تازيون خبرون

Daily Archives: November 17, 2015

ناگ جو کاڌل نوڙي کان به ڊڄي::!محمد فاروق ٻرڙو: شڪارپور

سنڌي ۾ چوڻي آھي ته ناگ جو کاڌل نوڙي کان به ڊڄندو آھي، عوام به اڌ صدي کان وڌيڪ عرصو آزمائشن ۾ گذاريو آھي، جن کي پنھنجو سمجھيوسين سي بي پروايا نڪتا، جن کي ھڏ ڏوکي سمجھيوسين سي بي ڪاريھر نڪتا، جن کي دوست سمجھيو سي پڪا دشمن نڪتا، جن کي بي باڪ ۽ بيداغ سمجھيو سي ڪرپٽ ۽ مفاد پرست نڪتا، جن کي سلجھيل ۽ ساڄھاءَ ونڊ سمجھيو سي منافق ۽ موقعي پرست نڪتا، نيٺ عوام جي اندر مان آواز اڀرو ڪنھن کي پنھنجو ھمدرد ۽ ھڏ ڏوکي سمجھي؟ ڪنھن تي ويساھ ڪجي؟ ڇا سموري سنڌ ۾ ڪو به اھڙو مانجھي مرد ڪونھي جيڪو ڏتريل عوام جي ڦٽن تي پھاڙ کي؟ سندس اميدن کي صابيا بڻائي، زندگي کان مايوس ۽ مرجھايل دلين جو سھارو بڻجي، ڪي ڪوڏيا ڪاھي پيا ميدان ۾، وڄيون اميدون ۽ آسرا ڏيڻ لڳا.

عوام ۾ اميد جي روشني جي جھلڪ پيدا ٿي، سمجھي ويا آھيون ته ھاڻي سمورا سور لھي ويندا پر اٻوجھ عوام جي منھن تي ھٿ گھمائي شعور جي نالي تي بي ساکي جو ڏول ڏئي، وصثيت ڪندي ويا ته اسان اوھان کي ھٿ ٽنگڻ جو شعور ڏنو آھي، اھو اسان جو قرض آھي اوھان جي مٿان سو ساري ڏيجو، اٻوجھ ۽ غريب عوام وياج سميت قرض جي قست ادا ڪندو رھي، جڏھن ليکو ڪيو ويو ته خبر پئي موري ساڳي جي ساڳي، قست ته صرف وياج جي پئي ادا ٿي، اھو قرض 7 پھڙين تائين به لھي ڪو نه سگھندو، وري واءُ وريو، نارن ۾ نواڻ آئي،

ڌرتي جي ڌڻيائپ جي دعوي شروع ٿي، نئوان نئوان چھريان اڀريان، نيون اميدون پيدا ٿيون، علم ۽ سھم جا رک مٽيا، تعليم ۽ تربيت جا طريقا بدليا، سوچ ۽ فڪر جو رک مڙيو، نظريا بدليا، پر جڏھن انھن نظرين ۽ سوچن جا گل ڦٽا، ڪن سنڌي سماج ۾ وڏي اٿل ڪئي، ھڪ بونچال پيدا ٿيو، وقت پنھنجي رفتار سان ھلڻ لڳو ته اوچتو ھڪ ھڪل ٿي (آيو ڙي آيو) اوھان جي سمورن مسئلن ۽ موجھارن جو ھڪ ئي حل آھي ۽ اھو ھي آھي ته اسان کي ووٽ ڏيو ۽ اسان توھان جا سمورا مسئلا نه صرف حل ڪري ڏيکارينداسين پر اوھان کي چنڊ تي پھچائي ڇڏينداسين.

عوام اعتماد ڪيو، نتيجي ۾ ڏٺو ته خاندان اجڻڻ لڳا ويڙھا ويران ٿيڻ لڳا، ڦر لٽ ۽ ڌاڙا وڌڻ لڳا، عوام آزمائشون ڪري ڪري ٿڪجي چڪو ھو سوچڻ لڳا ته ڪنھن جي ڪڍ لڳجي؟ ڪنھن جي پيان لڳجي؟ ڪنھن تي ويساھ ڪجي؟ ھتي ته آڪنھن ئي چٽ آھي، ناني رڌڻ ۽ پچائڻ واري اوئٽا کائڻ ۽ پيئڻ وارا! مايوسي مان ماضي کي نھارڻ لڳا، ڪن جي دل ۾ خيال اڀريو، ته ڪاش ھن ڌرتي ڪو (خميني) جھڙو پيدا ٿئي، جيڪو ايران جھڙو انقلاب آڻي، من ڪو ڏيھ تان ڏرت لھي، ڪن سوچيو ته ڪاش ڪو ايوب جھڙو جوان پيدا ٿي، جنھن جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو قانون تي عمل ڪري ڏيکاريو، سندس کنيل قدم کي جيتوڻيڪ ميڊيا جي زبان ۾ مرشلا ڪوٺيو ٿو وڃي، پر انصاف ته اھڙو ڪري ڏيکاريائين، جو 7 پھريا ڏوھاري به توباھ تائيب ٿي ويا،

ڪنھن مسڪين جو مال فٻائڻ ته پري رھيو، رڳو نالو ٻڌڻ سان پيا ڪندا ھئا، ڪن سوچيو ته ڪاش وري (گوري انگريز) جو دور موٽي اچي، جنھن جي عمل ۽ انصاف جي تاريخ جا ورڪ به شاھد آھن ته اھڙو انڌير انگريزن وٽ به ڪو نه ھو، مايوسين ۽ نا اميدين جي واچوڙي ۾ ڦاٿل سنڌ جو غريب عوام اڄ به ھن (اوسيئڙي) ۾ آھي، ڇا ھن سنڌي سماجي جي ھيڏي وڏي ڀري مجلس ۾ ڪو اھڙو مانجھي مرض ڪونھي، جنھنجا نه رڳو ھٿ پر سندس دل به صاف ھجي ۽ خوف خدا سان ٽمٽار ھجي؟

اسان وٽ ته پنھنجائپ، پيار، محبت، احساس ۽ سڪون وارا الفاظ ته صرف چپن تي رھن ٿا، پر اندر ۾ ڪاريھر ناگ ڦڻ ڪڍي ڏنگڻ جي لاءِ تيار ٿو رھي ھن دنيا ۾ جتي محبتن جا درس ڏيندڙ ماڻھو ماڻھپ جي سکيا ڏيندي زندگي گذارين پيا، پر پنھنجا به پراون واري ٻولي ۾ ٿا ڳالھائين، ھتي ته صرف جنگين جا ميدان آھن، پر گھر آباد ناھن، ھا سيرت ڪردار ماڻھو جي سڃاڻپ ھوندو آھي، پوءِ اسين ڇو سيرت ۽ ڪردار کي چونڊڻ بجاءِ چھرين کي اڳتي آڻيندا آھيون ۽ پوءِ ايئن ڇو آھي ته ظالم نڪري ويندا آھن ۽ ھتي انصاف جي ڪٽھڙي ۾ مظلوم کي بيھاريو ٿو وڃي، سڀ ڪجھ ھئڻ باوجود اسان وٽ ڪجھ به ناھي، اسپتال کان وٺي اسڪولن تائين، زراعت کان وٺي ترقي جي اھم ڪمن کان ويندي پيئڻ جي صاف پاڻي تائين به اسين پوئتي ڇو آھيون؟ ھر بار اسان جي حسرت مرندي ۽ جيئندي رھي ٿي، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ڪي مخلص ماڻھو ناھن، اسان سدائين واڳن جي وات ۾ رھيا آھيون، جيڪي اسان جي حقن کي ڳڙڪائيندا ٿا رھن،

ھوڏانھن وري جنھن ڏينھن کان اليڪشن جون خبرون ھليون آھن ته ان ڏينھن کان ڪمدار، وياج خان سڀني ڳوٺ وارن کي گھرائي چئي رھيو ھو ته اسان جي برداري جي سردار جو پٽ سڻڀو خان مخالفن کي سبق سيکارڻ جي لاءِ اليڪشن ۾ بيٺو آھي، جيڪڏھن توھان کي لوئي ۽ لڄ بچائڻي آھي ته پوءِ سردار جي پٽ کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪجو نه ته اھو حشر ٿيندو، جو راڄ ڏسندو، ھن سڄي علائقي ۾ وڏيرن ۽ انھن جي واٺن کان سواءِ ماڻھن جي سماجي ۽ معاشي زندگي انتھائي ڏکي آھي، اسڪول بند آھن ۽ اسپتال وجھو آھن ئي ڪو نه، جي آھن ته بيڪار حالت ۾ سي به پري پري، ڳوٺن جي ڀينگ ٿي پئي آھي، ويچارا ھائي ۽ ناري زلت واري زندگي پيا گذارين، ڀوتارن غريبن جي جيئڻ جا سڀ رستا بند ڪري ڇڏيا آھن، ھي چونڊون ڇا جي لاءِ ۽ ڪنھن جي لاءِ آھن؟ ھن چونڊن ۾ غريب عوام سان جھٺ کان سواءِ ڪجھ به نه آھي، اھا سياست اھو ماڻھو ڪري سگھي ٿو، جيڪو ڏاڍو دولت مند ھجي، باقي غريب جي لاءِ سياست ڪرڻ جا دروازا بند آھن، ڇا اسان کي ڀوتار ڪو جديد جمھوري ۽ جيئڻ جھڙو سماج اڏي ڏيندا؟ جڏھن توھان جو گھيرو مطالعو، عمل ۽ تنظيم سازي ھوندي ته پوءِ فتح اوھان جو ئي مقدر بڻجي سگھي ٿي.

 

سـنـڌ جو بي پـهچ ماڻـهو ۽ اينٽي ڪرپـشـن کاتـو: تحرير : مير نادر علي ابڙو: ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ڄامشورو

اينٽي ڪرپشن جو نالو مون تڏهن ٻڌو جڏهن 1977ع ۾ منهنجو والد مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن سکر ڊويزن ٿيو. اڪثر بابا سائين ڪچهري ۾ دوستن کي چوندو هوته انگريز سرڪار هي اينٽي ڪرپشن کاتو نه ٺاهي ها ته هوند اسان جي سنڌ جا ڪامورا کاتا ئي هڙپ ڪري وڃن ها مونکي ته هاڻ اينٽي ڪرپشن جو جج ٿيڻ تي خبر پئي آهي ته آفيسر لکن جا لک مال غنيمت سمجهي ائين هضم ڪيووڃن ڄڻ تـه ڪا سندن ابن ڏاڏن جي ميراث هجي بابا سائين ته پنهنجو وارو وڄائي ويو پر انهي وقت مان ٻار هئس ۽ مونکي اها سندس ڪيل ڳالهه چڱي طرح سمجهه ۾ نه پئي آئي پر خدا جي قدرت 1993ع ۾ مان ايل ايل بي ڪري لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪئي. 1994ع ڌاري ايل ايل بي بنياد تي اخبار ۾ اشتهار آيو اينٽي ڪرپشن انسپيڪٽرن جي ڀرتي لاءِ مون به پنهنجي استاد ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي چوڻ تي درخواست موڪلي ڏني ۽ پوءِ سڀني مرحلن مان نڪرندو ميرٽ تي پاس ٿيس ٽريننگ وغيره ڪري 1998 ع ۾ بحيثيت سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن شهداد ڪوٽ مقرر ٿيس جئين ته شهداد ڪوٽ منهنجو پنهنجو اباڻو ڳوٺ هو تنهنڪري غريب مسڪين ماڻهن جي مون وٽ تمام گهڻي اهميت هئي تڏهن ئي مونکي بابا سائين مرحوم جا مٿيان چيل جملا ذهن تي تري آيا ۽ انهن جملن کي سمجهڻ لڳس. منهنجي خيال ۾ سنڌ حڪومت جو هي واحد کاتو آهي جنهن ۾ جيڪڏهن اينٽي ڪرپشن آفيسر نيڪ نيتي سان ڪم ڪري ته غريب، مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جو دعائون کيس الائي ڪٿي پهچائي ڇڏين. مان اينٽي ڪرپشن سنڌ جي تاريخ جو ننڍي ۾ ننڍو سرڪل آفيسر هئيس محنت، شوق ۽ ايمانداري سان ڪم کي چمبڙي ويس ڪافي غريبن جا ڪم ته رڳو فون تي ئي چوڻ سان ڪري ڇڏيندو هئس، ڪنهن کي خط تـ ڪنهن کي ڪارڊ ۽ ڪنهن سان گڏجي آفيسرن ڏي وڃي کين انصاف وٺرائي ڏيڻ، جڏهن ته اهو سڀ مون پنهنجي دور ۾ ڪيو ۽ ڪري رهيو آهيان. شهداد ڪوٽ کان پوءِ بدلي ٿي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سرڪل آفيسر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ هاڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڄامشورو زون آهيان. لکڻ جو مقصد فقط ۽ فقط هي آهي ته اسان جي سنڌ جو عوام ڏاڍو اٻوجهه ۽ تعليم گهٽ رکندڙ آهي جن کي اها خبر ئي ڪونه آهي ته جيڪڏهن سندن سان ڪو آفيسر ظلم ۽ زيادتي ڪري ته ڪيڏانهن وڃڃي. پوءِ اهي اٻوجهه يا ته وڃي وڏيرن، ڀوتارن، سردارن، پيرن ۽ ميرن جا پير وڃي وٺندا آهن يا وري وڪيل معرفت وڃي ڪنهن آفيسر يا ڪورٽ تائين پهچڻ جي ڪوشش وغيره ڪندا آهن ۽ پوءِ اهي مسڪين پيرين اگهاڙا سالن تائين پيا پريشان ٿيندا آهن پر جيڪڏهن بجاءِ ڀوتارن ۽ وڏيرن جي اوطاقن جي وڃڻ کان اسان وٽ پهچن ۽ فقط هڪ سادي پني (ڪاغذ) تي ڪنهن سرڪاري آفيسر يا ملازم جي طرفان سندن سان ٿيل زيادتي جي حوالي سان لکي ڏين تـ انهن جو ڪم هوند بنا ڪنهن منٿ ايلاز جي ٿي پوي، انهي لاءِ فقط هڪ درخواست تي اسان انڪوائري ڪري پڪا پُختا ثبوت هٿ ڪري هڪدم ايف آءِ آر ڪٽڻ جي لاءِ لکندا آهيون ۽ FIR ڪٽڻ جي اجازت لاءِ پهرين گريڊ کان 8 گريڊ تائين ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر، 9 گريڊ کان 16 گريڊ تائين ڊويزنل ڪمشنر ۽ 17 گريڊ کان مٿين لاءِ جناب چيف سيڪريٽري سنڌ اجازت ڏيندو آهي. ايف آءِ آر ڪٽڻ بعد جاچ شروع ٿي ويندي آهي ۽ اهڙي طرح هڪ دفعو وري ٻيهر پڪا پُختا ثبوت هٿ ڪري پوءِ ئي ڪيس کي چالان ڪيو ويندو آهي. انهي سڄي ڪم ۾ وقت ضرور لڳندو آهي پر فريادي عرضدار جو ڪيس مضبوط کان مضبوط ٿيندو ويندو آهي. جڏهن ته اڪثر عوام ۾ اهو تاثر هوندو آهي ته اينٽي ڪرپشن وارن کي اسان درخواست ڏني آهي ڪافي وقت ٿي ويو آهي پر اڃان ڪجهه به ڪونه ڪيو اٿئون اها بلڪل حقيقت آهي پر انهي دير ٿيڻ ۾ فريادي جو ڪيس به ته تمام گهڻو مضبوط ٺاهيو وڃي ٿو. اسان وٽ عام پوليس جيان لٺ واري ڳالهه آهي ئي ڪونه اسان وٽ آهي قلم ۽ حق واري ڳالهه، مسڪين جڏهن سڀ دروازا آزمائي نااميد ٿيندا آهن پوءِ ئي اسان وٽ اچي پهچندا آهن. مون وٽ ته الائي ڪيتريون عورتون توڙي مرد روئيندا پٽيندا آفيس پهتا ۽ انصاف ملڻ تي کلندا خوش ٿيندا واپس ويا. اسان وٽ گهڻو آزار پوليس ۽ روينيو کاتي جو رهيو آهي، ٻهراڙي منجهـ غريبن کي پوليس لٽي ڦري ڍڳا ڍور وڪڻائي کين فقير ڪريو ڇڏي پر اٻوجهـه ماڻهو خوف کان اُف به ڪونه چوندا. انهي ڊپ کان ته متان فيل مست پوليس وري بـه نه ٽارچر ڪري. مان هتي واضع ڪندو هلان ته اسان وٽ پوليس جي خلاف بيشمار اهڙا ڪيس به داخل ٿيا آهن جن ۾ عرضدارن کي ته پوليس آفيسرن منٿون ميڙون به ڪيون آهن ۽ ڪن موقعن تي پوليس آفيسر پاڪ ڪتاب بـه کڻي عرضدارن ڏانهن ويا آهن ته مهرباني ڪري اسان سان صلح ڪيو نـه تـه اسان جي مٿان ڪيس ثابت ٿيو ۽ چالان ٿياسين ته اسان جون ترقيون ئي ڪونـ ٿينديون. مونکي منهنجي ويجهي مائٽ ڪامريڊ ڄام ساقي جا لفظ ياد ايندا آهن ته “نادر اينٽي ڪرپشن بـ عدليـه جي ڀيڻ اٿئي” جئين ته مان پاڻ به وڪيل رهيو آهيان ۽ ڄاڻان ٿو ته عرضدار کي ڪورٽ ۾ وڃڻ لاءِ به وڪيل کپي، غريب ماڻهو کي پيٽ پالڻ لاءِ اٽو به نه هجي ته پوءِ هو مسڪين ماڻون وڪيل صاحب جي فيس ڪٿان آڻيندو. پر انهي جي بر عڪس جيڪڏهن هو اسان وٽ رڳو هڪ رُپئي واري اڇي پني (ڪاغذ) تي درخواست لکي ڏي ۽ پوءِ ڏسي ته سندن سان انصاف ٿئي ٿو يا نه. انهي جو ثبوت آهي تـه اينٽي ڪرپشن کاتو گذريل ڪافي سالن کان چيف منسٽرن، وزيرن صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کان وٺي ڪمشنرن ۽ وڏن وڏن آفيسرن کي چالان ڪري چڪو آهي. اسان جي سنڌ جي اٻوجھ عوام کي فقط اها ڳالهه سمجهائڻ جي آهي ته اينٽي ڪرپشن آهي ڇا؟ هو انگريزي لفظ اينٽي ڪرپشن کي سمجهن ئي نٿا ۽ جيڪڏهن کين چڱي طرح سمجهائجي ته سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي کان مٿي ڪو اهڙو ادارو آهي ئي ڪونه جنهن ۾ بغير وڪيل ۽ فيس جي سردارن، ڀوتارن، جاگيردارن ۽ وڏيرن جي پيرين پوڻ جي بنا ئي سندن ڪم ٿيو وڃي، ٻين لفظن ۾ هيئن کڻي چئجي ته هي کاتو آهي ئي غريب مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جو جيڪڏهن هو هن کاتي جودرکُڙڪائين تـه !؟

 

نه مقرر ٿيندڙ ڪمند جا اگهه ۽ آبادگارن کي ٿيندڙ نقصان

گذريل ڏينهن صوبائي وزير زراعت علي نواز مهر جا آبادگارن کي شگر ملز مالڪن سان الڳ الڳ اجلاس ٿيا جيڪي بنا نتيجي پڄاڻي تي پهتا، هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ سرڪار شگر مل مالڪن ۽ آبادگارن ۾ ڪمند جو اگھه مقرر ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، شگر مل مالڪن سنڌ سرڪار کان ساڍا ٽي ارب رپيا سبسڊي گھري ورتي، بنا سبسڊي جي آبادگارن کي 180 رپيا اگھه ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، سرڪار آبادگارن کي خاطري ڪرائي آهي ته ٻن ڏينهن اندر 180 رپيا مڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو ۽ شگر مل مالڪن کي سرڪار هلندڙ سال سبسڊي نه ڏيڻ جو نياپو ڏئي ڇڏيو آهي.اجلاس دوران شگر مل مالڪن موقف اختيار ڪيو ته هن وقت پاڪستان اندر شگر ملن وٽ 11 لک مئٽرڪ ٽن کنڊ ذخيرو ٿيل آهي، جڏهن ته ايندڙ سيزن ۾ 50 لک مئٽرڪ ٽن کنڊ پيدا ٿيندي، ان حساب سان ملن وٽ 61 لک مئٽرڪ ٽن کنڊ ذخيرو ٿي ويندي، گھرج پوري ٿيڻ کانپوءِ  20 لک مئٽرڪ ٽن کنڊ بچي پوندي، جنهن کي پرڏيھه نيڪال ڪرڻ لاءِ چئني صوبن جون سرڪارون في ٽن تي 8 هزار رپيا سبسڊي ڏين، جيڪا رقم 16 ارب رپيا ٿئي ٿي، سنڌ ۾ هن وقت شگر ملن وٽ ساڍا چار لک مئٽرڪ ٽن کنڊ ذخيرو آهي جيڪا پرڏيھه نيڪال ڪرڻ لاءِ مل مالڪن سنڌ سرڪار کان ساڍا ٽي ارب رپيا سبسڊي گھري ورتي آهي، تنهن ڪري بنا سبسڊي ملڻ جي هو آبادگارن کي 180 رپيا في مڻ تي ڪمند جو اگھه نٿا ڏئي سگھن، هو 160 رپيا في مڻ تي اگھه ڏيندا، جنهن کانپوءِ صوبائي وزير زراعت علي نواز مهر آبادگارن سان الڳ ملاقات ڪئي ۽ انهن کي شگر مل مالڪن جي مطالبن کان آگاھ ڪيو، ان موقعي تي آبادگارن صوبائي وزير کي چيو ته گذريل سال به کين اگھه نه مليو ، گذريل چئن کان پنج سالن ۾ کين وڏو معاشي نقصان ٿيو آهي، شگر مل مالڪ هٺ ڌرمي ڪيو ويٺا آهن، اسان کي 230  رپيا في مڻ تي ڏنو وڃي. جنهن تي صوبائي وزير کين خاطري ڪرائي ته سرڪار آبادگارن کي 180 رپيا في مڻ ڏياريندي ۽ ايندڙ ٻن ڏينهن اندر اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

ڪمند جي آبادگارن ۽ ملز مالڪن ۾ اگهه ۽ ڪٽوٽي جي معاملي تي ڪيترن ئي سالن کان اهو مسئلو ٿيندو پيو اچي پر ان جو ڪو به مستقل حل ناهي ڪڍي ويو، صوبائي وزير ته تبديل ٿيندا رهن ٿا پر آبادگار ۽ شگرملز مالڪ اتي جو اتي بيٺل آهن جنهن سان صرف ۽ صرف ڪمند جي آبادگار کي ڪاپاري ڌڪ لڳي رهيو آهي جيڪا ساڻس زيادتي آهي جنهن بابت سنڌ سرڪار کي ڪو ٺوس قدم کڻن گهرجي جئين آبادگار کي نقصان بجاءَ ڪجهه حاصل ٿئي.