تازيون خبرون

Daily Archives: July 31, 2015

هاڪر کان صدر تائين ”ابوالڪلام“؛مير اعظم علي ٽالپر

دنيا جي ملڪن ۾ حڪمراني ڪرڻ لاءِ صدر يا وزيراعظم ٿيڻ لاءِ سڀ کان پهرين ڪنهن به سياسي پارٽي جي ’منڊلي‘ مان سياست جي سکيا وٺي پوءِ ان عهدي تي پهچبو آهي، پر بنا سياسي رنگ ۽ ڍنگ جي اهڙو عهدو حاصل ڪرڻ وڏي ڳالهه آهي. اهڙن ماڻهن ۾ 15 آگسٽ 1931ع تي ’شيو رام‘ تامل نادر ۾ هڪ ڪکائين جهوپڙي ۽ غريب والدين جي گهر ۾ جنم وٺندڙ اي پي جي ڪلام سرفهرست آهي. هن کي اسڪولي زماني کان علم پرائڻ جو شوق هو، پر گذر سفر ۽ پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ روزانو اخبارون کپائڻ خاطر بطور هاڪر هوڪا ڏئي اخبارون وڪڻندو هو ۽ اهو زمانو 1955ع جو هو، ان بعد هن مدراس ايرو ناٽيڪل انجنيئرنگ ۾ داخلا ورتي ۽ 1963ع ۾ هي هندستان جي سائنسي اداري ’ايسرو‘ سان وابسته ٿي ويو، جنهن کانپوءِ 1969ع ۾ ان جو هيڊ مقرر ٿيو، ڪلام کي 1992ع ۾ وزيراعظم جو سائنسي صلاحڪار (مشير) مقرر ڪيو ويو هو. هندستان پهريون ائٽمي ڌماڪو مئي 1974ع ۾ وزيراعظم اندرا گانڌي جي حڪومت ۾ سنڌ سان لڳل صوبي راجسٿان جي ضلعي جيسلمير جي علائقي ’پوکرن‘ (ٿر) ۾ ڪيو هو. جيسلمير ضلعو سنڌ جي سکر، خيرپور ۽ سانگهڙ سان مليل آهي. جيسلمير جي ’جُتي‘ (چمپل) مشهور آهي، جيئن حيدرآباد ۾ مرزا جي چمپل مشهور آهي. هت ياد رهي ته 1974ع ۾ هندستان جي ان ڌماڪي کانپوءِ سنڌ ۾ جون کان سيپٽمبر تائين مون سون جي هڪ به بارش نه پئي هئي، سڄو سال موتمار گرمي هئي، جيئن تازو سنڌ ۽ ڪراچي ۾ گرمي سبب ماڻهن جي موت جو ذميوار راجسٿان ۾ (هندستان جا) ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر ۽ ان مان خارج ٿيندڙ گرمي قرار ڏني وڃي ٿي. ان کانپوءِ ٻيو ائٽمي ڌماڪو اي پي جي ڪلام جي سربراهي ۾ هندستان طرفان ڪيو ويو، جنهن سان ائٽمي هٿيار ٺاهڻ جو بنياد پيو. ان بعد ڪلام پرٿوي ميزائل ايجاد ڪيو، جنهن ڪري ڪلام کي هندستان ۾ ’ميزائل مين‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو ۽ هن کي ڀارت جو سڀ کان وڏو سول اعزاز ڀارت رتن 1997ع ۾ ڏنو ويو. هن وٽ ڊاڪٽري جي ڊگري کانسواءِ پروفيسر جهڙيون کوڙ ساريون ڊگريون هيون ۽ سندس خيال هو ته ذميوار، ايماندار ۽ محنت واري جي الله به مدد ڪري ٿو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ (انڊيا 2020) مشهور آهي. هي هڪ ٽيڪنڪي شخص 2002ع کان 2007ع تائين متفقه طور تي هندستان جو يارهون صدر رهيو، پر ٻئي دفعي لاءِ ڪانگريس ۽ بي جي پي ۾ اتفاق راءِ نه ٿيڻ سبب هو صدر نه ٿي سگهيو. جڏهن اين ڊي اي جي حڪومت 2002ع ۾ هئي ته هندستان جو وزراعظم اٽل بهاري واجپائي ۽ صدر هندستان اي پي جي ڪلام ٻئي ڪنوارا هئا ۽ ٻئي ’ڇڙا‘ مشهور هئا ۽ هندستان ۾ ڪرپشن ۽ سندن هٿان ڪابه ڦرڦار نه هئي، بقول ٻنهي ڄڻن ته اسان جو پٺيان گهر ۾ ڪير آهي؟ نه زال (پتني) نه ٻار جيڪو ڪجهه آهي، سو ديش (ملڪ) ۽ جنتا (قوم) لاءِ آهي ۽ ان وقت سنڌ ڄائو سنڌي ليڊر ايل ڪي آڏواڻي وزير داخلا هو. بهرحال ڪلام جي صدر ٿيڻ سان صدر جو عهدو ئي عوامي بڻجي ويو هو. سنڌ جو ناليوارو ليکڪ ۽ شخص ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ڪلام کان گهڻو متاثر هو ۽ چوندو هو ته بظاهر ڪلام مٿي تي بگڙيل وار ۽ ’واچڙ‘ قسم وارو شخص عظيم شخص آهي، هن جو تعلق هندستان ۾ غير هندي ڀاشي (زبان) ۽ اردو بدران تامل زبان سان آهي. سندس اصل نالو ابوالفاقر زين العابدين هو.

ڪلام صدر ٿيڻ وقت پاڻ سان هڪڙي ڪپڙن جي بيگ کڻي آيو هو ۽ اها ئي واپس تامل ناڊو (ڳوٺ) کڻي ويو هو. هن کي ڪلاسيڪي موسيقي سان وڏو شوق هو ۽ مشهور شاعر گلزار به هن تي شاعري ڪئي آهي. هن جي سادگي ۾ اهو به هو ته سپنا (خواب) ننڊ بدران جاڳندي ڏسو ته بهتر آهي. ڪلام وصيت ڪئي هئي ته ”منهنجي مرڻ پٺيان بطور سابق صدر هند ڪنهن به طرح سان عام موڪل جو اعلان ڪري گهرن ۾ ويهڻ بدران ڪم ڪيو وڃي، منهنجي موت کي موڪل ۾ تبديل نه ڪيو وڃي.“ بقول ڪلام ته ترقي لاءِ طاقت ضروري آهي ۽ طاقت لاءِ ڪم ڪرڻ لازمي آهي. هن کي علم ۽ تعليم سان ايتري محبت هئي، جو سندس موت به 83 سالن ۾ يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏيڻ دوران پٽ تي ڪرڻ سان ٿيو. جيتوڻيڪ ڪلام کي آءِ آءِ ايم اسپتال پهچايو ويو، پر هن آخري ساهه پوڻي اٺين وڳي 27 آگسٽ سومر ڏينهن کنيو. هن جوهري سائنسدان تي وڏن ۽ ننڍن فنڪارن ڏک جو اظهار ڪيو آهي، جن ۾ لتا، شاهه رخ خان ۽ اي آر رحمان شامل آهن ۽ هندستاني اخبارن ڪلام جي خبر هن طرح شايع ڪئي آهي ته ”دنيا ۾ عوام جو ڪلام نه رهيو، موت تي موڪل نه ڪجو، گريٽ سلوٽ ٽو ڪلام“ سنڌي سياستدان ايل ڪي آڏواڻي سميت سڀني پارٽين ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ هندستاني ڪابينا اڱاري ڏينهن 10 وڳي دهلي ۾ هڪ هنگامي اجلاس گهرائي مرحوم ڪلام کي بطور سابق صدر، پرٿوي ميزائل جو ابو ۽ جوهري سائنسدان کي خراج عقيدت پيش ڪيو. بهرحال آسام جي شلونگ کان سندس مڙهه گوهاٽي ۽ پوءِ دهلي آندو ويو آهي ۽ هاڻي ست ڏينهن سوڳ ملهايو پيو وڃي.

 

اوسلو ۾ تعليم جي ترقيءَ بابت سربراهي ڪانفرنس؛ارشاد ڪاغذي

6 ۽ 7 جولاءِ 2015ع ۾ اوسلو ۾ ناروي سرڪار پاران تعليم جي ترقي جي سلسلي ۾ سربراهي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن، وزيراعظمن ۽ اعليٰ عملدارن تعليم جي ترقي کي هٿي وٺائڻ لاءِ اهم پيش رفت ڪئي ۽ هڪ عالمي ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، ناروي جي وزيراعظم ارنا سولبرگ ۽ ٻين ان تجويز جي آجيان ڪئي. هن اعليٰ ڪميشن ۾ ناروي، چلي، انڊونيشيا، ملاوي ۽ يونيسڪو شامل هوندا. گورڊن برائون گڏيل قومن جو خاص ايلچي گروپ جو سربراه هوندو. ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي وزيراعظم نواز شريف سميت مختلف ملڪن جا سربراهه ۽ اعليٰ عهديدارشريڪ ٿيا.

اوسلو ڪانفرنس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ۽ وعدو ڪيوويو ته ”سڀئي گڏجي بهتر ۽ سٺو ڪنداسون“ ان نعري هيٺ دنيا جي ملڪن ۾ تعليم جي فروغ لاءِ هڪ اهڙو ماحول جوڙيو ويندو، جيڪو بنا ڪنهن فرق جي تعليم جي گھرجن ۽ ضرورتن کي پورو ڪندو. جديد تعليم جي حصول لاءِ سڀني کي پنهنجو فرض ۽ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن جيڪي اسڪول نٿا وڃن ۽ تعليم نٿا پرائي سگھن، انهن جي مشڪلات کي دور ڪري تعليم ۽ سکيا جو بندوبست قائم ڪيو وڃي. معياري تعليم جي حصول لاءِ انچيان، ڪوريا جي ڪانفرنس ۾ وَضَع ڪيل اصولن ۽ فيصلي تحت پَسماندهَ ڇوڪرين کي اڳتي آڻڻ جو جوڳو انتظام ڪيو ويندو ته جيئن بهتر انداز سان تعليم وڌي سگھي ۽ هر هڪ تعليم جي زيور سان آراسته ٿئي. ان کان علاوه غريب ٻارن ۽ ڇوڪرين جي همت افزائي ۽ پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ بهتر قدم کڻي بااختيار بنايو ويندو. پر ڪجهه ڳالهين تي کليل نموني بحث نه ڪيو ويو. خانگي تعليم جي سيڪٽر بابت رٿابندي ڪونه ڪئي وئي، سٺي سکيا ۽ استادن جي نيٽ ورڪ بابت ڪا به گائيڊ لائين نه ملي سگھي. ٿيڻ ته ايئن گھرجي ها ته پرائيويٽ سيڪٽر وارن کي پابند بنايو وڃي ها ته هو دنيا جي غريب ۽ پٺتي پيل ملڪن جي غريب ٻارن ۽ خاص ڪري ڇوڪرين جي تعليم جي ترقي لاءِ ڀرپور ڪردار ڪن ۽ مفت تعليم ڏني وڃي. پر ان سموري لقاءَ جي پويان طبقاتي سوچ ۽ سرمائيدارن جي هڪ هٽي ۽ دولت گڏ ڪرڻ جي هرس ۽ حوس جي ڪري سرمائيدار دنيا جا ملڪ مفت تعليم لاءِ تيار ناهن! ان ڪري اوسلو جي سربراهي اجلاس ۾ دنيا جي ملڪن جي ترجيحات تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ اتي پڻ تعليم جي ترقي ۽ اهميت لاءِ ”گولين بدران ڪتاب کي اهميت ڏيڻ“ کي ضروري سمجهيو ويو. سربراهي اجلاس کي سڀ کان ننڊي عمر جي نوبل انعام يافتا، پاڪستان ڄائي ملالا يوسفزئي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪجهه هن ريت ڪيو:

”آئون چاهيان ٿي ۽ اميد ٿي ڪريان ته عالمي اڳواڻ گولين بدران ڪتابن کي اوليت ۽ اهميت ڏيندا، اسڪول وڃڻ ٻارن جو بنيادي حق آهي، انهن کان تعليم جو حق کسي نٿو سگھجي، مستقبل لاءِ قلم ۽ تعليم موثر سرمائيڪاري آهي. ڪتاب اسان لاءِ بهترين پُونجي ۽ مُوڙي آهي، دنيا جي سڀني ٻارن کي تعليم ڏيڻي پوندي، ٻارن کان تعليم جو حق کسي نٿو سگھجي، ٻارن جي بهتر مستقبل لاءِ قدم کڻڻا پوندا، ٻارن لاءِ سيڪنڊري تعليم کي يقيني بڻايو وڃي ۽ سيڪنڊري تائين تعليم مفت هئڻ گھرجي. بدقسمتي سان دنيا ملٽري تي وڏي رقم پر تعليم تي تمام گھٽ رقم خرچ ڪري رهي آهي. ٻارن کي 12 ورهيه مفت تعليم ڏيڻ لاءِ دنيا جا ملڪ فوجين جا رڳو اٺ ڏينهن جا خرچ گھٽائين ته ٻارن جي تعليم جي پورت ٿي ويندي. ٻارن جي ان تعليم لاءِ 35 ارب ارب يورو يا 40 کرب رپيا خرچ ايندو ۽ اهو خرچ دنيا جي فوج تي اٺن ڏينهن جو خرچ آهي.“

پاڪستان ڄائي نوبل انعام يافتا اوسلو ۾ تعليم بابت سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ملالا يوسفزئي خطاب ڪندي وزير اعظمن ۽ سرڪاري عملدارن کي ياد ڏياريو ته هو عالمي سطح تي تعليم جي ترقي تي خرچ ڪرڻ بدران تڪرار، جنگ ۽ هٿيارن کي اهميت ۽ ترجيح ڏئي پئسا خرچ ڪري رهيا آهن. ملالا پنهنجي خيراتي فنڊ سان هڪ ڪتاب شايع ڪيو آهي جنهن ۾ هن ڪجهه تجويزون دنيا جي ملڪن جي اڳواڻن لاءِ تجويز ڪيون آهن. جريدي ۾ ان بابت لکيو ويو آهي ته دنيا جا ملڪ پنهنجي فوج تي اٺن ڏيهن ۾ 39 ارب گڏيل طور خرچ ڪري رهيا آهن، اها رقم 12 سالن تائين هرهڪ ٻار جي سٺي تعليم تي خرچ ڪري سگھجي ٿي ۽ ان مان پورائو ٿي ويندو. ملالا جي اها سوچ دنيا جي خوشحال ۽ گبر سيٺين کي پسند ايندي يا نه؟ پر هن جيڪا تقرير ڪئي آهي اها پٺتي پيل غريب ملڪن جي ماڻهن جي ترجماني ڪري ٿي.

تعليم جي ترقي لاءِ اوسلو ۾ سربراهي اجلاس ناروي جي حڪومت جي ميزباني ۽ گڏيل قومن جي گلوبل ايجيوڪيشن جي خاص ايلچي گورڊن برائون جي سهڪار سان منعقد ٿيو. ان کان علاوه مختلف ڊونرز ايجنسيون، عالمي تنظيمون، سول سوسائٽي، فائونڊيشن ۽ تعليمي ادارا وغيره وارا هڪ جاءِ تي گڏ ٿي دنيا جي تعليم جي ترقي ۽ ترويج لاءِ سوچ ويچار ڪيو. مئي ۾ ڏکڻ ڪوريا ۾ ٿيل ورلڊ ايجيوڪيشن فورم جي ڪاروائي ۽ نتيجا ۽ حدف جي روشني ۾ فيصلا ڪيا ويا. هن اجلاس جو مول متو ۽ مقصد عالمي سطح تي تعليم جي ترقي گڏيل قومن جي تعليم بابت هدايتن ۽ جديد تعليم جي اصولن تي عمل ڪرڻ لاءِ ٺوس بنيادن تي جامع حڪمت عملي جوڙي تعليم کي عام ڪرڻ هو. نوبل انعام يافتا ملالا يوسفزئي جي تقرير۾ اها ڳالهه چٽي هئي ته تعليم جي بدران هٿيارن، تڪرار ۽ جنگ ۾ گھڻو پئسو ضايع ڪيو وڃي ٿو. ان مان ظاهر آهي ته عالمي برادري تعليم تي گھڻي توجهه ڪونه ٿي ڏئي. ان موقعي تي اقوام متحده جي خصوصي ايلچي گورڊن برائون اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي حمايت ۽ مناسب بندوبست ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جو تاڪيد ڪندي چيو ته ”58 ملين ٻار اسڪول نٿا وڃن ۽ لکن جي تعداد ۾ ٻار تعليم نٿا پرائين. تعليم جي واڌ وِيجهه رڪجي وئي آهي ۽ امداد ۾ گھٽتائي ڪئي وئي آهي. ناروي جي سرڪار پاران هي سربراهي اجلاس منعقد ڪري 2015ع جي پڄاڻي کان پهريان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم قدم کنيو ويو آهي. خطري، فرق ۽ تفاوت جي بغير هر هڪ ٻار کي اسڪول وڃڻ جو حق آهي.“ سلويا مونٽويا ڊائريڪٽر يونيسڪو انسٽيٽيوٽ فار اسٽيٽڪس جي مطابق ”ٿلهي ليکي لبنان جا سڀئي ٻار پرائمري اسڪولن ۾ داخل ٿيل هئا پر 2013ع کان گھرو ويڙهه جي ڪري اٽڪل 2 ملين ٻار اسڪول کان فارغ آهن.“ تعليم جي اهميت ۽ افاديت وڌ کان وڌ آهي ۽ خاص ڪري انهن لاءِ جيڪي تڪرار ۽ قدرتي آفتن سان منهن ڏئي رهيا آهن ۽ مقابلو ڪري رهيا آهن مثال طور: عراق، شام، افغانستان، پاڪستان وغيره جتي لڙائي، مارا ماري ۽ دهشتگردي جي ڪري ٻار اسڪول نٿا وڃي سگھن، اهي انهن خوفناڪ حالتن ۾ اڻ سڌريل ۽ اڻ پڙهيل هئڻ ڪري درست نموني سان حالتن سان مقابلو نٿا ڪري سگھن ۽ بدقسمتي سان هو پاڻ کي مايوسي جي اوڙاهه ۾ اڇلايو ڇڏين ۽ پنهنجون زندگيون تباهه ڪريو ڇڏين. ڪيترائي ٻار دهشتگردن جي پٽي پڙهائڻ جي ڪري خودڪش بمبار بڻجي مري کپي وڃن ٿا ۽ ايئن معاشري جي چڱ ڀلائي ۽ بهتري ۾ حصو وٺڻ کان ڪوهين ڏور رهجي وڃن ٿا ۽ نصيب جي چڪر ۾ ڦاٿل بدنصيب پنهنجي مائٽن کي جيئري ئي ماري ڇڏين

محسن ڀوپالي تعليم بابت عالمي اڳواڻن ۽ حڪومتن کي جيڪا ڳڻتي آهي ۽ دنيا جا ملڪ ان سلسلي ۾ پنهنجي پنهنجي ايجنڊا مطابق جيڪو به جيترو به ڪم ڪري رهيا آهن، اهو ساراهه جوڳو آهي پر اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ تعليم جو جيڪو حشر نشر ڪيو ويو، اهو درد انگيز داستان آهي. يونيسيف جي رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ اٽڪل 54 لک ٻار اسڪول نٿا وڃن. سنڌ ۾ اسڪولن ۾ استاد پنهنجي ڊيوٽي ڪرڻ نٿو وڃي.

۽ ماسترن کي نوڪريون رشوت عيوض ملي رهيون آهن. سنڌ ۾ پئسا وٺي ماستر ڀرتي ڪيا، جيڪو ڪيس هلي رهيو آهي. يونيسيف پنهنجي رپورٽ ۾ ان ڪرپشن جو حوالو ڏنو آهي. يونيسيف جي رپورٽ ۾ پڌرو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 79 سيڪڙو ماڻهو اڻ پڙهيل آهن ۽ پاڪستان خواندگي جي لسٽ ۾ دنيا جي ملڪن جي ڀيٽ ۾ 180 نمبر تي اچي ٿو. رپورٽ مطابق سال 2012ع تي 70 لک شاگرد اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ويندا هئا: پرائمري اسڪولن ۾ 29 لک. سيڪنڊري اسڪولن ۾ 6 لک. ڪاليجن ۾ 15 لک. پاڪستان ۾ 3 سيڪڙو شاگرد پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪري ڪاليجن تائين پهچن ٿا. 75 سيڪڙو شاگردن ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين تعليم کي ڇڏي ڏنو آهي. رپورٽ موجب سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٽن کان پنجن سالن جا ٻار اسڪول نٿا پڙهن، جن جو تعداد ترتيبوار 72 ۽ 78 سيڪڙو آهي. بي بي سي هڪ سروي رپورٽ جي حوالي سان هڪ خبر شايع ڪئي آهي: ”پاڪستان ۾ تعليم ڏينهون ڏينهن تباهه ٿي رهي آهي، جنهن سبب خواندگي جي شرح وڌڻ بدران گھٽجي 58 سيڪڙو رهجي وئي آهي. جڏهن ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي حالت تمام گھڻي خراب آهي. جتي خواندگي جي شرح ۾ سڀ کان وڌيڪ 4 سيڪڙو گھٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. شماريات کاتي پاران ڪيل سروي موجب پاڪستان ۾ خواندگي جي شرح گذريل ٻن سالن دوران 2 سيڪڙو گھٽي آهي. سروي موجب 2012ع ۽ 2013ع ۾ پاڪستان جي خواندگي شرح 60 سيڪڙو هئي، جيڪا 2013ع ۽ 2014ع ۾ گھٽجي 58 سيڪڙو ٿي وئي آهي. سروي موجب چئني صوبائي حڪومتن ۽ وفاقي سرڪار ٻن سالن دوران تعليم تي 537 ارب 60 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا، جيڪو پيداوار جو 2.1 سيڪڙو آهي، ان جي پهرين ترجيح ٻارن کي اسڪول ڏانهن آڻڻ هو. سروي موجب پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ خواندگي جي شرح ۾ ڪجهه بهتري آئي آهي پر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ صورتحال خراب آهي، جتي اها شرح 61 سيڪڙو رهي. سنڌ ۾ خواندگي جي شرح 4 سيڪڙو گھٽتائي سان 53 سيڪڙو رهي. پنجاب ۾ تعليم تي 218 ارب رپيا، سنڌ ۾ 106 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا. سنڌ کانسواءِ خيبرپختونخواه صوبي تعليم تي 89 ارب رپيا خرچ ڪيا، جتي خواندگي جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌارو ڏسڻ ۾ آيو. بلوچستان ۾ خواندگي جي شرح ۾ 3 سيڪڙو گھٽتائي ٿي، جتي اها شرح 43 سيڪڙو رهي. سروي موجب بلوچستان ۾ نينگرين جي خواندگي واري شرح ۾ به واضح گھٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. بلوچستان حڪومت تعليم تي 36 ارب رپيا خرچ ڪيا. سروي موجب هر 10 ٻارن مان 4 ٻار اسڪول نٿا وڃن، جڏهن ته هر 10 ٻارن مان 2 ٻار ان ڪري اسڪول نٿا وڃن جو اهي سمجهن ٿا ته تعليم گھڻي مهانگي آهي. پرائمري سطح تي اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا ۾ به گھٽتائي ٿي آهي، جنهن جو وڏو سبب مائٽن پاران ٻارن کي اسڪول موڪلڻ کان انڪار آهي. سروي موجب ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ ڇوڪرين جي خواندگي شرح گھٽ آهي، پاڪستان ۾ ڇوڪرن جي خواندگي شرح 70 سيڪڙو جڏهن ته ڇوڪرين جي 46 سيڪڙو آهي.“ اسان جي ملڪ ۾ اهي ڪلور عام جام آهن. سنڌ سرڪار تعليم جي مد ۾ 132 ارب رپيا، عالمي بينڪ پاران 4 سو ارب رپيا ، يونيسيف ۽ ٻين نجي ادارن طرفان ڪروڙين رپيا ملڻ جي باوجود اسڪول واڙن ۾ تبديل ٿي ويا آهن. ماستر اسڪول ۾ نٿو وڃي ۽ وڏيرا مال ميڙڻ ۾ پورا آهن .حڪمرانن جي ڪرپشن چوٽ چڙهيل آهي، سڄو ملڪ لُٽي ڀينگ ڪري ڇڏيو اٿن ۽ تعليم جي ته ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي اٿن، سو قصو ڪوتاهه عالمي تعليمي ڪانفرنسون ٿين يا تعليم جي ترقي جا اجلاس ٿين پر اسان جي ملڪن جا سربراه، حڪمران ۽ اعليٰ عملدار پنهنجا ڀڀ ڀري پنهنجي ٻارن کي دنيا جي سٺن اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا وٺي ڏيارن ٿا ۽ اسان غريب اسڪول کي اڌ ۾ ڇڏي رڪشا، گڏهه گاڏو ۽ ٻني ٻاري ۾ گذارو ڪيون ٿا!

انڌن آڏو روئڻ جاني! آهي اکين جو زيانُ

چَپَ اسان جا سِبي چون ٿا، ڪوئي گيت ٻڌاءِ! اياز گل