تازيون خبرون

Monthly Archives: January 2016

عزير جو الميو ۽ صولت جا صدما!: شفيق شاڪر

وقت جو وهڪرو به ڪيڏو نه بي رحم آهي جيڪو ڪالھ جي سمورين دوستين  کي دشمنين ۾ ماضيء جي دشمنين کي دوستين ۾ بدلائيندو اڳتي وڌندو رهي ٿو. اهي جيڪي ڪڏهن آشنا هئا ، جن کان سواء ساعت نه سرندي هئي اهي هوائن جو رخ بدلجندي ئي ڪهڙيء طرح اجنبي بڻجي وڃن ٿا اهو سلوڪ ايترو ته عام ٿي ويو آهي جو هاڻي ان قسم جي ڪنهن بي رخيء تي ڪنهن کي به ڪا حيرت نٿي ٿئي.ستم اهو ئي ناهي ته ڪجھ ماڻهو ٻين جي سهائتا ڪندي خود حالتن جي ستم ظريفين هيٺ سڙي ويا پر وڏو صدمو اهو آهي جو سڀ ڪجھ سنگت ۾ صدقو ڪرڻ باوجود جڏهن انهن پنهن جي آسپاس ڏٺو ته پوري سنگت انهن کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.اهو الميو صرف عزير بلوچ سان ئي پيش ناهي آيو پر صولت مرزا کي به ڪئين سنگدلن سڃاڻڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو هوجو مفادپرستن جي دنيا جو اهو ئي دستور ۽ موقعا پرستن جي محفل جي اها ئي پراڻي ريت رهي آهي. سوال اهو ناهي ته عزير بلوچ يا صولت مرزا انسانيت جي دنيا ۾ ڪهڙا ڪهڙا آزار پيدا ڪيا،ڪيترا گھر ويران ۽ ڪيترا چمن برباد ڪيا پر سوال اهوآهي ته اهي ڪهڙا قهري هٿ هئا جن انهن کي پنهن جن آڱرين تي نچايو،انهن کي طاقت ۽ توانائي مهيا ڪئي ۽ انهن جي ڪرمنل ڪردار مان پنهن جي سينڌ سنواري ۽ پنهن جا اڱڻ آباد ڪيا.اسان جي قانون جي مجبوري اها آهي جو اهو صرف ڪردارن لاء ڪوڙڪيون وڇائي ٿو پر هر حادثي جا حرفتي هدايتڪار هر بار قانون جي ڪمزور ڦنڌن مان نڪري وڃن ٿا.

چوڻ لاء ته صولت مرزا، ڊاڪٽر عاصم ۽ عزير بلوچ جي آتم ڪٿا ۾ ايترو ڪجھ موجود آهي جو ڪنهن مهذب معاشري جي انهن عجوبن جيڪي سماج جي سڀني  طبقن کان وڌيڪ معزز هئڻ جا دعويدار هجن تن جي لاء شرم وچان ڪنڌ جھڪائڻ لاء ڪافي آهي پر جنهن معاشري ۾ رڳو اصول ئي نه پر ضمير به بدلبا هجن ان معاشري ۾ پنهن جي جان ڇڏائڻ لاء سالن جي ياراڻن کان منڪر بنجڻ ڪا حيرت جوڳي ڳالھ نه هئڻ گھرجي.اڄ جي هن اطلاعاتي دور ۾ جتي ميڊيا جون سي سي ٽي وي ڪيمرائون هر وقت سرن تي سوار رهن ٿيون ۽ ڪو ڪرتوت انهن جي اک کان لڪيل نٿو رهي، ٽي وي اسڪرين تي ڊوڙندڙ محبت ڪهاڻين جا اهي سڀ ڪردار جيئرا جاڳندا نظر اچڻ باوجود به جيڪڏهن پوء به ڪي انڪار جي جرئت رکن ٿا ته  انهن جي اهڙي همت ۽ حوصلي تي انهن کي داد نه ڏيڻ ڪنجوسائپ آهي.اهي سچ ڇو ڳالهائين جو ڪوڙ ڳالهائڻ سان اهي بار بار بچندا آيا آهن.

ميڊيا آخر ڇا ٿي ڪري سگھي، نه ڪنهن کي پڪڙي سگھي ٿي ۽ نه ئي ڪنهن کي سزا ٿي ڏيئي سگھي .ميڊيا اهو ئي ڪري سگھي ٿي جيڪو هوء ڪري رهي آهي. انهن جي هر ڪوڙ کي ڪوڙ ثابت ڪندي رهي آهي پر انهن جو حساب ڪتاب ڪرڻ ۽ انهن جي دوکيبازيء ڀريل حرڪتن جي سزا يا ته کين رياستي قانون ڏيئي سگھي ٿو يا اليڪشن جي وقت عوام پر حقيقت آهي ته انهن کي سزا ملي نٿي،نه رياستي قانون طرفان ۽ نه ئي عوام طرفان.هي ڪي عام رواجي ڏوهاري ناهن پر اهڙن مجرمن سان لاڳاپا رکندا رهيا آهن جن جي باري ۾ اهي ڄاڻن ٿا ته اهي انساني جانين سان کيڏندا رهيا آهن نه رڳو لاڳاپا پر انهن کي پنهن جن سياسي توڙي ذاتي مفادن لاء استعمال ڪندا رهيا آهن پر انهن کي سماجي استشنا حاصل آهي جو اهي اسان جي اشرافيا آهن.اڄ انهن جي چهرن جي تاثرن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته اهي مجرمن سان لاڳاپن سان انڪار جي حوالي سان صريح ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن.

اڳين قومن جي تباهي ۽ برباديء جو وڏي ۾ وڏو سبب جيڪو تاريخ ٻڌائي ٿي سو اهو ته اهي ڪمزورن کي سزا ڏيندا هئا ۽ ڏاڍن کي ڇڏي ڏيندا هئا.اسان جي معاشري ۾ به اها ئي انڌير نگري هلندي پيئي اچي. ڦاهو جنهن جي ڳچيء ۾ پورو ٿئي انهيء کي وڌو وڃي ٿو.ڪنهن به قانون پسند شهريء کي نه ته صولت مرزا سان ڪا همدردي هئي نه ئي عذير بلوچ جي لاء ڪا نرمي پر ڪنهن صولت جي ڦاسيء چڙهڻ ۽ ڪنهن عزير  جي سزا کائڻ سان ڇا سماج مان ڏوه ختم ٿي ويندا؟ اهي ظالم هٿ جيڪي انسانن جي خون جي هولي کيڏڻ جي کيل پويان هدايتن جو پورو اسڪرپٽ لکندا رهيا آهن انهن تي اڄ به دستانا چڙهيل آهن جو بيگناهن جي خون جي ڪا لڪير انهن جي هٿن تي نظر نٿي اچي.

اهي خونخوار هٿ جيستائين سلامت آهن انهن کي آئنده به سوين صولت ۽ انيڪ عزير ملندا رهندا. جيڪڏهن ڪنهن اداري ۾ واقعي اڄ اهو احساس اڀريو آهي ته گھڻو ٿيو، هاڻي ماڻهن کي سک سان ۽ آزاديء سان ساھ کڻڻ ڏنو وڃي ته اهو احساس ڪنهن فيصلائتي تبديليء جي صورت اختيار ڪري نه سگھندو جيستائين انهن ڏوهاري ڪاروائين جي ماسٽر مائينڊ مجرمن ۾ هٿ نٿا وڌا وڃن انهن جي هر قسم جي رسد توڙي مدد جا گھيڙ گھاٽ بند نٿا ڪيا وڃن. عزير اڳ۾ ئي ادارن وٽ هو يا هاڻي گرفتار ڪيو ويو اهي ٻئي سوال عوام جي لاء ڪجھ به معنى نٿا رکن جيستائين ان ڪهاڻيء جو انت ڪنهن نتيجا خيز منظر تي نٿو ٿئي. پر جيڪڏهن عزير کي به صرف ڪن سياسي ڌرين جي بليڪ ميلنگ جي لاء استعمال ڪيو ويو ته دهشت ۽ بدامنيء جي ستايل هن عوام سان ان کان وڏيڪ ٻي ڪا ويساه گھاتي نه چئبي!

 

 

سنڌ جي مسئلن جو ذميوار ڪير آهي: اصغر ملاح

انسان کي الله پاڪ عقل ڏنو ۽ اشرف المخلوقات جو درجو ڏنو ۽ سموري مخلوق کان هر ساهه واري شئي کان انسان کي افضل ڪيو علم،  عقل، ڏاهپ، دانائي، خيال، خواب، سندس مريد ڪيا انسان عقل  جو سفير  سڏجي ٿو جيڪو سڄي  دنيا کي هلائي ٿو ۽ سڄي ماحول کي ٿو  بدلائو  خلائي  سيارن  تي وڃڻ سميت چنڊ کي زمين  ٿيڻ  سيکاري ٿو حماليه  جي چوٽين کي ٿو هٿ لائي ٿو لوهن کي ڊڪڻ  سيکاري ٿو نانگن کي نچڻ سيکاري ٿو انسان جي واکاڻ  ڪبي ته ڪئين  ڪورا ڪاغذ ڪارا ٿي ويندا قلم جي سموري مس ختم  ويندي انسان  جي واکاڻ نه کٽندي الله تعالى انسان جي پيدا ڪرڻ وقت انسانن کي جزا ۽ سزا جا سبق سيکارڻ لاءِ دوزخ ۽ جنت پيدا ڪيا آهن ۽ پنهنجن پيارن پيغمبرن کي انصاف ۽ امتحان جي ڪٽهڙي بيهاريو جنهن ڪري ڪو نبي سڳورو جنت مان نڪتو ڪنهن نبي سڳوري کان پٽ جدا ٿي ويو ڪو نبي سڳورو بيمار رهيو ته ڪو نبي سڳورو مڇي جي پيٽ ۾ رهيو الله پاڪ پيغمبرن کي انصاف ۽ امتحان جي ڪٽهڙي بيهاريو ته جئين انسان سبق حاصل ڪن. انسانن لاءَ جزا ۽ سزا جو عمل ضروري آهي نه ته برائين جا بنياد  پوندا رهندا جنهن  ملڪ ۾ سياست ۾ پئسي جي  مداخلت ٿيندي ته پوءَ بدعنوان حڪمران طبقو بدعنوان رياست کي جنم  ڏيندو آهي عوام  کي  انصاف ڪٿان ملندو دنيا جي ملڪن ۾سياسي پارٽين جو منشور ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ هوندو آهي۽ عوام کي بنيادي سهولتون درن تي انصاف پهچائڻ ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ  شامل هوندو آهي هر سياسي پارٽين جي منشور ۾ ملڪ مان غربت بيروزگاري  جو خاتمو  ڪرڻ هوندو آهي. پر افسوس  21 صدي ۾ ساهه کڻڻو پيو پر ترقي يافته قومن کان گهڻو پوئتي آهيون اسان جي ملڪ سان گڏ جيڪي ملڪ آزاد ٿيا اهي ملڪ سالن کان ترقي ۾ آهن ۽ اتان جو عوام به خوشحال آهي ۽ قانون جي حڪمراني به آهي عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي. ته اسان جي ملڪ جي حڪمرانن سياستدانن، سرمائيدارن، صنعتڪارن، جاگيردارن، اڌ صدي کان ملڪ اندر مضبوط نيٽورڪ قائم ڪري ڇڏيو آهي جيڪي ڪجهه خاندان عوام تي حڪومت ڪرڻ پنهنجو حق سمجھن ٿا.

ملڪ ۽ عوام کي ترقيءَ ۽ خوشحالي جي راهه تي آڻڻ بجاء سرڪاري عهدا ماڻي پنهنجون زندگيون آسائش سان گذاري رهيا آهن ۽ خالق جهان جي خلق لاءِ فطري اصولن کي پاسيرو رکي شهرن ۾وڏين سياسي پارٽين ۽ ٻهراڙين ۾ وڏيرن، جاگيردارن، سرمائيدارن کي پراڻي زماني جون بادشاهيون ٺاهي ڏنيون آهن سموريون تڪليفون، ڏک، مصيبتون، بک بدحالي، بيماري، بيروزگاري غريبن جو مقدر بڻيل رهي آهي جتي اڪثر غريب عوام لاءِ انصاف جا دروازا بند پيل آهن اها ڳالهه ته ڪنهن کان ڳجهي نه آهي سنڌ جو ٿر پارڪر ڏکن  جو اهڙو داستان  رهيو آهي جتي جي عوام کي ڪهڙو به دور هجي سک گهٽ پر ڏک سدائين ٿرين جا مهمان هوندا آهن جتي  بک بدحالي خوراڪ  پاڻي  علاج جي هميشه  کوٽ رهي آهي ٿر بنيادي  انساني سهولتن  کان  محروم رهيو  آهي جيڪا  سڀني کي  خبر آهي. پرهن  وقت ٿر  جي سخت تشويشناڪ  صورتحال آهي  معصوم  گلن  جهڙا ٻار  فوت  ٿي  رهيا  آهن برطانوي رسالي جي رپوٽ موجب دنيا ۾ سڀ کان  وڌيڪ مئل ٻار پاڪستان  ۾  ڄمن ٿا  پاڪستان  ۾ روزانو  3287 ٻار مئل  حالت ۾ پيدا ٿين ٿا.  ۽ انهن پيدا ٿيندڙ ٻارڙن  جو  موت  جو گهڻو ڪارڻ  ٻارڙن کي  جنم ڏيندڙ مائرن کي  مناسب طبي سهولتون نه ملڻ  خوراڪ جي کوٽ ۽ رت  جي ڪمي چيو وڃي ٿو .

طبي ماهرن  مطابق ٻار جي  صحت جو  ظامن  ماءُ جي  ٿڃ آهي جنهن  ماءُ کي  ٻار کي پيارڻ لاءَ ٿڃ  نه  هجي ڪيئن صحت  مند  اولاد  پيدا ڪندي  جيڪر ماءُ کي خوراڪ ملي ته ٻار کي به ٿڃ ملي ٿر ۾ مائرن کي گهربل کاڌ خوراڪ نه ٿي ملي. صحيح  خواڪ نه  ملڻ  سبب مائرون ڪمزور ٻار  کي جنم  ڏين ٿيون ڪمزور ٻار  بي رحم حالتن  جو  شڪار ٿي وڃن ٿا. ٿر ۾ روزانو معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري وڌندڙ انگ کي وقت جي حڪومت روائتي انداز ۾ ڏسي رهي آهي ٿر بابت وقت جي حڪومت جي ته اها دعوي! وقت به وقت رهي آهي  ته انهن تي رڪارڊ ڪم ڪرايا آهن. سنڌ جي وزيراعلي! سميت  سنڌ جا کوڙا سارا وزير ۽ مشير وقت بوقت ٿر جودورو  ڪندا رهيا آهن. ۽ ميڊيا تي اها اشتهاري مهم به هلائي پئي وڃي ته ٿر ۾ روڊ رستن  جا ڄار وڇايا ويا آهن ٿر ۾  پئيڻ جي صاف پاڻي جا پلانٽ لڳايا ويا آهن. ٿر ۾صحت جون بنيادي سهولتون وڏي پئماني تي ڏنيون پيون وڃن اسپتالن ۾ عملي جي کوٽ  نه آهي جڏهن ته انساني جانيون بچائيندڙ دوائون  موجود آهن پوءَ ڇو ٿر  تان موت جو راڪاس ٽري  نه ٿو اڄ به   ڇو ٿر جا  ماڻهو بک بيمارين  جو شڪار آهن  آخر اهي ڪهڙا سبب آهن جو اڄ به ٿر جي معصوم ٻارڙن  جو موت ٿي رهيو آهي سرڪارکي گهرجي ته. بنا دير پٺتي  پيل ٿر جي علائقن ۾ نه رڳو مناسب  طبي سهولتن جو  بندوبست ڪيو وڃي پر ان سان  گڏو گڏ ڳورهاري عورتن کي سرڪاري  سطح تي  ڪي اهڙيون دوائون  يا خوراڪ  فراهم ڪئي وڃي.ته وڌيڪ ٿر جا معصوم  ٻارڙا  وقت کان اڳ موت جو کاڄ نه بنجي وڃن حڪمرانن کي گهرجي ته بنا دير ٿر جي صورتحال جو جائزو ورتو وڃي  بيشڪ مارڻ  جيارڻ  الله پاڪ جي هٿ ۾ آهي پر ڪنهن به بي گناهه انسان يا ٻار  جي غفلت  سبب  جان وڃائڻ  جو پڇاڻو خدا وٽ ضرور ٿيندو  سنڌ جو عوام سائنسي ترقي يافته دور ۾ به ڪيترن ئي بحرانن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن اڌ صدي کان هن وقت تائين عوام سان ٿيندڙ ناانصافين جو قصو ساڳيو پيو هلي عوام دانهيو آهي ته  .ذميوارن ڪرپشن ڪندڙن نااهلي ڪندڙن کي ملڪ جي آئين تحت قانون موجب سزائون نه ڏنيون وينديون تيسيتائين عام ماڻهو کي انصاف نه ملندو عوام دانهيو آهي ته موجوده ۽ اڳوڻن حڪمرانن چونڊيل نمائيندن ۾ فرق نه آهي،

اليڪشن جي وقت حڪمرانن مان عوام کي لکين اميدون هيون ته اهي سنڌ جي عوام جي ڀلائي بهتري لاءَ اهي اثرائتا ۽ عملي قدم کڻندا آهن جنهن سان بيوس عوام جي داد رسي ٿئي مهانگائي، بيروزگاري بجلي جي لوڊشيڊنگ، ڪرپشن .امن امن  جي مسئلا حل ٿيندا جن جي ڪري عوام جو ساهه مُٺ ۾ آهيسنڌ ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي جي اضافي، روزگار جا وسيلا گھٽ هجڻ سبب غربت ۾ به ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهي ٿو. سنڌ جي عوام اڪثريت غربت جي لڪير هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي سنڌاندر بيروزگاري آمدني جو گھٽ هئڻ سبب اڪثر عوام بک بدحالي مفلسي جو شڪار رهيا آهن۽ بڻيل آهن هاڻي مهانگائي سبب کاڌي جي شين ۾ جيڪو قيمتن جو اضافو ختم ٿيڻ جا آثار يا امڪان نظر نه ٿا اچن کاڌي ۽ روزمره استعمال جي شين ۾ گھٽتائي بجاءِ اضافو ٿيندي هر روز نظر اچي ٿو دهشتگردي ۽ انتهاپسندي ڪرپشن ڪنٽرول کان ٻاهر آهي لاقانونيت جو راڄ آهي  جنهن سڄي قوم جي چيلهه چٻي ڪري وڌي آهي وفاقي ۽ صوبائي سرڪار جي ماتحت مختلف کاتن ۾ ڪرپشن ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻي ويا آهن هر دؤر ۾ هتان جي چونڊيل نمائندن عوام جي ڀلائي، بهتري، ترقي، خوشحالي لاءِ ڪوششون ورتيون آهن اهي ڪوششون ڪنهن کان لڪيل ڇپيل به نه آهن. جيڪي عوام کي بنيادي سهولتون ڏيڻ جا پابند آهن.سنڌ جي عوام کي بنيادي سهولتون ڏيڻ لاءِ صوبائي سرڪار جي ماتحت مختلف کاتن کي هر وقت جي سرڪار پاران اربين روپين جا فنڊ جاري ڪيا ويندا آهن ته جيئن غربت کي ختم ڪري سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جي غريب عوام کي بنيادي سهولتون تعليم،صحت،پئيڻ جو صاف پاڻي، ۽ بي روزگارن کي روزگار ملي روزگار ۽بنيادي سهولتون ڏيڻ لاءِ سرڪار پاران ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ويون آهن پر غريبن کي فائدو اٽي ۾ لوڻ برابر پيو آهي. اڪثر پروگرام ۽ اسڪيمون ڪامورن جي ور چڙهي وينديون آهن ۽ عوامي ڀلائي واري هر قدم کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو آهي سرڪاري فنڊ جيڪي اڪثر عوام تي خرچ ٿيڻ بجاءِ ڪامورن ۽ ڳجھن هٿن جي ور چڙهي ويندا آهن ڳالهه ڪجي عوام کي ملندڙ بنيادي سهولتن جي پبلڪ هيلٿ کاتي جي نگراني هيٺ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ واٽر سپلائي اسڪيمن سميت لاتعداد ترقياتي اسڪيمون منظور ڪرايون آهن 60 ڪروڙ جي لاڳت سان دادو شهر جي لکين ماڻهن جي آبادي لاءِ گندي پاڻي جي نيڪالي لاءِ ڊرينيج اسڪيم جي نئين سر منظور ڪيون ويون. جيڪي اڄ ڏينهن تائين رولڙي جو شڪار آهن شهرن ڳوٺن کي ويجهو آڻڻ لاءِ روڊ رستن جون جيڪي نيون اسڪيمون منظور ڪيون ويون هيون ۽ ان لاءِ عربين رپيا بجيٽ منظور ڪئي وئي هئي ٺيڪا من پسند ٺيڪيدارن کي ڏيڻ ايڊوانس ڪميشن وصولي ڪرڻ ۽ ترقياتي اسڪيمن جي نگراني نه ٿيڻ سبب روڊ رستا توڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ کنڊرن جو ڌيک ڏئي رهيا آهن جنهن سبب عوام صحيح عام درآفت جي سهولتن کان محروم ٿي ويا آهن ترقياتي ڪمن لاءِ سنڌ سرڪار پاران  مختلف کاتن کي ساليانو ڪروڙين روپيه ملن ٿا اهي ڪيڏانهن وڃن ٿا ان بابت انگ اکرن جي راند کيڏندڙ مقرر ٿيل  من پسند ڪامورا ئي ٻڌائي سگهن ٿا. پر جي کين کان پڇا ڳاڇا ڪجي ٿي ته اهي وري قصا اهڙا ٻڌائين ٿا جو پڇڻ واري کي ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن عوام کي اکين ۾ ڌوڙ وجھي سالن کان سرڪاري بجيٽ بغير ڪنهن ڊپ ڊاهه جي ڪوڙي ڪاغذي ڪاروائي ڪري غرق ۽ هڙپ ڪري وڃن ٿا هر دؤر ۾ نا مڪمل اسڪيمن کي مڪمل ڄاڻائي سدائين سرڪار جا ڪروڙين رپيه ضايع ٿيندا رهيا آهن خبر نه آهي ته ڪامورن ۾ ڪهڙا گُر آهن جيڪي سالن کان سرڪاري کاتن جا اڇي ڪاري جا مالڪ بڻيل آهن سياسي پٺڀرائي حاصل هئڻ سبب اڪثر ڪامورا پاڻ کي طاقتور سمجھندا آهن ۽ عوام کي اکيون ڏيکارڻ شروع ڪندا آهن پر جيڪڏهن ڪو ڪامورو بدلي ٿي ويندو آهي ته انهيءَ جي جاءِ ته اهڙو ئي ايندو آهي جهڙو اڳ ۾ مقرر ٿيل هوندو آهي جيڪا مقرري به چونڊيل نمائندن جي مهرباني سان ٿيندي آهي، مقرر ٿيل ڪامورا جيڪي ملڻ جلڻ جا مخلص نظر ايندا آهن باڪي سرڪاري فنڊ هڙپ ڪرڻ ۾ مهارت رکندڙ هوندا آهن جنهن جا ڪيترائي مثال موجود آهن عوام کي بنيادي سهولتون، امن، انصاف، روزگار مهيا ڪري ته عوام لا بهتر هوندو  ترقياتي اسڪيمن سان جيڪي ڪامورن ۽ سندن عملي ڪلور ڪيا آهن گھٽ نه ڪئي اٿن سنڌ جي بجيٽ کي اُڏهي وانگر کائي پٽي ناس ڪري پنهنجا خالي خزانه ڀري ڇڏيه اٿن پر سوال اهو آهي ته عوام جي ڀلائي، بهتري لاءِ اربين رپين جي اسڪيمن نگهباني ڪرڻ به ته چونڊيل نمائندن جي ذميواري آهي سنڌ سرڪار کي گھرجي 10 سالن کان ٿيندڙ بي قاعدگين جي اعلى سطحي تحقيقات ڪرائي سرڪاري فنڊ هڙپ ڪندڙ ڪامورن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ته جيئن قوم جو هڙپ ٿيل پئسو واپس ڪرائي انصاف جا مثال قائم ڪري عوام سياستدانن ۽ حڪمرانن کان پڇڻ جو حق رکي ٿي ته سالن کان تبديلي جي وقت بوقت دعوى ڪئي ويندي جيڪا عوام سالن کان ٻڌي رهيو اُها تبديلي ڪڏهن ايندي. جنهن معاشري ۾ انصاف ڏيندڙ ادارن جي ڪامورن کان وٺي چونڊيل نمائندن ۽ پٽيوالن تائين ڪميشن وٺڻ حق بڻجي وڃي معاشري جو هر فرد ڪرپٽ ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو وفاقي صوبائي سرڪار جي ماتحت مختلف کاتن مان ڪارين رڍين  جو صفايو  ڪن اهل  ايماندار  عوام  دوست ڪامورا مقرر ڪن ته عوام سان ٿيندڙ ناانصافيون ختم ٿين هاڻي ٻيو ڪو رستو نه آهي

 

ASGHAR MALLAH

03337072052

Email: mallah asghar @ yahoo . com

 

 

عذير بلوچ جي گرفتاري

لياري امن ڪميٽي جو سربراهه عـُذير بلوچ کي گرفتار ڪيو ويو، رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته عــُذير بلوچ کي ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيڻ وقت گرفتار ڪيو ويو. رينجرز ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته لياري گينگ وار جي سربراهه عذير بلوچ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. عذير بلوچ کي ڪراچي جي ٻاهران ان وقت گرفتار ڪيو ويو جڏهن هـُو شهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. عذير بلوچ جي قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن جڏهن ته کيس اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. عذير بلوچ قتل، قتل جي قدمن، ڀتي خوري ۽ اغوا سميت 50 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ پوليس کي انتهائي گهـُربل هو ۽ هـُو تمام گهڻي عرصي کان روپوش هو جڏهن ته سندس سِر تي 50 لک رپيا انعام رکيل هو، عذير بلوچ 2013ع ۾ ٽارگيٽ ڪلرز ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن شروع ٿيڻ تي پرڏيهه فرار ٿي ويو هو. عــُذير بلوچ کي انٽرپول جي مدد سان دبئي ۾ گرفتار به ڪيو ويو هو ۽ ڪراچي پوليس جي ٽيم ارشد پپو قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار کي پاڪستان منتقل ڪرڻ لاءِ دبئي به وئي هئي پر عذير بلوچ ڏيهه منتقل نه ٿي سگهيو. لياري گينگ وار جي سربراهه رحمان ڊڪيت جي مارجڻ کانپوءِ عـُذير بلوچ کي گينگ وار جو سربراهه بڻايو ويو هو جڏهن ته عذير بلوچ پيپلز امن ڪميٽي جو سربراهه پڻ رهيو.

لياري گينگ وار جي گرفتار اڳواڻ اڳوڻي وزير اعظم بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي مُک شاهد خالد شهنشاهه ۽ ارشد پپو سوڌو 400 کان وڌيڪ ماڻهن جو قتل قبولي ورتو آهي، لياري گينگ وار جي مُک اڳواڻ عزير بلوچ پڇاڳاڇا دوران اهم انڪشاف ڪيا آهن، جن ۾ بينظيرڀٽو قتل ڪيس جي مک  شاهد خالد شهنشاهه ۽ لياري ۾ پنهنجي مخالف گروهه جي اڳواڻ ارشد پپو سوڌو 400 کان وڌيڪ ماڻهن جو قتل قبوليو آهي.عزير بلوچ ڪيترن ئي اهم رازن تان پردو کڻندي ٻڌايو ته لياري جي علائقي گاهه منڊي ۾ هلندڙ جوئي جي اڏن مان ملندڙ اپت جو هڪ وڏو حصو پوليس آفيسرن ۽ حڪومتي شخصيتن کي به ويندو هو.جڏهن ته لياري گينگ وار جا ڪارڪن وارداتن لاءِ پوليس جون گاڏيون به استعمال ڪندا هئا. انکانسواءِ عزير بلوچ لياري ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي ڪارڪنن کي پئسن بدلي پناهه ڏيڻ  وارو ڏوهه  به قبوليو آهي.

 

سياسي جهيڙن کي قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۾ رنڊڪ بڻجڻ نه ڏنو ويندو: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) سياسي جهيڙن کي قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۾ رنڊڪ بڻجڻ نه ڏنو ويندو، دهشتگردي خلاف جنگ پوري عزم سان جاري رکي ويندي ۽ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي: وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ فيصلا، نواز شريف تعليمي ادارن جي سڪيورٽي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن کي معصوم ٻارڙن جي زندگين سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.اجلاس ملڪي صورتحال سميت ٻين معاملن تي غور ڪيو ويو.  اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، اسحاق ڊار، پرويز رشيد، احسن اقبال ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ذريعن موجب اعليٰ سطحي اجلاس دوران اختيارين وزيراعظم کي چارسدا سانحي جي شروعاتي جاچ رپورٽ پيش ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ دهشتگردي خلاف هلندڙ ڪارروايون جو جائزو ورتو ويو، ان کانسواءِ آرمي چيف جي ملازمت ۽ رينجرز اختيارن ۾ واڌ واري معاملي تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس دوران گهرو وزير چوڌري نثار ۽ خورشيد شاهه وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي حوالي سان به غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس کان اڳ گهرو وزير چوڌري نثار وزيراعظم سان ملاقات به ڪئي. ذريعن موجب چوڌري نثار سنڌ سرڪار سان اختلافن بابت وزيراعظم کي پنهنجي موقف کان آگاهي ڏني.

 

90 واري سياست کي ورجائڻ نواز شريف جي وڏي غلطي هوندي: بلاول ڀٽو

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پنجاب انتظاميا طرفان ڏکڻ پنجاب ۾ پيپلزپارٽي جو مينديٽ چوري ڪرڻ لاءِ جاري هٿ چُراند جي مذمت ڪندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڏکڻ پنجاب ۾ پارٽي جو مينڊيٽ تسليم نه ڪيو ويو ته پوءِ پارٽي وٽ سمورا آپشن کُليل هوندا،  بلاول ڀٽو زرداري اهڙو اظهار پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب جي صدر مخدوم احمد محمود سان فون تي ڳالهائيندي ڪيو، مخدوم احمد محمود چيئرمين کي فون ڪندي ڏکڻ پنجاب ۾ پيپلزپارٽي جي ڪائونسلرن ۽ اڳواڻن خلاف انتقامي ڪاررواين بابت شڪايت ڪئي، مخدوم احمد محمود ٻڌايو ته پنجاب حڪومت، انتظاميا ۽ پوليس پارٽي جي چونڊيل مقامي نمائندن خلاف انتقامي ڪارراين جي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، هن وڌيڪ چيو ته پنجاب جا حڪمران اسان جي چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن کي پارٽي تان استعيفائون ڏيڻ لاءِ دٻاءَ وجهي رهيا آهن، بلاول ڀٽو زرداري پنجاب ۾ ۽ خاص طور تي  ڏکڻ پنجاب ۾ پارٽي جي چونڊيل چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن خلاف انتقامي ڪاررواين جو سختي سان نوٽس وٺندي پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي زور ڀريو آهي ته اُهي نواز ليگ جي انهن هٿڪنڊن خلاف رُڪ جي ديوار بنجي بيهي رهن، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز ليگ طرفان پارٽي جي اڳواڻن ۽جيالن خلاف انهي قسم جون انتقامي ڪارروايون نئين ڳالهه ناهن، پارٽي ماضي ۾ به انتهائي ظالمانا صورتحال کي به منهن ڏنو آهي ۽ هميشه متحد ۽ بي ڊپو ٿي اهڙين ڪوششن کي ناڪام بڻايو آهي، پيپلزپارٽي جي چيئرمين وزيراعظم نواز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته 90 واري سياست کي ورجائڻ توهان جي وڏي غلطي هوندي، هن خبردار ڪيو ته هو اهڙين ظالماڻين ڪاررواين کي بند ڪري ٻي صورت ۾ سندس مينڊيٽ به سواليه بنجي ويندو. هوڏانهن  پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير کي چيو آهي ته پوري صوبي ۾ ۽ خاص طور تي ٿر، ڪاڇو ۽ ڪوهستان جهڙن پٺتي پيل علائقن ۾ عورتن ۽ ٻارن ۾ خوراڪ جي کوٽ جي مسئلي کي ختم ڪرڻ لاءِ ” نيوٽريشن مهم“ شروع ڪئي وڃي، بلاول ڀٽوزرداري اهڙو اظهار اڄ بلاول هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاه سان ملاقات دوران ڪيو، وڏي وزيرچيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ۽ صوبي ۾ جاري ۽ مڪمل ٿيل ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني، بلاول ڀٽو زرداري ٻيهر چيو ته جيتروجلد ٿي سگهي ته صوبي جي سمورن کاتن کي اي-گورننس ڏانهن منتقل ڪيو وڃي، هن چيو ته تعليم ۽ صحت جي شعبن جي بهتر ڪارڪردگي کي وڌيڪ مستحڪم ۽ وسيع ڪيو وڃي.

 

خورشيد شاهه پنهنجي ڀاءُ کي انجنيئرنگ ڪائونسل جو چيئرمين ڀرتي ڪرايو، عدالت گهرائي ته ثبوت ڏيندس: راڻا تنوير

اسلام آباد (بيورو) دفاعي پيداور جي وفاقي وزير راڻا تنوير الزام لڳايو آهي ته پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه پنهنجارابطا  ۽ واسطا استعمال ڪري پنهنجي ڀاءُ کي انجنئيرنگ ڪائونسل جو چئيرمين ڀرتي ڪرايو هو،هن دعويٰ ڪئي ته خورشيد شاهه پنهنجي ڀاءُ جي نوڪري واري مدي ۾ واڌ لاءِ مون  کي درخواست به ڪئي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا تنوير چيو ته نوڪري واري مدي ۾ واڌ جي سفارش اثرائتي نه ٿي ته خورشيد شاهه پنهنجي ڀاءُ کي منهنجي آفيس وٺي آيو ۽ منٿون ڪندو رهيو.سندس چوڻ هو ته جڏهن مون خورشيد شاهه جي ڀاءُ جي نوڪري جي مدي ۾ واڌ  کان معذرت ڪئي ته منهنجي خلاف دانهن گهڻو پري تائين وئي.سندس چوڻ هو ته خورشيد شاهه اسيمبلي وڃي يا عدالت،سندس ڪردار تي پهرين شاهدي مان ڏيندس،جيڪڏهن عدالت گهرايو ته ثبوت کڻي ويندس.واضع هجي ته ڪالهه چوڌري نثار جي پريس ڪانفرنس تي ردِ عمل ڏيندي خورشيد شاهه چيو هو ته هن حڪومت سان پنهنجي ڪٽنب،ڀائرن يا دوستن لاءِ ڪا به سفارش ناهي ڪئي ۽ جيڪڏهن ڪو اهو ثابت ڪري وٺي ته هو سياست ڇڏي ڏيندو.

 

ڪراچي آپريشن هر رنڊڪ ختم ڪري اثرائتي انداز ۾ اڳتي وڌائينداسين: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جو چوڻ آهي ته ڪراچي آپريشن کي پوري پاڪستان جي عوام جي حمايت مليل آهي،ان جي واٽ ۾ ايندڙ هر رنڊڪ ختم ڪنداسين.تفصيل مطابق وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ڊي يج رينجرز سنڌ کي فون ڪيو،جنهن دوران ڪراچي آپريشن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ تي صلاحون ڪيون ويون.ذريعن مطابق چوڌري نثار پوليس ۽ رينجرز جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڪراچي آپريشن کي وڌيڪ اثرائتي ۽ بهتر انداز ۾ اڳتي وڌايو ويندو. سندس چوڻ هو ته ڪراچي آپريشن کي رڳو ڪراچي ئي نه پر پوري پاڪستان جي عوام جي حمايت مليل آهي،ان آپريشن جي واٽ ۾ ايندڙ هر رنڊڪ کي ختم ڪري اڃان اڳتي وڌايو ويندو.

 

ڪور ڪمانڊر ڪراچي جي گورنر ۽ سنڌ جي وڏي وزير سان ڌار ڌار ملاقات، امن امان جي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار، گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ڌار ڌار  ملاقات ڪري ٽارگيٽيڊ آپريشن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، سي ايم هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته وڏي وزير ۽ ڪور ڪمانڊر وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران 10 نيون دهشتگردي ٽوڙ عدالتون قائم ڪرڻ ۽ برانڊ بينڊ انٽرنيٽ سسٽم کي بايوميٽرڪ ڪرڻ وارن فيصلن جي واکاڻ ڪئي وئي. سـِي ايم هائوس ڪراچي ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران اپيڪس ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد، امن امان جي صورتحال ۽ ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽيڊ آپريشن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سي ايم هائوس جي ترجمان موجب، ملاقات دوران اپيڪس ڪميٽي جي اجلاسن ۾ ٿيل فيصلن تي عملدرآمد ڪندي 10 نيون دهشتگردي ٽوڙ عدالتون قائم ڪرڻ ۽ برانڊ بينڊ انٽرنيٽ سسٽم کي بايوميٽرڪ ڪرڻ وارن فيصلن جي واکاڻ ڪئي وئي. ذريعن موجب، ملاقات دوران رينجرز جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو ۽ ان عزم کي ورجايو ويو ته ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري رکيو ويندو. وڏي وزير سان ملاقات بعد ڪور ڪمانڊر گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران قومي ايڪشن پلان ۽ امن امان جي صورتحال تي ويچاريو ويو.

 

بابري مسجد شهيد ڪري مسلمانن جي اعتماد کي دوکو ڏنو ويو: پرناب مکرجي

نئين دهلي (م.ڊ) ڀارتي صدر پرناب مکرجي جو چوڻ آهي ته بابري مسجد شهيد ڪري مسلمانن جي اعتماد کي دوکو ڏنو ويو،جنهن جي ڪري سڀني ڀارتي شهرين جا منهن شرم وچان هيٺ جهڪي وڃڻ گهرجن.سندس چوڻ هو ته 1984 ع دوران  ايوڌيا ۾ رام جنم ڀومسي مندر کولڻ وارو به فيصلو غلط هيو.بابري مسجد جي شهادت ۽ رام مندر جي معاملي تي ڀارتي صدر پرناب مکرجي به موقف کڻي سامهون اچي ويو.پنهنجي نئين ڪتاب “دي ٽربولينٽ ايئرز” ۾ هُن لکيو آهي ته بابري مسجد شهيد ڪري مسلمانن جي احساسن کي جروع ڪيو آهي،جنهن تي سڄي ڀارت جي ماڻهن جو ڪنڌ شرم وچان هيٺ جهڪي وڃڻ گهرجي، سندس چوڻ هو ته بابري مسجد جي شهادت وزيراعظم رهندڙ نرسمها رائوءُ جي سڀ کان وڏي نڪامي هئي، نرسمها رائو کي بابري مسجد جي شهادت روڪڻ لاءِ ملڪ جي سڀني پارٽين جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪرڻ گهربيون هيون.

 

وزيراعظم ٻڌائي ته هـُن پيپلزپارٽي کي ڳٺ جوڙ جي ڪيتري قيمت ادا ڪئي؟:عمران خان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته آخرڪار حڪمران جماعت نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڳٺ جوڙ جي سچائي سامهون اچي وئي آهي، وزيراعظم نواز شريف ٻڌائي ته هـُن پيپلزپارٽي کي ڳٺ جوڙ جي ڪيتري قيمت ادا ڪئي آهي.؟ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ۾ عمران خان چيو ته هـُن هميشه اها ئي ڳالهه ڪئي هئي ته نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي ۾ ڳٺ جوڙ آهي پر ان تي تنقيد ڪئي وئي. عمران خان چيو ته چوڌري نثار پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ تصديق ڪئي ته نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي ۾ ڳٺ جوڙ آهي. پي ٽي آءِ سربراهه وڌيڪ چيو ته ايتري سالن تائين اپوزيشن ۽ حڪومت ۾ ڳٺ جوڙ رهي، وزيراعظم نواز شريف ٻڌائي ته ان ڳٺ جوڙ جي ڪيتري قيمت ادا ڪئي آهي.؟ واضح رهي ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، ڪالهه پريس ڪانفرنس دوران چيو هو ته پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي حڪومت ۾ ڳٺ جوڙ آهي، خورشيد شاهه حڪومت کان وڏا فائدا ورتا آهن.