تازيون خبرون

Daily Archives: December 1, 2015

قرض جي ڪوڙڪي: اثر امام

ٻِي مهاڀاري لڙائيءَ کان اڳ دنيا ۾ ٻاهرين امداد ملڻ يا وٺڻ جو ايترو رواج نه هئو جيترو آمريڪا پاران شروع ڪرايل مارشل پلان کان پوءِ اهو رجحان وَڌيو. چَوڻ جي لاءِ ته اهو مارشل پلان جنگ جي ماريل ملڪن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ هئو پر حقيقت ۾ اهو هڪ پاسي دنيا جي مٿان آمريڪي اثر رسوخ ۽ دٻدٻو قائم ڪرائڻ لاءِ هئو، ڇاڪاڻ ته ٻِي مهاڀاري لڙائيءَ جي پڄاڻي دراصل برطانوي سامراجي راڄ جي پڄاڻي پڻ هئي ۽ ان جي جاءِ آمريڪي سامراج والارڻ وارو هئو ته ٻئي طرف ان مارشل پلان جي پٺيان اها سوچ به ڪم ڪري رهي هئي ته جيڪڏهن جنگ جي ماريل ملڪن کي پنهنجو نه ڪبو، جيڪڏهن انهن کي ترقي نه وٺرائبي،

جيڪڏهن انهن جي مالي سهڪار لاءِ سخاوت جو مظاهرو نه ڪيو ويو ته انهن ملڪن جا ماڻهو سرمائيداراڻي نظام جي تڏا ويڙهه ڪرائڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيندا. آمريڪي اتحادين ماڻهن هٿان ماڻهن جي ڦُرلٽ جي نظام کي بچائڻ لاءِ ان مارشل پلان ۾ حصو ورتو ۽ دنيا کي هڪ نئين بيماريءَ ۾ وڪوڙيو ويو جنهن کي پرڏيهي قرضن ۽ فوجي توڙي سول امداد جو نالو ڏنو ويو. پاڪستان جيئن ته پيداوار ئي ٻِي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ جي آهي ان ڪري اسان جي هن ملڪ کي به منڍ کان ئي آمريڪي امداد تي هلڻ جي هيرَ پئجي وئي. ڪجهه سگهارن ذريعن جو چوڻ آهي ته منڍ ۾ ئي جڏهن جنرل ايوب خان ترڪيءَ جي سرڪاري دوري تي ويو ۽ اتي ترڪ فوج وٽ جديد آمريڪي هٿيار ڏٺائين ته سندس وات پاڻي ڪرڻ لڳو. هُن اختيارين سان ڳالهايو ته پاڪستان کي به اهڙا هٿيار عطا ڪيا وڃن.

آمريڪي اختيارين جو جواب سادو هئو يعني هيءُ ته هٿيار کوڙ ملندا پر ان لاءِ توهان کي آمريڪا جو دوست بڻجڻو پوندو. اسان کي ڀلا ان تي ڪهڙو اعتراض ٿي پئي سگهيو. سڄي زندگي انگريزن جي غلاميءَ ۾ گذاري هئي. جيڪڏهن آقا بدلائڻ سان ڪجهه فائدو ٿي رهيو هئو ته اسان به کڻي جِي بسم الله ڪئي. اُهي ڏينهن هِي ڏينهن، اسين آمريڪا جا قرضي آهيون ۽ قرض جي ان ڪوڙڪيءَ منجهان جان آجي ڪرڻ جا ڪي به امڪان نظر نه ٿا اچن. هن وقت پاڪستان 19299 کرب روپين کان به وڌيڪ جو قرضي آهي. جن ڏينهن کي سٺا ڏينهن ڳڻيو وڃي ٿو يعني سال 2007 جنهن ۾ پاڪستان تي سموري تاريخ ۾ گھٽ کان گھٽ قرض هئو، انهن ڏينهن ۾ به قرض جو تناسب جِي. ڊِي. پِيءَ جو 54.90 سيڪڙو هئو. اهڙيءَ ريت 2001 کي وري پاڪستان جو سٺو زمانو ڪوٺيو ويندو آهي.

خاص ڪري اقتصادي ترقيءَ جي حوالي سان پر ٿورن ماڻهن کي اها خبر آهي ته ان سال پاڪستان تي پرڏيهي قرض جِي. ڊِي. پيءَ جو 87.90 سيڪڙو هئو جيڪو سموري تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. قرض لاهڻ لاءِ جِي. ڊِي پيءَ جو 87 سيڪڙو جڏهن ته تعليم جي لاءِ جِي. ڊِي پيءَ جو 2 سيڪڙو ۽ صحت جي لاءِ جِي. ڊِي پيءَ جو 2.6 سيڪڙو خرچ ڪيو پيو وڃي. اقتصاديات جي اصطلاحن کي ڇڏي ڪري هڪ عام شهريءَ جي ٻوليءَ ۾ بيان ڪجي ته اها ڳالهه هينءَ آهي ته حڪمران اهو جيڪو قرض وٺندا آهن سو عوام جي ڀلائيءَ لاءِ خرچ ٿئي يا نه ٿئي پر ان قرض لاهڻ جي ذميواري عوام تي هوندي آهي. ورتل قرض نواز شريف، زرداري يا عمران خان هڙپ ڪري وڃن ته ڀل ڪري وڃن پر ان جي واپسي ڪو هڪڙو شخص نه پر سڄو ملڪ ڪندو. سال 2008 ۾ هر هڪ پاڪستاني شهري 37170 روپين جو قرضي هئو. سال 2012 ۾ 80894 جو قرضي بڻيو. سال 2013 ۾ 90772 روپين جو قرضي ٿيو. جڏهن ته هلندڙ سال يعني 2015 ۾ هر پاڪستانيءَ کي 101338 روپيا ادا ڪرڻا آهن. اهي سادا انگ اکر اهو ٻڌائين ٿا ته اسان قرض جي ان ڪوڙڪيءَ منجهه ڦاسندا ئي وڃون ٿا. حڪمرانن کي اهو قرض ملندو آهي ڇاڪاڻ ته اسان عوام جا “نمائندا” اهي آهن. انهن پيسن منجهان اسان عوام جي لاءِ اسپتالون، تعليمي ادارا ۽ نوڪريون ڪي نالي ماتر ئي پيدا ڪيون وينديون آهن باقي سڀ مال ملڪ کان ٻاهر وڃي بينڪن ۾ رکرائبو آهي جتي وري ان تي لکين ڊالرن جو وياج پيو ملندو آهي. پر ان ايڏي وڏي رقم جي قرض ادا ڪرڻ لاءِ ذميوار اسان آهيون. جهڙيءَ ريت اسين ڪنهن وياج خور کان قرض وٺڻ وقت ڪجهه نه ڪجهه ڳههُ رکندا آهيون ۽ اها شئي جيڪا اسين ڳَههُ رکندا آهيون سا ويچاري ماٺ ميٺ ۾ ان وياجيءَ جي حوالي ٿي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته اها عام طور تي بي زبان هوندي آهي تيئن هن ملڪ جي عوام کي به بي زبان سمجهي حڪمران پرڏيهي وياج خورن وٽ ڳههُ رکي ڇڏيندا آهن ۽ عوام ويچارو عملي طور تي به بي زبان ئي ثابت ٿيندو آهي.

ڇاڪاڻ ته قرض جي ان لعنت کان بچڻ لاءِ اهو ڪا سگهاري جدوجهد ڪو نه هلائيندو آهي. بي زبان عوام جي حيثيت سان اسان رڳو هلندڙ سال ئي 6.820 کرب آمريڪي ڊالر قرض ادا ڪيو آهي جنهن منجهان 5.910 کرب ڊالر اصل قرض جي مد ۾ جڏهن ته باقي بچيل 519 ملين ڊالر وياج جي صورت ۾ واپس ڪيا آهن. اهڙيون رقمون ڀل انفرادي طور توهان اسان جي کيسي منجهان نه وينديون هجن يا اسان کي ائين لڳندو هجي ته اهي پئسا پاڪستاني سرڪار ڀري پئي ٿي ڏئي حقيقت اها آهي ته اهي پئسا توهان اسان کان ئي اوڳاڙيا ويندا آهن. ڪيئن ڀلا؟ جواب آهي تيل جون قيمتون وڌائي، بجليءَ جو اگهه چاڙهي، گئس جي قيمت وڌائي يا مختلف ٽيڪس لاڳو ڪري يا موجود ٽيڪسن جي شرح وڌائي. ان ڳالهه کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ هڪڙو مثال وٺو. اسان جي ملڪ ۾ محرم يا ميلاد وغيره جهڙن خاص ڏهاڙن تي دهشتگرديءَ جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي. يعني جڏهن هڪڙا مسلمان پنهنجي پيغمبر جي ولادت جي خوشي ملهائي رهيا هوندا آهن يا وري ٻيا مسلمان پنهنجي پيغمبر جي ٻچن سان ڪيل ڪِيس تي روئي رهيا هوندا آهن تڏهن ئي اهي سڀ کان وڌيڪ غير محفوظ به هوندا آهن. کين غير مسلمن کان نه پر پنهنجي ئي مسلمان ڀائرن کان خطرو هوندو آهي.

بهرحال سرڪار وري ان خطري کان بچڻ لاءِ ان ڏهاڙي موبائيل فون سروس بند ڪرائي ڇڏيندي آهي. خود سرڪاري بيان موجب ان هڪڙي ڏينهن موبائيل سروس بند ڪرڻ جي ڪري سرڪار کي 22 ڪروڙ روپين تائين جو نقصان ٿيندو آهي. سرڪار مختلف موبائيل ڪمپنين جي استعمال تي عوام کان جيڪا ٽيڪس وٺي ٿي اها ئي ايتري وڏي رقم هوندي آهي. هاڻي حساب لڳايو ته جيڪڏهن سرڪار کي رڳو موبائيلن جي استعمال منجهان هڪڙي ڏينهن جي ڪمائي ايتري آهي ته ٻين اسمن منجهان سندس ڪمائي ڪيتري هوندي ۽ سالياني ڪمائي ڪيتري هوندي. سرڪار جيڪڏهن تيل جي ليٽر تي هڪڙو روپيو به وڌائي ڇڏيندي آهي ته عوام جي کيسن منجهان ڪروڙين روپيا ڏهاڙي نڪري ويندا آهن. اها پڻ ڇرڪائيندڙ ڳالهه آهي ته سرڪار عوام کان ٽيڪس جي صورت ۾ جيترو به ناڻو گڏ ڪندي آهي ان جو 47 سيڪڙو ته هليو ويندو آهي قرض لاهڻ ۾. جنهن منجهان وري 44 سيڪڙو رڳو ان قرض لاهڻ ۾ هليو ويندو آهي جيڪو اسان توهان نه کنيو هوندو آهي نه کاڌو هوندو آهي.

اهو پراڻو قرض هوندو آهي. سرمائيداراڻي نظام تحت چيو وڃي ٿو ته ڪنهن به ملڪ کي پنهنجي گڏ ڪيل ٽيڪس منجهان 30 سيڪڙو کان گھٽ رقم قرض لاهڻ لاءِ ڏيڻي پوي ته بهتر آهي ڇاڪاڻ ته رڳو ان صورت ۾ ئي اهو ممڪن ٿي سگهندو ته ان ملڪ جا حڪمران پنهنجي عوام جي بهتر زندگيءَ تي وڌيڪ بجيٽ خرچ ڪري سگهن. اسان جو ملڪ لڳ ڀڳ اڌ بجيٽ قرض لاهڻ تي خرچ ڪري رهيو آهي پر پوءِ به قرض لهي ڪو نه ٿو اڃان به هر سال وڌندو پيو وڃي. انگ اکر توهان مٿي ڏسي چڪا آهيو. اهو سڀ ان ڪري آهي جو سرمائيداريءَ جي سامراجي منزل تي اهي سڀ برايون يقينن اڳيان اچڻيون آهن. سامراجي مرڪزن پاران سائنسي ۽ عسڪري لحاظ کان پٺتي پيل ملڪن کي بُرن ۽ بدعنوان حڪمرانن جي ذريعي ڪنٽرول ڪيو وڃي ٿو. انهن کي قرضن جي گورک ڌنڌي ۾ ڦاسايو وڃي ٿو. تمام وڏيون رقمون سنڀالڻ ۽ انهن جي خرچ جا منصوبا ٺاهڻ لاءِ وري نوڪر شاهي ۽ اقتصادي ماهرن جي وڏي هڪڙي فوج تيار ڪئي وڃي ٿي جيڪا هوائي جهازن ۾ سفر ڪري ٿي ۽ زندگيءَ جون سموريون عياشيون ڪندي سڄي دنيا اندر سير سپاٽا ڪندي وتي ٿي. ٻين لفظن ۾ وڏي رقم کي سنڀالڻ ۽ ونڊڻ ورڇڻ تي به وڏيون رقمون خرچ ٿي وڃن ٿيون. سرمائيداريءَ جو اصول اهو آهي ته جيڪو سندس پاليسين سان ٺهڪي هلندو اهو سعودي شاهي خاندان جيان پٽڪو ٻڌيون ويٺو رهي. پر جيڪو مالياتي سرمائي جي سامهون ڪا رڪاوٽ بيهارڻ جي ڪوشش ڪندو اهو صدام حسين، قذافي ۽ بشار الاسد جيان اگرا نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿئي. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جتي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي پئي گذاري ۽ 58 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن کي گھربل خوراڪ نه ٿي ملي. اتي سامراجي قرضن جو ڄار هڪ اهڙي ڪوڙڪي ثابت ٿيندو جيڪو نه رڳو عوام پر حڪمرانن جو به سر کڻندو.

 

هُو ميرانپور جو پانڌيئڙو: جئه پرڪاش موراڻي

جڏهن سَر نِسرندا آهن ۽ اُتر اوتون ڏيندو آهي ته سڄڻن جون ساروڻيون سڪايل من کي محرومين جي منڊ ۾ منڊي ڇڏينديون آهن. هي به اُها ئي رُت آئي آهي. اڄ وري ميرانپور ۾ ميلو متو آهي، جهوڪ جي جهونجهارن جي ڏيهه ۾ سنڌ هنڌ کان پريم ۽ پيار جي پانڌيئڙن اچي ٻاريون وسايون آهن، تڙ تڙ ٿي ”تون ئي تون“ جي تنوار آهي پر اڄ هو هتي ناهي آيو. اڌ صدي جي سچ، محبت ۽ محبت جي هن ساٿ ۾ شايد اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو هُن محبوب جي محفل ۾ ڀيرو ڀڳو آهي. اڄ شاهه عنايت جو سڄو اڱڻ سينگاريل آهي صوفين ۽ سچائي جي پروانن سان پر محبوبن جي مزار جي عين سامهون موجود اُن ٻاري ۾، جتان سدائين محبوب جي محبت جا ٻول ٻُرندا هئا، اڄ ڪجهه ته کُٽل آهي، ڪجهه ته ويراني آهي. هو جيڪو پهرين عاشقِ ستار ٿيو هو ۽ پوءِ عشق ستار جي رنگ ۾ اهڙو ته رنگجي ويو جو سندس ان چائنٺ سان ازلي عشق ٿي ويو. هو سدائين اهو ئي چوندو هو ته ”اسان اوهان کان اهان کي گهريو، اوهان مليا ته سڀ ڪجهه مليو“. واقعي هُن کي هِن در تان سڀ ڪجهه مليو، عزت مالڪ کيس اڻ مئي نصيب ڪئي، شهُرت ۾ ساڻس ڪنڌ هڻڻ جي هام ڪو نٿو هڻي سگهي، محبتون ته هو سدائين ورهائيندو هو، مسڪراهٽ سندس چهري تي سدائين چانڊاڻ وانگر چمڪندي هئي پر هو نه رڳو نالي ۾ پر دل سان فقير هو. کيس تن ۾ توڙي من ۾ صرف هڪ ئي تات هئي ته محبوب سدائين مهربان هجن. انهيءَ لاءِ هو نچي ڪڏي راڻل کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته جيئن سندس اها ادا محبوبن جي حضور ۾ قبول پئجي وڃي.

سندس والدين ڏاڍي هيج سان کيس ”دين جي امام“ جو نالو ڏنو هو پر جڏهن هُو سائين ستار جي در تان سُرت جي سُتي جي سُچيت ٿيو هو ته يڪدم چئي ڏنائين ته ”نام ڪس ني رک ديا ميرا امام الدين مگر بي نام هوُن، اس نام سي ميرا واسطا ڪوئي نهين.“

واقعي نالي ۾ ڇا رکيو آهي هو بي نام هوندي به سوين نام ڪٺين نالي وارن کان وڌيڪ نامدار هو. هو جيڪو قصرِ قلندر جي هال ۾ ٿيندڙ راڳ ويراڳ جي محفل ۾ جڏهن صاحب ڪريم جي سامهون ويهي پنهنجي يڪتاري جي هڪ ئي تار تي پنهنجي آڱر جي ڇهاءُ سان راڳ جي شروعات ڪندو هو ته هر طرف سندس شاعري جي خوشبوءَ ماحول کي وحدت الوجود جي مهڪ سان مهڪائي ڇڏيندي هئي.

اها حقيقت آهي ته ”صوفي جي سوز ۽ ساز کي سدائين سمجهڻ ڏکيو ئي هوندو آهي پر هن اهي عشق جون رمزون ايڏيون ته آسان ڪري پنهنجي شاعري ۾ پيش ڪيون جو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندس وائي جي واهه واهه هئي. هو سائين عبدالستار جو سچو عاشق ۽ صاحب ڪريم سان بي پناهه پيار ڪندڙ پانڌيئڙو هو.

اهو ڪجهه ورهيه اڳ جو ئي قصو آهي جڏهن سڄڻن جو سڏ ٿيو ۽ آئون رشيد سومري کي ساڻ ڪري جهوڪ جي ميلي جي ٻي ڌمال تي اڌ رات ڌاري حاضر ٿيو هئس. ان وقت سندس ٻاري تان اڏامندڙ آواز ڪنائيندي اوڏانهن قدم خودبخود هلي پيا هئا. اها ڪجهه گهڙين جي تعارفي گڏجاڻي اهڙي ساٿ جو ”شڀ مهورت“ ثابت ٿي جيڪو هاڻي رت ۾ رچي ويو آهي. ان بعد هر سال ميلي جي موقعي تي مکا ميلو ٿيندو رهندو هو، هر ڀيري محبت جي سُنگ مان سُرت جون نيون سرڪيون نصيب ٿينديون هيون. سندن محبت جو مانڊاڻ ايڏو ته اٿاهه هو جو هر ڪو اهو ڀائيندو هو ته هي واهڙ صرف منهنجي لاءِ ئي وهي پيو. مون ان ٻاري تي شهيد بشير خان قريشي کي راڳ جي رمز ۾ جهومندي ڏٺو ته وري گذريل سال صنعان کي به پنهنجي والد جي وِڌل راهه و رسم نڀائيندي ڏٺم. هن ٻاري تي مون گهوٽڪي جي تڏهوڪي ڊپٽي ڪمشنر کي اڀي پيرين بيهي راڳ ڳائيندي ٻڌو ته صاحب ڪريم کي پڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي فقير محفوظ، وزير علي شاهه ۽ ٻين کان ٻول ٻڌندي ڏٺو. ٻن ڪمرن ۽ هڪ ورانڊي سان گڏ اڱڻ تي ٻڌل هي ٻاري، ڄڻ ته هر وقت سڀني لاءِ ٻانهون کولي آتي هوندي آهي ۽ انهيءَ ٻاري تي ”همه اوست“ جي پيروڪارن جي پيهه سدائين برقرار پڻ رهندي آهي، اڄ ان ٻاري تي سُر ته گونجندا، فقير محفوظ ”دعا“ به چوندو هو پر انهن سُرن ۾ سوڳواري ڪيفيت سڀني تائين پهچندي هوندي.

شاهه عنايت جي آڳنڌ انهن عاشقن جو آستانو رهي آهي جيڪي سچ جي شمع تي پتنگن وانگر پهچندا اهن ۽ انهيءَ باهه ۾ پچي راس ٿيندا آهن. هن اڱڻ تي اچڻ واري دروازي تي جڏهن توهان جي تلاشي ورتي ويندي آهي ته مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ اهي گارڊ آپي، انا، خودي ۽ خود سري کي ٻاهر ئي ڪڍي ڇڏيندا آهن، انهن عادتن کي اندر اچڻ جي بنهه اجازت ناهي هوندي. هتي سڀڪو پرين ۾ پاڻ پسندو آهي ۽ محبوب ۾ کيس محبت جي معراج نصيب ٿيندي آهي. هتي ٻيائي کي ٻاهر ڇڏي اندر ايندڙ پروانا هيڪڙائي جي حقيقت کي دل سان قبول ڪندا آهن. هي اهو اڱڻ آهي جتي مذهب ماڻهن کي منجهائڻ جو ست ساري نه سگهندا آهن. هتي رام ۽ رحيم کي مڃڻ وارا نه رڳو هڪ ئي دستر خوان تي کائيندا، هڪ ئي راڳ ڳائيندا آهن پر هڪ کي قبرستان ۾ بنا ڪنهن فرق جي آرامي ٿيندا اهن. هتي به گڏ، هُتي به هيڪڙائي…

جهوڪ شريف جي نگري مان جيڪو پيغام دنيا تائين پهتو ۽ اڄ تائين پهچايو پيو ُوڃي اهو عالمي اخوت ۽ ڀائيچاري جو پيغام آهي. هتي جيڪو سبق پڙهايو ٿو وڃي اهو انسانيت جو سبق آهي. هتي ماڻهن کي پريت جي ريت سيکاري ويندي آهي ۽ کين رڳ رڳ ۾ سمايل ان هستي سان هيڪڙائي جو حرف سيکاريو ويندو آهي جيڪو هن رنگبرنگي دنيا ۾ پاڻ پسائڻ لاءِ پهتل آهي. هي اهو در آهي جتي نه ڪو ننڍو آهي نه ڪو وڏو، هي اها درگاهه آهي جتي آيل سمورا ”انسان“ هوندا آهن نه ڪو هندو رهندو آهي نه ڪي مسلمان هوندا آهن. دنيا جي داداگيري هن هنڌ هرگز ناهي هلندي.

مون کي پاڻ ئي ٻڌايو هئائون ته جڏهن کين هڪ نالي چڙهي حاڪم پڇيو هو ته قبرن ۾ ڇاهي رکيل ته پاڻ ورندي ڏني هئائون ته قبرون ڪروڙين آهن، ڪنهن ڪنهن جي مٽيءَ کي مان ملندو آهي. انهيءَ مان ۾ شان هوندو آهي. انهيءَ ڪري سنڌ سڏي وئي صوفين جي سرزمين. هتي صدين کان جيڪو ڀائيچاري جو پرچار ڪيو ويو ان جو اثر اڄ به نظر اچي ٿو، ڀلي آس پاس ۾ ڪجهه سازشون ٿينديون هجن پر جيت وري به ”انسانن“ جي ٿيندي. اهو ئي هن درسگاهه جو درس به آهي.

جڏهن سال اڳ اسين اڄوڪي ڏينهن تي جهوڪ جي حاضري ۾ حاضر ٿيا هئاسين تڏهن به باوجود سمورين بيمارين، ڪمزورين ۽ عمر جي تقاضائن جي هِن ٻاري جو رنگ ۽ فقير جو آواز به ايترو ئي بلند هو جو هر ڪنهن کي حيرت ٿي رهي هئي. ان وقت اهو هرگز پتو نه هو ته ڪا هي آخري ملاقات آهي. اچڻ مهل اڪير سان آڌر ڀاءُ ڪرڻ ۽ موڪلائڻ وقت محبت سان مُرڪي الوداع ڪرڻ واري ريت ان وقت به اوتري ئي گرم جوشي سان ادا ٿيندي هُئي جيتري ورهين کان اڳ شروع ٿي هئي.

ڊکڻن جو هي فقير سڄي حياتي پرين جي پاڇي ۾ رهيو. هُن سان مُرشدن جي محبت اوتري ئي سوائي هئي جيتري هن فقير کي پنهنجن محبوبن سان اڪير هئي. ان ڪري هيل هي ميلو ماڻهن جي آمد جي لحاظ کان ته اوترو ئي ڀريل آهي جيترو سدائين هوندو آهي پر هڪ ماڻهو جي کوٽ هزارين ماڻهن جي آمد کان وڏي ته به محسوس ٿئي. سچ جي پانڌيئڙن کي سدائين کان اها سُتي ڏني ويندي آهي ته ميلاپ ۽ وڇوڙا حياتي جي سفر جون ويساهيون هونديون آهن، جتي گهڙي پل لاءِ ساهي کڻي سگهجي ٿي پر محبت جي منزل ماڻڻ لاءِ پنڌ هميشه پراهون هوندو آهي. ان ڪري سفر کي جاري رکڻو آهي، اهو ئي اڄ فقير محفوظ ۽ سندس ڀائٽا ڪري رهيا آهن دعا آهي ته اهو ساٿ سلامت رهي ۽ سفر منزل ضرور ماڻي.

 

ڀٽ ڌڻي جي عرس جي پڄاڻي

گذريل ڏينهن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 272هين عرس مبارڪ جي پڄاڻي واري تقريب جي موقعي تي درگاهه تي حاضري  بعد صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته صوبي ۾ امن امان قائم ڪري پرسڪون ماحول قائم ڪيو وڃي، ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي، سنڌ جي آبادگارن لاءِ پيپلز پارٽي پنهنجي منشور مطابق ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي، اسان وڏا خوشنصيب آهيون جو هر سال ڀٽ ڌڻي جي درگاهه جي حاضري ڀرڻ جو موقعو ملي ٿو، ڀٽ ڌڻي نه رڳو آفاقي شاعر هو پر ان سان گڏ اولياءَ جو به درجو رکندو هو، ڀٽائي جي درگاهه ۽ شاعري سنڌ کي وڏو فيض ڏنو آهي، سندس سنڌ لاءِ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون، ڀٽائي جي شاعري سنڌي ٻولي جي وقار لاءِ وڏي خدمت ڪئي آهي، شاهه جو پيغام عالمي امن جو پيغام آهي، سندس پيغام تي عمل ڪري ملڪ مان دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ ٻين مسئلن جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو، شاهه جي تصوف ۽ صوفياڻي سوچ جي اڄ اڳ کان به وڌيڪ ضرورت آهي، هن وقت دنيا مختلف مسئلن ۾ گهيريل آهي، شاهه جي پيغام وسيلي انهن مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پيغام بهتر نموني دنيا تائين پهچي ته سڄي دنيا ۾ بهتري اچي وڃي، شاهه جو پيغام پيار، محبت ۽ امن جو پيغام آهي، وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي طرفان ملڪ ۽ صوبي جي عوام لاءِ عملي طور ڪم ڪيو پيو وڃي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي  ڏنل پيغام ۽ موجوده پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي صوبائي حڪومت عمل ڪندي صوبي جي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي، صوبي مان غربت جي خاتمي، بيروزگاري جي خاتمي ۽ تعليم کي بهتري وٺرائڻ لاءِ پيپلز پارٽي هر ممڪن ڪوششون ڪري رهي آهي، هن چيو ته محدود وسيلن باوجود عوامي خدمت جاري آهي، وڏي وزير چيو ته مشڪلاتن باوجود صوبي جي عوام مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي اڪثريت سان ڪامياب ڪيو آهي، جيڪي ماڻهو پيپلز پارٽي خلاف واويلا ڪري رهيا هئا، انهن جا هاڻي وات بند ٿي ويا آهن، هن چيو ته موجوده حڪومت جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته معاشي ۽ سماجي طور خاص ڪري امن امان لاءِ پرسڪون ماحول پيدا ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ ۽ صوبو معاشي طور تي سگهارو ٿي وڃي، هن چيو ته مرڪزي حڪومت ۽ رينجرز جي مدد سان صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ سميت ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪارروايون جاري آهن، ڪراچي ۾ هاڻي خوف واري فضا ختم ٿي وئي آهي ۽ عوام سک جو ساهه کنيو آهي، هن چيو ته اهي ڪارروايون جاري رهنديون، هر حال ۾ سنڌ ۾ امن امان کپي. هن چيو ته سنڌ جي آبادگارن لاءِ ڪم ڪيون پيا، آبادگارن کي فصلن جا سٺا اگهه ڏياريا ويندا، هن چيو ته ڀٽ شاهه ۾ صوفي يونيورسٽي جي قيام جو اعلان ڪو سولو ڪم نه هو، پر اهو ڪم پيپلز پارٽي ڪري ڏيکاريو، جتي هن وقت تدريسي عمل جاري آهي، باقي جيڪا اوڻائي رهيل آهي، ان کي به پورو ڪيو ويندو، ڀٽ شاهه جي عوام لاءِ هڪ بهترين اسپتال قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جي بهتري لاءِ اڃا وڌيڪ ڪوششون جاري آهن، وڏي وزير چيو ته ڀٽ شاهه ۾ ڪراڙ ڍنڍ سميت اهم هنڌن جي بهتري لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪيو ويندو، هن چيو ته هتان جي شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي هر ممڪن نموني فراهم ڪيو ويندو، ڪراچي ۾ مڪاني چونڊ ۾ به انشاءَ الله پيپلز پارٽي سٺيون سيٽون حاصل ڪندي، بدين ۾ اڃا چئن تڪن تي چونڊ ٿيڻي آهي، جيڪي پڻ پيپلز پارٽي کي ملنديون، پيپلز پارٽي آزاد، صاف، شفاف ۽ پرامن چونڊن جي حامي آهي،