تازيون خبرون

Daily Archives: September 15, 2015

ايل پي جي اگهن ۾ 10 رپيا واڌ ڪئي وئي، گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ 120 رپيا اضافو ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو) ايل پي جي اگهن ۾ 10 رپيا واڌ ڪئي وئي، جنهن بعد گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ هڪ سئو 20 رپيا ۽ ڪمرشل سلينڊر جي اگهه ۾ 480 رپين جو اضافو ٿي ويو آهي. مارڪيٽنگ ڪمپنين ايل پِي جـِي قيمتن ۾ 10 رپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي. اگهن ۾ واڌ ٿيڻ بعد گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ 120 رپيا جڏهن ته ڪمرشل سلينڊر جي اگهه ۾ 480 ر

پين جي واڌ ٿي وئي آهي. ان کانسواءِ حڪومت ايل پي جِي جي درآمد تي 6 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏي آهي. مارڪيٽنگ ڪمپنين طرفان قيمتن ۾ اضافي بعد گلگت بلتستان، مري، نٿيا گلي ۽ بالاڪوٽ ۾ ايل پي جِي 110 رپيا في ڪلو ٿي وئي جڏهن ته راولپنڊي، اسلام آباد، ايبٽ آباد، مظفر آباد، فاٽا ۽ نوابشاهه ۾ هڪ سئو رپيا ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي. ڪراچي ۾ ايل پي جِي جي نئين قيمت 80 رپيا في ڪلو ٿيڻ بعد گهريلو سلينڊر 910 رپيا ٿي ويو. لاهور، قصور، گوجرانوالا، گجرات، جهلم ۽ سيالڪوٽ ۾ ايل پي جـِي 85 رپيا ڪلو گرام جي حساب سان دستياب هوندي. ايل پي جِي جا اگهه حيدرآباد ۽ اٽڪ ۾ 90 رپيا جڏهن ته ميرپور آزاد ڪشمير ۾ قيمت 95 رپيا ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي.

 

عامر خان فلم ”دنگل“ جي شوٽنگ لاءِ لڌيانا ۾ 3 مهينا رهندو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار عار خان پنهنجي نئين فلم ”دنگل“ جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ لڌيانا ۾ 3 مهينا رهندو. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب عامر خان گذريل ڏينهن پنهنجي نئين فلم دنگل جي شوٽنگ لاءِ لڌيانا پهتو جتي سندس روايتي انداز م ڀنگڙا ڊانس سان آجيان ڪئي وئي. ان موقعي تي ٻارن ۽ وڏين جو هڪ وڏو انگ عامر خان کي ڏسڻ لاءِ جمع ٿي ويو. ان موقعي تي ڪجهه مداحن عامر خان سان تصويرون پڻ ڪڍرايون. ايڇ ٽي هوٽلز جي مارڪيٽنگ مينيجر چيو ته فلم جو هڪ وڏو حصو هوٽل ۾ شوٽ ڪيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ ريسلنگ رنگ پڻ ٺاهيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته عامر خان هوٽل ۾ 3 مهينن تائين رهندو. هن چيو ته ميرا ڳوٺ ويجهو هڪ ريسلنگ رنگ پڻ ٺاهي وئي آهي. هن چيو ته فلم جي شوٽنگ لاءِ قلعه راءِ پور ۽ گجر وال ڳوٺ ويجهو سيٽس ٺاهيا ويا آهن. ا

 

سني ديول نهايت ئي شريف انسان آهي: ٽسڪا چوپڙا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ٽسڪا چوپڙا چيو آهي ته سني ديول نهايت ئي شريف انسان آهي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب اداڪاره 1990ع ۾ ٺهيل فلم ”گهائل“ جي سيڪوئل ”گهائل ونس اگين“ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي جنهن جا هدايتڪار سني ديول ۽ راهول راول آهن. اداڪاره چيو ته هو فلم جي شوٽنگ کي تمام گهڻو انجواءِ ڪري رهي آهي. هن چيوته سني ديول نهايت ئي شريف انسان آهي، ۽ هن سان گڏ ڪم ڪرڻ کي انجواءِ ڪري رهي آهي. فلم جي ڪهاڻي ممبئي پوليس جي انڪائونٽر اسپيشلسٽ جي حقيقي زندگي تي ٻڌل آهي. فلم جي ڪاسٽ ۾ سني ديول، شاهه رخ خان، سوها علي خان ۽ اوم پوري پڻ شامل اهن. اها فلم 13 نومبر تي سينيما گهرن ۾ نما.ئش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

 

ثانيه مرزا ۽ سندس جوڙيدار مارٽينا هنگس يو ايس اوپن ٽينس وومينز ڊبلز ٽائيٽل کٽي ورتو

نيويارڪ (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا ۽ سندس سوئس جوڙيدار مارٽينا هنگس پنهنجي بهترين ڪارڪردگي سبب يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جو وومينز ڊبلز ٽائيٽل کٽي ورتو. هن فائنل ميچ ۾ آسٽريليا جي ڊيلاڪيو ۽ سندس قزاخستان جي جوڙيدار داريار وسلوائيڊوا کي شڪست ڏني. هلندڙ سال ۾ ٻيو گرينڊ سلم ٽائيٽل کٽي ورتو. تفصيل مطابق آمريڪا ۾ هلندڙ سال جي چوٿين ۽ آخري گرينڊ سلم ٽينس ٽورنامينٽ ۾ کيڏيل وومينز ڊبل فائينل ۾ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا ۽ سندس سوئس جوڙي دار مارٽينا هنگس بهترين راند جو مظاهرو ڪندي آسٽريليا جي ڪيسي ڊيلاڪيوا ۽ سندس ساٿي يارو سلوا شيڊوا کي اسٽريٽ اسٽيس ۾ شڪست ڏئي ميگا ايونٽ کٽي ورتو.

 

علم کي ”پرچوڻ“ ٿيڻ کان ڪير بچائيندو؟:شوڪت لوهار

علم واقعي انسان جي ٽئين اک آهي، انسان ٻن اکين جي نور کان ڀل محروم ٿي وڃي پر ان جي شعوري اک هميشه علمي بصيرت سان ئي روشن ٿيندي آهي ۽ هو ان سان سماج ۾ سوجهرو ڦهلائيندو رهي ٿو. مون کي چڱي ريت ياد آهن اهي خواب يادگيريون جيڪي مون کي پنهنجي ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين روزانو چار ڪلوميٽرن جو پنڌ ڪري اسڪول پهچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ناراضگي يا احتجاج جو رويو روا نه ڪرڻ، بلڪه اهي ڏينهن انهن اڪيچار خوشين ۽ املهه مرڪن سان ٽمٽار هوندا هئا، جن لاءِ ڪو ٻيو دليل آهي ئي ڪو نه. اهي اُهي ڏينهن هئا، جڏهن اسين پنجون درجو پورو ڪري انگريزي پڙهڻ لاءِ ڇهين درجي ۾ داخل ٿيا هئاسين. استاد صاحبان انگريزي جي لپي ۽ سنڌي اکرن کي ملائي پڙهائيندا هئا. انهيءَ دور جي استادن جو دٻدٻو پنهنجو ئي هوندو هو.

اِهي اُهي ڏينهن هئا، جڏهن تعليمي ادارن کي اڃا خانگي اسڪولن جي اڏوهي ڪين کاڌو هو. اهي ڏينهن ڪجهه اهڙن ڏينهن مان هئا جڏهن اڃا استاد صاحبان کي ڪوچنگ سينٽرن يا ٽيوشن سينٽرن جي وڻ ويڙهي ڪين ويڙهيو هو. هر استاد بنا لالچ ۽ هٻڇ جي پڙهائيندو هو، شاگرد پنهنجي استادن کي تخليقي طور پنهنجو هيرو بڻائي پنهنجي سوچن کي علم جي مها ساگر ۾ لاهيندو هو.

اصل ۾ علم آهي ئي اِهو جيڪو دل ۽ دماغ تي اثر ڪري، توهان کي هر شيءِ جي قدر ۽ شناس بخشي. توهان ۾ اختلاف راءِ رکڻ جو حوصلو پيدا ڪري. توهان کي لالڪ يا متفق سان ڳالهه مڃائڻ جو فن سيکاري، علم عقل ۽ قابليت کي ائين سنواريندو ۽ ان مان خوبصورتيون پيدا ڪندو آهي، جيئن هڪ سنگ تراش هڪ پٿر مان ڇيڻي ۽ مترڪي جي مدد سان خوبصورت ايفروڊائيٽ جهڙي خوبصورت ديوي کي تراشي ڪڍندو آهي.

علم ماڻهو ۾ اها سگهه پيدا ڪندو آهي جنهن سان هو پنهنجي، پنهنجي ڪٽنب پنهنجي علائقي پنهجي ڏيهه ۽ پوري انسان ذات لاءِ ڀلائي جو هڪ وسيلو بڻجي ويندو آهي جن ملڪن اهڙي علم جو ثمر کاڌو آهي اهي اڄ ترقي جي افق تي آهي، جن علم کي بس ڪجهه ڊگرين جي حاصلات ۽ گٽ مٽ ڳالهائڻ تائين محدود ڪيو آهي، اهي هڪ عجيب قسم جي ماليخوليا جي ور چڙهي ويا آهن ۽ انهن مان عام ڀلي جي اُميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي.

ڏهاڳ ماريل هن ڏيهه ۾ تعليم جو وکر جڏهن کان بازار جو وکر ٿيو آهي ته علم مان اهو مان مرتبو نڪري ويو آهي جيئن ڪنهن ڦوڪڻي مان هوا نڪري ويندي آهي. استادن پنهنجي اعليٰ پيغمبري ڪرت کي چند ٽڪن عيوض وڪڻي ڇڏيو آهي، ٿي سگهي ٿو ته معاشي ڀونچال ئي ان جو وڏو سبب هُجي ڇاڪاڻ ته اسان جي سماج ۾ استاد جي عزت هڪ پوليس واري کان وڌ ڪو نه آهي. ٻارڙا پنهنجو تعارف ڪرائيندي هٻڪي اُهو ٻڌائيندا آهن ته هو هڪ استاد جو اولاد آهن، ڏسندي ڏسندي سنڌ جي تعليم ائين تباهه ٿي ويئي جيئن وسندڙ شهر ٺٽو مدد خان جي گهوڙن جي سنبن جي ور چڙهي ويو هو. ان جا ڪئين ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. هٿ وٺي پرائمري ۽ هاءِ اسڪول جي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو. ڪاليجن ۾ هڪ عجيب قسم جي ڪلچر جنم ورتو، جتي تقريري مقابلا، بحث مباحثا ٿيندا هئا اتي اڄ صرف ۽ صرف جهيڙا ٿين ٿا، هر اسڪول ۽ ڪاليج ۾ هڪ عدد ڪتب خانو هوندو هو جيڪو هر شاگرد جي علمي اُڃ اجهائيندو هو ۽ ان جي دل کي اجالو بخشيندو هو پر اوهان پاڻ سروي ڪري ڏسو ته گهڻا اهڙا اسڪول ڪاليج آهن جن ۾ ڪتب خانن جا تالا زنگ کائي ويا آهن ۽ ڪتابن ۾ اڏوهي پنهنجا گهر اڏي ڇڏيا آهن. جڏهن کان تعليم خانگي اسڪولن ۾ پرچوڻ ٿي آهي تڏهن کان اهي آدرشي استاد ۽ علمي اتساهه سان ٺٻ شاگرد اڻلڀ ٿي ويا آهن جيئن ٿر ۾ مينهن جي وسڪاري کانپوءِ کنڀيون راتو رات ڦٽي پونديون آهن اسان وٽ خانگي اسڪول ائين ڦٽي پيا آهن. تعليم هڪ کي هڪ وکر Commodity بڻايو ويو آهي. هر ننڍي وڏي پاڙي ۾ هڪ اسڪول کليو پيو آهي.

هر شهر جي سڃاڻپ هاڻ خانگي اسڪول وڃي رهيا آهن جتي بغداد نگري چرٻٽ راجا ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا وارو رواج هلي رهيو آهي۔ اهڙي ريت ههڙن اسڪولن کي ڪنهن به طرح سان تعليمي ادارا چوڻ ڪو انصاف ڪو نه ٿيندو هي هر شهر ۾ ڪارپوريٽ ڪلچر جي پيداوار وڏا وڏا شاپنگ مال آهن جتي تعليم جي وکر کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو.

اسڪولن ۽ تعليمي ادارن جي نالي ۾ وڏا وڏا شاپنگ مال، ننڍا ننڍا آئوليٽ ليس ۽ ان کانپوءِ انگريزي ميڊيم “O” ۽ “A” ليول جي نالي ۾ مانڊڙيون ۽ ريڙها سڀ هوڪا ڏيئي رهيا آهن ته کين جيڪا مهارت ۽ سهولت آهي اُتي توهان هڪ دفعو پنهنجو ٻار ڏيو پوءِ ڏسو ته اسين اوهان کي ڪنگال ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪو نه ٿا ڇڏيون، جڏهن کان وٺي سرڪار تعليم کان توجه هٽائي آهي تڏهن کان وٺي هي گروهه منظم ٿي ويا آهن. هاڻ خانگي اسڪول يا خانگي تعليمي ادارا مافيا جي صورت اختيار ڪري ويا آهن. ذاتي تجربي جي بنياد تي اهو لکان ٿو ته جيتري ڳاٽي ٽوڙ فيس ٻارن کان ورتي وڃي ٿي اگر ان جو هڪ سيڪڙو به انهن اسڪولن ۾ ڪم ڪندڙ استاد مزدورن خاص طور عورت استادن کي ڏنو وڃي ها ته اڄ سڄي سنڌ ۾ بيروزگاري جو ههڙو حشر ڪو نه هجي ها.

خانگي اسڪولن جي في ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف ملڪ گير احتجاج ٿي رهيا آهن. حالت آهي ته ملڪ ۾ هينئر نه تيل وڌيو آهي نه گئس وڌيو آهي پوءِ ڇا جا اضافو؟ خانگي اسڪولن جي فين جي واڌاري خلاف پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ مظاهرا ٿي رهيا آهن ۽ ٻارڙن جي والدين جو چوڻ آهي ته اهي اي ٽي ايم مشينون ٿورو ئي آهن جو هو روزانو جي وڌندڙ خانگي اسڪولن جي فين کي منهن ڏيئي سگهي. هن ملڪ جو عوام اڳ ئي مهانگي جي ٻرندڙ جبل ۾ جلي ڪوئلو ٿي ويو آهي پر هاڻ خانگي اسڪولن وارا جن پنهنجي تنظيم جوڙي ورتي آهي انهن وٽ عجيب قسم جا موقف آهن.

ملڪ دهشتگردي جي واقعن مان لاچار ٿيو، تڏهن به تحفظ ۽ حفاظت جي نالي فيس واري خاني ۾ اضافي بار والدين تي وڌو ويو. لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ٿيو، تڏهن  جنريٽر جو تيل مائٽن جي خون ۽ پگهر سان ٺهندو، انهيءَ کان علاوه خانگي اسڪولن ۾ روزانو، هفتيوار ۽ مهيني وار ڪو نه ڪو پروگرام آهي ئي آهي، جنهن کي هو فنڪشن چون ٿا انهن جا چارجز به ٻار کي ڀرڻا آهن. اهڙي صورتحال ۾ عام شهري جنهن جو گذر سفر ڏهاڙي تي هجي اُهو ڪٿي ٿو اهڙين ارڙ بلائن سان مقابلو ڪري سگهي. نتيجي ۾ هن جو ٻار جنهن کي چارٽرڊ، اڪائونٽنٽ ٿيڻو هو جنهن کي عبدالسلام ٿيڻو هو، جنهن کي بينظير ۽ ملالا ٿيڻو هو اهو پٺتي رهجي ويو. اهو معاشي بدحواسي تي ٻڌل خانگي اسڪولن جو ٻٽو تعليمي معيار ڪيترن ئي شاگردن کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو ڇڏي.

خانگي ادارن ۾ فين جي نالي ۾ جيڪا لٽ مار آهي انهيءَ هتي عام ماڻهن جي چيلهه ئي چٻي ڪري ڇڏي آهي. فيسون ايتريون ڳريون وٺندا جو ڄڻ اوهان کي گمان ٿيندو ته اوهان جو ٻار پڙهي ڪو نه رهيو آهي پر ان کي اُتي پئسن جي فنڊنگ ڪرائي وڃي ٿي، خانگي اسڪولن ۾ ٽوئر ۽ ٻارڙن جي سير سفر جي نالي ۾ مائٽن جي رت نپوڙي انهن کان خرچ ورتو وڃي ٿو. اهڙن اسڪولن ۾ ڪجهه اهڙا اسڪول جيڪي مقامي سطح جا مطالعاتي سير ڪن ٿا جن کي راڻي باغ جنهن ۾ هاڻ ڪجهه به نه رهيو آهي ۽ سنڌالاجي ڏيکاري وري موٽايو وڃي ٿو. انهيءَ کان علاوه ڪي اهڙا اسڪول يا خانگي تعليمي ادارا آهن جيڪي پرڏيهه جو مطالعاتي سير ڪرائين ٿا ۽ انهيءَ ٽوئر جي نالي ۾ ڪروڙن تائين فيسون ۽ چارجز اوڳاڙيا وڃن ٿا.

حيدرآباد توڙي پوري سنڌ ۾ موجود خانگي اسڪولن ۾ جيڪي انگريزي ميڊيم جا دعويدار اسڪول آهن، اهي ٻڌائي سگهندا ته انهن وٽ انگريزي سيکارڻ جو طريقو اهو آهي، جيڪو فونٽيڪ ۽ فوٽولاجي تحت ممڪن هوندو آهي يا انهن کي لفظن کي رٽايو وڃي ٿو. سنڌي ٻولي سان ڪهڙو حشر ڪيو اٿن، اوهان ڪنهن به خانگي اسڪول جيڪو نالي چڙهيو وڃي ان ۾ وڃو پهريون ته اُتي سنڌي جو مضمون ڪو نه پڙهايو ويندو هو جي پڙهايو به ويندو هوندو ته ان لاءِ  مقرر استاد جي سنڌ يا مهارت ان ۾ بنهه ڪو نه هوندي ڇاڪاڻ ته هو نٿا چاهين ته هي ٻار سنڌي لکي پڙهي سگهن. اوهان ڪا به سنڌي اخبار کڻي اهڙن نالي چڙهيل خانگي اسڪولن ۾ وڃو حرام جو ڪو ٻار اها اخبار پڙهي سگهي، نتيجي ۾ اسان پنهنجي نسل ۽ پاڻ کي پنهنجي ثقافت کان محروم رکي رهيا آهيون.

هي وائيٽ ڪالر ڪرائيم هاڻ بند ٿيڻ گهرجي. سنڌ سرڪار کي پنهنجي توانائي اسڪولن تي خرچ ڪرڻ گهرجي ۽ عروج کي بحال ڪرائي، جيڪو ڪڏهن شاندار ماضي هو. خانگي تعليمي ادارن ۽ اسڪولن کي پنهنجي فيس وڌائڻ واري روش کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ انهن اسڪولن ۾ ڪم ڪندڙ عورت توڙي مرد استادن کي پگهار جي نالي ۾ کين خيرات ڏيڻ بند ڪرڻ گهرجي. اهڙا کوڙ انگ اکر موجود آهن جيڪي ايندڙ ڪنهن لکڻي ۾ پيش ڪبا. هي ڌرتي ۽ ان جا رهواسي اهڙي تعليمي دهشتگردي کي نندين ٿا. اسڪولن جون فيسون جائز هئڻ گهرجن، انهن ۾ اضافو جهڙي ريت هر سال جي حساب سان 5 سيڪڙو يا ان کان گهٽ ٿيڻ گهرجي. خانگي اسڪولن ۾ يونيفارم، ڪاپين ۽ اسٽيشنري جي نالي ۾ غريب مائٽن جي لٽ مار بند ٿيڻ گهرجي. هيڏين ڪاپين ۽ ٽرڪ ڪتابن کانسواءِ هڪ ڪتاب ۽ هڪ سليٽ تي پڙهي لکي به ماڻهو معاشري ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري ويا، هن ڳالهه تي ٿورو غور ضرور ڪرڻ گهرجي.

shoukatali.lohar@gmail.com

 

ڇا انسان جي ترقي لاءِ سٺو خانداني پسمظر درڪار آهي؟: نور افشان سومرو حيدرآباد

ان سوال جو جواب ڳولڻ کان اڳ ان ڳالهه جي پچار ڪريون ته آخر سٺي خانداني پسمنظر مان ڇا مراد آهي جيڪڏهن سٺي خانداني پسمنظر مان مراد باشعور ۽ تهذيبي گهراڻي سان آهي ته ها انسان کي اهڙي ماحول جي اشد ضرورت آهي، ڇو ته ڄمڻ گهڙي کان انسان جن خيالن ۽ روئي جو قائل هوندو آهي تا زندگي انهن ڳالهين جو پيروڪار رهندو آهي ۽ جيڪڏهن سٺي خانداني پسمنظر مان مراد خاندان جو مالدار هجڻ آهي ته ضروري نه آهي ته ترقي جي راه پئسي سان حاصل ٿئي جيڪڏهن ائين هجي ها ته پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم شريعت ۾ اهيو ٻڌائي وڃن ها ته والدين لاءِ فرض آهي ته هو اولاد لاءِ دولت ڇڏي وڃن بلڪ پاڻ سڳورا صلي آلله عليه وآله وسلم اهيو فرمائي ويا آهن ته بهترين شي جيڪا والدين پنهنجي اولاد کي ڏئي سگهن ٿا اها تعليم ۽ سٺا گڻ آهن جيڪڏهن اولاد کي ورهاست ۾ علم جي بجاءِ دولت ملي به ٿي ته جيسيتائين ان کي استعمال ڪرڻ جا ڳڻ نه هوندا ته اها دولت ڪنهن ڪم جي نه رهندي، اهو ته بلڪل ائين ٿيندو ته توهان وٽ رڌي پڪي جو سڀ سامان آهي پر پچائڻ ئي نه ايندو ته بک ڪيئن مرندي ائين ئي ترقي جي بک دولت نه پر علم، قابليت ۽ حوصلي سان مٽندي آهي.

منفرد ٿي نمائندگي ڪرڻجي مثال انساني فطرت ۽ قدرت بنهي سان ايان آهي ڇا ڪنول جو گل ڦٽڻ کان اڳ ۾ اهيو سوچيندو آهي ته اڳر مان گپ ۾ ڦٽيم ته مهنجي خوبصورتي ڪنهن کي نظر نه ايندي پر هو ته ڦٽندو به آهي ۽ تمام اهل دل کي پنهنجي تعريف ڪرڻ تي مجبور به ڪري ڇڏيندو آهي، ڪنهن به شاعر اديب دانشور ڪنول جي گل کي گپ مان ڦٽڻ جي ڪري ناپسند نه پر هميشه انهن الفاظن سان بيان ڪيو آهي نيڪ عمل ڪيچڙ مان ڦٽڻ وارو اهو گل آهي جنهن جي خوبصورتي ڏسڻ واري جي دل کي ڀائين ڇڏيندو آهي ائين ئي انسان پنهنجي منفرد قابليت ۽ همت جي ڪري ڪنهن به جاءِ تي پاڻ کي اڀاري سگهي ٿو خبر پئي ته ترقي جي ڪاميابي انفراديت قابليت اهليت ۽ محنت جو نتيجو آهي نه ڪي غربت جو اثر آهي.

اڄ جي نوجوان نسل هن تيز رفتار زماني ۾ پنهنجي سوچ ۽ فطرت ۾ به تيزي آڻي ڇڏي آهي نوجوان نسل چاهي ٿي ته هڪ هٿ ۾ ڊگري هجي ۽ بي هٿ ۾ بهترين نوڪري جو آرڊر هجي انتظار صبر ۽ حوصلو زماني حال جا مرجهائيدڙ گلن تي نسبت آهن.

اڄ ڪله هر جاءِ تي نئي سوچ انقلاب ۽ بدلاٰءُ جي ضرورت آهي هر اداري کي سٺي ڪم ۽ محنت ڪندڙ ماڻهو جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته اسان کي پنهنجي شعبي ۾ باشعور ۽ مهارت جو هجڻ لازمي آهي نه ڪي شاهوڪار هجڻ.

محنت ڪرڻ واري جو الله دوست ۽ ساٿي آهي الله سائين فرمايو آهي ته علم جو هڪ لفظ پڙهڻ سڄي  رات جي عبادت جي برابر آهي.

علم حاصل ڪرڻ سان انسان ۾ شعور ۽ آگاهي اچي ٿي ۽ انسان پاڻ کي سڃاڻي ٿو ۽ جنهن پاڻ کي سڃاتو تنهن رب کي سڃاتو ترقي رب جي رضا ۽ رب جي مدد سان ملند نه ڪي دولت ۽ طاقت سان. نتيجو اهيو نڪتو ته مستقبل سنوارڻ لاءِ مائٽن جي پٽ ڀرائي نه پر علم، حوصلي، لگن، جستجو، جدوجهدو، صبر ۽ رب تي يقين ۽ والدين جون خاص دعائون لازمي آهن

 

نالي ماتر حڪومتي اعلان

بجلي ۽ گئس اهي ٻئي شيون عوام جون بنيادي گهرجون آهن، انهن جي بحران جو خاتمو آڻڻ ۽ اگهن ۾ گهٽتائي جا حڪومتي اعلان هاڻي رڳو نالي ماتر رهجي ويا آهن، ملڪ جي معدني وسيلن مان رڳو گئس جي معاملي جو ئي جائزو وٺنداسين ته سنڌ سڀ کان وڌيڪ گئس جي پيداوار ڏيندڙ صوبو آهي، پر هتي جي رهواسين لاءِ گئس ائين آهي، ڄڻ ان جو مالڪ ڪو ٻيو هجي ۽ خريد ڪندڙ سنڌ واسي هجن. سانگهڙ، بدين ۽ دادو سميت سنڌ جا ٻيا ڪيترائي اهڙا ضلعا آهن، جتي وڏي مقدار ۾ گئس دريافت ٿي چڪي آهي ۽ ٻيا نوان ذخيرا به ملي رهيا آهن، پهرين جڏهن ٽرانسپورٽ رڳو پيٽرول ۽ ڊيزل تي هلندي هئي ته گئس تي گهٽ ڀاڙيو ويندو هو، پر سي اين جي گاڏيون اچڻ کانپوءِ گئس جي استعمال ۾ غيرمعمولي اضافو آيو، نتيجي ۾ گئس جي پيدا ٿيل بحران کي عام گهريلو صارفين کي به ڀوڳڻو پيو، گاڏين کانپوءِ گئس جي استعمال جو دائرو ٽيڪسٽائيل ملن تائين به وڌايو ويو، پوءِ جڏهن گئس جي لوڊشيڊنگ شروع ڪئي وئي ته عوام لاءِ بجلي وانگر گئس به ناياب ۽ مهانگي ٿيڻ لڳي. رپورٽ اها آهي ته حڪومت قدرتي گئس تي عوام کي مليل سبسڊي ختم ڪري رهي آهي ۽ هر سال جي پهرين مهيني ۽ جولاءِ ۾ ان حوالي سان غير محسوس طريقي سان قدم کنيا ويندا آهن، هاڻي ته آءِ ايم ايف کان قرض وٺي ناڻي جو ذخيرو وڌائڻ جو سلسلو به شروع ٿي چڪو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ آءِ ايم ايف طرفان هر سطح تي سبسڊي ختم ڪرڻ جي شرطن تي حڪومت کي عمل ڪرڻو پئجي ويو آهي، ان ڪري هاڻي بجلي ۽ گئس تي عوام کي مليل سبسڊي آهستي آهستي ختم ڪئي پئي وڃي، هڪ طرف سبسڊي ختم ٿي رهي آهي ته ٻئي طرف 20 کان 63 سيڪڙو تائين گئس مهانگي ڪرڻ جو تياريون ڪيون پيون وڃن، گئس ڪمپنين پاران به اجازت طلب ڪئي وئي آهي ته گئس جي اگهن ۾ اضافو ڪرڻ ڏنو وڃي. اسين سمجهون ٿا ته بجلي ته مهانگائي جي عروج تي پهچائي وئي آهي، هاڻي گئس به جيڪڏهن مهانگي ڪئي وئي ته غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجندڙ هن ملڪ جو 70 سيڪڙو کان به وڌيڪ عوام ان صورتحال کي ڪيئن منهن ڏئي سگهندو؟ حڪومت ڊالر حاصل ڪرڻ خاطر آءِ ايم ايف جا شرط نه رڳو ٻُڌي ٿي، پر انهن تي عمل ڪرڻ ۾ ذري برابر به دير نٿي لڳائي. سرڪار کي عوام جي مفادن کي اهميت ڏيڻ گهرجي، ڇو ته جنهن جي مينڊيٽ تي حڪومت جُڙي آهي، آءِ ايم ايف کان وڌيڪ ان کي اها حيثيت ملڻ گهرجي. ان سان گڏوگڏ ملڪ ۾ موجود وسيلن جي ورڇ جو اهڙو نظام آندو وڃي، جنهن سان نه رڳو حقيقي مالڪن کي ان جو حق ملي سگهي، پر ان مان ملڪ جي ٻين صوبن کي به بهتر ۽ منصفاڻي انداز ۾ هلائي سگهجي.