تازيون خبرون

Daily Archives: August 26, 2015

سنڌي ٻوليءَ جي تحريڪ؛طارق الرحمان

حصو ٻيو ۽ آخري

ٻوليءَ جو ٻيو تلخ بحث 1966ع ۾ اڀريو، جڏهن شاگردن جي هڪ ٽولي سنڌي ٻوليءَ کي سڀني سطحن تي تعليمي ۽ امتحاني طور اختيار ڪرڻ لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌي پريس انهن سان متفق هئي ۽ ڪيترن ئي اخبارن ان جي حمايت ۾ ايڊيٽوريل ڇپيا. مارچ 1967ع ۾ جڏهن حيدرآباد ڊويزن جي اردو ڳالهائيندڙ ڪمشنر سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڪيو ته قومپرستن کي هر قسم جي جبر خلاف مزاحمت جي علامت ملي وئي، بلڪل ائين ئي جيئن بنگالي شاگردن کي فيبروري 1952ع ۾ حاصل ٿي هئي.

سنڌي ٻوليءَ لاءِ جنرل يحيٰ خان جي پاليسي

ايوب خان جي حڪومت مارچ 1969ع ۾ ختم ٿي ۽ جنرل يحيٰ خان هڪ دفعو وري مارشل لا نافذ ڪئي. نئين حڪومت، نئين تعليمي پاليسي جون متوقع تجويزون جاري ڪيون، انهن مان هڪ اها هئي ته اردو سڄي اولهه پاڪستان جي اڪيلي تعليمي ۽ سرڪاري ٻولي هوندي، جڏهن ته اوڀر پاڪستان ۾ ساڳيو رتبو بنگالي کي حاصل هوندو.

جي ايم سيد کان اتساهه حاصل ڪندڙ جيئي سنڌ نوجوان محاذ، انهيءَ جو جواب ڏيندي نشاندهي ڪئي ته اهڙي پاليسي سنڌي شاگردن ۽ استادن لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندي. اهي پگهاردارن جو هيٺيون طبقو آهن. حڪومت جي پاليسي جو ڪل تجويزون اٺن نقطن تي مشتمل هيون ۽ اهي وڌيڪ ڊيڄاريندڙ هيون. اقتصادي ۽ سياسي نتيجا پڻ هن ريت واضح ڪيا ويا، ”اقتصادي ۽ سماجي استحقاق جي نقصان کانسواءِ ملڪ جي سنڌي ڳالهائيندڙ نوجوانن کي سڀني ملازمتن ۾ پنهنجي جائز حصي کان محروم رکندي ۽ ائين کين پنهنجي ملڪ جي حڪمرانيءَ ۾ مڪمل شموليت جي احساس کان پري رکندي. البته محاذ اهو محسوس ڪيو ته اردو ان لحاظ کان انگريزي جي برابر آهي جو اها عوام جي ٻولي نه آهي ۽ ان کي ’قومي ايڪي‘ جي نالي تي مٿن مڙهيو نه وڃي.

ٻوليءَ وارا وڳوڙاردو ۽ سنڌي جي حامين ۾ ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ جنوري 1971ع ۽ جولاءِ 1972ع ۾ وڳوڙ ٿيا. 1972ع واري وڳوڙن جو جائزو پريس عالمن پيش ڪيو آهي، پر 1971 جي واقعن کي عام طور نظرانداز ڪيو ويو. ڇڪتاڻ جو هڪ سبب ڪوٽا وارو نظام هو، جيڪو سرڪاري ملازمتن ۽ تعليمي ادارن ۾ داخلائن تي 1949ع کان لاڳو هو. ان موجب، خالي ٿيل نوڪرين جو 20 سيڪڙو اهليت جي بنياد تي ۽ باقي 80 سيڪڙو هن فارمولي تحت ڀريو ويندو. ان ۾ 40 سيڪڙو سيٽون اوڀر پاڪستان لاءِ مخصوص هونديون، 23 سيڪڙو پنجاب ۽ 15 سيڪڙو سنڌ، سرحد، بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ ٻين انتظامي علائقن لاءِ مخصوص هونديون. ڪراچي جو حصو 2 سيڪڙو هو، پر حيدرآباد ۽ سکر (يعني شهري سنڌي) ملائي ڪري، 1973ع کانپوءِ اهو حصو وڃي 7.6 سيڪڙو ٿيو. مهاجرن ڪوٽا واري نظام کي ناانصافي تي مبني قرار ڏنو ۽ سنڌ مهاجر پنجابي پٺاڻ محاذ (ايم پي پي ايم) جي سربراهه نواب مظفر خان ان مسئلي کي فيبروري 1970ع ۾ اڀاريو، جڏهن هن حيدرآباد مان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو هو.انهيءَ دوران، سائين جي ايم سيد پاران اڀاريل سنڌي قومپرستي ۽ اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب جو خودمختياريءَ جو نعرو سنڌي شاگردن ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو. جيئي سنڌ نوجوان محاذ سنڌ لاءِ مڪمل خودمختياري حاصل ڪرڻ جي مقصد سان 1970ع جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. آگسٽ 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ سنڌي کي ”سرڪاري ٻولي ۽ داخلي لکت پڙهت جي ٻولي“ طور اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ٻوليءَ جي حمايت ۾ ٻيا آواز پڻ بلند ٿيا. آڪٽوبر ۾ 108 ليکڪن ۽ دانشورن حڪمران طبقي طرفان اردو کي اولهه پاڪستان ۾ نمايان حيثيت ڏيڻ وارن ڪوششن کي للڪاريو ۽ ان جي سنڌي ادبي سنگت پڻ حمايت ڪئي، جن اهو پڻ مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ ريلوي اسٽيشن، پارڪن ۽ باغن تي نالا سنڌيءَ ۾ لکيا وڃن. ناليواري دانشور، شيخ اياز وڌيڪ اهو مطالبو ڪيو ته سنڌيءَ کي صوبي ۾ نمايان حيثيت ڏيڻ گهرجي ۽ ٻين سان گڏوگڏ سنگت، يونيورسٽي کي، سنڌي کي سرڪاري ٻولي بڻائڻ تي ساراهيو.اردو پريس سنڌي ٻولي جي حمايتن کي کاٻي ڌر جي حامين، اسلام دشمنن يا پاڪستان جي منحرفن طور مشهور ڪيو. 1970ع جي آخر تائين سنڌ وڏي هلچل هيٺ هئي. حيدرآباد جي ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم واري بورڊ 21 ڊسمبر تي ٺهراءُ منظور ڪيو ته ”سنڌي کي بورڊ جي سرڪاري ٻولي طور اختيار ڪيو وڃي. وڌيڪ فيصلو ڪيو ويو ته سال 72-1971ع کان وٺي سليس سنڌي کي انهن شاگردن لاءِ لازمي مضمون طور متعارف ڪرايو وڃي، جن جي مادري ٻولي اردو آهي ۽ جيڪي نائين درجي جي سالياني امتحان ۾ ويهندا، جيڪو سال 1972ع ۾ ٿيندو. تعليم جي ڊائريڪٽر پاران اها پڻ صلاح ڏني وئي ته حڪومت کي گذارش ڪئي وڃي ته اهو مضمون هاءِ اسڪولن ۾ مناسب سطح کان متعارف ڪرايو وڃي. ان سان امن امان جو مسئلو پيدا ٿي ويو. مهاجرن نواب مظفر خان جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌين خلاف جلوس ڪڍيا. حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻي، ڪراچي ۽ صوبي جي ٻين شهرن ۾ جهيڙا ٿيا.1971ع جي جنگ ۽ بنگلاديش جي ٺهڻ کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽو جي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ حڪومت جون واڳون سنڀاليون. سنڌ جي وڏي وزير ممتاز علي ڀٽي چيو ته سنڌيءَ ٻوليءَ کي ون يونٽ کان اڳ وارو رتبو ڏيارڻ جو چونڊ مهم وارو واعدو هو، هاڻي اهو هو پاڙيندو، جون 1972ع جي آخر ۾ وڏي سنڌ جي گورنر مير رسول بخش ٽالپر مهاجرن کي يقين دهاني ڪرائي ته اردو ٻولي کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏيڻ واري سندن گهر پوري ڪئي ويندي.انهن مشڪل حالتن دوران، سنڌ (سنڌي ٻولي جي سکيا، واڌاري ۽ استعمال جو) بل 1972ع متعارف ڪرايو ويو. ان جي تعليم جي ملازمت متعلق تڪراري نقطو چوٿين شق ۾ شامل هو.(1) سنڌي ۽ اردو تعليم جا لازمي مضمون هوندا.(2) سنڌيءَ کي لازمي مضمون طور هيٺين سطح تي متعارف ڪرايو ويندو ۽ شق 6 ۾ چيو ويو ته: آئين جي شقن مطابق، حڪومت سرڪاري دفترن ۽ محڪمن بشمول ڪورٽن ۽ اسيمبلي ۾ سنڌي جي مرحليوار استعمال جا انتظام ڪندي.مهاجر نسليت جو اڀرڻ ۽ سنڌين جي موٽ1980ع تائين مهاجر شناخت، پاڪستاني شناخت کان الڳ شڪل اختيار ڪري چڪي هئي. هاڻي اردو تي زور نه هو. جيتوڻيڪ ان ٻوليءَ کي شناخت لازمي عنصر سمجهيو ويو. حمزه علوي موجب، ”راتو رات نسليت جي نئين تعريف سامهون آئي. انهن (مهاجرن) اسلامي بنياد پرست جماعت اسلامي ۽ روايتي جمعيت العلماءِ پاڪستان کي ڇڏيو ۽ وڏي تعداد ۾ نئين ايم ڪيو ايم جي پويان لڳا. فرقيواريت جي خاتمي جي بجاءِ، ايم ڪيو ايم جي اڀرڻ سان پاڪستان ۾ فرقيواريت کي وڌيڪ هٿي ملي.1980 واري ڏهاڪي تائين، مهاجرن جو پاڪستان جي مٿانهين نوڪر شاهي تي غلبو باقي نه رهيو هو ۽ گهڻن ئي تعليم يافته نوجوانن واري وڏي شهر ڪراچي ۾ مهاجر نوجوان انتهائي پريشان هئا. انهن حالتن ۾، اهي ايم ڪيو ايم ڏانهن مائل ٿيا،

جيڪا انهن کي نئون رخ، نئين نسلي شناخت جي ذريعي ايڪو ۽ هڪ منظم گروهه جي سگهه پيش ڪندي نظر اچي رهي هئي. جڏهن ان 1989ع ۾ بينظير ڀٽو جي پهرئين حڪومت دوران پ پ سان اتحاد ڪيو ته، معاهدي جي هڪ نڪتي جو مقصد اردو جي حفاظت هو.

اهو سمجهوتو، جيڪو سنڌي قومپرستن لاءِ نفرت جوڳو هو، ان جي تصديق سينيٽ جي خاص ڪاميٽي پاران به ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ”سنڌ ۾ ٻنهي اردو ۽ سنڌي، سڀني تعليمي ادارن ۾ پڙهائي ويندي ۽ سرڪار ٻولي طور استعمال ڪئي ويندي. ٻنهي ٻولين کي عام زندگيءَ جي هر شعبي ۽ هر سطح تي ترقي وٺائڻ لاءِ سڀ وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. ڪوششون ڪيون وينديون ته سنڌ ۾ پڙهڻ وارو هر ٻار ۽ صوبي ۾ نوڪري ڪندڙ هر عملدار، ٻئي ٻوليون سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ جي لائق هجي.“

جيتوڻيڪ ڪنهن به حڪومت سنڌ ۾ اردو ٻولي جو رتبو تبديل ڪري، مهاجرن کي ناراض ڪرڻ جو خطرو نه کنيو، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو جيڪو 1990ع ۾ قائم ڪيو ويو، تنهن کي ٻوليءَ جي منصوبابندي نون لفظن ۽ ٽيڪنيڪي اصلاحن کي شامل ڪرڻ ۽ سنڌي ۾ علمي ڪتاب ڇپائڻ جو ڪم سونپيو ويو هو، پر ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪجهه حصن ۾، جيڪي اردو جو ڳڙهه آهن، اتي اڄ به سنڌي ائين ئي نظرانداز ڪئي پئي وڃي، جيئن ماضي ۾ ڪئي ويندي هئي.

ٻوليءَ جو هي مسئلو واضح طور تي، سنڌ ۾ شناخت جي تشڪيل سان لاڳاپيل آهي ۽ ٻولي موجوده نسلي وڇوٽي جي علامت بڻجي وئي آهي. مهاجر جيڪي نسلي طور مختلف هئا، اصل ۾ انهن جي هندستان مان لڏي اچڻ جي تجربي ۽ اردو ٻولي جي هڪجهڙائي هئي ۽ ايم ڪيو ايم 1980ع واري ڏهاڪي جي آخر ۾ لڏپلاڻ جي تجربي تي زور ڏنو. سنڌي ٻولي جي تحريڪ ۽ اردو سنڌي تڪرار کي، سنڌ ۾ ٻنهي گروهن جي وچ ۾ طاقت (نوڪرين، مال ۽ خدمتن) جي مقابلي جي تناظر ۾ ڏسي سگهجي ٿو.