضي مان منشيات ۽ هٿيار پڻ هٿ ڪيا آهن. ٻئي طرف ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس خميس ڏينهن جنرل هيڊڪوارٽر راولپنڊيءَ ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ ٿي جنهن ۾ ملڪ اندروني توڙي بيروني سلامتي جي صورتحال، فوج جي پيشيور معاملن، شوال سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردن خلاف جاري آپريشن جي حوالي سان معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان مطابق اجلاس ۾ ملڪ اندر دهشتگردن خلاف جاري آپريشن سان گڏ مخالف ملڪن جي انٽيليجنس ايجنسين جي سرگرمين جي حوالي سان معاملن تي پڻ ويچاريو ويو. جاري ڪيل بيان مطابق اجلاس ۾ مخالف ملڪن جي انٽيليجنس ايجنسين جي سرگرمين کي ڀرپور نموني روڪڻ جي عزم جو اظها رڪيو ويو جنهن سان ملڪ جي اندروني توڙي ٻاهرين صورتحال تي هاڃيڪار اثر پئجي سگهن ٿا.

 

جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪنهن به سازش جي حمايت نه ڪنداسين: بلاول

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي آڏو اسيمبلي ميمبر پنهنجي صوبائي اسيمبلي جي پاليسين ۽ رويي تي سخت ڇوهه ڇنڊيا. اسيمبلي ميمبر جو چوڻ هو ته سڀ ٺيڪ آهي جي دعويٰ درست ناهي پارٽي ۾ ڪيترائي شڪايتي مسئلا ۽ تحفظات حل طلب آهن بلاول ڀٽو زرداري چوي ٿو ته جمهوريت کي ڊيل ريل ڪرڻ جي ڪنهن به قسم جي سازش جي حمايت نه ڪنداسين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ صوبائي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس ٿيو جهن ۾ قائم علي شاهه، نثار کهڙو، مراد علي شاهه سميت ٻين وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي. بلاول ڀٽو پاران ڏنل مانجهاندي ۾ پ پ جي ناراض اسيمبلي ميمبرن به خاص طور تي شرڪت ڪئي. جڏهن ته مخدوم جميل الزمان مانجهاندي ۾ شرڪت نه ڪئي جنهن جي بدران رفيق مخدوم رفيق الزمان نمائندگي ڪئي ملاقات ۾ صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي ترقياتي اسڪيمن سميت پارٽِ کي وڌيڪ فعال ڪرڻ تي غور ڪيو ويو اجلاس ۾ آغا سراج دراني ۽ سيد قائم علي شاهه صوبائي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ميمبرن جي عدم دلچسپي تي پارٽي چيئرمين آڏو شڪايتون ڪيون جهن تي بلاول ڀٽو سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ سمورن ميبرن کي هدايت ڪئي ته اسيمبلي اجلاس ۾ ضرور شامل ٿيڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري اسيمبلي ميمبرن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وزيراعليٰ هائوس ۾ چونڊيل نمائندن جون کليل ڪچهريون ڪرائڻ جو به اعلان ڪيو. ڪجهه اسيمبلي ميمبرن بلاول ڀٽو زرداري آڏو صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي ڇوهه ڇنڊيندي چيو ته سڀ ٺيڪ آهي واري دعوا درست ناهي صوبائي حڪومت ۽ پارٽِي اندر ڪجهه غلط فهميون ۽ تحفظات موجود آهن جيڪي جلد حل ڪيا وڃن جن کي ناراض ميمبرن جي مشاورت سان حل ڪيو وڃي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته سنڌ اسيمبلي عورتن ۽ اقليتن جي حقن بابت جيڪا قانونسازي ڪئي آهي اها تحسين جي لائق آهي. هن چيو ته پ پ جمهوريت لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ان لاءِ جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪنهن به سازش جي حمايت نه ڪئي ويندي.

 

وزيراعظم سان گلگت بلتستان جي وڏي وزير جي ملاقات، ترقياتي رٿائون وقت سر پوريون ڪيو:نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف سان اسلام آباد ۾ گلگت بلتستان جي وڏي وزير حافظ حفيظ الرحمان ملاقات ڪئي، جنهن دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته گلگت بلتستان ۾ ترقي لاءِ ميگا رٿائن تي ڪم هلي رهيو آهي ۽ اهي رٿائون پوريون ٿيڻ سان صوبي جي معاشِي صورتحال بهتر ٿيندي، هن چيو ته ميگا پراجيڪٽس ذريعي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، عوام مسلم ليگ (ن) تي اعتماد ڪيو آهي ۽ حڪومت سندن زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙِي رهي آهي، وزيراعظم نواز شريف چيو ته حڪومت گلگلت بلتستان جي عوام جي بهتري لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندي رهندي، اسان ماڻهن  کي سهولتون ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين، وزيراعظم ملاقات دوران حافظ حفيظ الرحمان کي صوبي ۾ هلندڙ ترقياتي رٿائون وقت سر پوريون ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.001

 

مخالف ڌر پاناما ليڪس معاملو ايوان ۾ اٿاري ڇڏيو: هي عالمي اشو آهي، عدالتي ڪميشن کي رد ڪريون ٿا: خورشيد شاهه

اسلام آباد(بيورو) مخالف ڌر پاناما ليڪس معاملو ايوان ۾ اٿاري ڇڏيو آهي، اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته حسين نواز ٽيڪس بچائڻ لاءِ ڪمپني پرڏيهه ۾ ٺاهڻ جو اعتراف ڪيو آهي، ٻڌايو وڃي ته اهي پيسا مني لانڊرنگ ذريعي ويا يا ڪنهن ٻئي طريقي سان. قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته مخالف ڌر پاناما ليڪس معاملي تي التويٰ واري رٿ ايوان ۾ پيش ڪئي. ان موقعي تي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته پاناما ليڪس ۾ 250 پاڪستانين جو ذڪر آهي، هي معاملو ڪنهن پارٽي نه پر ميڊيا جو اٿاريل آهي. وزير اعظم پنهنجي ملڪ تي ئي اعتماد ناهي. هن چيو ته وزير اعظم کي هن معاملي تي قوم کي خطاب ڪرڻ جي ضرورت نه هئي. خبر ناهي وزير اعظم کي قوم کي خطاب ڪرڻ لاءِ ڪنهن ڌڪو ڏنو. خورشيد شاهه چيو ته پاناما ليڪس عالمي اشو بڻجي چڪو آهي، عدالتي ڪميشن کي رد ڪيون ٿا، جوڊيشل ڪميشن کي ڪير به نه مڃيندو. هِن معاملي تي به ڳاهائڻ گھرجي. هن معاملي تي ٽاڪ شوز بدران ايوان ۾ ڳالهائڻ گھرجي. هن چيو ته حڪمرانن جي گھر جا ڀاتي ملڪ کان ٻاهر ڪاروبار ڪري رهيا آهن. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته حڪمران بري وقت لاءِ پيسا ٻاهر کڻي ويا ته ڪئين کڻي ويا. پيسا مني لانڊرنگ سان ويا يا ڪنهن ٻئي طريقي سان؟ سرمايو ٻاهران اچڻ گھرجي. ملڪ مان نه وڃڻ گھرجي. هن چيو ته حسين نواز اعتراف ڪيو آهي ته ٽيڪس بچائڻ لاءِ ٻاهر ڪمپنيون ٺاهيون. پاناما ليڪس جي پرڏيهي ڪمپنين کان آڊٽ کان سواءِ ڪجھه نه مڃينداسين. هن چيو ته مشرف کي آرٽيڪل 6 جي ڪيس باوجود ٻاهر وڃڻ ڏنو ويو. ان موقعي تي بچاءُ بابت وفاقي وزير خواجه آصف خطاب شروع ڪيو ته ايوان ۾ هُل ٿي ويو.

 

سنڌ صوبو ون يونٽ کان اڳ تعليم جي حوالي سان پاڻ ڀرو هو: وڏو وزير

سکر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ صوبو ملڪ ۾ ون يونٽ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ ۽ آمر حڪمرانن جي دور ۾ تعليم جي شعبي ۾ پٺتي پيل رهيو هو پر هاڻي آمريڪي حڪومت جي امداد ۽ چونڊيل حڪومت جي گڏيل ڪوششن سبب تعليم جي شعبي ۾ ڪافي اڳتي وڌي آيو آهي ۽ جلد ٽنهي صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر معياري تعليم ڏيڻ جي قابل بڻجي ويندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت گذريل 8 سالن ۾ 10 يونيورسٽيون قائم ڪيون آهن، ڪيترائي بند پيل اسڪ ول کوليا آهن ۽ اسڪولن کي گھربل سهولتون فراهم ڪيون آهن. سيد قائم علي شاهه اهي ڳالهيون ڪالهه خيرپور ويجهو ڪوڙو ڳوٺ ۾ 7 ڪروڙ رپين جي آمريڪي امداد سان سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام هيٺ مڪمل ڪيل اسڪول جي شاندار عمارت جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪرڻ وقت ڪيون. تقريب کي بختاور ڀٽو زرداري، ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل جنرل برائن هيٿ، يو ايس ايڊ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر، سينئر وزير تعليم نثار احمد کهڙو ۽ سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو پڻ خطاب ڪيو. وڏي وزير چيو ته ون يونٽ کان اڳ اڳوڻي خيرپور رياست ۾ پرائمري تعليم لازمي ۽ مفت هئي، ان سان گڏ شاگردن جي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو انتظام به رياست جي حوالي هو پر ون يونٽ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ صوبي ۾ تعليم جي نظام کي تباهه ڪيو ويو، پر موجوده حڪومت تعليم جي ترقي لاءِ ڪيترائي غيرمعمولي قدم کنيا آهن، حڪومت بند پيل ست هزار اسڪولن مان ڪيترائي اسڪول کولرايا آهن، اسڪولن ۾ رهيل سهولتون فراهم ڪيون آهن ۽ نياڻين جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ساليانو 3500 رپيا وظيفو ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته پرائمري تعليم جي شعبي ۾ اڃا به گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته اڄ به 40 سيڪڙو ٻار اسڪول نه ٿا وڃن. هن يقين ڏيکاريو ته آمريڪي حڪومت جي مالي مدد ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل ڪوششن سان اسين جلد باقي ٽن صوبن جي ڀيٽ ۾ اڳتي وڌي وينداسون. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ 2010 ۾ آيل مها ٻوڏ ۽ 2011 ۾ پيل غير معمولي برساتن وڏي تباهي آندي هئي. اهڙين حالتن ۾ آمريڪي حڪومت ۽ عوام سنڌ حڪومت ۽ عوام جي ڀرپور مدد ڪري مخلص دوست هئڻ جو ثبوت ڏنو. هن چيو ته شهيد محترمه بينظيرڀٽو جي فلسفي تي عمل ڪندي بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت کي تعليم شعبي کي اوليت ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. آمريڪي قونصل جنرل برائن هيٿ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته يو ايس ايد پروجيڪٽ تحت 16 ارب رپين جي آمريڪي امداد سان سنڌ صوبي ۾ 106 اسڪول ٺهرايا پيا وڃن. هن چيو ته تعليم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جو مقصد پاڪستان جي نوجوانن ۾ موجود صلاحيتن کي موقعا فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن اهي اڳتي وڌي عالمي برادري ۾ پنهنجو گهربل ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته سنڌ ۾ هن قسم جي معياري اسڪول تعمير ٿيڻ سان تعليم جي شعبي ۾ هڪ نئون دور شروع ٿي سگهندو. تقريب کي خطاب ڪندي بختاور ڀٽو زرداري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو  چيو هو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو مقابلو صرف تعليم سان ئي ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته شهيد محترمه سموري دُنيا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ مسلمان آبادي لاءِ پيغام ڏنو هو ته هو صرف تعليم جي مدد سان ئي پنهنجي مسئلن کي حل ڪري سگهن ٿا. نثار احمد کهڙو چيو ته آمريڪي حڪومت ايجوڪيشن مينيجمينٽ جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت جي انتهائي اهم مدد ڪئي آهي. افتتاحي تقريب ۾ ايم اين اي ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، ڊاڪٽر نفيسه شاهه، ايم پي ايز، معزز شهرين، اسڪولي ٻارڙن توڙي والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

وزير اعظم نواز شريف جي خاندان ۽ مٽن مائٽن جون 16 ڪمپنيون هئڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (م.ڊ) پاناماليڪس پاران جاري ڪيل دستاويزن ۾ پاڪستان جي سياستدانن، واپارين، ججن ۽ ٻين اهم شخصيتن جا نالا شامل آهن، پاناماليڪس جي دستاويزن ۾ پاڪستان جي جن پاڪستاني سياستدانن جا نالا شامل آهن، انهن ۾ وزيراعظم نواز شريف جو ڪٽنب ( 9 ڪمپنيون) ، حسن نواز، حسين نواز،مريم نواز،پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جا مائٽ (7 ڪپمنيون)، ثمينا دراني، الياس مهراج، اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو( هڪ ڪمپني)، ڀاڻيجو حسن علي جعفري، آصف زرداري جو ويجهو دوست جاويد پاشا ( 4 ڪمپنيون)، پ پ سينيٽر رحمان ملڪ(هڪ ڪمپني) ،پ پ سينيٽر عثمان سيف الله جو ڪٽنب(34 ڪمپنيون) ، انور سيف الله، سليم سيف الله، همايون سيف الله، اقبال سيف الله، جاويد سيف الله، جهانگير سيف الله، گجرات جي چوڌرين جا مائٽ، وسيم گلزر، زين سکيرا( حج اسڪينڊل ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ سان گڏ نامزد جوابدار)  شامل آهن، ان کانسواءِ پاناما ليڪس جي دستاويزن ۾ جن پاڪستاني واپارين جا نالا ڏنا ويا آهن، انهن ۾ ملڪ رياض جو پٽ (بحريا ٽائون)، احمد علي رياض (هڪ ڪمپني) اي بي ايم گروپ آف ڪمپنيز جو چيئرمين اعظم سلطان(5 ڪمپنيون)،پيزا هٽ جو مالڪ عقيل حسين ۽ سندس ڪٽنب( هڪ ڪمپني) ،ڀاءُ تنوير حسن، صورتي انٽرپرائيزز جو چيئرمين عبدالرشيد صورتي ۽ سندس ڪٽنب، سلطان علي الانا، حبيب بينڪ لميٽڊ جو چيئرمين ( هڪ ڪمپني)، اڳوڻو نب بينڪ صدر خواجا اقبال حسن(هڪ ڪمپني) ، بڪسلي پينٽس جا بشير احمد ۽ جاويد شڪور (هڪ ڪمپني)، برجر پينٽس جو محمود احمد ( هڪ ڪمپني) ،هوٽل ٽائيڪون صدر الدين هاشواڻي ۽ سندس ڪٽنب(3 ڪمپنيون) ، مرتضيٰ هاشواڻي، هلٽن فرما جو مالڪ شهباز ياسين ملڪ ۽ سندس ڪٽنب(هڪ ڪمپني)، حسين دائود جو ڪٽنب( 2 ڪمپنيون)، شهزادا دائود، عبدالصمد دائود، پارٽنر سعد راجا، سيفيري ٽيڪسٽائز جي عبدالله فيملي،( 5 ڪمپنيون)، يوسف عبدالله ۽ سندس گهرواري، محمد عبدالله ۽ سندس گهرواري، شاهد عبدالله ۽ سندس ڪٽنب، امير عبدالله ۽ سندس ڪٽنب،لڪي ٽيڪسٽائلز جو گل محمد ٽابا، مسعود ٽيڪسٽائلز ملز جو سي اي او شاهد نذير، پارٽنر نازيا نذير، ليڪسن گروپ  ۽ ڪولگيٽ پام اولو، ٽيٽلي ڪلوور ۽ ڪلوور پاڪستان جو مالڪ ذوالفقار علي لاکاڻي(هڪ ڪمپني) ،يونيورسل ڪارپوريشن جو ذوالفقار پراچا ۽ سندس ڪٽنب (هڪ ڪمپني) شامل آهن، اهڙي ريت پاناما دستاويزن ۾ شامل پاڪستاني ججن ۾ لاهور هائيڪورٽ جي حاضر سروس جج جسٽس فرخ عرفان ۽ رٽائرڊ جج ملڪ قيوم جا نالا ڏنا ويا آهن، انهن دستاويزن ۾ رڳو هڪ پاڪستاني ميڊيا گروپ جيو ۽ جنگ گروپ جي مالڪ مير شڪيل الرحمان جو نالو شامل آهي، جنهن جي هڪ ڪمپني ڄاڻائي وئي آهي

 

 پاناما ليڪس معاملي تي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ آزاد ڪميشن جوڙيو وڃي، هن ڀيري رائيونڊ جو رخ ڪنداسين: عمران خان

اسلام آباد(بيورو) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پاناما ليڪس معامي تي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پاناما ليڪس مخالف ڌر جي سازش نه آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته پاناما ليڪس اپوزيشن جي سازش نه آهي پاناما ليڪس مان ٻه شيو ن نڪتيون جن کي لڪايو ويو. هن چيو ته هتي شوڪت خانم جو ذڪر ڪيئن آيو؟ پاناما ليڪس ۾ ته ان جو نالو نه آيو هو.  عمران خان وڌيڪ چيو ته هي معاملو تڏهن آيو جڏهن وزير اعظم جي پٽن جو نالو پاناما ليڪس ۾ آيو. شوڪت خانم اڪيلي اسپتال آهي جتي ڪينسر جي مريضن جو مفت علاج ٿيندو آهي.عمران خان جي خطاب دوران حڪومتي ميمبر شيم شيم جا نعرا هنيا ۽ هُل ڪيو. جنهن تي عمران خان چيو ته وفاقي وزير منهنجي باري ۾ جيڪو ڪجھه چيو آئون چپ ٿي ٻڌندو رهيس. هنن کي حوصلو ڪري منهنجي ڳالهه ٻڌڻ گھرجي. جمهوريت لاءِ حوصلو گھرجي. عمران خان چيو ته وزير اعظم پنهنجي پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري. پاناما ليڪس جي معاملي جي جاچ لاءِ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ عدالتي ڪميشن جوڙيو وڃي. ڪميشن ۾ فارنزڪ ماهر به شامل ڪيا وڃن. عمران خان ان موقعي تي روڊن تي نڪرڻ جو چتاءُ ڏيندي چيو ته معاملي جي صحيح جاچ لاءِ با اختيار ۽ آزاد ڪميشن نه جوڙيو ويو ته اسين روڊن تي نڪري اچڻ تي مجبور هونداسين. اسان جو روڊن تي نڪرڻ جمهوريت خلاف نه هوندو. ان موقعي تي حڪومتي وزيرن وري هُل ڪيو، جنهن تي عمران خان چيو ته ڀلي بني گالا، شوڪت خانم جي به جاچ ڪئي وڃي. هن چيو ته منهنجي به جاچ ڪرائي وڃي. مونکي ڪو اعتراض ناهي.

 

سرگوڌا جي علائقي ۾ بس ڪلٽي ٿيڻ سبب 5 مسافر فوت، عورتن ۽ ٻارن سميت 12 زخمي

سرگوڌا(اي پي پي) پنجاب جي ضلعي سرگوڌار جي سلانوالي ٿاڻي جي حد ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 5 ماڻهو فوت جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 12 زخمي ٿي پيا. پوليس ذريعن خميس ڏينهن ٻڌايو ته حادثو هڪ مسافر بس جي تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ پيش آيو. زخمين ۾ 4 عورتون ۽ 2 ٻار پڻ شامل آهن جن کي فوري طور تي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. فوتين جا مڙهه ضروري قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

 

ڪو ڏوهه ناهي ڪيو، بيگناهه سزا ڪاٽي رهيو آهيان: ڊاڪٽر عاصم

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته مون ڪوبه ڏوهه نه ڪيو آهي، بيگناهه سزا ڪاٽي رهيو آهيان، خابرو ادارن موجب ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم جو چوڻ هو ته بيگناهه انهن ڏوهن جي سزا ڪاٽي رهيو آهيان، جيڪي مون ڪيان ئي نه آهن، ان موقعي تي ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل عامر رضا نقوي جو چوڻ هو ته چيئرمين نيب جڏهن به آرڊر پاس ڪري ٿو ته ان جي وجه به لکي وڃي، جيڪو ان ڪيس ۾ ناهي لکيو ويو.

 

 

عوام جي سهڪار سان ڪراچي جو امن بحال ڪيو ويو آهي: ڊي جي رينجرز

ڪراچي(اي پي پي) پاڪستان رينجرز سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بلال اڪبر خميس ڏينهن ڪراچي ۾ قومي اسيمبليءَ ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي تڪن تي رٿيل ضمني چونڊن جي سلسلي ۾ پي اي سي ايڇ ايس بلاڪ ٻه جي پولنگ اسٽيشن جو دورو ڪري سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ميجر جنرل بلال اڪبر چيو ته عوام جي سهڪار سان ڪراچي ۾ امن امان بحال ڪيو ويو آهي. هن چيو ته رينجرز حڪومت جي فيصلن جي روشني ۾ دهشتگردن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائيون ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ڪراچي ۾ جاري آپريشن جي نگراني ڪري رهيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ضمني چونڊن دوران مختلف هنڌن تي پيش آيل واقعا ايترا شديد نوعيت جا نه آهن جنهن کي رينجرز جي ذريعي منهن ڏئي سگهجي. هن چيو ته جيڪڏهن پوليس مدد لاءِ طلب ڪندي ته رينجرز ڪارروائي لاءِ تيار آهي. ان کان اڳ ميجر جنرل بلال اڪبر پولنگ اسٽيشن جو دورو ڪيو ۽ ووٽرس سان ملاقات ڪئي ۽ ووٽرز امن امان جي بهتر انتظامن تي رينجرز جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي.