تازيون خبرون

Daily Archives: August 22, 2015

حريت اڳواڻن ۽ سرتاج عزيز جي ملاقات تي ڪا به سوديبازي نھ ڪئي ويندي: حڪومت ۽ فوجي قيادت جو فيصلو:

اسلام آباد(بيورو) حڪومت ۽ فوجي قيادت،حريت اڳواڻن ۽ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز جي ملاقات تي ڪا به سوديبازي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته ڀارت سان ڳالهين جي معاملي تي ڪشميري قيادت کي مڪمل اعتماد ۾ ورتو ويندو، اهم ويهڪ ۾ نيشنل ايڪشن پلان جو ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارتهيٺ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف،وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار،ناڻي واري وزير اسحاق ڊار،وزيراعظم جي خاص مددگار طارق فاطمي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي قومي سلامتي جي صلاحڪارن جي ملاقات ۽ ڳالهين جي عمل بابت معاملا غور هيٺ آيا. فوجي ۽ سياسي قيادت اتفاق ڪيو ته پاڪستان ڳالهين جي عمل جي حق آهي پر ڀارت پنهنجي هوڏ تي قائم آهي، ڪشميري قيادت سان ملاقات نه ڪرڻ جو ڀارتي مطالبو قبول ناهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته پاڪستان ڪشمير سميت ٻطرفا معاملا رڳو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ڪنهن به صورت ۾ ڪشمير تي پنهنجي اصولي موقف تان پوئتي نه هٽبو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته حريت اڳواڻن سان ڀارت جو رويو افسوسناڪ آهي. نواز شريف چيو ته پاڪستان ڀارت سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو پر ڪشمير مسئلي تي هـُو پنهنجي اصولي موقف تان پوئتي نه هٽندا. وزيراعظم چيو ته ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي اڳرائي جو معاملو عالمي سطح تي اٿاريو ويندو. فوجي ۽ سياسي قيادت جي اهم ويهڪ دوران آپريشن ضرب عضب ۽ ملڪي سلامتي صورتحال تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس دوران سڄي ملڪ ۾ بنا فرق جي ڪارروائي ۽ دهشتگردن خلاف ڳجهو آپريشن به تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته نيشنل ايڪشن پلان جو ايندڙ مرحلو جلد شروع ڪيو ويندو.

 

ڀارت جو هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان سان ڳالهيون کان انڪار : ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ

ڪراچي(م.ڊ) ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان سان ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي سرڪاري ٽي وي مطابق ڀارت پاڪستان سان ڳالهيون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن. ڀارتي ميڊيا مطابق ڪشميري اڳواڻن کي گهرائڻ تان ڳالهيون معطل ڪيون ويون. ڀارت الزام هنيو ته پاڪستان طئي ٿيل ايجنڊا تان ڦري ويوآهي. ڀارتي ميڊيا مطابق پاڪستاني هاءِ ڪمشنر جي ڪشميرين سان ملاقات نامناسب آهي. ٻئي پاسي ڀارت سرڪاري سطح تي ڳالهيون معطل ڪرڻ جي تصديق نه ڪئي آهي. پاڪستان جي پرڏيهي آفيس مطابق ميڊيا ذريعي ڳالهيون ملتوي ٿيڻ جي خبر پئي آهي. ترجمان مطابق ڀارت ڳالهيون معطل ڪرڻ بابت باضابطا طور اطلاع نه ڏنو آهي. پرڏيهي ترجمان چيو ته ميڊيا رپورٽس تي في الحال تبصرو نه ٿا ڪري سگهون.

 

ڀارت ڳالهين کان انڪار جا ٻيهر بهانا پيو بڻائي: پرويز رشيد

اسلام آباد(بيورو) ڀارت ڳالهين کان انڪار جا ٻيهر بهانا پيو بڻائي، اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات کاتي جي وفاقي وزير پرويز رشيد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته ڳالهين بابت بال هاڻي ڀارت جي هٿ ۾ آهي، پر هو بال کيسي ۾ وجهي ڀڃي وڃي ٿو، پرويز رشيد جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت طرفان پاڪستاني مهمانن جي لسٽ پنهنجي مرضي سان ٺاهڻ جي فرمائش فاشسٽ رويو آهي، وفاقي وزير چيو ته ڀارت ڪشميرين کي پنهنجي مرضي سان ڪٿي وڃڻ ماني کائڻ تائين جو حق نه ٿو ڏيڻ چاهي.

 

 

ڊاڪٽرز هيپاٽائيٽس بي ۽ سي ۽ ٻين بيمارين جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت سان تعاون ڪن: سيد قائم علي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڊاڪٽرز ۽ طب جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ ادارن تي زور وڌو آهي ته اهي هيپاٽائيٽس بي ۽ سي ۽ ٻين بيمارين جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت سان تعاون ڪن تعليم ۽صحت جو شعبو سنڌ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ته جيئن عوام جي زندگي جو معيار بهتر ڪيو وڃي سنڌ حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته پ پ پ حڪومت کان اڳ صحت جي سالياني بجيٽ 6 ارب رپيا هئي جيڪا وڌائي 14 ارب رپيا ڪري ڇڏي آهي گذريل پنجن کان ستن سالن جي مدي ۾ پ پ پ جي سنڌ حڪومت صوبي ۾ 4 ميڊيڪل يونيورسٽيون قائم ڪيون آهن ۽ هاڻي هي ميڊيڪل ڪميونٽي تي دارومدار آهي ته هو ڪهڙي عزم ۽ محنت سان صحت جي تعليم کي هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ معاشري مان بيمارين کي ختم ڪن ٿا اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊائو يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڪراچي ۾ گذريل رات نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ليور اينڊ گيسٽرو ان ٽيسٽنل ڊزيز جي افتتاح ۽ ٽراما سينٽر جي پيڙهه جي پٿر جي موقعي تي رٿيل هڪ تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو وڏي وزير چيو ته هيپاٽائٽس بي ۽ سي وبائي صورت اختيار ڪري رهي آهي تنهنڪري قابل برداشت ۽ مناسب خرچن تي ماڻهن جي در تي جگر جي پيوندڪاري ۽ علاج جون ضرورتون سخت ضروري آهن هن وقت ماڻهو ٻاهرين ملڪن مان علاج ڪرائڻ تي مجبور آهن جيڪو نهايت مهانگو ۽ ماڻهن جي پهچ کان پري آهي ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت هڪ پاسي سنڌ جي ضلعي اسپتالن ۾ هيپاٽائيٽس جي علاج لاءِ ڪارنر ٺاهيا ۽ ٻئي پاسي طبي ادارن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ معمولي خرچن تي جگر جي پيوندڪاري جي متعارف ڪرائڻ لاءِ همت افزائي ڪئي هن ٻڌايو ته ڊائو يونيورسٽي ۾ انسٽيٽيوٽو آف ليور ٽرانسپلاٽيشن جو ان لاءِ خوشي جو سبب آهي ان ڊاڪٽرز تي زور ڀريو ته اهي مالي فائدن تي نطر رکڻ بدران ماڻهن جا مسيحا بڻجي خدمت ڪن وائيس چانسلر ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي مسعود حميد خان تقريب کي خطاب ۾ چيو ته نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ليور اينڊ گيسٽرو ان ٽيسٽنل ڊزيز مڪمل ٿي ويو آهي ۽ هلندڙ سال مهيني جي پهرين سرجري ڪئي ويندي هن چيو ته آمريڪا سميت ٻين ملڪن مان 4 نهايت قابل سرجن تربيت وٺي آيا آهن جيڪي پنهنجي خدمتون ان اداري ۾ پيش ڪندا ٽراما سينٽر جي قيام بابت وائيس چانسلر چيو ته ٽراما سينٽر جي عمارت گرائونڊ ۽ 4 فلور تي ٻڌل آهي جنهن جي تعمير 2016 جي آخر تائين 198 ملين رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيندي ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه انسٽيٽيوٽ آف ليور اينڊ گيسٽرو انٽيشنل جو افتتاح ڪيو ۽ ٽراما سينٽر جي پيڙهه جو پٿر رکيو ان موقعي تي پروفيسر رانا قمر، چيئرمين ڊائون يونيورسٽي ڊاڪٽر خورشيد قريشي پڻ خطاب ڪيو.

 

مخدوم امين فهيم سان آصف زرداري جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

لنڊن(م.ڊ) پ پ ڪو چيئرمين آصف زرداري مخدوم امين فهيم سان ملاقات ڪري ايندڙ مڪاني چونڊن سميت مختلف سياسي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري لنڊن ۾ پ پ پارليامينٽرينز جي صدر مخدوم امين فهيم سان ملاقات ڪري سندس عيادت ڪرڻ سان گڏ موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات دوران ايندڙ مڪاني چونڊن سميت موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران روينيو واري صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان، وڏي وزير جو صلاحڪار علي حسن هنڱورجو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

بنا نمبر پليٽ ڪابه گاڏي روڊ تي نظر نه اچڻ گهرجي:سپريم ڪورٽ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ فينسي نمبر پليٽ اپلائيز فار رجسٽريشن ۽ غير ملڪي رجسٽريشن واريون گاڏيون تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته  بنا نمبر پليٽ ڪابه گاڏي روڊ تي نظر نه اچڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ شهر ۾ ٽريفڪ جام ٿيڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي پيش ڪيو. آءِ جي سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 3 هزار 8 سئو 27 اهلڪار آهن، جن مان صرف ڊي ايڇ اي ۾ 4 سئو اهلڪار مقرر آهن. هن عدالت کي ٻڌايو ته هلندڙ سال ڪراچي ۾ وڌيڪ 8 هزار نوان ٽريفڪ پوليس اهلڪار ڀرتي ڪيا ويندا، جنهن سان ٽريفڪ جو نظام وڌيڪ بهتر ٿيندو. سپريم ڪورٽ فينسي نمبر پليٽ اپلائيز فار رجسٽريشن ۽ غير ملڪي رجسٽريشن وارين گاڏين کي تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته بنا نمبر پليٽ ڪابه گاڏي روڊ تي نظر نه اچڻ گهرجي.

 

اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ته پاڪ ڀارت ڳالهيون رد ڪيون وينديون:ڀارت جي ڌمڪي

نئين دهلي(م.ڊ) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز جي دوري کان هڪ ڏينهن اڳ ڀارت نئون مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو،نئين دهلي، سرتاج عزيز جي حريت اڳواڻن سان ملاقات جي مخالفت ڪندي ڌمڪي ڏني آهي جيڪڏهن ڪشميري اڳواڻن سان ملاقات ڪئي وئي ته پاڪ ڀارت ڳالهيون رد ڪيون وينديون. پاڪستاني هاءِ ڪميشن، ڪشميري اڳواڻن کي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز سان ملاقات جو دعوت نامو اماڻيو جنهن تي مودي سرڪار جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن. ڀارتي ميڊيا به واويلا ڪرڻ ۾ رڌل آهي، جڏهن ته پهريان ڪشميري اڳواڻن کي نظربند ڪيو هاڻي ڀارت شرط پيش ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ڀارت جو چوڻ آهي ته سرتاج عزيز ڀارتي دوري دوران حريت اڳواڻن سان ملاقات نه ڪري جيڪڏهن هن ايئن ڪيو ته پاڪ-ڀارت ڳالهيون رد ڪري سگهجن ٿيون. ڀارت جي پرڏيهي ترجمان وڪاس سورپ، سماجي ميڊيا تي پيغام ڏنو آهي ته سرتاج عزيز جي حريت اڳواڻن سان ملاقات مناسب نه هوندي. پرڏيهي ترجمان وڪاس سورپ جو چوڻ هو ته پاڪستان جي پرڏيهي صلاحڪار جيڪڏهن ڪشميري اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ته اها اوفا معاهدي جي ڀڃڪڙي هوندي.

 

اليڪشن ڪميشن،سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جو نئون شيڊول جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن،سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جو نئون شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، هاڻي چونڊن جو پهرين مرحلو 12 آڪٽوبر بدران 31 آڪٽوبر تي ٿيندو، سنڌ ۾ پهرين مرحلي ۾ 8 ضلعن ۾ ووٽنگ ٿيندي. اليڪشن ڪميشن موجب سنڌ ۽ پنجاب جي چيف سيڪريٽريز سان صلاح مشورا ڪري 12 آڪٽوبر تي مڪاني چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن. چونڊ تاريخون مٽائڻ جا ڪارڻ محرام الحرام جو مهينو اچڻ ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ حڪومت پاران بحالي جا ڪم ڪرڻ آهن. سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو 12 آڪٽوبر بدران هاڻي 31 آڪٽوبر تي ٿيندو. پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي 8 ۽ پنجاب جي 12 ضلعن ۾ بلدياتي اليڪشن ڪرائي ويندي. سکر، خيرپور، لاڙڪاڻي، گهوٽڪي، شڪارپور، قمبر- شهدادڪوٽ، جيڪب آباد ۽ ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ ٿيندي. پهرين مرحلي جي چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ 7 سيٽپمبر کان 11 سيپٽمبر تائين جمع ڪرائي سگهبا جڏهن ته ڪاغذ واپس وٺڻ جي تاريخ پهرين آڪٽوبر آهي. ٻئين مرحلي ۾ چونڊون 19 نومبر تي ٿينديون، جنهن تحت سنڌ جي 15 ۽ پنجاب جي 12 ضلعن ۾ پولنگ ٿيندي. ٻئين مرحلي ۾ حيدرآباد، ڄامشوري، شهيد بينظير آباد، مٽياري، ٽنڊي الهيار،ٽنڊي محمد خان، ٺٽي، سجاول، بدين، نوشهري فيروز، سانگهڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ بلدياتي اليڪشن ڪرائي ويندي. اليڪشن ڪميشن موجب سنڌ جي ڇهن ۽ پنجاب جي 12 ضلعن ۾ ٽئين مرحلي ۾ چونڊون 3 ڊسمبر تي ٿينديون.

 

چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف سان يورپي يونين جي خاص نمائندي جي ملاقات

راولپنڊي(اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف سان يورپي يونين جي خاص نمائندي ۽ افغانستان لاءِ يورپي يونين وفد جي سربراهه سفير فرانز مائيڪل ميلي بن جمعي ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران علائقائي سلامتي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان مطابق ملاقات دوران سفير آپريشن ”ضرب عضب” جي ڪاميابين ۽ علائقائي استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.

 

سرتاج عزيز شيڊول موجب آچر واري ڏينهن حريت اڳواڻن سان ملاقات ڪندو: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي ترجمان قاضي خليل الله چيو آهي ته پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز شيڊول موجب آچر واري ڏينهن حريت اڳواڻن سان ملاقات ڪندو، ان حوالي سان باضابطا جواب ڀارت کي اڄ ئي ڏنو ويندو. ڀارت پاران سرتاج عزيز جي ڪشميري اڳواڻن سان ملاقات جي صورت ۾ پرڏيهي صلاحڪارن جي سطح جون ڳالهيون ملتوي ڪرڻ جي ڌمڪي بعد پرڏيهي آفيس اسلام آباد ۾ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس کانپوءِ پرڏيهي ترجمان قاضي خليل الله چيو ته ڀارت طرفان سرتاج عزيز کي ڀارتي دوران دوران حريت اڳواڻن سان ملاقات نه ڪرڻ جو باضابطا پيغام مليو آهي. هن چيو ته سرتاج عزيز شيڊول موجب آچر تي حريت اڳواڻن سان ملاقات ڪندو. هن چيو ته پاڪستان حريت اڳواڻن سان ملاقات بابت ڪا به سوديبازي نه ڪندو ۽ ان حوالي سان باضابطا جواب ڀارت کي اڄ ئي ڏنو ويندو،