تازيون خبرون

Daily Archives: November 19, 2015

نئين دهلي پوليس جي اڳوڻي ڪمشنر نائن اليون حملن ۾ انڊيا جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (م.ڊ) نئين دهلي پوليس جي اڳوڻي ڪمشنر نيرج ڪمار9-11 حملن  ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ڪندي چيو ته 9-11 حلمن جي فنڊنگ ڀارت مان ٿي هئي. ڀارتي ميڊيا مطابق نيرج ڪمار اهو انڪشاف هڪ انتها پسند کان ڪيل جاچ کانپوءِ ملندڙ ڄاڻ جي حوالي سان ڪيو آهي. نيرج ڪمار 2 سال اڳ نئين دهلي پوليس ڪمشنر جي عهدي تان رٽائر ٿيو آهي جڏهن ته هو ڀارتي“سي بي آئي” ۾ به اهم عهدي  تي رهي چڪو آهي. هن انڪشاف ڪيو آهي ته 9-11 حملن لاءِ فنڊز هڪ ڪاروباري ماڻهو کي اغوا ڪري حاصل ڪئي وئي، جيڪا حملي جي ماسٽر مائينڊ محمد عطا تائين هڪ انتاه پسند عمر شِخ جي ذريعي پهچائي وئي هئي. عمر شِخ کي ڀارت 1999ع ۾ اڏام هائي جيڪنگ عيوض آزاد ڪيو ويو هو. عمر شيخ کي اهي پئسا هڪ انتها پسند آفتاب انصاري ڏنا هئي، جيڪو ڪلڪتا ۾ آمريڪن سينٽر تي حملن جو ذميوار آهي.نيرج جو چوڻ آهي ته اها سموري ڄاڻ کيس حرڪته المجهادين جي هڪ انتها پسند آصف رضاخان کان جاچ دوران ملي آهي.هن ٻڌايو ته آصف رضا خان جاچ دوران انڪشاف ڪيو آهي ته هن جي باس آفتاب انصاري هڪ لک ڊالر جي رقم عمر شيخ هٿان “خادم شوز” جي مينيجنگ ڊائيريڪٽر، پرٿا پريتم رائي برمن کي اغوا ڪري حاصل ڪئي هئي. آفتاب انصاري کي آمريڪن سينٽر تي حملن جي الزام ۾ ڦاهيءَ جي ساز ٻڌائي وئي آهي ۽ هو اولهه بنگال جي هڪ جيل ۾ قيد آهي.

 

اڪشي ۽ نمرت ڪور جي فلم ”ايئر لفٽ“ جو ٻيو پوسٽر جاري

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”ايئرلفٽ“ جو ٻيو پوسٽر جاري ڪيو ويو آهي، ڀارتي سڌ سماءَ جيذريعن مطابق ايئر لفٽ انٽرٽينٽمينٽ ۽ ٿرلر سان ڀرپور ڪهاڻي آهي، جنهن جي پوسٽر ۾ اڪشي ڪمار ڏاڙهي ۾ نظر اچي رهيو آهي، فلم ۾ اڪشي ڪمار ڀارتي ڄائي ڪويتي واپاري جو ڪردار ادا ڪندو، جڏهن ته نمرت ڪور سندس زال جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، فلم جي هدايت راج منين ڏني آهي، جيڪا ايندڙ سال 22 جون تي رليز ٿيندي.

 

 

هاڻ گهوٽ جي گهر وڃڻ لاءِ منهنجو وارو به اچي ويو آهي: بپاشا باسو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا بپاشا باسو جلد شادي ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريندي چيو آهي ته هاڻ گهوٽ جي گهر وڃڻ لاءِ سندس وارو به اچي ويو آهي، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن مطابق بپاشا باسو اڄڪلهه اداڪار۽ ماڊل ڪرن سنگهه گروور سان گهري دوستي جي حوالي سان خبرن جي سونهن بڻيل آهي، هڪ انٽرويو ۾ بپاشا چيو ته هاڻ سندس شادي ڪرڻ جو وارو آهي، هن

ڀارتي ڪرڪيٽر يووراج سنگهه کي مڱڻي تي سماجي ويب سائٽ تي واڌايون ڏنيون، جنهن تي يووراج کيس جواب ڏنو ته هاڻ توهان جو وارو آهي، بپاشا جوابي ٽوئٽ ۾ چيو ته هاڻ منهنجي شادي جو وارو به اچڻ وارو آهي.

 

ٽئين ون ڊي ۾ مات کانپوءِ به ٽيم جا حوصلا ناهن گهٽيا: اظهر علي

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ون ڊِ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ آل رائونڊر اظهر علي چيو آهي ته انگلينڊ هٿان چئن ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٻئي ۽ ٽئين ميچ ۾ مات کانپوءِ به  ٽيم جا حوصلا نه گهٽيا آهن، دبئي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته انگلينڊ جي ٽيم کي چوٿين ۽ آخري ون ڊِ ۾ مات ڏئي سيريز 2-2 تان برابر ڪنداسين، اظهر علي چيو ته کٽڻ هارائڻ راند جو حصو آهي، انگلينڊ هٿان ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڪاميابي کانپوءِ لڳاتار ٻن ميچن ۾ مات کانپوءِ به ٽيم جا حوصلا نه گهٽيا آهن، هن چيو ته سمورا رانديگر مڪمل طور تي فٽ ۽ ڀرپور فارم ۾ آهن، واضح هجي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ چوٿين ۽ آخري ون ڊي ميچ جمعي تي دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.

 

ڀوتارن جي زورآزمائي وارو ٻيو دنگل: غلام حسين لغاري

اڄ پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڀوتارن جي سياسي زور آزمائي يعني مڪاني ادارن جي چونڊن جو ٻيو مرحلو ٿيڻ وڃي رهيو آهي جنهن لاءِ پولنگ عملو پوليس ۽ رينجرس جي سخت سڪيورٽي ۾ پنهنجي پنهنجي پولنگ تي اڳ ۾ ئي پهچي چڪو آهي.پاڪستان جي چونڊ ڪميشن جتي جتي محسوس ڪيو آهي اتي پاڪ فوج ۽ رينجرس جا دستا به بيهاريا آهن پر گهڻو ڪري پولنگ اسٽيشنز پوليس جي حوالي آهن. چونڊ جي پهرين مرحلي ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي ڪجهه هنڌن تي خونريزي وارا منظر ڏسڻ وٽان مليا جن ۾ راڻيپور وارو خونريز منظر پنجاب جي ڀيٽ ۾ مختلف ۽ افسوسناڪ هو جنهن ۾ لڳ ڀڳ 15 بيگناهه ماڻهو مارجي ويا جن جي جاچ ٻن هفتن گذرڻ باوجود به اڃا تائين ٿڌي نظر پئي اچي.خدا نه ڪندو ته اهڙي قسم جو ڪو وڏو واقعو چونڊن جي اڄوڪي ٻئي مرحلي ۾ ٿئي ، پر ٻئي مرحلي جي پولنگ کان صرف ٻه ڏينهن اڳ اڱاري ڏينهن عمرڪوٽ ضلعي جي شادي پلي ۾ يونين ڪائونسل ٻريجي جي وارڊ 4 جي ن ليگ اميدوار شبير احمد آرائين هٿياربندن جي حملي ۾ مارجي چڪو آهي جيڪا ڳالهه ڪنهن لمحه فڪر کان گهٽ ناهي . خبر ناهي ته واقعي جا اصل ڪارڻ ڪهڙا آهن پر اهو چيو وڃي ٿو ته فوتي اميدوار هٿ کڻڻ کان کتو جواب ڏنو هو.بهرحال وري به سڪيورٽي ادارن کي اڄ سخت چوڪس رهڻو پوندو ۽ انساني جانين جي حفاظت لاءِ پنهنجي غيرجانبداري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. خدا نه ڪري جيڪڏهن ڪنهن به قسم جو ڪو خونريز واقعو پيش اچي ٿو ته اها سنڌ ۽ رهواسين جي بدقسمتي چئبي تنهنڪري صرف سياسي پارٽين ، انهن جي قيادت ، اڳواڻن سان گڏ آزاد اميدوارن ۽ ووٽرن کي به امن جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ته جيئن چونڊن جي ٻئي مرحلي کي پرامن بڻائي سگهجي.

چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ سياسي ڀوتارن توڙي بيٺل اميدوارن زورآزمائي جا مختلف انداز اختيار ڪيا جن ۾ جلسا ، ڪارنر ميٽنگون ۽ ريليون وسارڻ جهڙيون نه هيون پر هن ڀيري هڪ ڳالهه جيڪا سامهون آئي ان ۾ جوش و خروش ماضي جي مقابلي ۾ گهٽ هو، بينرن جي جهرمر به اها ڏسڻ ۾ نه آئي . هن ڀيري اخبارن ۽ چئنلن تي اشتهارن جي ڀرمار رهي. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهن بلاول ڀٽو زرداري ۽ عمران خان سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پنهنجا جلسا منعقد ڪيا ۽ ريليون ڪڍيون جيڪي ڇڪتاڻ واري ماحول هوندي به پڻ پرامن نموني سان پايه تڪميل تي پهتيون جيڪو سڪيورٽي ادارن جي امن پلان تي سختي واري عمل جو نتيجو آهي ، البته اها الڳ ڳالهه آهي ته ٻنهي اڳواڻن پنهنجي پارٽي منشورن ۽ عوامي مفادن کان هٽي ڪري ذاتيات کي وڌيڪ اڇلايو جنهن سان عوام خاص طور تي ووٽرن ڏانهن ڪو مثبت پيغام نه ويو.بلاول ڀٽو زرداري لاءِ ته اهو چئي سگهجي ٿو ته هو سياست ۾ نئون آهي ۽ سندس مان ٻاراڻي ذهنيت ناهي وئي پر عمران خان جيڪو اها دعوا ڪري ته کيس ويهارو کن سالن جي سياست جو تجربو آهي بلاول ڀٽو زرداري لاءِ منفي الفاظ استعمال ڪري پاڻ ئي ٻاراڻي ذهنيت طرف وٺي ويو.رهيوسوال عمران خان جي انهي ڳالهه جو ته سنڌ جو ماڻهو جيستائين ڀوتارڪي سياست مان ٻاهر نه نڪرندو تيستائين سنڌ توڙي سنڌي ماڻهو نه خوشحالي ماڻيندو نه وري ڪا آزادي ، پنهنجي جاءِ تي لکن جي ڳالهه ڪري ويو آهي جنهن کان ڪو به سنڌ واسي انڪار ڪري نٿو سگهي.سنڌ اندر هن وقت وڏي انگ ۾ سياسي تنظيمون ۽ پارٽيون آهن پر اهي سنڌ جي ماڻهن کي ڀوتارن کان پري رکي ناهن سگهيون جنهن جو وڏو ڪارڻ ڊپ ۾ ورتل ڳوٺن جو رهواسي آهي.سنڌ اندر چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ جيڪي نتيجا سامهون آيا سي ڪنهن کان به ڳجها ناهن. چونڊجي آيلن جي اڪثريت گهڻو ڪري ڀوتارن جي خاندانن سان آهي پوءِ کڻي اهي ڀوتار پ پ جا هجن يا فنڪشنل ليگ ۽ ڪنهن ٻئي سياسي پليٽ فارم تان يا وري آزاد نموني بيٺل هئا جنهن ڪري سنڌ جا مڪاني ادارا هڪ ڀيرو ٻيهر به ڀوتارن جي ور چڙهندي نظر اچي رهيا آهن. چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ به ڪي مختلف نتيجا نه نڪرندا وري به پهرين مرحلي جيان ساڳيا نتيجا نڪرندا جن ۾ به ڀوتارن جي اولاد ۽ مٽن مائٽن جي اڪثريت ميدان ماريندي جنهن کي ڪنهن به سياسي پارٽي يا ڌڙي جي نه پر ڀوتارن جي فتح چئي سگهبو. هن ڀيري چونڊن ۾ پهرين صف ۾ ڀوتار سامهون آيل آهن جنهنڪري عام ماڻهو خاص ڪري تعليم يافته ۽ تجربيگار اميدوار مڪاني چونڊن ۾ حصي وٺڻ کان پاڻ کي پري رکي ڇڏيو آهي.عوامي توڙي سڄاڻ حلقن جي راءِ آهي ته جڏهن ڀوتارن جو رت مڪاني ادارن ۾ پوندو يا سامهون اچي نروار ٿيندو ته عام شهري ان مان ڪهڙي اميد رکي سگهندو ۽ هيٺاهين سطح جا اهي ادارا ماضي جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري وڌيڪ ڪرپٽ نظر ايندا جنهن سان عوامي مسئلا شايد ئي حل ٿي سگهن ، شڪايتون ڪر کڻنديون جن جو سنئون سڌو اثر لاڳاپيل سياسي پارٽين تي پوندو نه ڪي ڀوتارن تي.ڪجهه اهڙا به آزاد اميدوار بيٺل آهن جيڪي ڀوتارڪي سياست کان پري آهن جن جي ڪامياب ٿيڻ جي گهٽ اميد نظر اچي ٿي پر مختلف سياسي ڌرين اندر پئدا ٿيل ڌڙا بندي جي ڪري پارٽين جا مخالف ڌڙا ڪجهه آزاد اميدوارن جي اندروني توڙي ظاهري حمايت ڪري رهيا آهن جنهنڪري ٻئي مرحلي ۾ پڻ آزاد اميدوارن جي چونڊجڻ جا به امڪان آهن پر اهڙن اميدوارن کان اهي وعدا ورتا ويا آهن ته اهي ڪاميابي ماڻي سندن ڌڙن ۾ شامل ٿيندا.جيڪڏهن آزاد اميدوار طور ووٽ وٺي ڪو ڪامياب ٿئي ٿو ۽ وري ڀوتارن جو وڃي يار ٿيندو ته اها به ووٽرن سان سراسر نا انصافي ٿيندي ۽ اڳتي ووٽرن جو آزاد بيٺل اميدوارن تان به اعتماد کڄي ويندو.

ڀوتارن جي پنهنجي انا واري سياست هن ڀيري پ پ پ کي ڪافي ڪجهه نقصان به رسايو آهي جنهنڪري اهي تڪ جتي پ پ جي کٽڻ جا سئوسيڪڙو امڪان هئا اتي مخالفن سيٽون کٽيون آهن جنهن جو مثال لاڙڪاڻي جون ڪجهه سيٽون پ پ پ مخالف عوامي اتحاد جا عباسي ڀائر ۽ ٻيا کڻي ويا آهن جنهن جو خاص ڪارڻ اهو ٻڌايو پيو وڃي ته اتي صحيح ڪارڪنن کي ٽڪيٽون ناهن مليون ۽ جن کي به مليون اهي ڪمزور اميدوار هئا يا وري جن کي ٽڪيٽون نه مليون تن پنهنجي ئي پارٽي اميدوارن جي سامهون فارم ڀريا يا وري پ پ مخالف اميدوارن جي حمايت ڪئي.ڪنهن ضلعي سان واڳيل پ پ پ جي هڪ سينئر اڳواڻ پنهنجي پارٽي جي صوبائي صدر ۽ ضلعي صدر تي صحيح ڪارڪنن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ کين ٽڪيٽن کان محروم رکڻ وارا الزام مڙهيا آهن ۽ ان طرف اشارو ڪيو آهي ته پ پ پ جهڙي طرح پنجاب ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان اندر زيرو ٿي چڪي آهي اهڙي طرح سنڌ ۾ به زيرو ٿيڻ وڃي رهي آهي پر اهڙي ڪا به ڳالهه ڏسڻ ۾ نٿي اچي ڇاڪاڻ ته ڌڙابندي جو شڪار هوندي به پ پ سنڌ ۾ سئو سيڪڙو نه پر پوءِ به وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي چڪي آهي ۽ ٻئي مرحلي ۾ به ساڳي قسم جا نتيجا ايندا..پ پ جي پارٽي قيادت پنهنجي ان اڳواڻ خلاف اهڙو بيان ڏيڻ تي ڪهڙي ڪارروائي ڪري ٿي يا وري اهڙي بيان جو نوٽيس وٺي پارٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪو لائحه عمل جوڙي ٿي اها بعد جي ڳالهه آهي پر واقع جيڪڏهن چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ به پ پ جي مضبوط ڳڙهه لاڙڪاڻي شهر جيان دادو ، شهيد بينظيرآباد ، مٽياري ، حيدرآباد ، ٽنڊوالهيار ، ميرپوخاص ، ٺٽو ، بدين ۽ ٿر مان پ پ پ جون ڪجهه سيٽون هٿن مان هليون ٿيون وڃن ته پ پ پ لاءِ سنڌ اندر اهو سٺو سنئوڻ ثابت نه ٿيندو. بهرحال سج لهڻ وقت صورتحال سامهون اچڻ شروع ٿي ويندي جڏهن ٻئي مرحلي جي زورآزمائي جا نتيجا اچڻ لڳندا. چونڊن ۾ ڪنهن جي به سرسي ٿئي ٿي يا نٿي ٿئي اها هڪ الڳ ڳالهه آهي پر اڄوڪو مرحلو ڀوتارن وچ ۾ زورآزامائي وارو دنگل چئجي ته غلط نه ٿيندو.

 

هٿيارن جي رد ٿيل لائيسنس تي عمل ٿيڻ گهرجي..!!: غلام مصطفيٰ جمالي

مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو اڄ کان شروع ٿيڻ وارو آهي.جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ ٿيڻ واري اليڪشن جي مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي جا تمام گهڻا اثر پيل آهن.ڇو ته پنجاب کان ويندي سنڌ ۾ پهرين مرحلي اندر ڌانڌلين جا الزام ۽ هٿيارن جي نمائش جي ڪري ڪيتريون ئي پولنگ اسٽيشن بند ٿي ويون ۽ ڪيترن پولنگ اسٽيشنن تي ووٽر پنهنجا ووٽ ڪاسٽ نه ڪيا.انهي جو ڪارڻ اهو هو ته عوام هٿيارين جي نمائش ٿيڻ ڪري ڊپ ۽ حراس جي ماحول ۾ رهي .تنهن ڪري هنن پنهنجي جاني نقصان کان بچڻ ڪري.مڪاني چونڊن جي ڏينهن پنهنجو سمورو وقت پنهنجي گهر جي چارديواري ۾ گذاريو.جڏهن ته پنجاب جي ضلعن مان مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي اندر لاهور کان سموري پولنگ اسٽيشن جي تي ڌانڌيلن ٿيون ۽ خاص ڪري پي ٽي آءِ ن ليگ ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون ٿيون.جنهن ڪري مڪاني چونڊن جي ڏينهن وقت جو زيان ٿيون ۽ پولنگ به پوري طرح کان پنهنجي وقت تائين هلي نه سگهي.جڏهن ته مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي پنجاب جي مختلف پولنگ اسٽيشن جي جهيڙن جا واقعا سموري ڏينهن ٽي چيئنل جي زينت بڻِيا پر پنجاب اندر انهي ڪارڪنن جي ٿيل جهيڙن ۾ نه ئي ڪو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ زخمي ٿيو ۽ نه ڪو مارجڻ جو اطلاح مليو.پر انهي ڀيٽ ۾ سنڌ جي ضلعن ۾ نه رڳو ڌانڌليون ٿيون پر صبح سويري پولنگ اسٽيِشن شروع ٿيڻ کان پهرين مختلف ٽي وي چيئلن هٿيارن جي نمائش ڏيکارڻ شروع ڪري ڏني.پر جيئن تي مختلف پولنگ اسٽيشن تي وڏين گاڏين م ويٺل انهن نقاب پوش ماڻهن کي خطرناڪ هٿيارن سميت ڏيکاريو ويو.پر حڪومت طرفان انهي تي ڪو به عمل ڏسڻ ۾ نه آيو.ڇو ته جيڪڏهن واضع طور تي هٿيارن جي نمائش ڪئي پئي وئي ته حڪومت کي انهي هٿيارين جي نمائش کي روڪڻ گهرجي هان جيئن ڪو جاني نقصان نه ٿي.جڏهن ته اها سڀني کي خبر آهي ته سنڌ انهي وڏيري پائي ۽ ڀوتار شاهي جو رواج عام آهي ۽ انهن وٽ جيستائين هٿيارن سميت گارڊ نه هجن تي کين سک ناهي ايندو ۽ اها به حقيقت آهي ته انهي وڏيري نظام اندر هن وقت قيبلين جون ذاتي دشمنيون ايتري ته حد تائين وڌي ويون آهن جو اهي مسئلن جي ڄار م ڦاسي پيون آهن جيڪي حل ٿيڻ جو نالو ئي نه پيون وٺن.جڏهن ته سنڌ اندر اها روايت رهي آهي ته انهي دشمني جو فائدو يا ته سياسي جلسي جلوس ۽ شادي جي ڪاڄ يا ته وري اليڪشن جي وقت ورتو ويندو آهي.۽ اها به حقيقت آهي ته هٿيارن جي نمائش جڏهن به ٿي آهي ۽ انهي هٿيارين جي نمائش هميشه وڏيون خون ريزيون ڪرايون آهن.

مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي اندر به ڪجهه اهڙي صورتحال سامهون آهي جڏهن درازاه شريف اندر ٿيڻ واري مڪاني چونڊن ۾ هٿيارن جي نمائش سري عام ٿي ۽ انهي جو نتيجو اهو نڪتو ته انهي هٿيارن جي نمائش 12انساني زندگي جو موت جو ڪارڻ ٻڻي.جڏهن ته سنڌ اندر جيڪي ضلعا احساس هئا حڪومت کي گهرجي ها ته انهي ضلعن اندر وڏي تعداد اندر فوج ۽ ريجنرز مقرر ڪري هان. ڇو ته اها خبر صبح سوير ئي پئجي وئي هئي ته جيڪا هٿيارن جي نمائش ٿي رهي آهي.اها انساني زندگي جو الميو ضرور بڻبي.انهي ڪري حڪومت انهي طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو هيٺ نيتجو اهو نڪتو ته درازاه شريف اندر اهو اوقعو پيش آيو.جڏهن ته واقعو ٿيڻ کانپوءِ حڪومت ته چيو ته اسان انهي واقعي جي مذمت ڪيون ٿا. پر حقيقت طور اگر حڪومت سنجيدا هجي ها..ته شايد اهي نه ٿئي هان.برحال وقت ويو هليو آهي.پر اڄ وقت آهي ۽ اڄ وري به مڪاني چونڊون آهن ۽ سياسي ماحول جي گرما گرمي آهي.جڏهن ته مڪاني چونڊن کان پهرين ٻه حڪومت هٿيارن جي لائيسنس تي مڪلمل پابندي هڻي ڇڏي آهي.جڏهن ته بدين اندر ڪالهه جيڪي به آخري ريليون مختلف سياسي اڳواڻڻ ڪيون انهي اندر سري عام هٿيارن جي نمائش ڏسڻ ۾ آهي،جڏهن ته حڪومت طرفان پابندي هجڻ باوجود به هٿيارن جي نمائش ڏسڻ ۾ آئي انهي ڪري .سوال اهو آهي ته ڇا حڪومت جيڪا علان ڪري ٿي انهن تي عمل ڇو ڪون ٿي ڪرائي سگهي.

جيڪڏهن حڪومت علان ڪري به انهي اعلان تي سختي سان نوٽيس وٺي ڪري عمل ڪرائي.ڇوته بدين ضلعي جي اڪثر پولنگ اسٽيشون حساس آهن.جن اندر جهيڙا ٿيڻ جو امڪان آهن.جڏهن ته هٿيارن جي پابندي هجڻ باوجود به عمل ٿي به سگهيو آهي.انهي ڪري ڇا مڪاني چونڊن ۾ عوام حصو وٺي سگهندي.عوام به اها عوام جيڪا پهرين درازا شريف جو واقعو اکين سان ڏسيو ويٺي آهي.سرڪار پاران بدين ضلعي اندر وڏي تعداد اندر فوج ۽ ريجنرز مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.جيڪا تمام سٺي ۽ بهترين عمل آهي.جنهن جي حڪومت کي جس ڏيڻ گهرجي،پر اتي هڪ اهو سوال اهو به آهي حڪومت جنهن هٿيارن جي لائيسنس تي پاپندي هئني آهي انهي تي عمل ٿين گهرجي،ڇو ته عام ماڻهو وٽ هٿيارن هجڻ جهيڙي جي نشاني آهي.۽ انهي کي تڏهن روڪي سگهجي ٿو جڏهن انهي کي لڳل پابندي تي عمل ٿيندو.ڇو ته بدين تمام حساس آهي جتي وڏين سياسي پارٽين جو پاڻ ۾ مهاڏو اٽڪيل آهي.تنهن ڪري حڪومت کي خاص طور بدين جي ٿيڻ واري مڪاني چونڊن جي ڌيان ڏيڻ جي خاص ضروت آهي.جيتوڻيڪ سنڌ جي 14۽ پنجاب جي ٻارهن ضلعن اندر ٿين امڪاني چونڊون لاءِ حڪومت کي سموري ضلعن ڏانهن به ڌيان ڏيڻو پوندو.ڇو ته پنجاب اندر حفاظتي انتظام سنڌ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه بهتر آهن.پر سنڌ اندر حفاظتي پنجاب جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن.جڏهن ته اليڪيشن دوارن نقصان پنجاب کان وڌيڪ سنڌ ۾ ٿيندو آهي.جهيڙا.هڪ ٻئي تي خوني حملا،پولنگن جو بند ٿيڻ.مخالف ووٽرن مارڪٽ ڪرڻ،اهو اليڪشن دوران عام رواجي ٿي ويندو آهي.جڏهن ته شروعات لتن مڪن کان ٿيندي آهي ختم ڪنهن جي موت تي وڃي ٿيندي آهي.تنهن ڪري حڪومت کي گهرجي جي عوام جي ڪو جاني نقصان ٿيڻ ۽ ڌانڌلين کان صاف شفاف چونڊون ڪرائي عوام کي رليف ڏنو وڃي.!۽ اهو تڏهن ٿيندو جڏهن حڪومت هٿيارن جي رد ٿيل لائيسنس تي مڪمل عمل ڪرائي.

 

سنڌ سرڪار جو سبسڊي کان جواب ۽ ڪمند جي آبادگارن جو مستقبل

سنڌ سرڪار هلندڙ سال ڪمند جي اگهه تي سبسڊي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي،   وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ جي لاءِ آبادگارن ۽ مل مالڪن جي نمائيندن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون ، ملاقات ۾ ڪمند جي ايندڙ فصل جو اگهه مقرر ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه هلندڙ سال ڪمند جي اگهه تي سبسڊي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اجلاس ۾ زراعت جو صوبائي وزير علي نواز خان مهر، چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، سيڪريٽري زراعت گلزار شيخ، ڪين ڪمشنر  ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. شوگر مل ايسوسيئيشن جي نمائيندن سان ملاقات ۾ وڏي وزير چيو ته  هلندڙ مالي سال ۾ سنڌ حڪومت وٽ سبسڊي ڏيڻ جي لاءِ مالي سگهه ناهي ۽ گذريل سال به اسان ترقياتي فنڊن مان سبسڊي فراهم ڪئي هئي جيڪا هن سال ممڪن ناهي، ان جي لاءِ ٻئي ڌريون گڏجي گڏيل رضامندي سان ڪمند جو اگهه مقرر ڪن. پاسما جي نمائيندن چيو ته گذريل سال  هنن کنڊ جي 1.3 ملين ٽن مقامي کپت جي مقابلي ۾ 1.8 ملين ٽن پيداوار ڪئي هئي ۽ ان حساب سان 8 لک ٽن وڌيڪ کنڊ انهن جي گودام ۾ پيل رهي.  قومي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمت هيٺ مٿي ٿيندي رهي ۽ پاڙيسري ملڪن ۾ به کنڊ جي پيداوار وڌيڪ ٿي ان جي ڪري هو وڌيڪ کنڊ بر آمد به نه ڪري سگهيا. حڪومت تي روز ڀريو ته ڪمند جو اگهه 165 روپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي  جنهن تي وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه  چيو ته اهو اگهه مناسب ناهي، ان ڪري وڏي وزير پاسما وارن کي مناسب اگهه مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏيڻ لاءِ وقت ڏنو. وڏي وزير چيو ته منهنجي خواهش آهي ته ڪمند جو اگهه مل مالڪن ۽ آبادگارن جي گڏيل رضامندي سان طئي ٿئي. وڏي وزير آبادگارن سان الڳ ملاقات پڻ ڪئي جنهن ۾ آبادگارن ڪمند جو اگهه 185 روپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. وڏي وزير چيو ته انهن جي تجويز ڪيل قيمت جي حوالي سان مل مالڪن سان ڳالهائيندس ۽ ٻنهي ڌرين جي لاءِ قابل قبول قيمت مقرر ڪئي ويندي. آبادگارن جي وفد جي سربراهي ڊاڪٽر نديم قمر، زاهد ڀرڳڙي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.

ملڪي معيشت ۾ ڪرنگي جي هڏي جي حيثيت آبادگار جي آهي پوءِ اهو ڪڻڪ جو آبادگار هجي، سارين جو هجي يا ڪمند جو، هر سال ڪمند جي آبادگارن ۽ شگر ملز مالڪن ۾ اگهه جي معاملي تي تڪرار اٿندو رهيو آهي پر ان جو ڪو مستقل حل ناهي ڪڍي ويو، مختلف وقتن تي اجلاس پڻ ٿيندا رهيا آهن پر اهي به بنا نتيجي ختم ٿيو وڃن پر آبادگارن کي ڪو رليف نه ملي سگيو آهي، ان ڪري سنڌ سرڪار کي اپيل آهي ته ڪمند هجي يا ٻيو فصل ان تي ايندڙ خرچ ۽ڪيميائي ڀاڻ جي اگهن جا ا انگ اکر ڏسي آبادگارن کي رليف ڏئي سگهجي جئين ملڪي معيشت جي ڪنرنگي جي هڏي سلامت رهي سگهي.