تازيون خبرون

Daily Archives: January 18, 2016

ويرات ڪوهلي تيز ترين 7 هزار رنسون ٺاهي عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو

ميلبورين (اسپورٽس نيوز) ڀارتي  بيٽسمين ويرات ڪوهلي تيز ترين 7 هزار رنسون ٺاهي عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو.تفصيل مطابق آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏي ويندڙ ٽين ون ڊي ميچ دوران ڀارتي بيٽسمين ويرات ڪوهلي تيزترين  7 هزار رنسن جو رڪارڊ ٺاهيو.ياد رهي ته ويرات ڪولهي کان پهرين اهو رڪارڊ ڏکڻ آفريقا جي نوجوان ۽ بهترين بيٽسمين اي بي ڊي وليئرز وٽ هيو،جنهن 172 ميچن ۾ تيز ترين 7 هزار رنسون ٺاهيون هيون،جڏهن ته ويرات ڪوهلي 169 ميچون کيڏي اهڙو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو.

 

فريڊم فائٽر شهيد فاضل راهوءَ جي ياد ۾!: ارشاد ڪاغذي

اسان وٽ قاسم ميرجت جو اچڻ وڃڻ هوندو هو. هو فاضل جي باري ۾ خبرون چارون ڪندو هو ۽ رسول بخش پليجو صاحب جي باري ۾ حال احوال ٿيندا هئا. هڪ ڏينهن قاسم مير جت حيدرآباد اچڻ جي دعوت ڏني. پروگرام ٺاهيو ۽ فاضل جي جاءِ تي ملڻ جو رٿيو ويو. مون حيدرآباد اسٽيشن پهچي ٽيليفون ڪئي. فون جي گھنٽي وڄندي رهي، ”آئون فاضل ٿو ڳالهايان.“ مون کيس پنهنجو نالو ٻڌايو ۽ هن مون کي پنهنجي گھر جي ائڊريس ٻڌائي. مان رڪشي ۾ چڙهي اوڏانهن ويس، رستي ۾ سوچيندو رهيس فاضل جي باري ۾…. هن جي شخصيت جي باري ۾….. هن جي جسماني ۽ سياسي ۽ انقلابي قد ڪاٺ جي باري ۾…… هو ڪيئن هوندو؟ ڪهڙو هوندو؟ سندس شڪل شبيهه ۽ منهن مهانڊو ڪهڙو هوندو؟ ان سوچ ۽ ويچار ۾ جيل جي لاهي لهي رڪشو بيٺو ۽ رڪشي واري چيو ته هيءَ پٺاڻ ڪالوني آهي. مون پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ فاضل جي جاءِ تي ويس. مان وڃي اتي پهتس، ڪجهه ماڻهو ويٺا هئا، قاسم به اتي هو، سڀني سان مليس. فاضل صاحب ڀاڪر پائي مليو. سندس قرب ۽ محبت وارو ڀاڪر هن وقت تائين وسري نٿو! هن گھڻي گھڻي دير تائين مون کي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي رکيو. اڄ به هن وقت به مان پاڻ کي هن جي ڀاڪر ۾ محسوس ڪريان ٿو. هن جو ڇُهڻُ…. منهنجي دل جي ڪيفيت نرالي ٿي وئي! هن سان پهرين ملاقات هئي ۽ اٿندي ۽ پهرين ئي ملاقات ۾ اتساهه ۽ پيار وارو ڀاڪر نصيب ٿيو. هن جي ڀاڪر جي خوشبوءِ منهنجي من ۾ واسو ڪري وئي آهي. خوشبوءِ ۽ خوشين جا ڀاڪر……. مون لاءِ وڏي خوشنصيبي هئي ۽ آهي!

ٻي ڏينهن صبح سوير ننڊ مان اٿيس ته فاضل صاحب جي اوطاق تي ماڻهن جي اچ وڃ شروع ٿي وئي، ڪنهن ڪهڙو قصو پئي ٻڌايو ته ڪنهن وري پنهنجا سور ٻڌايا. هاري ناري، مسڪين، بي وس، مفلس ۽ ستايل ماڻهن جي پيهه فاضل وٽ ايندي رهي. هو سڀني جون ڳالهيون ٻڌي بروقت جواب ڏيندو رهيو. ڪنهن کي چٺي، ڪنهن لاءِ ٽيليفون ۽ ڪنهن سان گڏجي ڪنهن آفيسر، مختيارڪار، صوبيدار وغيره وٽ پنهنجي گاڏي ۾ هلندو هو. مان به هن سان گڏ هوندو هيس. جيترا ڏينهن به فاضل صاحب جو مهمان هيس، ماڻهن جا انبوهه صبح سوير سندس اوطاق تي ايندا ۽ ويندا هئا ۽ هو کل خوشي سان سڀني جا ڪم ڪندو هو ۽ وري ٻي ڏينهن ساڳئي ڪرت سان لڳي ويندو هو. ماڻهو کيس ڏاڍو بيزار ڪندا هئا پر مون ڪڏهن به هن کي ڪاوڙ ۾ نه ڏٺو ۽ نه ڪڏهن سندس منهن ۾ گھنج ڏٺو. فاضل اندران ۽ ٻاهران هڪ هو، هو ٻهروپي ڪونه هو، ٻيائي ۽ سياسي مصلحت جو هيراڪ نه هو، ڇاڪاڻ ته هو روايتي سياستدان نه هو! هو سادو، صاف ۽ بي ريا انسان هو. مظلوم، مسڪين ۽ غريبن جو يار ۽ برجهلو هو. سڄو ڏينهن ڪمن ڪارين ۾ رڌل، سڀني جي مسئلن کي نبيري پوءِ دلجوئي ملندي هيس. فارغ ٿي مون کي چوندو ”يار! توکي بک ته لڳي هوندي“. پوءِ ڪنهن هوٽل تي وڃي پيٽ پورت ڪبي هئي. هن وٽ هڪ جيپ هئي، جيڪا پاڻ هلائيندو هو. کليل جيپ هوندي هيس جنهن ۾ ماڻهو ساڻ ڪري سندن ڪم ڪاريون ڪندو هو، مختلف آفيسن ۾ وڃي مسئلا حل ڪرائيندو هو ۽ آخر ۾ انهن کان موڪلائڻ وقت کين چوندو هو ”بابا ڪم نه ٿئي ته وري اچجو.“ اتي رهندي ابراهيم منشي سان به واقفيت ٿي ۽ ڪچهريون ڪيون. ابراهيم منشي، فاضل صاحب جو يار هو ۽ گھڻو حجائتو سنگتي هيس، جيپ ۾ چڙهي حيدرآباد جي روڊن تي ڪچهري سان گڌ ابراهيم منشي جا شعر به گونجندا هئا ۽ وڏيرن ۽ حڪمرانن تي ڇوهه به ڇنڊبا هئا.

فاضل جي جاءِ تي رسول بخش پليجو صاحب سان به ڪچهريون ٿيون، پهريون دفعو ملاقات ٿي ۽ روزانو ٿيندي هئي. پليجو صاحب، فاضل شهيد، ابراهيم منشي ۽ ٻين قومي سياسي ڪارڪنن سان ملڻ جي ڪري زندگي ۾ گھڻو ڦيرو آيو، جنهن جي ڪري زندگي ۾ انقلاب اچي ويو ۽ ان ڪارڻ هڪ آدرشي ۽ چڱائي جي اصولن جي واٽ تي هلڻ جو موقعو مليو، جنهن جو سفر جاري ۽ ساري آهي!

فاضل جو انقلاب سان رومانس هو. جيئن ان زماني ۾ ۽ هينئر به تڏهوڪن انقلابي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ياد ڪندي چيو ويندو آهي ته سندن انقلاب سان رومانس هو پر مان ايئن چوندس ته فاضل صاحب جو انقلاب سان ڀاڪر پيل هو ۽ انقلاب کي ڀاڪر ۾ ڀري سموري عمر ساٿ نبايو. انقلاب هن جي ٻَک ۾ هو ۽ ڪڏهن به هن انقلاب مان هٿ نه ڪڍيا. هن جو اٿڻ ويهڻ، گھمڻ ڦرڻ، کائڻ پيئڻ، سوچڻ لوچڻ فقط انقلاب هو. هو سچ جو پانڌيئڙو هو ۽ انقلاب جو امين هو! هو حق ۽ سچ لاءِ سجاڳ رهيو، وڙهيو ۽ توڙ تائين مقابلو ڪيو، سماجي انصاف ۽ انساني عظمت جي وڪالت ڪندو رهيو. هو اڏول هو ۽ بلند بالا هو. منهنجي لاءِ، سنڌ لاءِ ۽ سنڌي قوم لاءِ فريڊم فائٽر هو. آزادي جو سپاهي ۽ سپهه سالار هو. مون ٻڌو هو ۽ ڏٺو هو ته فاضل هر ڪنهن سان پيار ڪندو هو، نيازمندي سان ملندو هو. پنهنجي پارٽيءَ سان، پنهنجي اڳواڻن سان، ڪارڪنن سان ۽ قوم سان وفادار هو ۽ وفادار رهيو. هن مون کي ۽ ٻين کي اُتساهيو ۽ حوصلو ڏنو، همت ڏني، دل جي گھراين سان سنڌ ۽ سنڌين جي خدمت ڪئي. فاضل سان ان ڪري پيار ڪيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو سنڌ ڌرتي جي غدارن کان نفرت ڪندو هو، مون کي هن لاءِ گھڻي عزت ۽ احترام آهي، ان لاءِ ته هو مسڪين، محڪوم، ڦريل ۽ ڏڪاريل عوام جو ساٿي هو، اڳواڻ هو ۽ اٿي بيهندو هو، فرض ۽ ذميواري سمجهندو هو، زندگي ڀر چوويهه ئي ڪلاڪ ڊيوٽي تي حاضر رهندو هو. انقلاب جي نوڪري چاڪري ڪندو رهيو سموري عمر. هو ڪنهن به ظالم، جابر، جلاد، قاتل، بيرحم ۽ سفاڪ ضياءَ شاهي کان نه ڊنو، نه هٻڪيو ۽ نه وري پوئتي پير ڪيا. سخت، مشڪل گھڙين، طوفان ۽ قهري ڪاررواين سان سينو سپر ڪري وڙهيو. هو سنڌ جي ڀلي ۽ ڀلائي لاءَ اڳين صفن ۾ رهيو، هميشه سنڌ جي خوشي ۽ خوشحالي لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو، جنهن جي صلي جي ڪا به تمنا ۽ توقع نه ڪئي. اهڙا مانجهي مڙس مٿير ورلي پيدا ٿيندا آهن. ۽ هن پنهنجي رت سان ريٽو جهنڊو جهولائي ابديت ماڻي ورتي.

پنهنجي رت ۾ ريٽو جهنڊو اُڀ تائين جهوليندو،

اهڙو ڏينهن به ايندو!

فاضل راهو ڪيترين ئي تحريڪن ۾ بهرو ورتو.عوامي تحريڪ جي اڳواڻ هئڻ جي ناتي ۾ هن سنڌ جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو. ايوب شاهي، يحيٰ شاهي جي خلاف، سنڌي ۾ لسٽون ڇپايو تحريڪ، ظلم بند ڪريو تحريڪ، نيلام بند ڪريو تحريڪ ۽ ٻين ۾ گھڻي سرگرمي ڏيکاري.پر سڀ کان وڌيڪ تحريڪ بحاليءَ جمهوريت يا ايم آر ڊي جي 1983ع ۽ 1986ع واري تحريڪن ۾ فاضل ڪمال ڪري ڇڏيو. ايم آر ڊي کي منظم ۽ متحرڪ ڪرڻ لاءِ سنڌ ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويو ۽ اتي عوام ۽ سياسي ڪارڪنن کي تيار ڪيو. ضياءَ جي جارحيت ۽ مارشلا سان مقابلو ڪرڻ لاءِ سوين ۽ هزارين ڪارڪن تيار ڪري مارشلا سان وڙهيو. فاضل جي ڏاهپ، تنظيم ڪاري ۽ بي ڊپائي ئي هئي، جنهن ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ جان وڌي ۽ سنڌ جي عوام ۾ هڪ انقلابي جذبو پيدا ٿيو.

ايم آر ڊي ۾ تمام وڏي قد بت وارا سياسي اڳواڻ موجود هئا، بينظير ڀٽو، نوابزاده نصرالله خان، ولي خان، بزنجو، محمد قاسم ۽ ٻيا جيڪي پاڪستان ۽ ٻاهرين دنيا ۾ مشهور هئا پر اهي سڀ معتبر شخصيتون فاضل جي دل سان عزت ڪندا هئا. فاضل جي شهادت کان پوءِ انهن اڳواڻن جيڪي بيان ڏنا تن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هو فاضل لاءِ ڪهڙا سٺا خيال رکندا هئا. انهن سڀني جي ايم آر ڊي ۾ هوندي به فاضل جو سياسي ڪم ۽ تنظيم ڪاري سمورن کان سرس هئي، جنهن لاءِ اهي اڳواڻ فاضل جي جدوجهد کي تسليم ڪندا هئا. اهو هڪ وڏو اعزاز آهي جو هڪ سنڌ جي ماڻهو جنهن پنهنجي قول، فعل ۽ عمل جي ڪري جهر جنگ باهه ٻاري ضيا شاهيءَ کي چئلينج ڪيو هو ۽ ان جي ڪري ضياءَ ۽ ان جي ساٿين سنڌ کان هڪ جوڌو جوان ۽ مڙس مٿير کسي ورتو. سازش ڪري هن کي شهيد ڪيو ويو. ضياءَ جي ان سازش جي نتيجي ۾ سنڌ جي سورهيه سپاهي ۽ سرواڻ کي شهيد ڪيو ويو. 17 جنوري 1987ع تي فاضل راهو کي قاتلن ڪهاڙيءَ جا وار ڪري گولاڙچي ۾ شهيد ڪيو.

 

سينگار جا اولين خالق: ليلا گل لغاري

شروع کان وٺي پنهنجو پاڻ کي سنوارڻ انسان ذات جي اولين خواهش رهي آهي، پنهنجي ارتقائي دور ۾ به اهي پاڻ کي ٺهيل ٺڪيل فطرتي ۽ قدرتي نمونن جيئن سُڪل گاهه، ٻوٽن ۽ وڻن جي پنن، ڇوڏن، جانورن جي هڏن، نهن، کلن، پکين جي کنڀن، سپين، گهنگهن، پٿرن ۽ مختلف رنگن جي ٻجن وغيره سان سجائيندا هيا. ارتقا جي انهيءَ سفر ۾ کوڙ ساري عرصي کان پوءِ حضرت انسان پنهنجي اڳوڻي سينگار جي سامان جهڙيون شيون ڪاٺين، هڏن ۽ پٿرن مان ٺاهڻ شروع ڪيون ۽ وقت جي رٿ تي سوار انساني ذهن اڃا اڳتي هلي سون، چاندي سان گڏ ٽامي ۽ ٻين ڌاتن مان ان جهڙا ئي زيورات ٺاهڻ شروع ڪيا، جهڙا هن جا ابا ڏاڏا پهريندا هئا.جنهن وقت مهين جي دڙي وارو هي شهر پنهنجي عروج تي هيو ته اتان جا باشندا ارتقائي هنرمندي جون منزلون لتاڙيندي سون، چاندي، پتل، بنگار سان گڏ عاج گري، رتن جوتي، جواهر سازي ۽ هر قسم جي آرائشي ڪرت ۽ ڪاريگر کي به ڪمال تي رسايو.مهين جي دڙي مان هٿ آيل ساز و سامان جي هنرمندي کي ويجهڙائي اسان پرکڻ مان انهن ڏاهن ڪاريگرن متعلق سولائي سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٺاهڻ ۽ واپرائڻ وارا سماجي طور تي ڪيڏو نه سائنسي مزاج رکندڙ هوندا. شهري آباديون ڏيک، نماءَ ۽ خوش پوشاڪي ۾ گهڻيون سجاڳ هيون. ان لاءِ ئي سنڌي هنرمند، آبادي جي ضرورتن پٽاندڙ نئين کان نوان نقشا ۽ سينگار جو سامان جوڙيندا رهندا هيا.هنر جا مخصوص نمونا شهر جي مختلف طبقن جي نمائندگي ڪرڻ سان سماجي گروهه کي ٻئي سماجي ٽولي سان ڳنڍيندا ۽ جدا جدا پڻ ڪندا هيا. يعني مختلف سامان سان آبادي جي طبقن جي درجه بندي ڪئي ويندي هئي. اهڙي طرح سنڌي مذهب ۽ تهذيب جون علامتون ٺڪر جي سامان، سينگار ۽ روزمره جي استعمال ٿيندڙ شين تي چٽيون ۽ اُڪريون وينديون هيون ته جيئن معاشري جي مختلف گروهن سان گڏ شهري ۽ ڏورانهين (ڳوٺاڻي) آبادين وچ ۾ ڳانڍاپو قائم رکيو وڃي. شناختي علامتن، شڪلين ۽ نمونن جي نئين سر پيداواري ۽ مختلف خام مال جو استعمال آبادي جي مختلف گروهن کي هڪ ئي تهذيب ۽ عقيدي ۾ پروئڻ ۾ به مددگار ٿيندو هيو. هتي مختلف هنرن ۽ اڻ لڀ سامگري سان حاڪم طبقي يا نوابي گهراڻن لاءِ پهرڻ سجائڻ جا خوبصورت شهڪار جوڙيا ويندا هئا.

سنڌوماٿر جي هن شهر جي جواني واري عرصي دوران مذهبي ۽ سياسي رتبي جي ڏيکاءَ ۽ سڃاڻپ لاءِ دلچسپ شيون ٺاهڻ جي ڊوڙ ڪيترين ئي نين ڪاريگرين ۽ هنرن کي جنم ڏنو، جيئن سائي رنگ جي پٿر جي ٻُڙن کي رڱڻ جو هنر، مختلف پٿرن ۽ هڏن مان ڪڙا ڪولابا ٺاهڻ. جڏهن ته پراڻين حرفتن ۾ نوان نوان لاڙا متعارف ڪرايا ويندا رهيا. فيانسي جي هنر کي وڌيڪ ڪارائتو ۽ بهتر بڻايو ويو. ڪُٽِ جي پيداوار ۾ نوان طور طريقا منظرِ عام تي آيا. اهي ترقي يافته ساز و سامان سنڌو ماٿري جي پري پري تائين پکڙيل سمورن علائقن تائين تجارت خاطر اماڻيا ويندا هئا.هتان هٿ آيل خوبصورت زيور چمڪندڙ ڪُٽِ ۽ فيانسي جون شيون، مختلف هٿرادو مرڪب قيمتي ۽ عام پٿرن تي ٿيل اڪري ۽ تراشي جو ڪم ڪار، ڪاريگري ۽ مهارت سان ٺاهيو ويندو هيو. تن جو معيار ڏسندڙن کي اچرج ۾ وجهيو ڇڏي. ڇو ته اهڙي جوڙجڪ ۽ خوبصورتي اڄڪلهه جي ساِئنسي دور، ۾ بيهارڻ به ڏکي پئي لڳي. هزارين سالن جي جفاڪش پورهين کان پوءِ سنڌي ڪاريگرن جيڪي هنر مندي جو اٽڪلون جوڙيون سي ڪٿي ڪٿي ايتريون ته سڌريل لڳن ٿيون جو اهي پنهنجي جوڙجڪ جي طور طريقن کي لڪائي پيون ڇڏين. جنهن سان ان سلسلي ۾ سنڌي ڪاريگري جي پروڙ ۽ پڙهائي مڪمل ڪرڻ ڏکيو ٿيو پوي.

مڻيا ٺاهڻ انساني حرفت ۾ تمام پراڻو فن آهي. هتي خوبصورت مڻيا يا مڻين جهڙا سينگار جا سامان پٿر، گهونگهي، هڏن، پڪل مٽي، فيروزن ۽ نيري رنگ جي پٿر لاجورد مان ٺاهيا ويندا هئا. هر مڻيو جيڪو آرائشي ۽ نمائشي شين ۾ استعمال ٿيندو هيو سو پنهنجو پاڻ ۾ هنر جو ڀنڊار آهي. سخت پٿر جيئن عقيق ۽ سنگ يشم (پکراج جو قسم) به مڻيا ٺاهڻ لاءِ ڪتب آندا ويندا هئا. انهن ۾ سوراخ ڪرڻ لاءِ سخت ترين ٽامو، پٿر جا ٺهيل برما استعمال ڪيا ويندا هئا. مختلف قيمتي رنگدار پٿرن مان به ٺاهيا ويندا آهن جن مان ڪجهه پٿر اڄ به قيمتي ۽ نيم قيمتي جواهر، رتنن ۾ شمار ڪري سگهجن ٿا.

مڻيا ٺاهيندڙ سنڌي ڪاريگرن، گلابي رنگن جي قيمتي پٿرن کي گرمائش ڏئي سندن رنگ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي نئين اٽڪل ايجاد ڪئي، ان کان علاوه جواهرن جا قدرتي خاڪا ۽ رنگ اجاگر ڪرڻ ۾ به اهي ماهر هئا. عقيقن جي افقي ۽ عمودي پٽن مان وڏي مهارت سان مڻيا ٺهيا ويندا هيا ۽ ڪڏهن ڪڏهن مختلف رنگن جي گهونگهن ۽ پٿرن مان انهن جا نقل پڻ تيار ڪيا ويندا هئا.

چيڪي مٽي، پڪي ٺڪر کان وٺي پٿرن سان ٺهيل سينگار جو سامان، سون چاندي ۽ عاج وغيره سان ٺهيل مختلف ڪڙا ڪولابا ۽ ڪيترن ئي نون مصالحن سان تيار ٿيل شيون سنڌي تهذيب جي شهري ۽ ڳوٺاڻي آبادين ۾ مرد، عورتون، توڙي ٻار وڏي ذوق سان پهريندا هئا. هتان هٿ آيل ڪولابن جا طريقا ۽ نمونا پڻ ٻڌائن ٿا ته ڪيئن انهن وسيلي سماج ۾ رهندڙ ماڻهن ۽ جاتن کي گڏ ۽ الڳ الڳ ڪيو ويندو هيو. ڪولابا يا ڪڙا اڪثر ڪري ٻانهن ۾ پاتا ويندا هئا. ٽي يا چار عموماً ڪرائي وٽ ۽ ٻه يا وڌيڪ ٺونٺ کان مٿي، جڏهن ته ٻنهي ٻانهن ۾ هڪ جيترا ڪڙا پهريا ويندا هئا.ڌات جي ڪڙن کي اڪثر ڪري ٻه طرف کلندڙ ڪنارا هوندا هيا، جن کي زور سان کولي ڪرائي ۾ سولائي سان پائي وري زور ڏئي ڪنارن جا ٻئي ڇيڙا برابر ڪيا ويندا هئا. ڪوڏين ۽ گهونگهن جا ڪڙا بظاهر علامتن طور استعمال ڪيا ويندا هئا، پر انهن ڪڙن جي محدود دريافت ظاهر ڪري ٿي ته اهي سماج جي سڀني فردن لاءِ موجود نه هوندا هئا.

سون جو چڙو عورتن ۽ مردن لاءِ وارن ۾ لڳائڻ جو عام زيور لڳي ٿو. هڪ چڙو پاڻي جي ڦڙي جهڙو جنهن ۾ هڪ سائو رتن سون ۾ فريم ٿيل آهي ان کي ٻاهران ڊگهي نالي آهي. ڪاري ڊانمبر جا نشان ڌيان ڇڪرائن ٿا ته ڪڏهن ان کي ٻي ڪنهن شيءِ جي جڙت به هوندي، ممڪن آهي ته ننڍڙا مڻيا هجن، ان کي ڳچيءَ جي هار ۾ پويو ويندو هجي يا سينڌ تي ٽڪي وانگر، ڇو ته وچ نرڙ تي ٽڪي جهڙي شين جي استعمال جون ڪيتريون ئي نشانيون ملن ٿيون. اها ٽڪي جهڙي شيءِ اڪثر ڪري سون ۽ چاندي جي ٺهيل هوندي هئي. هتان هٿ آيل هڪ هار کي لڙڪندڙ مڻيا نيري فيئانسي، اڇي ياقوت ۽ سون سان ٺهيل آهن. هڪ ٻئي هار ۾ سخت ڪاغذ جهڙي سون جي ٽڪرن تي مڻيا جڙيل آهن. هڪ سوني هار کي مڻين جون ڇهه لڙيون آهن. هڪ ٻئي هار کي هلال، وٿيون ڪندڙ تان سان اندران پونرا سونا مڻيا آهن ۽ پيپ (بندوق جي نالي جهڙي) ساخت جو سائو رتن ڊگهي سنگ يِشم جي لڙڪندڙ ياقوتي مڻين سان ٻڌل آهي، سون جي سنهي تار سان ٻڌل آهن.

دڙي جي کوٽائي مان هٿ آيل پتل يا ٺڪر جي موتين تي ٺهيل زيورن ۽ وارن جو نمونو، انداز و اطورا ڏسي سولائي سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن ماڻهن وٽ ان وقت به ٺاهه ٺوهه ۽ سونهن سينگار جو معيار ڪيڏو ته اونچو هيو، ڇو ته اتان هٿ آيل سڀني مورتين کي هار، چوڙيون، هسڻيون، ڪولابا ۽ والا وغيره پاتل ڏيکاريل آهن. ڪيترين ئي عورتن جون مورتيون ۽ مجسما اگهاڙا پر زيورات سان ڀريل ۽ وارن جي مخصوص اسٽائل سان مليا آهن. هتان هٿ آيل رقاصه ڇوڪري جي مجسمي جو ئي مثال وٺو جيڪو آهي ته اگهاڙو پر هن جي ڳلي ۾ ڊگهو ايتري مقدار ۾ پهريل آهن جو سندس اوگهڙ ڍڪجي وئي آهي. سندس انداز سحر انگيز ۽ شوخي ٻين تهذيبن جي دريافتن کان مختلف آهي. اهڙي طرح ٻيا هٿ آيل مجسما به جوڙن، سربندن، ڳورين چوڙين، هارن، والن ۽ مختلف زيورن سان پوري طرح آراسته مليا آهن، ديويون گهڻو ڪري ننڍڙو چولو پائينديون هيون، جڏهن ته پوڄاري عورتون گوڏن کان هيٺ تائين ڊگها لباس پهرينديون هيون. عام عورتون به پنهنجو پاڻ کي گهڻو سجائينديون هيون. هنن وٽ مختلف قسم جا جوڙا ٺاهڻ جون ترڪيبون عام استعمال هيٺ هيون، ته وار گهنڊيدار ڪرڻ جي طريقن کان به واقف هيون. سونهن لاءِ زيورن ۽ ڪپڙن جو نماءُ عورتن سان گڏ مردن ۾ به سرس پيو لڳي، هتان هٿ آيل پروهت جي مجسمي جي ٻنهي ڪلهن ۽ ڇاتيءَ تي اجرڪ جهڙي چادر پاتل آهي. جنهن تي ڪپهه جي داڻن يا ڦٽين جهڙو ڀرت ڀريل لڳي ٿو، سندس پيشاني ۽ ٻانهن تي گول تعويذ جهڙو گول زيرو به نمائشي ٻڌايو وڃي ٿو. سندس وارن کي سليقي سان وچان سينڌ آهي ۽ ڏاڙهي جا خط به ورتل ظاهر ٿين ٿا.ان کان علاوه ڪيترائي ٻيا مختلف نمونن جا هار، سنڌي ڪاريگرن جي مهارتي لياقت کي ظاهر ڪن ٿا. اهي قيمتي شيون ظاهر ڪن ٿيون ته هن تباهه ٿيل شهر جا باشندا پنهنجي آرائش، سينگار ۽ نماءَ متلق باشعور ۽ خبردار رهيا هوندا.

سنڌي زيورات هتان جي باشندن ۽ نوابي گهراڻن جي هنري قدرن ۽ هنرمندن جي ڪاريگري حاصلات جا پرتو آهن جيڪي قيمتي جواهرن ۽ ڌاتن تي ڪم ڪندا هئا. انتظامي ۽ سياسي وارثن جا والي پنهنجي مان ۽ مرتبي جي حساب سان مهرن، زيورات ۽ ٻيو قيمتي سامان پهريندي شهر جي نمايان علائقن ۽ صاف عمارتن ۾ رهندا هوندا.جڏهن ته روايتي راڄن ۾ فيشن رڳو نماءُ نه پر سماجي ڌڙن جي چڱي طرح وهنوار لاءِ به ضروري هوندو هئو. قيمتي پٿر ۽ ڌات اڪثر ڪري فيشن طور استعمال ٿيندا هئا، جن تي اهم رسمون، تهوار ۽ علامتي نشانيون اڪريون وينديون هيون. جيڪي پهريندڙ کي تحفظ ڏيڻ يا ان جي سماجي ۽ اقتصادي سڃاڻپ ڪنديون هيون ۽ ان صورت ۾ قيمتي شيون وٺي امير گهراڻا پنهنجي دولت جو ذخيرو پڻ ڪندا هيا. سينگار جي سامان جي معياري خاڪن ۽ نمونن سان سماجي ۽ مذهبي معنائون پڻ منسلڪ هونديون هيون ان لاءِ اهي گهڻي ئي عرصي لاءِ قابل تقليد ۽ پائدار هوندا هئا.

جيئن ته مروجه سينگارن لاءِ زيوارت لازمي جز هوندا هئا. ان لاءِ زيوارت جا سستا نقل ۽ نمونا به آساني سان ملي ويندا هئا. اصلي ۽ قيمتي پٿرن جي نقل ٿيل زيورن جو نماءُ به اصلي زيورن جيان ئي ڪيو ويندو هيو ڇو ته اڄڪلهه جيان ان وقت به رڳو خوشحال طبقو ئي سون ۽ قيمتي جوهرن جي استعمال جو اهل هوندو هيو.زيورن جو نماءَ لاءِ استعمال ايترو ئي پراڻو آهي جيتري بذات خود تهذيب. سنڌو ماٿري ۾ هن سونارڪي ڪم ۽ ڪسبي زيورات سازي جي ڪاريگري صدين کان ترقي ڪندي رهي آهي. سنڌي زيورن جو هن تهذيب جي تباهه شده شهرن مان لڀڻ ان ڳالهه جي ثبوت لاءِ ڪافي آهي جيڪو اسان جي گم ٿيل ماضي جو ورثو آهي.قديم سنڌي زيورن جي ڪاريگري، گهڙت، خوبصورتي ۽ پائيداري اڄ به نه رڳو ڏسندڙ کي حيران ڪريو ڇڏي پر پنهنجي هنرمند خالقن جي مهارت جي ضامن هجڻ سان گڏ استعمال ڪندڙ جي خوش ذوقي جي شاهدي پڻ ڏئي ٿي.

 

ٽياڪڙي جو مثب فيصلو

وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ميدان ۾ اچي ويا آهن، ٻئي اڳواڻ ٻنهي ملڪن جو هنگامي دورو ڪري اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪندا ۽ ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀائيندا. ميڊيا رپورٽن مطابق وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سعودي عرب جي دوري کانپوءِ ايران ويندا، جتي هو ايران جي صدر حسن روحاني سان ملاقات ڪندا ۽ ايراني موقف وٺڻ کانپوءِ سعودي عرب روانا ٿي ويندا، سفارتي ذريعن مطابق وزيراعظم ۽ آرمي چيف سعودي عرب ۾ بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ڪندا ۽ کيس ايراني موقف ٻڌائڻ سميت ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ تي راضي ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪندا، وزيراعظم ۽ آرمي چيف ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، ذريعن موجب وزيراعظم نوازشريف سعودي قيادت کي يقين ڏياريندو ته جيڪڏهن سعودي عرب جي سالميت کي ڪوبه خطرو ٿيو ته پاڪستان سعودي عرب سان گڏ هوندو، ٻنهي اڳواڻن سان ان دوري دوران پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار طارق فاطمي به گڏ هوندا. ذريعن مطابق ٻئي اڳواڻ هڪ ڏينهن جو دورو پورو ڪري اڱاري ڏينهن واپس ڏيهه ايندا، جنهن کانپوءِ اربع ڏينهن وري وزيراعظم نواز شريف سوئٽزرلينڊ روانو ٿي ويندو، جتي عالمي اڳواڻن سان ان ئي معاملي تي سندس ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ان کان اڳ سعودي وزير دفاع محمد بن سلمان ۽ پرڏيهي وزير عادل بن الجبير حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جو دورو ڪري چڪا آهن، پاڪستان ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي معاملو حل ڪرائڻ لاءِ مثبت ۽ متوازن ڪردار ادا ڪرڻ جو اشارو ڏئي چڪو آهي. واضح رهي ته سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ شيعه عالم شيخ نمر باقر النمر جو سر ڌڙ کان ڌار ڪرڻ کانپوءِ لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي آهي.