تازيون خبرون

Daily Archives: July 13, 2015

نواز-مودي دهلي کان اوفا تائين؛ذيشان ظفر

وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڀارتي هم منصب نريندر مودي ٻنهي ملڪن جي ٻه طرفي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ ۽ ملاقات ڪرڻ ۾ تقريبن 14 مهينا لڳائي ڇڏي. نيٺ روسي شهر اوفا ۾ ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات بعد تعلقات ۾ بهتري  جي اُميد هڪ دفعو پيدا ٿي آهي.ماضي ۾ اهڙا ڪيئي موقعا آيا، جڏهن ٻنهي پاڙيسري وزيراعظمن پنهنجي رشتن کي مضبوط ڪرڻ جو عهد ڪيو پر اُهي به وفا نه ٿي سگهيا.ان  ۾ سڀ کان پهرين ڪشمير جي مسئلي جي ڪري معاملا خراب ٿيڻ جو تاثر ملندو هو پر ڳالهه دهشتگردي جي مسئلي تي اچي بيهي رهي ٿي.اسان ماضي ۾ ٿيندڙ ڪوششن جي تفصيل ۾ وڃڻ بجاءِ وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڀارتي هم نصب نريندر مودي جي اقتدار ۾  اچڻ کانپوءِ تعلقات ۾ بهتري جي ڪوششن ۽ تلخين جو مختصر جائزو وٺون ٿا.

2013ع جي عام چونڊن ۾ وزيراعظم نواز شريف ملڪ جي معاشي حالتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڀارت سان تعلقات کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. جڏهن ته ڀارت ۾ 2014ع جي چونڊن ۾ نريندر مودي اقتدار سنڀاليو ۽ ٻنهي اڳواڻن جي دهلي ۾ ملاقات ٿي.وزيراعظم مودي جي تقريب حلف برداري ۾ وزيراعظم نوازشريف به شريڪ ٿيو ۽ ٻنهي جي 27 مئي تي ملاقات ٿي، جنهن ۾ مودي دهشتگردي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته نواز شريف پڻ  ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ تي زور ڀريو.انهيءَ ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن سيڪريٽري خارجه سطح تي رابطا قائم رکڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ان کانسواءِ ڳالهه اڳتي وڌي نه سگهي بلڪه ٻن مهينن کانپوءِ ان کان به پوئتي هلي وئي. جڏهن 12 آگسٽ تي وزيراعظم نريندر مودي پاران ڪشير جي دوري دوران پاڪستان تي جنگ جو الزام ان وقت هنيو ويو، جڏهن ٻنهي اڳواڻن جي درميان خط ۽ تحفن جي ڏيڻ جي برعڪس لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊي تي ٻنهي ملڪن جي سيڪيورٽي فورسز جي وچ ۾ جهڙپن جو سلسلو هڪ وقفي بعد ٻيهر شروع ٿي چڪو هو. ان کانپوءِ 18 آگسٽ تي ڀارت ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر عبدالباسط ڀارت ۾ ڪشمير جي عليحدگي پسند اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ ان جي ردعمل ۾ ڀارت 25 آگسٽ تي سيڪريٽري سطح تي مقرر ڪيل ڳالهين کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

انهيءَ دوران پاڪستان ۾ عمران خان ۽ طاهر القادري پاران اسلام آباد ۾ ڌرڻن جي شروعات ٿي چڪي هئي، جنهن جي ڪري مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اندروني دٻاءُ جو شڪار ٿي وئي ۽ ڳالهه جنرل راحيل شريف کان مدد گهرڻ تائين وڃي پهتي. انهن حالتن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻيهر ڳالهيون شروع ٿيڻ جو امڪان ختم ٿي چڪو هو. جيئن ته پاڪستان جي صوبي پنجاب ۾ تيز برسات ۽ ٻوڏ ۾ ٿيندڙ نقصان تي وزيراعظم مودي پنهنجي هم منصب کي خط ضرور لکيو ۽ مدد جي پيشڪش به ڪئي.

انهيءَ مهيني 27 سيپٽمبر تي ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام ۾ ورتل وزيراعظم نواز شريف اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي جي خطاب ۾ ڪشمير جي مسئلي تي کلي ڳالهايو ۽ ڀارت کي امن جي ڪوششن ۾ سنجيده نه ٿيڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو. ڀارتي وزيراعظم مودي چيو ته پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار آهيون پر پاڪستان کي تشدد کان آجو ماحول مهيا ڪرڻ گهرجي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ نيويارڪ ۾ ان موقعي تي ملاقات نه ٿي سگهي.

ان کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ باضابطه ملاقات جو موقعو نومبر ۾ نيپال جي گادي واري هنڌ کٽمنڊو ۾ سارڪ ڪانفرنس جي دوران ٿيو پر اجلاس کان اڳ ۾ پاڪستان پاران ڪشمير مسئلي تي پنهنجي موقف ۾ سختي آڻڻ سبب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ڪجهه جملن جي ڳالهه ٻولهه کان وڌيڪ اڳيان وڌي نه سگهي.

ان کان اڳئين مهيني ڊسمبر ۾ پاڪستان جي شهر پشاور ۾ فوجي اسڪول تي طالبان حملي ۾ 140 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا. ان کانپوءِ ملڪ جي صورتحال تبديل ٿي وئي. عمران خان پنهنجو ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان سان گڏوگڏ ملڪ ۾ ويڙهاڪن  خلاف قومي ايڪشن پلان سامهون آيو ۽ قومي معاملن ۾ فوج جي ڪردار ۾ وڌيڪ اضافو آيو.

ان واقعي کانپوءِ ڀارتي وزيراعظم مودي پاران مذمت ڪئي وئي ۽ فيبروري ۾ وزيراعظم نواز شريف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه به ڪئي ۽ ان جي نتيجي ۾ هڪ پيش رفت ان وقت ٿي جڏهن مارچ جي پهرين هفتي ۾ ڀارتي سيڪريٽري خارجه ايس جي شنڪر ٻن ڏينهن جو اسلام آباد وارو دورو ڪيو ۽ چيو ته سرحدن تي امن قائم رکڻ انتهائي ضروري آهي.

ان دوري کي پيش رفت چيو ويو پر ڏسندي ئي ڏسندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعلقات خراب کان خراب تر ٿيندا ويا جنهن ۾ اپريل مهيني ۾ پاڪستان ۾ عدالت ثبوت نه ملڻ تي پهرين ممبئي حملي ڪيس ۾ گرفتار ذڪي الرحمان لکوي کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ ان تي ڀارت احتاجج ڪيو ۽ معاملي کي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ کڻڻ جو اعلان ڪيو ۽ پاڪستان پاران اها ڳالهه سامهون آئي ته ڀارتي انٽيليجنس ”را“پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث آهي.

اڃان معاملو ٿڌو ئي نه ٿيو هو ته ڀارتي وزير مملڪت براءِ اطلاعات و نشريات راجيه ورڌن سنگهه راٺوڙ برمي سرحد جي اندر ڀارتي فوج جي ڪاررواين کي پاڪستان سميت ٻين ملڪن جي لاءِ هڪ پيغام قرار ڏنو، جتي ڀارت مخالف شدت پسند نظريات وارا ماڻهو رهندا آهن.

ڀارتي وزير مملڪت جي بيان کانپوءِ ٻنهي ملڪن جا تعلقات انتهائي خراب ٿي ويا. ڪنهن به امڪاني جارحيت جي صورت ۾ جوهري هٿيار استعمال ڪرڻ جون ڳالهيون به ٿيون. جون ۾ ئي آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطح تي ڪوششون شروع ڪيون ۽ آمريڪي وزير خارجه صورتحال تي وزيراعظم نواز شريف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان کانپوءِ وزيراعظم مودي پنهنجي پاڪستاني هم منصب سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ رمضان مهيني جي شروعات تي کيس مبارڪباد ڏني، جنهن بعد ڇڪتاڻ ۾ ٿوري گهٽتائي پڻ آئي، هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا ڳالهه نواز مودي ڳالهين کان اڳيان وڌندي؟

ان دوران پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي جي سڀ کان وڏي پارٽي متحده قومي موومينٽ جي ڀارت سان عسڪري تعلقات جون خبرون نمايان رهيون ۽ ان سان گڏوگڏ پاڪستان جي افغانستان ۾ قيام امن جي لاءِ افغان طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ خبرون پڻ هلنديون رهيون.ان کانپوءِ جولاءِ ۾ ڀارتي وزيراعظم ۽ وزيراعظم نواز شريف جي روسي شهر اوفا ۾ ملاقات ٿي آهي. اها ملاقات شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي ٿي. ان تنظيم جا ٻه اهم ملڪ چين ۽ روس ٻئي خطي ۾ امن چاهين ٿا جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ان تنظيم جي مستقل ميمبر ٿيڻ جا خواهشمند آهن.

وزيراعظم نوازشريف ۽ مودي وچ ۾ ٿيل ملاقات کي عالمي دٻاءُ جو نتيجو به چئي سگهجي ٿو پر سبب ڪو به هجي پر اهو هڪ مثبت قدم آهي. هاڻ اسان کي ڏسڻو آهي ته هي گرمجوشي ڪيتري دير تائين جاري رهي ٿي ۽ ڇا خطي ۾ ٻنهي پاڙيسرين جي وچ ۾ دوستي اختتام پذير ٿيندي يا پوءِ 1947ع کان هينئر تائين تعلقاتن جي دائري ۾ وري ٻُڙي تي پڄاڻي تي پهچندي.ان ملاقات کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي گڏيل اعلان ۾ هڪ نڪتي جي شديد کوٽ هئي ۽ اُها اِها ته ٻه ڏينهن اڳ ۾ پاڪستان جي سياحتي هنڌ مري ۾ افغان طالبان ۽ افغان حڪومت جي وفدن وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ هڪ ٻئي جي خلاف ڪنهن به وڏي ڪارروائي نه ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. ٻنهي تسليم ڪيو ته ان دوران ناراض عنصرن يا ان جي مخالفن پاران هڪ اڌ حملي کي رد نٿو ڪري سگهجي. هاڻ ٻئي ملڪ چڱي طرح سمجهن ٿا ته ناراض عنصر ڪهڙا ٿي سگهن ٿا.

 

اوفا ۾ شنگھائي سهڪاري تنظيم جو اجلاس ؛ارشاد ڪاغذي

”شنگھائي سهڪاري تنظيم“ (Shanghai Cooperation Organization) جو اجلاس 9 ۽ 10 جولاءِ 2015ع تي روس جي شهر اوفا ۾ ٿي گذريو. پاڪستان ۽ هندستان کي مڪمل ميمبرشپ جي اعزاز سان نوازيو ويو. شنگھائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (SCO) يوروايشيا جي سياسي، اقتصادي ۽ فوجي تنظيم آهي، جنهن جو بنياد 2001ع تي شنگھائي ۾ چين، روس، تاجڪستان، قزاقستان، ڪرغستان ۽ ازبڪستان جي اڳواڻن گڏجي وڌو هو. هن تنظيم ٿوري عرصي اندر گھڻو ڪم ڪيو آهي. فوجي، سياسي، سماجي، اقتصادي، ثقافتي ۽ مالي تعاون ڪيو آهي. ان کان علاوه اها تنظيم ٽن برائين ”انتهاپسندي، عليحدگي پسندي ۽ دهشتگردي“ جي خلاف گھڻي سرگرم رهي آهي. هن سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان ۽ هندستان کي پڪو ۽ مڪمل ميمبر جو درجو ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ڪيترائي آبزرور ملڪ پڻ هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا. جهڙوڪ: ايران، افغانستان، بيلاروس ۽ منگوليا. ASEAN, CIS ۽ ترڪمانستان مهمان ملڪ آهن، ڊائيلاگ پارٽنر امريڪا، آذربائيجان، ڪمبوڊيا، نيپال، سريلنڪا ۽ترڪي آهن. هن گڏجاڻي ۾ ميمبر ملڪن 2025 تائين اهم منصوبابندي ڪئي آهي، جيڪا ساراهڻ جوڳي آهي. پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪ آهن ۽ ٻنهي جي هڪٻئي سان دشمني آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جون سرحدون به ملن ٿيون، پاڪستان چين جو راويتي پراڻو دوست آهي، جڏهن ته ڀارت جا روس سان پراڻا ويجها لاڳاپا آهن. ويجهڙائي ۾ ٻنهي ملڪن چين ۽ روس سان پنهنجا تعلقات وڌايا آهن. ٻئي پاڪستان ۽ هندستان جا وچ ايشيا جي ملڪن ۽ قومن سان ويجهڙائي وارا لاڳاپا آهن جيڪي اڳ۾ ئي شنگھائي سهڪاري تنظيم جو حصو آهن.

پاڪستان ۽ ڀارت اولهـ جي ملڪن ۽ خاص ڪري مسلمان ملڪن جي تمام گھڻو ويجهو آهن. ان ٻنهي ملڪن جو هن تنظيم ۾ پڪو ميمبر ٿيڻ جي ڪري سندن طبعي، عملي ۽ جاگرافيائي حيثيت ۽ گروپ جي اسٽريٽجڪ پهلوئن جي قدر ۽ قيمت ۾ گھڻو اضافو ٿيندو. هن ٻنهي ملڪن جي شامل ٿيڻ سان نيٽو جي خلاف جوابي طاقت جو اڀار اڀرندو.يوروايشيا جي ملڪن جو تعاون ۽ اتحاد سٺو سنئوڻ آهي، ان قسم جي تنظيم جي ٺهڻ ۽ ٻين ملڪن کي ان ۾ شامل ڪري واڌ ڪرڻ سان سندن اثر ۽ دائرو وسيع ٿيندو. پاڪستان ۽ هندوستان جي ميمبر ٿيڻ جي ڪري هن تنظيم کي پذيرائي ملي رهي آهي. اوفا سربراهي اجلاس ۾ شنگھائي سهڪاري تنظيم جي ڪاميابين جو جائزو ورتو ويو ۽ مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ منصوبابندي تيار ڪئي وئي. تنظيم جي مقرر هدف جي حصول لاءِ رڪن ملڪن جي وچ ۾ امن ۽ استحڪام، سرحدن اندر ۽ ٻاهر معاملن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. ايس سي او جي ميمبر ملڪن ۾ سياسي، فوجي ۽ اقتصادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ماضي ۾ گھڻو ڪجهه ڪيو ويو آهي، پر چوڻ جو مطلب ۽ مقصد هي آهي ته موجوده صدي جي تقاضائن پٽاندڙ نون ريجن جي اسرندڙ ۽ اڀرندڙ ملڪن کي هڪ نئين اتحاد جي شڪل ۾ نوان ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ نئين نموني سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ نئين گلوبلائيزيشن ۽ عام خلق جي خوشي، خوشحالي ۽ راحت جو خيال رکڻو پوندو. امريڪا جي سرواڻي ۾ مختلف تنظيمن جي ٺهڻ سان امريڪي ۽ ڪجهه يورپين ملڪن جو اثر ورسوخ وڌڻ جي ڪري هڪ هٽي واري سرشتي جي ڪري ٻيا ترقي يافته ۽ ترقي پذير ملڪ هڪ اهڙي بند گھٽي ۾ ڦاسي پيا آهن جو انهن لاءِ ڪو ڌڳ نٿو نڪري، جنهن سان هو منزل ڏانهن وڌي سگھن. سو ان ڪارڻ موجوده دور ۾ ريجنل جيوپوليٽيڪل جي اهميت ۽ افاديت وڌي وئي آهي ۽ ان کي گھڻي هٿي ۽ اهميت ملي رهي آهي. تنهن ڪري امريڪا واحد سپر پاور هجڻ ڪري چين، روس، ڀارت، پاڪستان ۽ خاص ڪري ٻيا ننڍڙا ۽ پٺتي پيل ملڪ هڪ اهڙي سرشتي، نظام ۽ اتحاد جي سڳي ۾ سلهاڙيل ۽ پوئجڻ جي جستجو ڪري رهيا آهن، جنهن سان سندن گھرجون پوريون ٿي سگھن. اهو سمجهڻ ۽ تت ڪڍڻ ضروري آهي ته خطي جي ملڪن ۾ جيڪي نوان معاشي ۽ سياسي اتحاد جڙي رهيا آهن، ان جي ڪري موجوده وقت دنيا جي حالتن تي گھڻو فرق پيو آهي. پر ان سان گڏوگڏ ان اتحاد ۽ تعاون ڪندڙ ملڪن جا پاڻ ۾ گھڻا اختلاف موجود آهن. پاڪ ـ ڀارت تڪرار ۽ وري چين ــ ڀارت تڪرار جو مثال ڏئي سگھجي ٿو. اهڙي ڇڪتاڻ جي هوندي شنگھائي سهڪاري تنظيم ۾ پاڪستان ۽ ڀارت کي پڪو ميمبر مقرر ڪرڻ تنظيم لاءِ ضرور فائديمند ثابت ٿيندو ۽ ڏڦيڙ ختم ٿيندو. چين، روس ۽ ڀارت پنهنجي مخصوص ارادن جي حصول لاءِ هن تنطيم کي هلائڻ جو خواهشمند هوندا، پر کين اهو به احساس هئڻ گھرجي ته جهڙي نموني امريڪا پنهنجي ڏاڍ ۽ هڪ هٽي جي بدولت جيڪو ڪجهه ڪري ٿو، اهڙي قسم جو ڌنڌو هتي ڪيو ويو ته پوءِ ڪهڙو فرق پوندو؟ اسان جي ريجن جا ملڪ ۽ يوروايشيا جا ملڪ ۽ خاص ڪري چين، روس ۽ ڀارت پنهنجي مفادن لاءِ وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا جي ملڪن ۾ پنهنجو دائرو وڌائڻ جي چڪر ۾ آهن. چين جي مرضي آهي ته امريڪا جو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اثررسوخ ختم ڪجي، پر ان لاءِ چين کي وڏي جدوجهد ڪرڻي پوندي ۽ هڪ اهڙي سوچ، سمجهه ۽ پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي، جيڪا امريڪا کان بنهه مختلف هجي. يوروايشيا جي ملڪن کي هڪ هنڌ گڏ ويهارڻ سٺو سنوڻ آهي پر ان سان گڏ هڪ جُمود کي ٽوڙڻ جي ڪوشش پڻ آهي. هڪ اهڙو چئلينج جيڪو سپر پاور کي للڪاري ۽ امريڪا لاءِ خطرو بڻجي وڃي.هماليا ۽ بحر روم جي سياسي، سماجي، اقتصادي، فوجي ۽ ٻين انيڪ مسئلن ۽ معاملن کي سمجهڻ لاءِ 21هين صدي عيسوي جي تقاضائن مطابق قدم کڻڻ جي اشد ضرورت آهي، شنگھائي سهڪاري تنظيم کي جيو پوليٽيڪل حالتن جو اڀياس ۽ ادراڪ رکڻ گھرجي ۽ اتحاد يا تنظيم جي ملڪن جي اندر تڪرار کي سمجهڻ ۽ ان جي حل ڪرڻ لاءِ مثبت فيصلا ڪري امن، تحفظ، سلامتي ۽ خطي کي پرسڪون بڻائي هڪ يادگار ڪم ڪرڻ گھرجي.

شنگھائي سهڪاري تنظيم کي پنهنجي پر ۾ هڪ اهڙي تنظيم، ادارو ۽ خطي جو بااختيار سرواڻ بڻجڻ گھرجي، جيڪو پنهنجي ڪم، ڍنگ، عمل، اُڻت، تاڃي پيٽي ۽ عمل ۾ ٻين کان نيارو ۽ نرالو هجي. اسان جي خطي جا ملڪ ۽ اتان جي عوام جي منشا ۽ مرضي آهي ته هتان جي ملڪن جي وچ ۾ جهيڙا ۽ تڪرار نبري وڃن ۽ هتان جا ملڪ پاڻ ۾ پرچي کير کنڊ ٿي وڃن پر اهو اڃا هڪ خواب آهي، جنهن جي تعبير ڪرڻي پوندي، اها تعبير تڏهن ممڪن آهي، جڏهن متبادل پروگرام ڏئي هڪ اهڙي قسم جو شاندار ۽ مثبت مقابلا بازي جو عملي مظاهرو ڪرڻو پوندو، جنهن جي ڪري هر هڪ ملڪ جي قومي سلامتي، امن ۽ ترقي ممڪن ٿي سگھي.

شنگهائي سهڪاري تنظيم جهڙي قسم جي بين الاقوامي ڪانفرنسن ۽ سربراهي اجلاسن ۾ ڪجهه نئين قسم جون بريڪنگ نيوز اچڻ جي توقع ڪئي ويندي آهي، جيئن هن ڀيري اوفا سربراهي اجلاس ۾ ڀارت پاران پاڪستان جي وزيراعظم سان هندستان جي وزيراعظم جي ملاقات جو اعلان ڪيو ويو هو. نريندر مودي ۽ نواز شريف هڪٻئي سان مليا ۽ ڪجهه اعلان ۽ گڏيل بيان جاري ڪيو ويو. پاڪستان جي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي هم منصب مودي کي سارڪ سربراهي اجلاس جيڪو ايندڙ سال اسلام آباد ۾ ٿيندو، تنهن جي دعوت ڏني، جيڪا هن قبول ڪئي. ان کان علاوه سنهيون سڪيون ڳالهيون ٿيون ۽ قيدي آزاد ڪرڻ آفيسرن جي ملاقات ڪرڻ جهڙا هلڪا ڦلڪا ڪم ڪيا ويا. اهي ۽ ان قسم جا ڏيکارڻ جهڙا ڪارناما هميشه ڪيا ويندا اهن. پر اسان ڪڏهن اهو نه ڏٺو آهي ته ڀارت جي وزيراعظم ڪڏهن هي اعلان ڪيو هجي ته ٻنهي ملڪن جي مشڪلاتن کي آسان ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي سطح تي گڏجاڻيون شروع ڪري دشمني کي دوستي ۾ تبديل ڪيو ويندو. سارڪ هجي يا شنگھائي سهڪاري تنظيم جا اجلاس، انهن ۾ روايتي دشمني وارا لاڙا ظاهر ظهور آهن. اهي ڪڏهن ختم ٿيندا؟ ان لاءِ ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن کي سوچڻ گھرجي ۽ هڪ اهڙي نه کٽندڙ اجلاس جي تجويز پيش ڪن جن سان دوستي جو معاهدو پختو ٿئي!