تازيون خبرون

Daily Archives: March 24, 2016

هٽائڻ جي ڳالهه ڇڏيو، ٻڌايو وڃي ته آندو ڪنهن کي پيو وڃي: شعيب اختر

لاهور (اسپورٽس نيوز) ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ ڀارت ۽ ڪيويز هٿان ناڪامي کانپوءِ قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ پي سي بي انتظاميا تي اڳوڻا رانديگر ڏمرجي پيا.شعيب اختر جو چوڻ آهي ته 3، 4 ڏينهن کان ٻڌي رهيو آهيان ته هيڊ ڪوچ ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪپتان کي هٽايو پيو وڃي اهي سُٺي راند نه پيا کيڏن،اهو ٻڌايو وڃي ته آندو ڪنهن کي پيو وڃي،ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي ٽيم کي اڳتي کڻي هلندا.اڳوڻي فاسٽ بالر جو چوڻ هو ته اهو نه ٻڌايو وڃي ته ڪنهن کي هٽائي رهيا آهيون، اهو ٻڌايو وڃي ته ڪنهن آڻي رهيا آهيو.نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي پنڊي ايڪسپريس جو چوڻ هو ته اسان اڃان موئا ناهيون،رڳو راند هارائي آهي،جيڪڏهن ٽيم ۽ پي سي بي کي سُٺي نموني سان هلايو ويو ته ٺيڪ، نه ته هڪ ڏينهن مري به وينداسين،هن چيو ته رڳو ٽيم ناهي هارايو پاڪستاني قوم ورلڊ ڪپ ۾ هارائي وئي آهي.شعيب اختر جو چوڻ هو ته هتي مسئلو اهو آهي ته هر ڀيري انهن ماڻهن کي آندو وڃي ٿو جن کي رڳو اها پريشاني هوندي آهي ته ٿا اسان جا 5 لک رپين جي پگهار بچي،پي سي بي اهڙن ماڻهن نه کڻي اچي جيڪي اهو سوچن ٿا ته جيڪڏهن نوڪري وئي هلي ته پوءِ گاڏي جو پيٽرول ڪير ڀرائي ڏيندو.003

 

عورت؛ ذاتي ملڪيت يا گھر جي راڻي؟: شفيق شاڪر

عورت جنهن هن ڪائنات ۾ تهذيبن کي جنم ڏنو،نبين،ولين،دانشورن،جرنلن ۽ سائنسدانن جي پئدائش جو سرچشمو بڻي،عورت نه هجي ها ته هن ڪائنات ۾ ڪو رنگ ئي نه هجي ها،محبتن ۽ پيار جو ڪو داستان تاريخ ۾ پڙهڻ لاء نه ملي ها.اداسين ۽ تلخين جو راڪاس زندگين کي ڳڙڪائي وڃي ها.عورت جي ايڏي ساري عظمت هئڻ باوجود اها حقيقت آهي ته اها هر دور ۾ مظلوم رهي ۽ اڄ به مظلوم آهي.پراڻن جاهلن معاشرن ۾ عورت کي هڪ غلام واري حيثيت حاصل رهي،سندس آسن ۽ ارمانن جو قتل عام ٿيندو رهيو. سندس راء ۽ خواهشن جو هميشه خون ٿيندو رهيو.عرب جو قديم وحشي معاشروجنهن ۾ ڌيئرن جي ڄمڻ تي خاندان وارن جا منهن ڪارا ٿي ويندا هئا، انهن جي وجود کي پنهن جي عزت ۽ مرتبي تي داغ تصور ڪيو ويندو هو.ايستائين جو معصوم نياڻين کي جيئري دفن ڪرڻ کان به پيئرن جا هٿ نه ڪنبندا هئا.هندي سماج جنهن ۾ عورت کي نحوست جي نشاني سمجھيو ويو،ڪنهن مرد جي ديهانت تي ان جي ونيء کي به بلي چاڙهيو ويندو هو،اڄ به مڙس جي مري وڃڻ تي هندي سماج ۾عام طور تي عورت کي ٻي شاديء جو حق ناهي.يونان جنهن کي علم ۽ فلسفي جي لحاظ کان دنيا جو امام سمجھيو وڃي ٿو ان معاشري ۾ به عورت کي صرف نفساني تسڪين جو ذريعو سمجھيو ويندو هو.يونانين جي نزديڪ عورت هڪ زهريلو وڻ ۽ شيطان کان وڌيڪ ناپاڪ هئي.هو سمجھندا هئا ته عورت مرد جي مقابلي ۾ وڌيڪ عيبن سان ڀريل،گستاخ، گندي ۽ بدڪردار مخلوق آهي.رومي تهذيب جيڪا قانون سازيء جي حوالي سان دنيا ۾ ايئن ئي معتبر سمجھي وڃي ٿي جيئن يوناي تهذيب فلسفي ۾، پر رومي تهذيب ۾ به عورت کي ثانوي حيثيت حاصل هئي،هنن جي نزديڪ عورت جي لاء ڪو روح ناهي ۽ اها عذاب جي هڪ خراب ترين صورت آهي.شاديء کان پوء عورت مڙس جي  زرخريد غلام بڻجي ويندي هئي،انهيء کي ڪنهن عهدي تي فائز ٿيڻ جي اجازت نه هئي.فارس جي پراڻي تهذيب ۾ به عورت جو درجو تمام رحم جي قابل رهيو، مڙس پنهن جي زال جي لاء موت جو حڪم جاري ڪري سگھيو ٿي،عورت کي بادشاهن ۽ اميرن جي تسڪين لاء سندن محلن ۾ پيش ڪيو ويندو هو ۽ عورت کي ڪنهن به قسم جي اعتراض يا احتجاج ڪرڻ جي آزادي نه هئي.عيسائي معاشرو جيڪو اڄ دنيا۾ سڌريل ۾ سڌريل معاشرو هئڻ جو دعويدار آهي ان معاشري ۾ عورتن سان جيڪو ناانصافيء وارو ۽ توهين آميز سلوڪ ٿيندو رهيو اهو پڙهندي ڏندين آڱريون اچيو وڃن.

عيسائي معاشري ۾ رهبانيت واري رويي عورت کي هڪ قابل نفرت شيء قرار ڏنو،ايستائين جو عورت کي انساني نسل تسليم ڪرڻ کان به انڪار ڪيو ويو.576ع ۾ فرانسسين عورت جي باري ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد ڪئي صرف اهو فيصلو ڪرڻ لاء ته عورت جو شمار انسانن ۾ ٿئي ٿو يا نه!اهي هيون پراڻن مغاشرن جون ڪجھ جھلڪيون جن مان خبر پوي ٿي ته عورت تي ڪيڏا نه وڏا ظلم ٿيندا رهيا ۽ ڪهڙيء طرح ان عظيم هستيء کي ذلت ۽ توهين جو نشانو بنايو ويو.انهيء سموري دور ۾ مديني جو نبوي معاشرو اهڙو روشنيء جو مينار نظر اچي ٿو جتي عورت جي عظمت عملي طور تي انهن بلندين تي پهتي جو ماء جي قدمن هيٺان جنت هئڻ جي بشارت ڏني ويئي،عورتن تي تشدد ڪرڻ کان روڪيو ويو،انهن سان سهڻي سلوڪ جي تلقين ڪئي ويئي، انهن جي مردن جي ملڪيت ۾ وراثت جوقرآني قانون اچي ويو.جيڪر تعصب ڇڏي انصاف پسنديء سان جائزو وٺبو ته اهو اسلامي معاشرو جيڪو بدقسمتيء سان گھڻو عرصو قائم نه رهي سگھيو پر اهو دور عورت جي حقيقي عزت،احترام،عظمت ۽ شان شوڪت جو سونهري دور هو.بعد ۾ جديد معاشرن ۾ به عورتن کي واپس پستين طرف ڌڪيو ويو.نام نهاد مذهبي سماج هجن يا لبرل معاشرا،عورت سان ظلم اڄ به ساڳيء طرح جاري آهي. ڪنهن ان کي پنهن جي انا ۽ حاڪماڻي سوچ جي ڪري پنهن جو غلام بنائي رکيو آهي ته لبرل معاشرن عورت کي ٽشو پيپر واري حيثيت ڏيئي ڇڏي آهي،اڄ به هن کي حوس جو نشانو بنايو وڃي ٿو،اڄ به هن کي ڪوٺن ۽ محلن ۾ نچڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو،اڄ به هن سان جانورن وارو  سلوڪ ڪيو وڃي ٿو،مغربي معاشرا جيڪي اسان کي عورت جي آزاديء جا درس ڏيندي نٿا ٿڪن، انهن جي پنهن جن معاشرن تي نظر وجھو ته سندن منافقت جو ڀانڊو ڦاٽي پوي ٿو.حالت اها آهي جو يورپ ۽ آمريڪا ۾ مرد شاديون ڪرڻ لاء تيار ناهن،طلاقن جو تعداد پوئتي پيل معاشرن کان اتي تمام وڏو آهي.هي جو پري کان اسان کي انهن معاشرن جي عورت ظاهر ۾ خوش ۽ آزاد نظر اچي ٿي ٿورو انهن جي ويجھو وڃي ڏسجي ته معلوم ٿيندو ته ساڳيو دردن جو داستان دلين ۾ لڪيل ملندو،ساڳيو محرومين جو قصو سندن روح کي ڏنگي رهيو آهي،ڪنهن وٽ سندن زخمن تي مرهم رکڻ لاء وقت ئي ڪونهي.جيڪر آزدي ۽ عزت ڪنهن عيش عشرت ۽ مادي خوشحاليء جو نالو آهي ته پوء واقعي انهن معاشرن جي عورت آزاد ۽ قابل عزت بڻجي ويئي آهي پر جيڪر عورت جي اندر ۾ هڪ ڌڙڪندڙ دل  به موجود آهي جنهن ۾ پيار،محبت،سچائي،خلوص ۽ وفاداريء جي خواهشن جا ڪي احساس ڇوليون هڻن ٿا ته پوء وڏي معذرت سان چوڻو ٿو پوي ته انهن سڌريل معاشرن جي عورت اسان جي پوئتي پيل معاشرن جي عورت کان به گھڻو ويڳاڻي، محروم،مايوس ۽ اداس آهي .توهان خودڪشين جي وڌندڙ لاڙي ۾ عورتن جو تعداد ڏسو ته اها ڳالھ سمجھ ۾ اچي ويندي. سو اسان جيڪر پنهن جي هن بگڙيل معاشري۾ عورت جو مرتبو متعين ڪرڻ لاء انهن نام نهاد سڌريل سماجن جي پويان اکيون پوري ڊوڙي رهيا آهيون ته اهو اجايو آهي،هنن کي اسان کي ڏيڻ لاء ڪجھ به نه آهي جو هو ان معاملي ۾ خود ئي بيوس،مجبور ۽ محروم آهن.

جڏهن دنيا جا پنهن جي پر ۾ اهي سڌريل ملڪ عورت جي آزدي۽مرتبي جا ٻين کي درس ڏين ٿا ۽ عورت جي خلاف تشدد وارين ڪاروائين تي تشويش جو اظهار ڪن ٿا تڏهن ڪو ته سندن انهيء منافقت تي کانئن اهو به پڇي ته اڄ جيڪو انهن پوري دنيا کي پنهن جن جنگي ڪاروائين جي ذريعي جهنم جو نمونو بنائي ڇڏيو آهي انهن حالتن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ عورت ئي آهي جنهن جي دل کي انهن چچريون چچريون ڪري ڇڏيو آهي.پنهن جن معصوم ٻارن ،پنهن جن مڙسن  ۽ پنهن جن ڀائرن جي لاشن تي سڀ کان وڌيڪ سڏڪندڙ ۽ بيوسيء وچان رڙيون ڪندڙ اها عورت ئي آهي.اڄ لکين عورتون پنهن جا گھر ڇڏي ،پنهن جن جگر جي ٽڪرن کي گولين ۽ بمن کان بچائڻ لاء ٻين ملڪن جي سرحدن تي ڌڪا کائي رهيون آهن  ته انهن جي انهن المين جا ذميدار اهي ئي سڌريل نام نهاد عورتن جي حقن جا ٺيڪيدار ملڪ ئي آهن. عورت کي بازار جي جنس يا پنهن جي ذاتي ملڪيت سمجھڻ يا وري  ان کي پنهن جي  گھر جي راڻي بنائڻ جو فرق جيڪر اسان کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته پوء اسان جي هن معاشري جو خدا ئي حافظ آهي. هاڻي اچون ٿا پاڪستاني معاشري تي ته هتي به عورت مظلوم آهي، مختلف آئيني بل، عورتن جي تحفظ جانوان نوان قانون ۽ انساني حقن جون تنظيمون هتان جي عورت کي اڄ تائين ڇا ڏيئي سگھيون آهن؟ اسلام آباد يا ڪراچيء جي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ ويهي عورتن جي باري ۾ ڳالهائيندڙ انهن نام نهاد اڳواڻن کي ٻهراڙين ۾ ويٺل عورتن جي درد جي ڪهڙي خبر! جيستائين معاشري جي سوچ ۽ رويا عورت جي باري ۾ تبديل نٿا ٿين انهن قانونن مان ڪجھ به ورڻو سرڻو ناهي،عورت جي نالي تي اڄ به پنهن جي سياست جا دوڪان چمڪايا پيا وڃن،مولوي صاحبن وٽ ته سياست ڪرڻ لاء هاڻي ڪجھ رهيو ئي ناهي سو پنهن جو وجود بچائڻ ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ ڪجھ سيٽون حاصل ڪرڻ لاءعورتن جي منظور ٿيل بل جي خلاف تحريڪ هلائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن.

حڪومت به صرف منافقت وارو ريو اختيار ڪيو ويٺي آهي،عورتن تي سرعام تيزاب هارڻ ،انهن کي بازار وچ ۾ توهين جو نشانو بنائڻ ۽ انهن کي کلئي عام قتل ڪندڙن کي ئي ڪڏهن ڪا سزا نه آئي آهي ته ڪهڙو قانون ،ڪهڙا بل بس مڙيئي دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ لاء ڪجھ نمائشي ناٽڪ ڪيا پيا وڃن.عورتن جي مناسب تعليم ، تربيت ،شعور ۽ سجاڳيء لاء ته انهن کان ادارا ٺهن ئي نٿا،عورتن تي سرعام ظلم ڪندڙن کي ته اهي سزا ڏيئي نٿا سگھن،عورتن کان جبري پورهيو وٺڻ کي ته اهي روڪي ناهن سگھيا،هليا آهن نوان قانون ٺاهڻ! قانون ٺهي به وڃن ته انهن تي عمل ڪير ڪرائيندو؟

 

 

 

دهشتگردن جي ور چڙهيل برسلز

برسلز ۾ ايئرپورٽ، ريلوي اسٽيشن ۽ صدارتي محل ويجهو هڪٻئي پٺيان 7 ڌماڪا، 37 ڄڻا مارجي ويا، 100 کان وڌڪ زخمي، پرڏيهي ميڊيا موجب بيلجيم جي گادي واري شهر برسلز ۾ زيوينٽم ايئرپورٽ تي آمريڪي ڪائونٽر ويجهو 2 زوردار بم ڌماڪا ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا مارجي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي، ايئرپورٽ ڌماڪي جي اڌ ڪلاڪ کانپوءِ يورپي يونين انسٽيٽيوشن ويجهو ميٽرو مال بيڪ اسٽيشن تي هڪٻئي پٺيان 4 ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، صدارتي محل ويجهو به هڪ ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا، ڌماڪن کانپوءِ ايئرپورٽ جي عمارت خالي ڪرائي ان کي عارضي طور تي بند ڪيو ويو.

ايندڙ سمورين اڏامن جو رخ به مٽرايو ويو، ايئرپورٽ ۽ ميٽرو ڌماڪن بعد سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي، فوج کي به طلب ڪيو ويو، پارليامينٽ ۽ وزيراعظم هائوس کان علاوه وزيراعظم جي رهائشگاهه کي به خالي ڪرايو ويو،  يورپي يونين جا سمورا اجلاس ملتوي ڪيا ويا، فرانس ۽ بيلجيم جي سرحد کي سيل ڪيو ويو، پارليامينٽ هائوس سميت ڪيترين ئي اهم عمارتن ٻاهران اضافي نفري مقرر ڪئي وئي، ايئرپورٽ جي لائونچ تان 2 آپگهاتي بيلٽ ۽ رن وي وٽان هڪ بم هٿ ڪيو ويو،  حملن بعد سرچ آپريشن ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، ٽن شڪي حملي آورن جون تصويرون جاري ڪيون ويون،

بيلجيم جي وزيراعظم چارلس مائيڪل گادي واري شهر برسلز ۾ ٿيل بم ڌماڪن تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، عوام کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي، پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بيلجيم جي وزيراعظم چيو ته هي وقت اسان جي ملڪي تاريخ جو تمام اونداهو ۽ خراب وقت آهي، اسان تمام ڏکئي وقت کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ڌماڪن ۾ ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ۽ زخمي ٿيا آهن، جنهن جو ڊپ هو اهوئي ٿيو.

اسان انڌن حملن جو نشانو بڻجي وياسين، اسان کي هن وقت ٻڌي ڪري هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي، عوام کي موجوده صورتحال ۾ صبر جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. بيلجيم جي وزيراعظم پاران ملڪ ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته برسلز ايئرپورٽ هڪ ڏينهن لاءَ بند رکڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي.

وقت به وقت هر ملڪ ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿيندا رهن ٿا جن ۾ بيگناهه ماڻهو ماريا وڃن، نه ٻارن کي ڇڏيو وڃي ٿو نه عورتن کي هاڻي ڳالهه مٿي کان چڙهي وئي  آهي ان ڪري پري دنيا کي کي هڪ آواز ٿي دهشتگرد پيدا ڪندڙ فيڪٽرين کي تباهه ڪرڻ  گهرجي نه رڳو اجلاسن  ۽ اعلانن تائين محدود رهڻ گهرجي پر هاڻي وقت عملي قدم جو آهي، ڇو جو دهشتگرد جو نه ڪو مزهب آهي نه ڪا انسانيت ان ڪري ان کي هن ڌرتي تي رهڻ جو به ڪو حق ناهي.