تازيون خبرون

Monthly Archives: October 2015

ترقين ۾ فرق ڇو ڪيو پيو وڃي، پوليس فورس هڪ آهي ته سينيارٽي به هڪ هئڻ گهرجي: چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف جسٽس آف پاڪستان مسٽر جسٽس انور ظهير جمالي چيو آهي ته ترقين ۾ فرق ڇو ڪيو پيو وڃي، پوليس فورس هڪ آهي ته سينارٽي به هڪ ٿيڻ گهرجي، آءِ جي سنڌ، سنڌ حڪومت جا اختيار استعمال ڪري پوليس جي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ترقين ۾ بي ضابطگين بابت سنڌ رزور پوليس جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، گهرائڻ جي باوجود آءِ جي ليگل، ڊي آءِ جي اسٽبلشمينٽ ۽ ايڊووڪيٽ جنرل پيش نه ٿيا، جسٽس امير هاني مسلم چيو ته اي آءِ جي ليگل پيش نه پيو ٿئي، ڊي آءِ جي حڪومت هٽائي ڇڏيو، ايڊووڪيٽ جرنل نه پيو اچي، عدالت کي تفصيل ڪير ٻڌائيندو، چيف جسٽس انور ظهير جمالي چيو ته ڇا سنڌ پوليس جو ڪم هاڻ سپريم ڪورٽ ڪندي، ترقين ۾ فرق ڇو ڪيو پيو وڃي، ٻڌايو وڃي ته سنڌ پوليس ۾ ڪيتري سينارٽي هيٺ مٿي ڪئي وئي، عدالت آءِ جي سنڌ ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي ٻڌڻي 3 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

ڪراچي۾ جهڳين کي باهه، 4 ٻارڙن سميت 5 ڄڻا سڙي فوت

ڪراچي (اين اين آءِ) گلستان جوهر ۾ ڳجهين ۾ باهه لڳڻ سبب 4 ٻارڙن سميت 5 ڄڻا سڙي فوت، ڪيترائي زخمي ٿيا، تفصيل مطابق گلستان جوهر ۾ جهڳين ۾ باهه لڳي جنهن ۾ 5 ڄڻا سڙي فوت ۽ 7 زخمي ٿيا جن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته فائر برگيڊ عملي وقت تي پهچي ٻين جهڳين کي سڙڻ کان بچائي ورتو، اکين ڏٺي شاهدن مطابق هڪ جهڳي ۾ کاڌو تيار ڪرڻ دورران باهه لڳي جنهن سبب ٻئي جهڳي کي باهه لڳي وئي، جڏهن ته پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ باهه جي واقعي ۾ 5 ٻارڙن جي سڙي فوت ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جو زخمي ٿيڻ تي افسوس جو اطهار ڪندي واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، هن ڪمشنر ڪراچي ۽ ڪراچي ميٽرول پولٽين ڪارپوريشن جي ايڊمسنٽريٽر کي واقعي جي جاچ ۽ ملوث عنصرن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هن متاثر ماڻهن کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته سندن علاج ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي، سنڌ جي گورنر فوت ٻارڙن جي مغفرت ۽ وارثن لاءِ صبر ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.

 

بلاول ڀٽو زلزلي متاثر علائقن جَي دوري تي پشاور پهچي ويو، اسپتال ۾ زخمين جي عيادت

پشاور (بيورو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري زلزلي متاثر علائقن جَي دوري تي پشاور پهچي ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ زخمين سان عيادت ڪئي آهي، جنهن دوران سڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرادري زلزلي سبب زخمي ٿيلن جي عيادت لاءِ پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال پهتو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير قائم علي شاهه، شيري رحمان ۽ ٻيا صوبائي اڳواڻ ساڻس گڏ هئا. بلاول ڀٽو زرداري ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ زخمين جي عيادت ڪئي، جنهن دوران سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا. بلاول جي آمد جي موقعي تي اسپتال ٻاهران کارادر تارون لڳائي وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا. واضح رهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پهريون ڀيرو خيبرپختونخواهه جي دوري تي پهتو آهي.

 

انتشار جو خطرو آهي، حساس قرار ڏنل پولنگ اسٽيشنز تي فوج مقرر ڪئي وڃي: عمران خان جو اليڪشن ڪميشن کان مطالبو

لاهور (اين اين آءِ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اليڪشن ڪميشن کان سڀاڻي ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ حساس قرار ڏنل پولنگ اسٽيشنز تي فوج ۽ رينجرز بيهارڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جنهن صوبائي اليڪشن ڪمشنر بابت سخت تحفظات آهن اهو ئي مڪاني چونڊون ڪرائي رهيو آهي، ن ليگ پنجاب جي ايم ڪيو ايم آهي، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جا اصل قاتل ۽ غنڊا گرفتار نه ٿيا ته آءِ جي ۽ ايس پي جي آفيسن ۽ پوليس آفيسرن جو گهيرو ڪنداسين، 31 آڪٽومبر تي حڪومت جو ڄمي مقابلو ڪنداسين، سروي ٻڌائي رهيو آهي ته پنجاب ۾ به تحريڪ انصاف جو وارو ايندو، اقتدار ۾ اچي ڦر لٽ ڪندڙن پنهنجي يونين قائم ڪري ڇڏي آهي، جڏهن انهن ۾ هٿ وڌو وڃي ٿو ته هي گڏ ٿي وڃن ٿا، ملڪ ۽ جمهوريت کي خطري جو شور شروع ڪن ٿا، جنهن ملڪ ۾ رانا ثناءُ الله جهڙو شخص قانون جو وزير بڻجي وڃي اتي قانون جو الله حافظ آهي، ڪي پي ڪي ۾ حڪومت ڪرڻ جو پهريون تجربو آهي پر تازي سروي ۾ گڊ گورنس جي معاملي ۾ اسان کي ڇهه ڇهه ڀيرا حڪومت ڪندڙن تي برتري حاصل آهي، اين اي 122 ۾ حڪومت جي ڌانڌلي روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر پوءِ به فراد ڪيو ويو، اسان به ٽيڪنيڪل طريقي سان سندن فراڊ کي اڳيان آڻينداسين، اين اي 154 جي فيصلي تي خوشي آهي ۽ هن تڪ ۾ چونڊ مهم هلائڻ لاءِ منتظر آهيان، اهڙن خيالن جو اظهار هن پارٽي سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ۽ يڪي گيٽ ۾ قتل ٿيل پي ٽي آءِ جي ڪارڪن جي گهر ڀاتين سان تعزيت جي اظهار کانپوءِ اتي گڏ ٿيل ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي چوڌري محمد سرور، شفقت محمود، ميان محمود رشيد، عبدالعليم خان، جمشيد اقبال چيما، عمر سرفراز چيما ۽ شعيب صديقي سميت ٻيا به موجود هئا عمران خان وڌيڪ چيو ته ڪي پي ڪي ۾ احتساب لاءِ غير جانبداراڻو نظام آندو آهي، جڏهن پ پ جي هڪ عورت ميمبر خلاف احتساب جو عمل شروع ڪيو ويو ته آصف علي زرداري ٻاهران وڏو شور ڪيو، اسفند يار ولي کي به اچي ڳڻتي ورتو، هن ملڪ ۾ ڪرپٽ ماڻهن جي يونين آهي، هي اقتدار ۾ اچي دولت ڪمائين ٿا، جڏهن انهن جي پيسي ۾ هٿ وڌو وڃي ٿو ته پوءِ يونين گڏ ٿي وڃي ٿي ۽ ملڪ ۽ جمهوريت کي خطري جو راڳ ڳائڻ شروع ڪن ٿا، جيتوڻڪ جمهوريت انصاف ۽ شفافيت جو ٻيو نالو آهي، هن چيو ته يڪي گيٽ ۾ اسان جي ڪارڪنن 10 ڏينهن اڳ چونڊ آفيس کولي هئي، جڏهن ته ن ليگ ڪجهه ڪلاڪ اڳ آفيس کولي ۽ اسان جي ڪارڪنن کي سڌيون گوليون هنيون، جڏهن هتي ماڻهن کي خبر هوندي ته کين حڪومتي سرپرستي سبب ڪير نه پڇندو ۽ اهي بچي ويندا ته پوءِ قانون جي باقي ڪهڙي ضرورت رهجي وڃي ٿي، هن چيو ته جنهن ملڪ ۾ رانا ثناءُ الله جهڙو شخص قانون جو وزير بڻجي اتي قانون جو الله حافظ آهي، عدالت ۾ هڪ شخص بيان ڏئي رهيو آهي ته هن رانا ثناءُ الله جي چوڻ تي ن ليگ جي ماڻهو کي ماريو، عابد شير علي جو والد چئي رهيو آهي ته رانا ثناءُ الله 17 ماڻهن کي قتل ڪرايو، اهو قانون جو وزير آهي، هن چيو ته فيصل آباد ۾ اسان جي ڪارڪن کي ڪيئن گولي هئين وئي ۽ سڄي قوم ٽي وي تي ڏٺو آهي، ماڊل ٽائون ۾ قانون جي وزير جي چوڻ تي هڪ سئو ماڻهن کي گوليون هنيون ويون، رانا ثناءُ الله ان لاءِ مطمين آهي ته کيس حڪومت جي سرپرستي حاصل آهي.

 

(ن) ليگ جي حڪمرانن سان پاڪستان جو خزانو محفوظ نه آهي: اعتزازاحسن

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر اعتزازاحسن چيو آهي ته (ن) ليگ جي حڪمرانن سان پاڪستان جو خزانو محفوظ نه آهي نيب ۽ ايف بي آر کي نوازشريف جي اثاثن جي جاچ ڪرڻ گهرجي ته 1996 تائين 477 رپيا ٽيڪس ڏيندڙ نوازشريف وٽ اربين رپين جا اثاثا ڪٿان آيا لاهور ۾ ميڊيا ان ڳالهائيندي اعتزازاهسن چيو ته ملڪ ۾ سياسي سماجي ۽ معاشرتي انارڪي آهي حڪمران وڏن منصوبن تي لڳل آهن ڇو ته وڏن منصوبن ۾ وڏو گهپلو لڳي ٿو (ن) ليگ جي حڪمرانن سان پاڪستان جو خزانو محفوظ نه آهي هن چيو ته نيب صرف هڪ صوبي ۽ هڪ سياسي جماعت جو احتساب ڪري رهيو آهي نيب ۽ ايف بي آر کي نوازشريف جي اثاثن جي جاچ ڪرڻ گهرجي.

 

ملتان: ويگن ۽ ڪيري ۾ ٽڪر ، 7 ڄڻا فوت، 4 عورتن سميت 9 زخمي

لاهور (اين اين آءِ) ملتان روڊ تي شام ڪي ڀٽيان منگا مندي ويجهو اسٽاف ويگن ۽ ڪيري ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت جڏهن ته 4 عورتن سميت 9 زخمي ٿيا جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي پنجا ب جي وڏي وزير ميان محمد شهبازشريف قيمتي انساني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي حادثي جي جاچ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو.

 

سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊ سڀاڻي ٿيندي، 33 هزار 749 اميدوار ميدان ۾ لٿل

اسلام آباد(اي پي پي) سنڌ ۽ پنجاب جي 20 ضلعن ۾ 2 ڪروڙ 47 لک کان وڌيڪ ووٽر (سڀاڻي) ڇنڇر تي 33 هزار 794 اميدوارن مان چئن سالن لاءِ پنهنجن مڪاني نمائندن جي چونڊ ڪندا. پنجاب ۾ لاهور، فيصل آباد، گجرات سميت 12 جڏهن ته سنڌ ۾ سکر،لاڙڪاڻو سميت 8 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ ٿيندي، پولنگ صبح جو ساڍي 7 وڳي کان ساڍي 5 وڳي تائين بنا وقفي جي جاري رهندي، 758 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن، پنجاب ۾ 3551 پولنگ اسٽيشن نهايت حساس جڏهن ته 8300 حسا س قرار ڏنيون ويون آهن. پنجاب ۾ مسلم ليگ(ن) ۽ تحريڪ انصاف جڏهن ته سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ 10 جماعتي اتحاد وچ ۾ مڪاني چونڊن ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي.اليڪشن ڪميشن جي ذريعن مطابق چونڊ عمل کي شفاف بڻائڻ ۽ چونڊ عملي جي اڻ ڌري رهڻ لاءِ مڪاني چونڊن ۾ خدمتون سر انام ڏيندڙ عملي کي خصوصي وڊيو تربيت ڏني وئي آهي جڏهن ته چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس(ر) سردار محمد رضا وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪيا آهن. پنجاب ۾ لاهور، فيصل آباد، گجرات، چڪوال، ڀڪر، ننڪانه صاحب، قصور، پاڪپتن، اوڪاڙه، لوڌران، وهاڙي ۽ بهاولنگر جي ضلعن ۾ مڪاني چونڊون پهرين مرحلي ۾ ٿينديون جتي 2 ڪروڙ 85 هزار کان وڌيڪ ووٽر پنهنجو ووٽ جو حق استعمال ڪندا. لاهور مان چيئرمين، وائيس چيئرمين جا 4، جنرل ميمبرن جا 64 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن، فيصل آباد مان ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين، وائيس چيئرمين جا 2، يونين ڪائونسل جي جنرل ميمبر جا 129، ميٽرو پوليٽن جا 32 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن. سنڌ ۾ سکر، خيرپور، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور ۽ قمبر جي ضلعن ۾ پولنگ ٿيندي جتي 46 لک 18 هزار کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. لاهور ۾ 43 لک کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي نمائندن جي چونڊ ڪندا جڏهن ته فيصل آباد ۾ 39 لک کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. پولنگ جو وقت 9 ڪلاڪن مان وڌائي 10 ڪلاڪ ڪيو ويو آهي.

 

اداڪاره سني ليون فلم ”مستي زادي“ ۾ پهريون ڀيرو ڊبل رول ادا ڪندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره سني ليون چيوآهي ته ڀارت ۾ مون کي بيباڪ اداڪار طور ڏٺو وڃي ٿو پر حقيقت ۾ مان هڪ احمق آهيان ڀارتي ميڊيا رپورٽس مطابق پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ سني ليون جو چوڻ هو ته هو پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”مستي زادي“ ۾ پهريون ڀيرو ڊبل رول ادا ڪري رهي آهي هن جو چوڻ هو ته هو پنهنجي نئين ايندڙ فلم ۾ خوبرو ليليٰ ۽ احمق ليليٰ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي سني ليون جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ کيس هڪ بي باڪ اداڪاره طور ڏٺو وڃي ٿو پر حقيقت ۾ هي احمقاڻو عمل آهي. ان جو وڌيڪ چوڻ هو ته مستي زادي ۾ ليليٰ جو ڪردار ان جي شخصيت سان ملندڙ جلندڙ ۽ دل جي گهڻو قريب آهي واضح رهي ته بالي ووڊ جي بي باڪ اداڪاره سني ليون جي فلم کي هلندڙ سال مئي ۾ رليز ٿيڻو هو جڏهن ته سينسر بورڊ کان اجازت نه ملڻ کان پوءِ پهريان ان جي رليز جي تاريخ 13 آگسٽ نڪري ويئي ۽ هاڻي فلم ڊسمبر ۾ سئنيما گهرن جي زينت بڻجڻ جو امڪان آهي.

 

ڪيريئر جو سڀ کان بهترين مشورو والد ڏنو: دپيڪا پڊڪون

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره دپيڪا پڊڪون چيو آهي ته کيس پنهنجي فلمي ڪيريئر دوران سڀ کان بهترين مشورو سندس والد ڏنو. ڀارت جي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق 29 ورهين جي دپيڪا چيو ته کيس ڪيريئر جي شروعات ۾ پلاسٽڪ سرجري ڪرائڻ جو مشورو ڏنو ويو جيڪو سڀ کان وڌيڪ سٺو مشورو هو تنهن هوندي به هن اهو مشورو ڏيندڙ جو نالو نه ٻڌايو. واضح رهي ته دپيڪا پڊڪون پنهنجي نئين فلم ”باجي رائو مستاني” ۾ رنوير سنگهه ۽ فلم ”تماشه“ ۾ رنبير ڪپور سان گڏ ايندي.

 

پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽ مئچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ آخري مئچ پهرين نومبر تي شارجا ۾ کيڏي ويندي

شارجا (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ مئچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ آخري مئڇ پهرين نومبر تي شارجا ۾ کيڏي ويندي شيڊول مطابق ٽين ۽ آخري ڪرڪيٽ ٽيسٽ مئچ پهرين نومبر شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم تان شروع ٿيندي انکان پوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 4 ون ڊي مئچن جي سيريز جي پهرين مئچ 11 نومبر تي شيخ زيد اسٽيڊيم ابوظهبي ۾ کيڏي ويندي ٻي ون ڊي مئچ 13 نومبر تي شيخ زيد اسٽيڊيم ابوظهبي ۾ کيڏي ويندي ٽين ون ڊي مئچ 17 نومبر تي سارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيندي ويندي جڏهن ته چوٿين ۽ آخري مئچ 20 نومبر دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي-20 بين الاقوامي ڪرڪيٽ مئچن جي سيريز جي پهرين مئچ 26 نومبر تي دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي ٻي مئچ 27 نومبر تي دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽي-20 ڪرڪيٽ مئچ 30 نومبر تي شاجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.