تازيون خبرون

Daily Archives: September 28, 2015

فلم ”خوبصورت“ جي عڪسبندي وارو وقت زندگي جو بهترين عرصو هو: سونم ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور فلم ”خوبصورت“ جي رليز جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي سموري ٽيم کي ياد ڪيو آهي، ڀارتي ميڊيا موجب اها فلم هڪ رومانوي ڪاميڊي فلم آهي، جنهن ۾ پاڪستاني اداڪار فواد خان پڻ حصو ورتو، اداڪاره سونم ڪپور فلم جي رليز جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي چيو ته فلم جي عڪسبندي وارو سندس زندگي جو بهترين ۽ يادگار وقت هو، جنهن کي هوءَ اڄ به ياد ڪري ٿي، انسٽاگرام تي پوري ٽيم جون تصويرون جاري ڪندي هن چيو ته هوءَ فلم جي سموري ٽيم کي ياد ڪري رهي آهي ۽ ٽيم سان گڏ گذاريل وقت هن جي زندگي جو بهترين وقت هو.

 

”جواني پهر نهين آني” باڪس آفيس تي سپرهٽ

ڪراچي(شوبز نيوز) سڄي ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي رليز ٿيل نئين اردو فلم ”جواني پهر نهين آني” باڪس آفيس تي سپرهٽ ثابت ٿي آهي. ٻئين نمبر تي ”هله گله” رهي. اي پي پي کي حاصل ڄاڻ مطابق ملٽي

اسٽار ڪاسٽ تي ٻڌل 2 فلمون”جواني پهر نهين آني” ۽ هله گله“ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي رليز ڪيون ويون جنهن مان ”جواني پهر نهين آني” سپرهٽ ثابت ٿي آهي جڏهن ته ”هله گله“ ٻئين نمبر تي رهي جنهن پڻ سٺو بزنس ڪيو آهي.

 

پاڪستان زمبابوي کي پهرين ٽي-20 انٽرنيشنل ۾ 13 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

هراري(اسپورٽس نيوز) پاڪستان پهرين ميچ کيڏندڙ عماد وسيم جي تيز ترين بالنگ عيوض زمبابوي کي پهرين ٽي-20 انٽرنيشنل ۾ 13 رنسن تان شڪست ڏئي ٻن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي، ميزبان ٽيم 137 رنسن جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. ايلٽن چگمبورا 31 رنسن سان اڳڀرو رهيو. ليفٽ آرم اسپنر عماد وسيم 11 رنسن عيوض 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. کيس ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. گرين شرٽس جي اها زمبابوي خلاف ٽي-20 ۾ لڳاتار اٺين فتح آهي. آچر ڏينهن هتي هراري اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏيل سيريز جي پهرين ٽي-20ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان شاهد آفريدي ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو درست ثابت ٿيو. پاڪستان طرفان آل رائونڊر عماد وسيم جڏهن ته زمبابوي طرفان فاسٽ بالر لوڪ جونگوي پهرين ميچ کيڏي. گرين شرٽس اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورز ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 136 رنسون ٺاهيون. عماد وسيم کي 4 رانديگر آئوٽ ڪرڻ ۽ 19 رنسن جي مفيد اننگز کيڏڻ تي ميچ جي بهترين رانديگر جو ايوارڊ ڏنو ويو.

 

انور علي انجري سبب زمبابوي خلاف سيريز مان آئوٽ

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو آل رائونڊر انور علي فٽنيس مسئلن سبب زمبابوي خلاف ون ڊي سيريز کان ٻاهر ٿي ويو آهي. تفصيل موجب انور علي قومي ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي سيمي فائينل ۾ انجري جو شڪارٿي ويو هو جنهن سبب کيس ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ به شامل نه ڪيو ويو. واضح رهي ته پاڪستان زمبابوي جي دوري دوران 2 ٽي ٽوئنٽي ۽ 3 ون ڊي ميچون کيڏندو.

 

بلدياتي نظام جي تاريخ: اسحاق سومرو

ننڊي کنڊ ۾ مقامي حڪومتن جي تصور ايترو ئي پراڻو آهي جيتري انساني تهذيب جي تاريخ پراڻي آهي. موهن جي دڙي ۽ هڙپا، پنجاب جي پراڻي وسندين ۾ اهڙي حڪومتي نظام جي موجودگيءَ جا آثار مليا آهن. ان قديم حڪومتي نظام ۾ فيصلا سازيءَ جي عمل ۾ دليل، بحث مباحثا ۽ صفائي پيش ڪرڻ ، شاهديون ۽ ٻين واقعاتي حقيقتن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري فيصلا ڪرڻ جو رواج به موجود هو. جڏهن ته جديد رياستي ادارن جي بنياد انگريز راڄ ۾ ئي مڪمل شڪل اختيار ڪئي. تنهنڪري مقامي حڪومتن جو جديد تصور به اسان کي انگريزن جي دور ۾ وڌيڪ واضع نموني نظر اچي ٿو.  ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪن ۾ ته تعليم، صحت ۽ عوام جي لاءِ آمدورفت جي ذريعا پڻ مقامي حڪومتن جي دائري ڪار ۾ اچن ٿا. ٻئي طرف ترقي پذير ملڪن ۾ هي ادارا حڪومتن کان به وڌيڪ طاقتور ٿي ويندا آهن ۽ چونڊيل حڪومتن کي به دٻاءَ ۾ رکڻ شروع ڪندا آهن.

سڀ کان پهرئين 1870 ۾ وائسراءِ هند جي ڪائونسل ۾ لارڊ ميوڪيءَ هڪ قرارداد جي ذريعي مقامي سطح تي ادار قائم ڪرڻ ۽ ان ۾ مقامي ماڻهن کي نمائندگي ڏيڻ جي گهر ڪئي. ان کان پوءَ ان قرار داد کي عملي مڃتا ڏيئي 1883 ۾ “برطانوي هند” جي ڪجهه ضلعن ۾ لوڪل بورڊ ٺاهيا ويا. جن ۾ سرڪاري آفيسرن کان سواءِ علائقي جي ڪجهه بااثر شخصيتن کي به ان جو ميمبر بڻايو ويو. 1907 ۾ “ رائل ڪميشن آف ڊيسينٽرلائزيشن” قائم ڪئي وئي. جنهن جي سفارشن کي مرحليوار تسليم ڪيو ويو، ايترين تائين جو انهن سفارشن کي 1909 وري لوڪل گورنمينٽ جو درجو ڏنو ويو. جنهن لاءِ هندستان ۾ باقائده هڪ وزارت قائم ڪئي وئي. ان تحت مقامي حڪومتن کي ٽيڪس لڳائڻ جي اختيارن کي وڌايو ويو. سرڪاري نمائندگي کي گهٽائي مقامي ماڻهن جي نمائندگي کي وڌايو ويو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جوانهن ادارن جي سربراهي ڊسٽرڪٽ آفيسرن جي جڳهه تي چونڊيل چيئرمين کي سونپي وئي. اهو سسٽم باوجود ڪجهه خامين جي 1937 تائين هلندو رهيو.

هندستان جي قديم ميونسپل ادارن ۾ سڀ کان پهرين مدراس (چنائي) ۾ 1688، ممبئي 1772 ۽ ڪراچي ميونسپل ڪميٽي  1853 ۾ قائم ٿي. جنهن کي 1933 ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جو درجو ڏنو ويو.  1910ع ۾ مقامي حڪومتي ادارن جي ابتدائي شڪل “ بازار ايڊمنسٽريشن” جي نالي سان ٺاهي وئي. ان ۾ چيف ڪمشنر کي اهي اختيار مليل هئا ته هو ڪنهن به ڳوٺ، ٽائون يا شهر کي بازار ايريا قرار ڏيئي اتي ٽيڪس لڳائڻ ۽ خرچ ڪرڻ لاءِ مقامي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري.  برطانوي راڄ دوران انگريز حڪمرانن مختلف وقتن تي مغل حڪمرانن طرفان ٺاهيل نظام ۾ پنهنجي مفادن مطابق تبديليون ڪيون. جنهن ۾ ٽيڪس گڏ ڪرڻ، ملڪ ۾ قانون جي عملداري پيدا ڪرڻ شامل هو. انگريز حڪمرانن پهرئين ته جاگيردارن، زميندارن ۽ مورثي ملڪيت جي بنيادن کي پختو ڪيو. ٽيڪس جي مستقل شرح طع ڪئي. آهستي آهستي مقامي حڪومتن ۾ سڌارا آندا. جن ۾ وڌيڪ زور شهري مقامي حڪومتن تي ڏنو ويو ته جيئن قانون جي حڪمراني ٿئي. ان کان پوءِ ٻهراڙيءَ واري مقامي حڪومتن جي سرشتي ۾ پڻ تبديلي ڪئي وئي. اهڙي طرح شهرن ۾ ميونسپل ڪاميٽيون ۽ ڪائونسلز ٺاهيون ويون جن جي ذريعي شهرن جي ترقي ۽ واڌ ويجهه وارا ڪم ڪرايا ويا. وري ٻهراڙين ۾ پنچائتي نظام کي بهتر بڻائي ان ۾ تبديليون ڪيون ويون. جن ۾ مقامي حڪومتن کي محدود خودمختياري ۽ محدود آمدنيءَ جا اختيار به ڏنا ويا. اڳتي هلي 1935ع جي ايڪٽ تحت صوبن کي ڪافي حد تائين خودمختياري ڏني وئي. جنهن جي تحت ضلعي، تعلقي ۽ ڳوٺن جي سطح تي به اختيار مليا ۽ اهڙي طرح ٽن سطحن تي پهريون دفعو حڪومت، انتظاميه، عدالتي نظام جو بنياد پيو.

ڏٺو وڃي ته  پاڪستان ۾ مقامي حڪومتن جي حوالي سان 68 سالن ۾ ڇهن ماڊلن تي تجربا ڪيا ويا آهن، هر آزمايل ماڊل ۾ ڪجهه ڪمزوريون ۽ خاميون به سامهون آيون. هڪ ڳالهه تمام غور طلب آهي ته ان ۾ اهي سمورا ماڊل انتهائي مرڪزيت پسنديءَ تي مبني آهن. انهن ۾ اختيارن کي مٿان کان هيٺ رکيو ويو آهي. باوجود ان جي ته ڪائونسلرن جي چونڊ جمهوري طريقي سان ٿيندي رهي آهي. پر رياستي ادارن جي ڪنٽرول ۽ نگرانيءَ جي ڪري ان جي خودمختياري سدائين نه هئڻ جي برابر رهي آهي.

جيتوڻيڪ لوڪل گورنمينٽ اسان جي ملڪي آئين مطابق هڪ صوبائي معاملو آهي. پر هر دفعي وفاقي حڪومت ئي ان جي باري ۾ پاليسيون ٺاهيندي آهي. ان لاءِ  پاڪستان جي آئين ۾ چيو ويو آهي ته رياست لوڪل گورنمينٽ جي ادارن جي رهنمائي ڪندي جيڪا علائقي جي چونڊيل نمائندن تي ٻڌل هوندي. انهن ادارن ۾ عورتن، هارين، مزدورن ۽ نوجوانن کي مخصوص نمائندگي ڏني ويندي.

1947 ۾ جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو ته ڪجهه شهرن ۾ مقامي حڪومتن/ بلديات جو سرشتو پنجاب جي ڪجهه علائقن ۽ ڪراچيءَ ۾ موجود هو. ان وقت ميونسپل ڪاميٽين جو نظام ڪو بهتر انداز ۾ نه هو. ميونسپل جي سربراهه جي مقرري جمهوري طريقي يعني ووٽ سان نه ٿيندي هئي. ان جي ڪري ئي اهڙن ادارن جو مقصد، ايجنڊا، بجيٽ ۽ ٻيون سرگرميون سڌي توڙي اڻ سڌي ريت آفيسر شاهيءَ جي اثر هيٺ هيون. ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنرن وٽ ميونسپل جي ادارن جا وڌيڪ اختيار هوندا هئا. ميونسپل ادارن جي ڪمزورين ۽ مقامي ادارن جي ڪردار جي اهميت کي سامهون رکي فوجي آمر جنرل ايوب جي 1959 واري دور ۾ پهرئين جامع ۽ واضع مقامي نظام جو بنياد Basic Democracy جي نالي سان وڌو ويو. جيڪو پاڪستان ۾ مقامي حڪومتن جو پهريون جامع نظام هو. اهڙي طرح ٻيو مقامي نظام وري هڪ فوجي آمر جنرل ضياءَ الحق 1979 ۾ پيش ڪيو. ان سلسلي جو ٽيون مقامي نظام وري هڪ دفعو ٻيهر هڪ فوجي آمر جنرل مشرف 2001 ۾ متعارف ڪرايو.

ايوب خان جي بنيادي جمهوريت واري نظرئي تحت جيڪو مقامي نظام متعارف ڪرايو ويو. ان تحت ٻه دفعا چونڊون ٿي گذريون. جيڪي مشرقي ۽ مغربي پاڪستان ۾ گڏيل طور تي ڪرايون ويون. انهن چونڊن ۾ 80 هزار بلدياتي نمائندا چونڊيا ويا. ان ۾ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته صدر ايوب انهن 80 هزار نمائندن جي ذريعي پنهنجي پاڻ کي صدر چونڊرايو هو. صدارت جي سيٽ لاءِ سندس مقابلو قائد اعظم جي ڀيڻ فاطمه جناح سان هو جنهن ۾ هو ڌانڌلي ڪري فاطمه جناح کان کٽي پاڪستان جو صدر چونڊجي آيو. صدر ايوب جو قائم ڪيل بلدياتي نظام مسلسل 10 سالن تائين هلندو رهيو. ان کان علاوه ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ 1972 ۾ چئني صوبن ۾ پيپلز لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ٺاهيو ويو. پر انهيءَ قانون تحت مقامي حڪومتن جون چونڊون عمل ۾ اچي نه سگهيون.

جنرل ضياءَالحق 1979 ۾ ايوبي نظام ۾ ترميمون ڪري نئون ماڊل پيش ڪيو ۽ انهيءَ نظام تحت ملڪ جي چئني صوبن ۾ 4 دفعا چونڊون ڪرايون ويون. 2001 ۾ جنرل مشرف به اقتدار کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ جو نظام متعارف ڪرايو. جيڪو 1959 ۾ ايوب ۽ 1979 ۾ ضياءَ جي متعارف ڪرايل بلدياتي نظام کان الڳ هيو. جنهن تحت ضلعي سطح تي طاقت جو مرڪز آفيسر شاهيءَ جي جڳهه تي چونڊيل ناظمن کي بڻايو ويو. ڪيترائي ادار جيڪي ضلعي سطح تي ڪم ڪندا هئا جن کي صوبائي حڪومتون ڪنٽرول ڪنديون هيون اهي ضلعي حڪومتن جي اثر هيٺ اچي ويا.

ايندڙ بلدياتي چونڊون پڻ پاڪستان ۾ بلدياتي نظام کي سگهارو ڪرڻ لاءِ هڪ قدم آهي. جنهن سان اختيارن جي منتقلي هيٺين سطح تائين ٿيندي. هي هڪ مثبت قدم آهي جنهن سان حڪومتي ڪاروهنوار ۾ عام ماڻهونءَ جي سڌو سنئون شرڪت ۾ واڌارو ايندو.

 

عيد جي خوشين جا رنگ نرالا ٿيندا آهن:خالد ٻانڀڻ

هي عيد کوڙ سارين خوشين وارن رنگن سان گڏ لذيذ کاڌن جو ذائقو به پاڻ سان گڏ کڻي ايندي آهي ۽ قرباني واري عيد هر سال 10 ذوالحج تي ايندي آهي. ٽي ڏينهن قرباني جا هلندا آهن، پر قرباني ڪهڙي اها جيڪا رڳو جانورن جي ڪئي ويندي آهي. عيد کان پهرين مال پڙي ۾ جانورن سان گڏ انسانن جا انبوهه گڏ ٿيل هوندا آهن. پاڙي مان جيڪڏهن ڪو هڪ لک جو جانور وٺي آيو آهي ته ٻيو پاڙي وارو ان جي مقابلي ۾ 2 لک جو جانور ڪاهي اچي در تي بيهاريندو آهي. شهر جي گاهه اڏين تي ڏهن ڏينهن کان قطارون لڳل هونديون آهن.

اڄ جڏهن عيد جو پهريون ڏهاڙو آهي اڃا ٻيا ٻه ڏينهن قرباني هلندي. گاهه اڏين وارن جا ٺٺ لڳا پيا آهن ته اتي جانور وڪرو ڪندڙ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ اگهه ٻڌائي پنهنجي مرضيءَ سان ڦرين پيا ته ٻي طرف وري ميونسپل وارن جا مزا لڳا پيا آهن. في جانور تان مرضي جو ٽيڪس اوڳاڙيو پيو وڃي. شهر جي گهٽين، روڊن، ميدانن ۾ به غير قانوني پڙيون لڳيون پيون آهن. ڪير به پڇڻ وارو ناهي. گندگي اوجھه، رت سان سمورا روڊ رستا محلا گهٽيون ڀريا پيا آهن پر صفائي سٿرائي عملو به عيد جي موڪلن ۾ مگن آهي. هن عيد تي خرچ اڃا وڌيڪ ٿين ٿا. ڇو ته گهر جي سامان، ڪپڙن، جوتن سان گڏ جانور به خريد ڪرڻا پون ٿا پر قرباني اها قبول هوندي جيڪا حق حلال جي پئسن، بغير شوبازي ڏيکاءُ جي دل جي رضا خوشيءَ سان ڪئي وڃي. جيڪڏهن غريبن، بي پهچن جي دل آزاري لاءِ قرباني ڪيون ٿا ته اهڙي قرباني جو اجر به اهڙو ئي ملندو. گوشت سان رڳو پنهنجون فرجون ڀرڻيون ناهن ڇو ته گوشت جي قرباني جو فلسفو ئي اهو آهي ته جيڪي لاچار، بي پهچ، بي وس ماڻهو سڄو سال گوشت نٿا کائن، انهن کي ٻارهين مهيني گوشت هن قرباني ذريعي وڃي ۽ ملڻ گهرجي، پر اسان وٽ ٿيندو ڇاهي، پهريان ته پنهنجي مرضيءَ جيترو گوشت ڪڍيو ويندو آهي. ان کانپوءِ دوستن، مائٽن کي ڏنو وڃي ٿو پر جيڪڏهن ڪو بي پهچ وٺڻ لاءِ اچي ٿو ته ان کي ڌڪا دڙڪا نصيب ٿين ٿا. هن عيد تي اسان مختلف دل گهريا کاڌا پچائي پاڻ کائڻ سان گڏ ٻين کي کارائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا آهيون ۽ زندگي ۾ خوراڪ جا نوان ذائقا ڀريندا آهيون. عيد جو مزو تڏهن وڌيڪ ذائقيدار ٿي ويندو آهي، جڏهن عيد پنهنجن مائٽن سان گڏ ڪئي ويندي آهي. ماڻهو هزارين ميل سفر ڪري اچي جڏهن پنهنجن سان گڏبو آهي ته رت جي رشتن جي گردش ۾ گرمائش اچي ويندي آهي. ان ڳوٺن جي گهٽين ٻنين، پيچرن، ٻنن ۾ ڄڻ جان اچي ويندي آهي ۽ پاڻ کي پنهنجو ننڍپڻ ڪئسٽ وانگر روائينڊ ٿي ذهن ۾ گهمڻ لڳندو آهي. ڪيڏا نه حسين هئا اُهي ڏينهن، جيڪي ننڍي هوندي جي عيدن ۾ گذاري آياسين. عيد نماز کانپوءِ کائڻ کان وڌيڪ خرچين جو انتظار هوندو هو ۽ خرچي ملڻ کانپوءِ دڪانن ڏانهن ٽولن جي صورت ۾ ڊوڙون هونديون هيون، هاڻي عيد ته ساڳي آهي پر اسان جي زندگي گذارڻ وارا انداز بدلجي ويا آهن. خواهشن جا پهاڙ ذهنن ۾ کڻي سڄو ڏينهن ڳڀي جي ڳولا ۾ آهيون ۽ ڳولا جي رڻ ۾ ڄڻ رلي ويا آهيون. مسئلن، پريشانين، هزار خواهشن جي پلصراط تان هلندي ڄڻ ته ٿڪجي پيا آهيون. اسان جي پيرن ۾ ڄڻ صدين جيڏي اڪيلائي سفر ڪري رهي آهي. عيد جا رنگ ڌنڌلا، ڦڪا ٿيندا پيا وڃن. سوچن جون سرحدون کٽن ئي ڪونه ٿيون! نيڻن ۾ ٽهڪن، روشنين واري عيد بدران لڙڪن، سڏڪن ۽ وڇوڙن جو وشال آسمان ٽڪي پيو آهي. اسان جي عيد هن جي چوڌاري طواف کانپوءِ ٿيندي.

ٻاهرين شيطان کي پٿريون هڻڻ بجاءِ اسان کي پهرين پنهنجي اندر ۾ ويٺل شيطان کي سنگسار ڪرڻ گهرجي ته جيئن عيد جو ڏهاڙو من مان ٻيائي کان پاڪ صاف گذري وڃي.

جيڪڏهن محبتن جو قال نه هجي ته روزانو عيد جو ڏينهن آهي. هونئن به زندگي ۾ خوشيون تمام ٿورڙيون ڏک گهڻا آهن، پر جيڪڏهن يادگيريون حسين آهن ته زندگي جو هر لمحو سهڻو ٿي پوي ٿو. عبدالغفار ٿهيم جي شعر جون سٽون آهن ته،

خواب يادن جي سرخ موسم ۾ دل آڳر تي ڦهليا آهن

خوشبو خوشبو آ منهنجو گهر سارو، گهاءَ رابيل ٿي ٽڙيا آهن.

ها عيد ئي اهڙو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن تي گهاءَ به رابيل ٿي وڃن ٿا. موسمن جا سوين ستارا دل جي آسمان تي نکري پون ٿا. اهي پل ڪيڏا نه سهڻا لڳندا آهن، جنهن گهڙي ۾ تنهنجو گڏ هجڻ وجود کي ڏاڍو وڻندو آهي. ان لاءِ ته چوان ٿو اچو ته هر ڏينهن کي محبتن جي رابيلن گلابن سان عيد ڪري ڇڏيون. اسان جي عيد اهڙي هجي، جهڙي بهارن ۾ گلن جي خوشبوء هوندي آهي ۽ اڄوڪي عيد پڻ اهڙي آهي. ڇو ته اسان جو دوست صحافي شاهد علي سنڌ جي سمورن صحافين جي جدوجهد کانپوءِ ٽن مهينن بعد بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي. پنهنجي پوئين عيد شاهد علي جي آزادي لاءِ احتجاجي ڪيمپ ۾ گذري وئي هئي پر هن عيد جي خوشين ۾ شاهد علي سان گڏ گوشت جو مزو پڻ وڌي ويو آهي.

 

حج دوران سعودي عرب ۾ ٻيو وڏو سانحو…

حج جي ادائيگي واري فرض ۾ شيطان کي پٿريون هڻڻ دوران ڀاڄ پئي،  جنهن ۾ آخري رپورٽن تائين 780 حاجين سوڌو 21 پاڪستاني حاجي به شهيد ٿي چُڪا آهن. هيءَ  عيد انهن حاجين جي پونيئرن لاءِ ماتم هُئي، جن کي پنهنجن حاجين جي شهيد ٿيڻ جي خبر پئي ۽ انهن پونيئرن لاءِ به موت جهڙي انتظار ۾ هيءَ عيد گذري جن جو حج تي ويل پنهنجن مٽن مائٽن سان رابطو نه پيو ٿي سگهي. اڳ ۾ 402 پاڪستاني حاجي هُيا جن جي لاپتا هجڻ ج واطلاع هو پر بعد ۾ پاڪستاني ميڊيا ۽ حڪومت جي گڏيل ڪوششن ڪجهه رنگ لاتو ۽ 86 لاپته حاجين جو پتو پئجي ويو ۽ انهن حاجين جي خوش نصيب پونيئرن ۾ نئون ساهه پئجي ويو ۽ سندن عيد جون خوشيون به بحال ٿي ويون.البته رپورٽن موجب هاڻي به 316 پاڪستاني حاجي اڃا لاپتا آهن، جن سان حڪومت توڙي مٽن مائٽن جو رابطو نه ٿي سگهيو آهي. رپورٽن موجب ڀاڄ دوران  ٿيندڙ هڪ دکدائڪ واقعي کانپوءِ سعودي انتظاميه جي اهلڪارن زخمين کي موبائيل يونٽن جي ذريعي ڪڍڻ ۽ وڏين اسپتالن تائين پهچائڻ وارو ڪم جيتوڻيڪ پنهنجي وت ۽ وس آهر ترت ئي شروع ڪيو هيو، پر جيڪو نقصان ٿيڻو هو سو وڏي انگ ۾ ٿي چُڪو هو ۽ امدادي ڪاررواين کان اڳ ئي 780 حاجي شهيد ٿي چُڪا هُيا. منيٰ سانحي کان اڳ به اتفاق سان هن ئي حج جي موقعي تي 12 سيپٽمبر تي حرم شريف ۾ هڪ ڳري ڪرين ڪرڻ سان 107 حاجي شهيد ٿيا هئا. يعني هن حج جي موقعي تي ٻه سانحا ٿيا جنهن تي جيترو به افسوس ۽ صدمي جو اظهار ڪجي سو گهٽ آهي. رپورٽن موجب ان کان اڳ 2006ع ۾ منيٰ ۾ حج جي ادائيگي ۾ شيطان کي پٿريون هڻڻ جي موقعي تي ٿيل ڀاڄ ۾ سوين حاجي شهيد ٿي ويا هئا. .جنهن کانپوءِ سعودي حڪومت رمي جي موقعي تي شيطان کي پٿريون هڻندڙن ۽ ان کانپوءِ واپس ورندڙ حاجين لاءِ الڳ الڳ رستا ٺاهيا هئا، جنهن کانپوءِ اهڙي سانحي ٿيڻ جا امڪان بظاهر نظر نه پيا اچن پر حادثو چئبو ئي اوچتي واقعي کي آهي. ڪي حادثا اهڙي نموني ٿيندا آهن جو انهن جو تصور ئي ناهي هوندو. يقينن سعودي سرڪار دنيا جي هن سڀ کان وڏي مذهبي ڏڻ ملهائڻ جي موقعي تي انتظامي طور تي سخت اپاءَ ورتا هوندا، پر هن سانحي کانپوءِ ان کي پوءِ پنهنجن انتظامن تي نظرثاني ڪرڻي پوندي ۽ حاجين لاءِ هر ممڪن حد تائين ”فول پروف“ انتظامن لاءِ وڌيڪ جدوجهد ڪرڻي پوندي. ان حوالي سان حاجين کي پڻ حج جي ادائيگي دوران نظم و ضبط قائم رکڻ لاءِ خاص تربيت ڏيڻ جو انتظام ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته اهڙا سانحا حاجين جي پنهنجي جلد بازي سبب ئي ٿيندا آهن، ڀلي ڪيڏا به مثالي انتظام ٿيل هجن پر 25 ۽ 30 لک حاجين جو هڪ ئي هنڌ ڪٺي  ٿيڻ سان ان نوعيت جا واقعا ڄڻ ته اڻ ٽر ٿي ويا آهن. پر اها به حقيقت آهي ته اهڙن سانحن مان سکڻ گهرجي ۽ بهتر انتظام ڪرڻ جي حڪمت عملي اهڙن واقعن جي روشنيءَ ۾ ئي ڪري سگهجي ٿي. باوجود ان جي ته مذهب ۾ برداشت ۽ قرباني جا جذبا پيدا ڪرائڻ لاءِ ئي هي مذهبي ڏڻ فرض ڪيا ويا آهن، جيئن انسان پنهنجي اندر ۾ موجود حيوان کي ڪڍي سگهي، جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جو اصول سکي.حق صرف وٺڻ ئي نه ڄاڻي پر ڏيڻ جو به حوصلو رکي. پر هتي هر معاملي ۾ انسان ”لڪير جو فقير“ بڻجي ويو آهي. اُهو مقصد کي ته ڏسي ٿو، فرض جي ادائيگي ۾ ته دلچسپي رکي ٿو پر ان مذهبي ادائيگي جي مقصد پٺيان موجود ان جي روح کي نٿو سمجھي ۽ جيڪو به ماڻهو لڪير جو فقير هوندو، مقصد جي روح کي نه سمجھندو، پنهنجي نفس کي ماري نه سگهندو سو ٻين جو ته نقصان ڪندو ئي نه ڪندو پر پاڻ به بچي نه سگهندو. شيطان کي پٿريون هڻڻ دوران ٿيندڙ ڀاڄ ۽ پوءِ ٿيندڙ لتڙ ۽ ان لتڙ ۾ شهيد ٿيڻ واري عمل جو ايمانداراڻي نموني جائزو وٺي پنهنجو احتساب ڪجي ته اهو صرف ۽ صرف اٻهرائپ جو ئي نتيجو آهي. انتظام، اصول ۽ قانون ته اوهان جي رهنمائي لاءِ آهن انهن قانونن جو احترام ته ماڻهن کي ئي ڪرڻو آهي پر ماڻهو انهن قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڄڻ اهو ڪم ڪندا هجن ته اهي وڻ جي ان شاخ کي وڍين جنهن تي اهي پاڻ ويٺل هوندا آهن.