تازيون خبرون

Daily Archives: October 29, 2015

پاڪستاني اداڪاره فحش منظر ڪرڻ کان انڪار ڪري ملڪ جي لڄ رکي ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) پاڪستان جا مشهور اداڪار ڀارت ۾ به ڪافي مقبول ۽ مشهور آهن پر فواد خان ۽ ماهره خان جهڙا نامور اداڪار فحش منظر عڪسبند ڪرڻ کان مسلسل انڪار ڪري پنهنجي ملڪ جي به لڄ رکي جنهن جو اطلاع عوام کي گهٽ ئي ملي ٿو تازو ئي پاڪستاني اداڪار فواد خان، علي ظفر ۽ ماهره خان پنهنجي ايندڙ فلمن ۾ فحش منظر ڪرڻ کان هڪ دفعو ٻيهر انڪار ڪري ڇڏيو آهي پاڪستاني اداڪاره ماهره خان شاهه رخ خان ۽ نوازالدين صديقي سان پنهنجي ايندڙ فلم رئيس ۾ فحش منظر عڪسبند ڪرائڻ کانا نڪار ڪيو آهي هڪ رپورٽ مطابق ماهره خان نواب الدين صديقي سان گڏ جنهن منظر کي عڪسبند ڪرائڻ کان انڪار ڪيو آهي اهو ڪافي حد تائين جنسي تشدد جي منظرن تي ٻڌل هو ۽ ماهره خان اهڙو ڪوبه منظر نڀائڻ لاءِ راضي نه آهي جنهن سان پاڪستان ۾ سندن مداحن جي نظر ۾ انهن جي ساک متاثر ٿئي هن فلم ۾ ڪنگ خان ئي ڇو نه موجود آهي.

 

فلم ”دل والي“ ۾ پنهنجي ڪيريئر جو منفرد ڪردار ادا ڪيو: ڪاجول

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ڪاجل چيو آهي ته هن فلم ”دالي والي“ ۾ پنهنجي ڪيريئر جو منفرد ڪردار ادا ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق هو هميشه هر فلم لاءِ مختلف ڪردار ڳوليندي آهي ۽ فلم ”دلي والي“ ۾ پڻ هن هڪ مختلف ڪردار ادا ڪيو جيڪو سڀني کي پسند ايندو. هن وڌيڪ چيو ته فلم جي ڪاميابي يا ناڪاميءَ جي باري ۾ ڪجهه چئي نٿو سگهجي. هن چيو ته شاهه رُخ خان سان گڏ ڪم ڪرڻ سٺو لڳندو آهي ۽ سکڻ جو موقعو ملندو آهي. ڇاڪاڻ ته هو ٽيڪنيڪل لحاظ کان هڪ وڏو اداڪار آهي. فلم دل والي نومبر ۾ ديوالي جي موقعي تي رليز ٿيندي.

 

ڪمار سنگا پاران پاڪستان جي پهرين ٽي ٽوئنٽي ليگ پاڪستان سپر ليگ ۾ شامل ٿي ويو

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) سريلنڪا ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ڪمار سنگاڪارا پاڪستان جي پهرين ٽي ٽوئنٽي ليگ پاڪستان سپر ليگ ۾ شامل ٿي ويو آهي، سنگاڪارا ڊسمبر کان رانديگرن سان ٿيندڙ معاهدن لاءِ پنهنجي موجود هجڻ کان آگاهه ڪري ڇڏيو، ڪمار سنگاڪارا ورلڊ ڪپ 2015 ۾ 7 اننگز ۾ 541 رنسون ٺاهي ايونٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ ٻيو بيٽسمين هو، هن آگسٽ 2015 ۾ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.

 

آءِ سي سي سلمان ۽ آصف جي ميڊيا سان ڳالهائڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل پاران هر قسم جي ڪرڪيٽ کيڏڻ جا اهل قرار ڏيڻ جي باوجود پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سلمان بٽ ۽ فاسٽ بالر محمد آصف کي واپڊا ٽيم عملدارن گذريل ڏينهن نيشل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ قائد اعظم ٽرافي جي افتتاحي ميچ دوران ميڊيا سان ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو، ٻنهي رانديگرن کي پي سي بي هدايت مطابق ڪرائي وائيٽس خلاف ميچ ۾ شآمل نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صحافين انهن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سلمان ۽ آصف واپڊا ٽيم جي اهلڪار حسن مسعود جي هدايت تي ميڊيا سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو، آصف مسعود جي ننڍي ڀاءُ صحافين کي چيو ته سلمان بٽ ۽ آصف ڪرڪيٽ ۾ واپس اچي رهيا آهن، ان لاءِ هي ميڊيا سان ڳالهائڻ جو مناسب وقت نه آهي.

 

داعش جو اصل چهرو ۽ ٽوني بليئر جو بيان..: غلام مصطفيٰ جمالي

ويهه صدي جي ختم ٿيڻ وقت آمرڪي اخبار نويس.جنهن اسلامي دنيا کي هڪ دفعو ٻيهر مغرب جي صليب تي ٽنگهڻ ۽ غلام بڻائڻ لاءِ مغربي سامراجن کي پيش ڪش ڪئي. ۽ ان يهودي جو نالو“تامهس فريند مين ”هو سندس هڪ ڪالم جيڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو جنهن جو عنوان هو.“عالم اسلام ۾ هر حال ۾ جنگ رهي”..ان جو اهو مقصد هو.!! اسلامي ملڪن اندر امن جو نالو نشان ئي نه هجي.همِيشه اسلام ملڪن اندرخانه جنگي رهي.اسلامي ملڪ پاڻ ۾ وڙهڻ جنهن جو اسان فائدو وٺون.انهي ڪري مغربي سامراج اهڙي سوچ سوچي ته آخر اهڙو ڪهڙو طريقو ڪجي جنهن سان اسلامي ملڪن ڏڦير پيدا ٿي.اوهان ڏٺو هوندو ته اها مغربي سامراجن جي روايت رهي آهي ته انهن هميشه جنهن به ملڪن تي حڪمراني ڪئي آهي انهي ملڪ اندر انهن سڀ کان پهرين انهي ملڪ جي تعليم کي ڌڪ رسايو آهي.جيئن هڪ اهڙي مغربي سامراجي جو چوڻ آهي ته جڏهن به اوهانکي ڪنهن ملڪ تي حڪومت ڪرڻي آهي ته ان ملڪ مان صرف ٻه شيون کسيون انهن ٻن شين مان هڪ شيءُ اها ته ان ملڪ جي تعليم ختم ڪيو ٻيو انهي ملڪ اندر فرقيواريت کي جنم ڏيو.پوءِ اهو ملڪ اهڙو ڪمزور ٿي ويندو.جنهن کي پاڻ سنڀالڻ ڏکيو ٿي پوندو ۽ اهو انهي الڙکائيندر ملڪ تي اوهان آساني سان پنهنجو مغربي سامراج آڻي سگهون ٿا.انهي ڪري انهن مغربي سامراجن اهو ئي طريقو استعمال ڪيو.پهرين اسلامي ملڪن مان سندس ٻولي ۽ تهذيب کي ختم ڪيو ۽ انهي ٻولي ۽ تهذيب جي بدلي پنهنجو ٻولي ۽ تهذيب جي تبليغ ڪئي.۽ پوءِ مغربي سامراج اهي ڪندا ويا.۽ انهي پنهنجي مقصد اندر ڪامياب ٿيندا ويا.جڏهن انهن پوري اسلامي ملڪن اندر پنهنجي تهذيب کي عام ڪيو ته انهي تهذيب اسلامي ملڪن اندر اهڙو اثر ڏيکاريو جن آهستي آهستي اسلام ملڪن اندر فرقيواريت کي جنم ڏنو.۽ پوءِ انهي مغربي سامراج انهي فرقيواريت کي انتهاپسدي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.۽ مسلمانن اهڙو گروهه پيدا ڪيا جيڪي خد پنهنجي مسلمانن جا دشمن بنجي ويا.جڏهن ته انهي مغربي سامراج انهي فرقيواريت کي وڌيندي ڏٺو۽ مسلمانن کي مسلمان سان بي انتها نفرت ڪندي ڏٺو ته انهي انهي مسلمانن مان تنظيمون ٺاهڻ شروع ڪيو جن جي وڏي تعداد اندر اسحلو ڏنو ويو ۽ انهن کي وڏي رقم ڏئي ڪري کين لالاچي بڻايو ويو.۽ انهن مغريي سامراجن جو اهو تجربو ڪيترو ڪامياب ويو اهو اسان جي سامهون آهي.جنهن جا اهڙا ته نتيجا نڪتا آهن جو اسلامي ملڪ واقعي هڪ وڏيون اذيتون ڀوڳي رهيا آهن.انهي مغربي سامراجن جي پيدا ڪيل ٻج کي هن وقت اسلامي ملڪن جا دشمن ڪيترائي ملڪ پاڻي ڏئي رهيا آهن.يعني انهن تنظيمن تي ڪڙورين رپيا پاڻي وانگر خرچ ڪري رهيا آهن .جن ملڪن ۾ انڊيا ۽ اسرائيل پهرين نمبر تي آهن.پر انهي ڪري وڏي افسوس جهڙي ڳالهه ته اها آهي جو خد مسلمان پنهنجي مسلمان ڀائرن جي ڪهڻ لاءِ ڪات ڪهاڙا تيز ڪري رهيا آهن.مشرقي سطح کي ايشا ۾ سڀ کان وڌيڪ القائداه جهادي گروپ سڀ کان اڳيان هو.جنهن جي سموري واڳ آمريڪا جي هٿ ۾ هئي.جڏهن ته سندس سرمايه ڪاري خد آمريڪي سامراجن جي هٿ ۾ هئي.جڏهن ته اساما بن لادن جو موت کان پوءِ القاده جو زوال بڻيو.

ان کان پوءِ وري ته مشرقي سطح تي ايشا جو امن خراب ڪرڻ لاءِ آمريڪي سامراجن داعش نالي جهادي تنظيم کي جنم ڏنو.۽ هي اهو هڪ ننڍڙو گروپ هو جيڪو همِيشه القائده جي پيسي جي هلندو هو.پر هاڻ اها داعش جنهن جو اصل چهرو سامهون اچي رهيو آهي. مغربي صليبي سامراج ۽ اسلام جي دشمن سابق وزيراعظم ٽوني بلئير خد اهو اعلان ڪيو هو ته اها اسان مسلمانن جي سبق سيکارڻ لاءِ ٺاهي آهي.جڏهن ته پنهنجي دور اندر ٽوني بلئير ۽ جارج بش اسلام ۽ اسلامي ملڪن جا وڏي ۾ وڏا دشمن هئا. ۽ انهن ٻنهي بزرگ دهشتگردن آخري اليڪشن انهي ئي حيثيت تي کٽي هئي ته صليبي سامراج. مسلمانن کي نشانو بڻائي. اهو حال ۽ موقف ٽوني بلئير جو هو جنهن ڪري بش کيس مشرقي سطح تي مغربي ملڪن جي صليبي سامراج جو نمائيندو ۽سفير مقرر ڪيو.۽ انهي وقت ٽوني بلئير داعش کي وجود ۾ آندو.انهي ڪري هن ڪالهه واري پنهنجي بيان اندر ڳالهه فخر سان ڪئي ته داعش سندس پيدا ڪيل تنظيم آهي.ان ڪري ٽوني بلئير جو اهڙو بيان وڏو شرمناڪ آهي.

عراق اندر ڏهه لک ماڻهن کي شهيد ڪرائي ۽ عراق کي برباد ڪري کنڊر بڻائي ڇڏيو.انهي ڪري ۾ لکين ماڻهن جي خون جا زميوار اهي ٻئي دهشتگرد ٽوني بلئير ۽ بش آهن.انهي ڪري انهي ٻنهي مٿان هڪ جنگي مقدمو هلايو وڃي.داعش پاران اسلامي ملڪن اندر جيڪي به ڪاروايون ٿيون آهن.انهن جو زميوار کي قرار ڏنو وڃي.ڇو ته داعش اها واحد تنظيم آهي جنهن مسلمانن جو سڀ کان وڌيڪ قتل عام ڪيو آهي.مسلمانن کي زندهه باهه ۾ ساڙڻ کين سرن ۾ ڳوليون کين زندهه ذبح ۽ انهن جون وڊيون ڀري دنيا ئي ميڊيا کي پيش ڪري مسلمانن جي حراسان ڪرڻ اهو سڀ ڪجهه انهن ٻنهي دهشتگرد ٽوني بليئر ۽ چارج بش جي کاتي ۾ لکيا وڃن.ڇو ته داعش جنهن جو وجود انهي صليبي سامراجن جو پيل آهي اها ملڪمل طور ختم ناهي ٿي.اها اڃان به مسلمانن جي ملڪن اندر پنهنجي دهشتگردي جا ڄار وڇائي رهي آهي.۽ انهن مسلمانن ملڪن اندر تمام گهڻي خون ريزي ڪئي آهي ۽ بي گناهن مسلمانن جو رت وهايو آهي.داعش هن وقت پوري اسلامي ملڪن اندر پنهنجو ڄار وڇائي چڪي آهي.۽ مسلمانن ملڪ خلاف پنهنجي دهشتگردي جي حملن جا منصوبا جوڙي رهي آهي.انهي ڪري داعش جيڪا بي گهوڙي جيان بي قابو ٿي وئي آهي انهي کي قابو ڪرڻ لاءِ انهن ٻنهي دهشتگردن کي قابو ڪري کين سزا ڏني وڃي ۽ اسلامي ملڪن کي گهرجي ته پاڻ ۾ هڪ ٿي انهي ڳالهه ۽ غور فڪر ڪن.

 

ڪاڇي جي مارن کي موٽي مليل مرڪون: اسد ڏاهري

هن سال جولاءِ آگسٽ ۾ پوندڙ زرودار برساتن ۽ جابلو نيون وهي اچڻ ڪري دادو ضلعي جي جوهي ۽ خيرپورناٿن شاهه تعلقن جا ڪاڇي وارا علائقا سائي چادر پاتل وادي وارو ڏيک ڏئي رهيا آهن، جتان جي محنت ڪش آبادگار مارو خوشي وچان نٿا ماپن ڇاڪاڻ ته هن سال پيل برساتن کانپوءِ جيڪي به باراني فصل پوکيا آهن سي هاڻ تياري طرف آهن ۽ ڪٿي ته لابارا به شروع ٿي ويا آهن.جوهي جي واهي پانڌي ، حاجي خان ، هيرو خان ، قصبو ۽ ٻين واهڻن ۽ وسندين جي آبادگارن کي اها اميد آهي ته زراعت جي لحاظ کان هو هن ڀيري ججهي پئداوار کڻندا جنهن سان نه صرف هو پاڻ پر سندن ضلعو ۽ صوبو به خوشحالي ماڻيندو.جيئن جيئن فصل تيار ٿي رهيا آهن ۽ فصلن ۾ لابارا پئجي رهيا آهن تيئن تيئن اتان جي مارن جون وڃايل مرڪون ٻيهر واپس ٿيڻ لڳيون آهن.

 

زراعت کاتي جي هڪ ٽيم جنهن ۾ ڊپٽي ڊئريڪٽر علي نواز ڪلهوڙو ، اسسٽنٽ ڊئريڪٽر ارباب علي کوکر ، ايگريڪلچر آفيسرز دين محمد بلوچ ۽ ضياءُالحسنين جوڻيجو شامل هئا سيڪريٽري زراعت سنڌ ۽ ڊئريڪٽر جنرل زراعت سنڌ جي هدايتن تحت جوهي تعلقي جي ڪاڇي واري علائقن جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ آبادگارن سان ملاقاتون ڪيون ۽ کين باراني فصلن جي وڌيڪ پئداوار وٺڻ ، لاباري جي صحيح طريقن ۽ اناج جي منتقلي بابت سائنسي بنيادن تحت مشورا ڏنا.دادو ضلعي جي ڪاڇي وارن علائقن ۾ برساتن کانپوءِ اتي سرنهن ، جوار ، ٻاجهري گوار ، تر ۽ ٻيا فصل پوکيا ويا هئا جن جي واڌ ڪافي بهتر ٿي آهي البته ڪجهه هنڌن تي مهينو کن اڳ پيل غيرمندائتي برساتن سبب جتي پوکيل فصل کي ڄڻ ته ڀاڻ جو وزن ملي چڪو آهي.زرعي ٽيم جو موقف آهي ته موسم جي اوچتي تبديلي ۽ گورک جبل واري پاسن کان ايندڙ ٿڌين هوائن ترن ۽ سرنهن جي فصل کي معمولي نقصان ضرور رسايو آهي جيڪو اقتصادي حد واري نقصان تائين ناهي. صرف پنن کي نقصان پهتو آهي سو به انوقت پهتو آهي جڏهن ترن ۽ سرنهن جا فصل پچي چڪا آهن ۽ لاباري جي لائق آهن.

 

ڊپٽي ڊئريڪٽر زراعت محترم علي نواز ڪلهوڙو جو چوڻ آهي ته جوهي تعلقي جو ڪاڇي وارو علائقو کيرٿر جي گورک ٽڪري جي اوڀر ۾ واقعي آهي جنهنڪري اتي آڪٽوبر جي شروع ٿيندي ئي موسم جي تبديلي جو آغاز ٿي ويندو آهي جيڪو اتي گهڻو ڪري باراني توڙي ٽيوب ويلن يا نئين گاج جي پاڻي تي آباد ٿيندڙ فصلن تي پنهنجو اثر ڇڏيندي آهي تنهنڪري اتي پوکيا ويندڙ نازڪ ۽ حساس فصل جهڙوڪ تر ، سرنهن ۽ ڄانڀو متاثر ٿين ٿا جن جا گهڻو ڪري پن سوڪهڙي ۽ پن ڇڻڻ جو شڪار ٿين ٿا جيڪا هڪ معمول جي ڳالهه آهي جنهن کان آبادگارن کي خوف نه ڪرڻ گهرجي پر پوءِ به جيڪڏهن ڪا خطري واري ڳالهه هجي ته حد جي زرعي عملي سان رابطو قائم ڪري درپيش مسئلي مان ٻاهر نڪري سگهن ٿا. بقول سندس ته کاتي ڪاڇي جي آبادگارن جي خواهش ۽ مطالبي تي مقامي نوجوانن کي ايگريڪلچر آفيسر ۽ فيلڊ اسسٽنٽ طور مقرر ڪيو آهي جيڪي هروقت ساڻن رابطي ۾ رهن ٿا ۽ هرهڪ آبادگار سان ملڻ ڏکيو آهي تنهنڪري اهي ڪنهن به مونجهاري وقت انتظار ڪرڻ بدران فيلڊ عملي سان پاڻ به رابطو ڪن.بقول ڊپٽي ڊئريڪٽر زراعت دادو جي ته واهي پانڌي سميت جوهي تعلقي جي مختلف هنڌن تان ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن جا اٽڪل 6 نمونا تازو کنيا ويا آهن جيڪي چڪاس لاءِ لئباريٽري موڪليا ويندا ۽ جيڪڏهن اهي غيرمعياري نڪتا ته ڊيلرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ته جيئن ڪاڇي جي آبادگارن کي معياري دوائون ملي سگهن.زراعت کاتي جو هي عمل به ڪاڇي جي زراعت لاءِ مثبت عمل ثابت ٿيندو. زرعي ماهرن جي ٽيم جي واهي پانڌي ۽ ڀرپاسي جي ڪاڇي وارن علائقن ۾ آمد ۽ آبادگارن جي رهنمائي ڪرڻ تي آبادگارن اهڙي قدم کي نه صرف مثبت قرار ڏنو پر اڳتي به اهڙن رابطن ڪرڻ جي اميد جو اظهار ڪيو آهي.

ڏٺو وڃي ته ڪاڇي واري علائقي ۾ ڪجهه اين جي اوز ، زرعي توسيع کاتي جي فيلڊ عملي ۽ دوا ساز ادارن وڏو ڪم ڪيو آهي جنهن کان ڪاڇي جو عوام ڪڏهن به انڪار نه ڪندو. اهوئي ڪارڻ آهي جو آبادگار ماضي جي ڀيٽ ۾ ڪافي ڪجهه اپائي رهيا آهن ۽ واهي پانڌي پنجاب ۽ ٻين صوبن جي لاءِ هڪ منڊي آهي جتي ٻاهرين صوبن توڙي سنڌ جي وڏن شهرن جهڙوڪ حيدرآباد ، سکر ، لاڙڪاڻو ۽ ڪراچي جا واپاري پهچن ٿا جيڪي آبادگارن جي پئداوار حاصل ڪرڻ لاءِ کين اڳ ۾ ئي رقم ادا ڪري ويندا آهن جنهن سان ڪاڇي جو ننڍو توڙي وڏو آبادگار ڪافي خوشحالي ماڻي چڪو آهي.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪاڇي جي آبادگارن ۽ زراعت کاتي جي زرعي ماهرن وچ ۾ رابطه وڌڻ گهرجن ۽ هم آهنگي پئدا ڪرڻ لاءِ سرڪار کي هن علائقي لاءِ ڪو ترقياتي پروگرام ڏنو ويو آهي جهڙو اگريڪلچر گروٿ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ڇاڪاڻ ته واهي پانڌي ۽ ڪاڇي جي ٻين علائقن ۾ ٽيوب ويلن وسيلي بصرن ، ٽماٽن ۽ مرچن جا فصل پوکيا وڃن ٿا جن جي آبادگارن جي رهنمائي وقت جي اهم ۽ مک ضرورت آهي.

 

 

جرڳائي ڀوتار، عدالتي حڪم ۽ پوليس جو ڪردار

گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي اندر عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا آهن ته نارين کي 2 ايڪڙ زمين ۽ ڪجهه پئسن خاطر ڪارنهن الزام مڙهي قتل ڪرڻ بعد بنا ڪفن جي دفنايو وڃي ٿو، قتل ۽ جرڳن جا ذميوار حدن جا ايس ايڇ اوز ۽ ايس ايس پيز آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي بئنچ ۾ عورتن جي 100 کان وڌيڪ تحفظ وارين درخواستن تي گڏيل ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران درخواستگذارن جي وڪيلن پيش ٿي دليل ڏنا. درخواستگذارن جي وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته پوليس جرڳن تي پابندي باوجود وڏيرن، سردارن ۽ پيرن ڏانهن ليٽر لکي فيصلا ڪرائي رهي آهي، جنهن سبب عورتون دارالامان ۾ به محفوظ ناهن. وڪيلن وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته دارالامان مان عورتن کي ڪڍي گم ڪيو وڃي ٿو پر پوليس ڪوبه تحرڪ نه وٺي رهي آهي. ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته هر ٿاڻي جو ايس ايڇ اوز ۽ ايس ايس پيز ڪارنهن الزام هيٺ ڪنهن به ناري توڙي نوجوان جي قتل يا جرڳي جا ذميوار آهن. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڇوڪرين کي 2 ايڪڙ زمين ۽ ڪجهه پئسن خاطر ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪري بنا ڪفن جي دفن ڪيو وڃي ٿو. عدالت وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ وڏي وزير، وزيرن، مشيرن ۽ بااثرن جو غير قانوني حڪم نه مڃڻ جو حڪم ڏنو پر پوليس سندن ڪمداري ڪري رهي آهي. عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته پوليس اهلڪار صحيح ڊيوٽي نه ڪري رهيا آهن، جنهن سبب رڳو لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 60 هزار ڏوهاري روپوش آهن، جن جي تعداد ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿيندي پئي وڃي. عدالت عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو زباني حڪم ڏيندي چيو ته اڳتي ڪٿي به قتل يا جرڳو ٿيو ته ذميوار حد جو ايس ايڇ او ۽ ايس ايس پي هوندا.

لاڙڪاڻو ڊويزن جيڪا سياست جو ڳڙهه سمجهو وڃي ٿي اتي 60 هزار ڏوهاري روپوش آهن جيڪا پوليس جي رپورٽ آهي، جيڪڏهن هڪ ڊويزن ۾ 60 هزار روپوش ڏوهاري آهن ته پوري صوبي جو ڇا حال هوندو، عدالتي حڪمن باوجود ڪمداري جو ڪردار ادا ڪندڙ پوليس ڪجهه نه پئي ڪري سگهي ته هن سسٽم جو ڇا ٿيندو، جتي ڏوهارين جو انگ ايترو هجي، پوليس کي گهرجي ته پنهنجي کنيل حلف تي عمل ڪندي ڀوتارن جي پوئيواري ڪرڻ بدران عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪري جيڪو سندس ڪم آهي، ۽ عوام ۾ وڃايل پنهنجي ساک کي بحال ڪري.