تازيون خبرون

Daily Archives: March 24, 2016

حڪومت سنڌ اسيمبلي مان هندو ميرج ايڪٽ بل پاس ڪرائي تاريخ رقم ڪئي آهي: مولابخش چانڊيو

عمرڪوٽ (رپورٽر) اقليتي برادري پاڪستان جا برابر جا شهري آهن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه اقليتي برادري جي خوشين ۾ شرڪت کي ترجيح ۽ انهن جي حقن جي پاسداري جي ڳالهه ڪئي آهي ، اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري اقليتي برادري جي خوشين ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ عمرڪوٽ اچي رهيو آهي ۽ سنڌ حڪومت پاران سنڌ اسيمبلي مان هندو ميرج ايڪٽ بل پاس ڪري تاريخ رقم ڪئي آهي ۽ اقليتي برادري جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ عام موڪل جو اعلان پڻ ڪيو آهي . اهڙن خيالن جو اظهار سينيئر صوبائي وزير تعليم نثار احمد کهوڙو ،  اطلاعات کاتي جي صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو ، صوبائي وزير بهبود آبادي ۽ پيپلز پارٽي عمرڪوٽ جي ضلعي صدر حاجي سيد علي مردان شاهه، صوبائي وزير خوراڪ سيد ناصر شاهه، ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر، ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر، بلاول ڀٽو زرداري جي اقليتي برادري جي هولي جي خوشين ۾ شرڪت ۽ ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ جلسه عام کي ڪامياب بنائڻ بابت  گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هنن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ۾ ڪو به فارورڊ بلاڪ نه پيو ٺهي ۽ جيڪي پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن اهي هر صورت ۾ ناڪام ويندا. هنن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي خلاف  مائنس  ون جاخواب ڏسندڙ احمقن جي دنيا ۾ رهن ٿا ۽ اهو خواب انهن جو پورو نه ٿيندو  ۽ پيپلز پارٽي جو شريڪ چئيرمين آصف علي زرداري ۽ چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري ئي رهندو . نثار احمد کهڙو ۽ مولا بخش چانڊيو چيو ته عوام ۾  اڄ به 27 ڊسمبر ۽ 4 اپريل کي ڪارو ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو . هنن چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي مقبوليت وڃائي چڪي آهي جيڪڏهن ايئن هجي ها ته بلدياتي اليڪشن 2015 ۾ 23 ضلعن ۾ اڪثريت سان ڪيئن کٽي ها؟ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مخدوم خاندان پيپلز پارٽي جي فائونڊر جماعت آهي ۽ مخدوم طالب المولي کان وٺي مخدوم امين فهيم تائين پ پ پ جا اهم وفادار رهيا ۽ اڄ به پيپلز پارٽي سان گڏ آهن . هن چيو ته پ پ پ ۾ وڏا وڏا نالا آيا جنهن ۾ مير رسول بخش ٽالپر، علي احمد ٽالپر، غلام مصطفي جتوئي ، حفيظ پيرزادو ، مولانا ڪوثر نيازي  جهڙا ڪيترائي آيا پر جڏهن هنن  پيپلز پارٽي سان اختلاف اختيار ڪيو ته هنن جو وجود ئي ختم ٿي ويو . هنن چيو ته عمرڪوٽ جي بهتري لاءِ موئثر ڪوششون ڪيون پيون وڃن . ان کان اڳ هنن 24 مارچ تي ٿيندڙ اقليتي برادري جي ٿيندڙ تهوار ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري جي شرڪت ۽ جلسه عام واري هنڌ جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ 18 فوٽ ڊگهي اسٽيج جي ٿيل انتظامن کي پڻ آخري شڪل ڏني. ان کان بعد سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو سنڌ هائوس عمرڪوٽ ۾ ميرپورخاص ڊويزن جي پ پ پ عهديدارن ۽ ڪارڪنن سان گڏجاڻي ڪئي . ان موقعي تي صوبائي وزير دوست علي راهمون،  پ پ پ ايم پي ايز خير النساء مغل، نصرت سلطانه خواجه ، ڊاڪٽر مهيش ملاڻي،  ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ، سيد سردار علي شاهه، سينيٽرز انجنئير گيانچند، هري رام ڪشوري لال،  ايم اين اي مير منور ٽالپر،  خالد سراج سومرو، قاسم سراج سومرو، پارٽي عهديدارن ۽ ورڪرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

قوم اهو نه سوچي ته سڄي ملڪ کي 17 جج بهتر بڻائي ڇڏيندا: جسٽس امير هاني مسلم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پاڪستان ڏهاڙي جي حوالي سان رٿيل تقريب ۾ جسٽس امري هاني مسلم جو چوڻ هو ته پوري قوم کي ذميداري نڀائڻي پوندي،قوم اهو نه سوچي ته سڄي ملڪ کي 17 جج ٺيڪ ڪري ڇڏيندا.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا ء يونيورٽي ۾ پاڪستان ڏيهاڙي جي موقعي تي رٿيل تقريب ۾ جس ٽس امير هاني خاص مهمان طور شامل ٿيو.خطاب دوران سندس چوڻ هو ته ملڪ جي ترقي لاءِ پاڻ کي بهتر ڪرڻو هوندو اسان چاهيون ٿا ته پاڻ بهتر نه ٿيون پر معاملا ٺيڪ ٿي وڃن.17 جج ملڪ کي نه ٿا سڌاري سگهن،جيڪڏهن اهو سوچيو ٿو وڃي ته اها وڏي بيوقوفي هوندي.تقريب کي خطاب دوران سندس چوڻ هو ته اسانجي سڀ کان وڏي ڪمزوري تعليم جو معيار خراب هجڻ آهي،شهرين کي انصاف عدالت ۾ نه پر هر جاءِ تي ملڻ گهرجي.003

 

پاڪستان سان سڀئي مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهيون ٿا:نريندر مودي

نئين دهلي (م.ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاڪستان ڏيهاڙي جي موقعي تي پاڪستاني قوم کي مبارڪ باد ڏيندي نيڪ خواحشن جو اظهار ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا مطابق نريدنر مودي پاڪستان جي ڏيهاڙي جي موقعي تي پاڪستاني قوم کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڌڻي در دعاڳو آهيون.ان موقعي تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو ته خطي ۾ ڇڪتاڻ ۽ تشدد کان صاف ماحول جي لاءِ پتوڙي رهيا آهيون ۽ پاڪستان سان مڙني مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي خواهش رکون ٿا.003

 

مصطفيٰ ڪمال پنهنجي سياسي پارٽي  جو نالو“پاڪ سر زمين”رکي ڇڏيو، ايندڙ مهيني وڏي جلسي جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي باغي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال پنهنجي سياسي پارٽي  جو نالو“پاڪ سر زمين”رکي ڇڏيو.ڪراچي ۾ جلسي دوران ايم ڪيو ايم جي باغي اڳواڻن ۽ عوام اڳيان جلسي گاهه ۾ خطاب دوران مصطفيٰ ڪمال پنهنجي پارٽي جو اعلان ڪيو ۽ ايندڙ مهيني وڏي سياسي جلسي جو به اعلان ڪيو .مصطفيٰ ڪمال جلسي کانپوءِ سڌو قائد اعظم جي مزار تي پهچي گلن جي چادر چاڙهي ۽ مزار تي حاضري پڻ ڀري. سياسي پارٽي جو نالو رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ هو ته 3 مارچ تي جنهن پارٽي جو اعلان ڪيو هو اُن جو نالو پاڪ سرزمين رکيو ويو آهي آئينده وطن جي بنياد رکڻ ۽ وطن پرستي جو ڏينهن هڪ گڏ ملهايو ويندو جڏهن ته 24 اپريل تي پارٽي جلسي جو به اعلان ڪندي هن چيو ته باغ جناح گرائونڊ ۾ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ڪنداسين. هن چيو ته اسان ڪراچي ۾ ڪابه سياسي قوت يا ڪنهن جو اقتدار ڦرڻ نه آيا آهيون، مون سميت منهنجا ساٿي جيترا ماڻهو آهن انهن وٽ پهريان ئي عهدا ۽ سياسي قوت هئي پر اسان سمورا پاورز، اقتدار ۽ مراعتن کي پيرن جي نوڪ تي رکيو. اسان هتي عوام جي خدمت لاءِ آيا آهيون، اُهي ئي اسان جو مقصد آهي، نائين زيرو تان ڪامياب ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي افتخار عالم سان اسانجو ڪوبه رابطو نه هو پر هو ضمير جي آواز تي اسان سان گڏجي ويو. مصطفي ڪمال جو چوڻ هو ته اسان وٽ اختيار هئا اسان هڪ هڪ شخص کي ڊيليور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. افسوس آهي ته اڄ پاڪستاني مختلف ٽڪرن ۾ ورهائجي ويا ڪو مذهب جي نالي تي، ڪوبه نسلي بنياد تي، ڪو قوميت جي بنياد تي ڪو سياسي پارٽين جي بنياد تي ورهايل آهي. هن چيو ته سڀ کان وڏو فساد جي جڙ پارٽي جو جهنڊو هوندو آهي، انهيءَ لاءِ اسان پنهنجي پارٽي جو جهنڊو ئي ناهي ٺاهيو،اليڪشن ڪميشن کي جيڪڏهن جهنڊي جي ضرورت آهي ته اُن لاءِ بڻائينداسين پر ڪارڪنن جي هٿن ۾ پارٽي جو نه پر پاڪستان جهنڊو ڏينداسين، ڪوبه قانون ۽ ائين مونکي قومي جهنڊي ۾ ويڙهجڻ کان نٿو روڪي سگهي، اسان پاڪستانين کي رنگ ۽ نسل جي بنياد تي تقسيم ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو ماڻهو هزارين ميل پري ويهي ماڻهن جا فيصلا ڪندا آهن ملڪ جيڪو نظام آهي اُن ۾ عوام جي راءِ شامل هئڻ جو موقعو نٿو ڏنو وڃي، پنهنجن فيصلن ۾ عوام جي راءِ شامل ڪنداسين، نون صوبن جي ڳالهه ڪندي هن چيو ته پهريان بلدياتي نظام بحال ڪرڻو پوندو. هن چيو ته گهٽين ۽ پاڙن ۾ ڪم جو اختيار نه ڏنو ويو ته ڪوبه اوهان جو نه هوندو. ائين جي آرٽيڪل 148 تحت پاڪستانين کي اختيار ڏيارڻو آهي، جيڪڏهن چاهيو ٿا ته ملڪ جي25 ڪروڙ عوام هن ملڪ کي پنهنجو بلدياتي نظام ڏيو، اختيارن نه ڏنا ويا ته پوءِ نوان صوبا ٺاهي ڇا ڪنداسين.

 

نوجوانن کي ئي ملڪ کي موجوده دٻڻ مان ڪڍي ترقي طرف وٺي وڃڻو آهي: عمران خان

پشاور (اين اين آءِ) پي ٽِ آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نوجوان اسان جو قيمتي اثاثو ۽ مستقبل جا معمار آهن ۽ انهن کي ئي ان ملڪ کي دٻڻ مان ڪڍي ترقي طرف وٺي وڃڻو آهي موجوده حڪمران ان کي عظيم ملڪ بنائڻ ۾ ناڪام ٿي ڇڪا آهن 1960 جي ڏهاڪي ۾ ترقي پذير ملڪن ۾ پاڪستان تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ ليکيو ويندو هو پر قيادت جي کوٽ سبب ترقي بدران پوئتي وڃي رهيو آهي جيڪو هڪ قومي الميو آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن ڪوهاٽ يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي ۾ 23 مارچ جي مناسبت سان ڪوٺايل شاگردن واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. عمران خان ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته هر قسم جي وسيلن سان نوازيل ملڪ کي حڪمران خيرات ۽ قرض وٺي هلائي رهيا آهن ۽ خيرات ۽ قرض وٺي ان کي پنهنجي ڪاميابي ڪوٺين ٿا نوجوانن سان ڳالهائيندي هن چيو ته اوهان اسان واريون غلطيون نه ورجائيندا ۽ ملڪ کي عظيم بنائڻ لاءِ سخت محنت ۽ جدوجهد ڪرڻي آهي ۽ حڪمرانن سان حقن لاءِ وڙهڻو آهي عمران خان چيو ته اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ کي ورهائڻ بدران متحد ڪرڻ لاءِ عهد ڪيون هن چيو ته حضرت محمد صلعم جي هستي ۽ مديني جي فلاحي رياست اسان لاءِ رول ماڊل آهي ۽ ان جي پيروي ڪري صهيح معنيٰ ۾ پاڪستان کي هڪ فلاحي رياست بنائڻو آهي جتي قانون جي بالادستي ۽ انصاف هجي طاقتور ۽ غريب لاءِ الڳ الڳ قانون نه هجي ان چيو ته بزدل ماڻهو ڪڏهن به هڪ مثالي ليڊر نٿو بڻجي سگهي ڇو ته ليڊر انسانن ۽ انسانيت لاءِ هوندو آهي عمران خان چيو ته موجوده دور ۾ چائنا جو نظام پنهنجو مثال پاڻ آهي جنهن 25 سالن ۾ 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي غربت جي لڪير مان ڪڍي ورتو ۽ هو خود به ان کي اسٽيڊي ڪرڻ لاءِ چائنا وڃي رهيو آهي.

 

ٽنڊو محمد خان ۾ ڪچو شراب وڪرو ڪندڙ رهزن گرفتار نه ٿيو، مڇريل ماڻهن سندس گهر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو

ٽنڊو محمدخان (ڊ.ر) ٻه ڏينهن اڳ 40 کان وڌيڪ بيگناهه ماڻهن کي ڪچو شراب پياريندڙ ملزم علي نواز پنهور خلاف ٽنڊومحمدخان جي ٿاڻي تي 40 کان وڌيڪ بيگناهه ماڻهن جون جانيون ضايع ٿيڻ تي 302 جي سڌي ايف آءِ آر داخل ڪري جوابدار جي گرفتاري جي لاءِ ضلعي ٽنڊي الهيار جي مختلف ڳوٺن ۽ ماتلي بدين سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن پر مک جوابدار جي اڃان تائين گرفتاري نه ٿي سگهي آهي. ٽنڊومحمدخان جي ڪريم آباد ڪالوني ۾ سندس رهائشگاهه ۽ مينهن جي واڙي کي نامعلوم هزارين ماڻهن باهه ڏئي گهرن کي مسمار ڪري ڇڏيو, سوين ماڻهن روڊن تي نڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اعليٰ  اختيارن ۽ وزير اعليٰ سنڌ ايس ايس پي ٽنڊومحمد خان کان کيس گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

 

ڊيراسماعيل خان جي بنون چورنگي ويجهو  اڄڻاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد

ڊيرا اسماعيل خان (رپورٽر) بنون چورنگي ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ به پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.ميڊيا رپورٽ مطابق ڊيراسماعيل خان جي بنون چونگي ويجهو  ٻه پوليس اهلڪار عمران ۽ فيصل موٽرسائيڪل تي معمول مطابق گشت ڪري رهيا هئا ته موٽرسائيڪل تي اڻڄاتل هٿياربندن مٿن حملو ڪري ڏنو،جنهن کانپوءِ پوليس اهلڪار عمران موقعي تي ئي فوت ٿي ويو،جڏهن ته فيصل کي طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ ملتان نيو پيو وڃي ته رستي ۾  زخمن جا تاپ نه سهندي شهيد ٿي ويو.

 

شادي ان سان ڪنديس جيڪو منهنجي گهر ڀاتين کي به محبت ڏئي:عائشا عمر

ڪراچي:مزاحيا ڊارمي “بلبلي” ۾ خوبصورت ڪردار مان شهرت ماڻيندڙ  مشهور اداڪارا عائشا عمر چيو آهي ته هن وقت شادي جو ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ۽ ڪو ارادو ناهي،پر  شادي ان ماڻهو سان ڪنديس جنهن سان مڪمل زهن ملندڙ جلندڙ هجي ۽ مونکي ۽ منهنجي گهر وارن کي عزت ڏئي.ٻن سالن جي عمر ۾ پيءُ جي لاڏاڻي تي امڙ پنهنجي زندگي اسان لاءِ قربان ڪري ڇڏي.منهنجي خواهش آهي ته جيون ساٿي مونسان گڏ گهرڀاتين کي به عزت ڏئي ۽ محبت سان پيش اچي.

 

 منفردڪردارڪرڻ سان عام اداڪارا خاص بڻجي وڃي ٿي:صائمه اظهر

لاهور (شوبز نيوز) پاڪستان جي سپر ماڊل صائما اظهر چيو آهي ته سُٺا ۽ منفرد ڪردار هر اداڪار جي پهرين پسند هوندي آهي ۽ منفرد ڪردار ئي هڪ عام اداڪار کي خاص بڻائي ڇڏيندو آهي، اڄ تائين جيڪي به اداڪار دنيا تي راڄ ڪري رهيا آهن انهن کي منفرد ڪردارن هيٺان کان مٿي تائين کڻي ويا.اداڪرا صائما منظور چيو ته مان پنهنجي فن جي شروعات ماڊلنگ ۽ عام ڪمرشل ڪرڻ کان ڪئي جنهن کانپوءِ مونکي اهم ڊرامن ۾ ڪردار ملندو رهيو آهي.سندس چوڻ هو ته مان به هڪ اهڙو منفرد ۽ مختلف ڪردار ڪرڻ چاهيان ٿي جنهن ۾ مونکي پذيرائي ملي،جيڪڏهن بالي ووڊ ۾ به آڇ ٿي ته ان کي به قبول ڪنديس ۽ اتي به هڪ مختلف رنگ ۾ نظر اچي سگهان ٿي.003

 

ٽينس ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ سرينا وليمز کي بيلاروس جي رانديگرياڻي وڪٽوريا آذرنيڪا  هٿان مات

نيويارڪ (اسپورٽس نيوز) پيري باس ٽينس ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ آمريڪا جي عالمي نمبر ون ٽينس اسٽار سرينا وليمز کي بيلاروس جي اڳوڻي دنيا جي پهرين وڪٽوريا  آذرنيڪا  هارائي ڇڏيو آهي.آمريڪا ۾ کيڏي ويل پيري باس  ٽينس ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ ۾ ميزبان ملڪ جي سرينا وليمز ۽ بيلاروس جي وڪٽوريا آذرنيڪا وچ ۾ مقابلو ٿيو.اڳوڻي ۽ موجدا نمبر ون ٽينس رانديگرياڻين وچ ۾ دلچسپ مقابلو ڏسڻ ۾ مليو.بيلاروس جي رانديگرياڻي پنهنجي مخالف کي ڄمي کيڏڻ جو موقعو ئي نه ڏنو ۽ سڄي ميچ ۾ پنهنجي گرفت مضبوط ڪري رکي. وڪٽوريا  آذرنيڪا  سرينا وليمز کي ميچ ۾ 6.4  تان مات ڏني.003