تازيون خبرون

Daily Archives: July 13, 2015

ڪي اليڪٽرڪ عوام جا لاهه ڪڍي ڇڏيا، هڪ هفتي دوران شهر ۾ ٽيون ڀيرو وڏو بريڪ ڊائون، 12 ڪلاڪ بجلي غائب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ 5 ڏينهن اندر بجلي جي ٽيون  وڏو بريڪ ڊائون شهر کي اوندهه ۾ ٻوڙي ڇڏيو، جنهن ڪري روزيدارن سميت عام ماڻهن پارابن سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. رات ديرسان پپري۽ وليڪا جون 220 ڪي وي اي جون 2 ٽرانسميشن لائنون ٽرپ ٿي ويون،جنهن ڪري اڌ شهر کي بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي، متاثر ٿيل علائقا 6 کان12 ڪلاڪن تائين بجلي کان محروم رهيا، جڏهن ته بجلي نه هجڻ ڪري متاثر علائقن ۾ پاڻي جي به سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي ذريعن مطابق رات جو ساڍي 12 هين وڳي سڀ کان پهرين لياقت آباد جي بجلي ٽرپنگ سبب بند ٿي، ان سان گڏو گڏ ناظم آباد، فيڊرل بي ايريا ۽ ٻين لاڳاپيل علائقن جي بجلي به بند ٿي وئي، جڏهن ته گلستان جوهر، گلشن اقبال، لانڍي، ڪورنگي، شاهه لطيف، ڀينس ڪالوني،. ڊفينس، پي آءِ بي ڪالوني، گلشن حديد، لياري ۽ ٻين علاقن ۾ به بجلي معطل رهي، سٽي ريلوي ڪالوني، مڇر ڪالوني،شيرشاهه،بلديا، سائٽ ۽ هجرت ڪالوني سوڌو لاڳاپيل علائقا به بجلي کان محروم ٿي ويا، ان دوران پپري ٽرانسميشن لائن کي کولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته وليڪا جي 220 ڪي وي اي واري ٽرانسميشن لائن به ٽرپ ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ نارٿ ڪراچي، نيو ڪراچي، اورنگي ۽ ايف بي ايريا جا علائقا بجلي بند ٿيڻ ڪري اوندهه ۾ ٻڏي ويا، ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ هوته پپري جي 220 ڪي وي اي ٽرانسميشن لائن هوا ۾ ماڪ جي شرح گهڻي هجڻ ڪري ٽرپ ٿي وئي، جنهن ڪري 30 گرڊ اسٽيشنون متاثر ٿيون، جن جي بحالي جو ڪم جاري آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي اختيارين بجلي جي مڪمل بحالي بابت ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو. ٻئي پاسي واٽر بورڊ انتظاميا ٻڌايو ته ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بجلي ناهي،جنهن ڪري شهر کي 10 ڪروڙ گيلن پاڻي جي فراهمي ناهي ٿي سگهي، بجلي ۽ پاڻي جي کوٽ سبب شهري سخت عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا، خاص طور تي روزي رکڻ مهل شهرين کي وڏي تڪليف ۽ ذهني پيڙا کي منهن ڏيڻو پيو.هوڏانهن ڪي اليڪٽرڪ اٽڪل 12 ڪلاڪ بجلي بند رهڻ کانپوءِ شهر جون سموريون گرڊ اسٽيشنون بحال ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي پر شهرين جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃا تائين بجلي ناهي آئي.

 

دبنگ گرل سوناڪشي سنها پهريون ڀيرو اداڪار جان ابراهيم سان رومانس ڪندي نظر ايندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ناليواري فلمساز ويپل شاهه فلم ”فورس“ جي سيڪوئل جو اعلان ڪيو آهي، فلم ۾ دبنگ گرل سوناڪشي سنها پهريون ڀيرو اداڪار جان ابراهيم سان رومانس ڪندي نظر ايندي. مشهور فلمساز ويپل شاهه هاڻي فلم ”فورس“ جو سيڪوئل ٺاهيندو. فلم جي لاءِ جان ابراهيم جو نالو ته پهريان ئي فائنل ڪيو ويو هو، پر هاڻي سوناڪشي سنها کي به مرڪزي ڪردار جي چونڊيو ويو آهي. ٻنهي سپر اسٽارن جي گڏ هيءَ پهرين فلم هوندي. جان ابراهيم جو چوڻ هو ته فلم جي شوٽنگ جي لاءِ هو تمام گھڻو پرجوش آهي. فلم جي شوٽنگ هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ شروع ڪئي ويندي، جڏهن ته ايندڙ سال فلم رليز جي لاءِ پيش ڪئي ويندي. سوناڪشي سنها ۽ جان ابراهيم جي جوڙي هاڻي باڪس آفيس تي ڪهڙا ٿي رنگ لائي، اهو وقت ئي ٻڌائيندو

 

بيلي ڊانس پنهنجو پاڻ کي فٽ رکڻ جو بهترين طريقو آهي: جيڪولين

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا جيڪولين فرينڊس چيو آهي ته بيلي ڊانس پنهنجو پاڻ کي فٽ رکڻ جو بهترين طريقو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب فلم ”بنگستان“ جو پهريون گيت ”عشق ڪرين گي“ تازو رليز ڪيو ويو آهي، جيڪو تمام گهڻو مشهور پڻ ٿيو آهي. گيت ۾ جيڪولين 5 مختلف طرزن جا رقص ڪيا آهن. ان بابت جيڪولين فرنينڊس ٻڌايو ته اهو سندس پهريون تجربو هو، بيلي ڊانس جو تجربو خوشگوار رهيو

 

ڪلاسڪ ڳائڻي استاد سلامت علي خان جي 14 هين سالگرهه ملهائي وئي

لاهور (ڪلچرل نيوز) موسيقيءَ جي لحاظ کان پاڪستان جا مشهور گھراڻي شام چوراسي جي ڪلاسڪ ڳائڻي استاد سلامت علي خان جي 14 هين سالگرهه ملهائي وئي. ناليواري موسيقار ۽ ڳائڻي استاد سلامت علي خان 12 سيپٽمبر 1934ع تي شام چوراسي ضلعي هوشيار پور ۾ ڄائو، هن پنهنجي وڏي ڀاءُ استاد نزاڪت علي خان سان گڏجي پنهنجي والد استاد ولايت علي خان کان موسيقيءَ جي تربيت ورتي. استاد سلامت علي خان پنهنجي وڏي ڀاءُ نزاتڪ علي خان سان پهريان ڪلاسڪ پرفارمنس سان چاهيندڙن جون دليون کٽيون. هن پنهنجي فرزند استاد شرافت علي خان تي تمام گھڻي محنت ڪئي ۽ ٻئي پٽ شفقت علي خان جي صورت ۾ ناليوارو ڳائڻو پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. ڪافي ۽ ٺمري تي مهارت رکندڙ ڳائڻي کي پنهنجي گھر ۾ حضرت خواجه غلام فريد جي ملتاني ڪافيءَ کي نئون ڪلاسيڪي انگ ڏيڻ جو شرف به مليو. استاد سلامت علي خان کي پنج پٽيه ڳائڻي جي لقب سان به ياد ڪيو ويندو آهي. استاد سلامت علي خان کي پاڪستان حڪومت پاران تمغه امتياز سان به نوازيو ويو. ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو شان چورائيندر استاد سلامت علي خان 11 جولاءِ 2001ع تي فوت ٿي ويو

 

ها مان سلمان خان جي ديواني آهيان ۽ ان جون ئي فلمون ڏسندي آهيان: ميرا راجپوت

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور جي پيءُ جڏهن پنهنجي پٽ جو رشتو پنهنجي دوست جي ڌيءُ ميرا جي لاءِ گھريو ته اهو خوشيءَ سان ڏنو ويو. شاهد ڪپور جو خيال هو ته سندس گھر واري بڻجندڙ ميرا راجپوت سندس پرستار هوندي، پر هو اهو ٻڌي حيران رهجي ويو ته ميرا سندس نه پر سلمان خان جي تمام وڏي پرستار آهي. شاهد ڪپور ان بابت هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو ته شاديءَ کان پهريان ئي ميرا کيس ٻڌائي چڪي آهي ته هوءَ سندس نه پر سلمان خان جون فلمون شوق سان ڏسندي آهي ۽ سلمان جي وڏي پرستار پڻ آهي. هن ڀوڳ طور چيو ته سلمان خان، شاهه رخ خان ۽ عامر خان فلم انڊسٽريءَ ۾ موجود آهن، منهنجي دال نه ڳرندي. واضح رهي ته ميرا ۽ شاهد ڪپور جي شادي هلندڙ هفتي ۾ ٿي آهي، جڏهن ته هاڻي ٻنهي جي شادِيءَ جي سلسلي جي گرانڊ پارٽي اڄ ٿيندي. ذريعن موجب شاهد ڪپور ان تقريب ۾ سلمان خان کي به شرڪت جي دعوت ڏني آهي

 

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم دمبولا ون ڊي کٽي نوان رڪارڊ جوڙيندي ايشيا جي ڪامياب ترين ٽيم پڻ بنجي وئي

دمبولا(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم دمبولا ون ڊي کٽي نوان رڪارڊ جوڙيندي ايشيا جي ڪامياب ترين ٽيم پڻ بنجي وئي آهي. ون ڊي ميچن جي تاريخ ۾ آسٽريليا 856 ميچن مان 529 ۾ ڪاميابي ماڻي پهرين، جڏهن ته پاڪستان سريلنڪا کان ون ڊي سيريز جو پهريون ميچ کٽي ڀارت کان ٻي پوزيشن کسي ورتي آهي. پاڪستان 844 ميچن مان 447  ون ڊي ميچون پنهنجي نالي ڪيون آهن ۽ 392 ۾ هارايو آهي. جڏهن ته ويسٽ انڊيز 731 مقابلن مان 373 ۾ ڪاميابين سان چوٿين نمبر تي آهي. سريلنڪا 753 ميچن مان 356 ۾ ڪاميابين سان پنجين پوزيشن تي آهي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا 537 ميچن مان 332 ۾ ڪاميابي ماڻي آهي ۽ انگلينڊ 650 ميچن مان 312 ميچون پنهنجي نالي ڪيون آهن. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پڻ کٽيل ٽيسٽ ميچن ۾ 124 سان اڳتي آهي، انڊيا 122 ٽيسٽ ميچون، سريلنڪا 72 ٽيسٽون ۽ بنگلاديش 7 ٽيسٽ ميچون کٽيون آهن. ٽي ئوئنٽي ۾ به پاڪستان 52 کٽيل ميچن سان اڳتي آهي، سريلنڪا 42، انڊيا 30 ۽ بنگلاديش 12 ٽي ٽوئنٽي ميچون کٽيون آهن

 

انگلينڊ ڪارڊف ۾ ايشز ٽيسٽ جي پهري ميچ ۾ آسٽريليا کي 169 رنسن سان تاريخي شڪست ڏئي ڇڏي

ڪارڊف (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ڪارڊف ۾ ايشز ٽيسٽ جي پهري ميچ ۾ آسٽريليا کي 169 رنسن سان تاريخي شڪست ڏئي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي ماڻي ورتي آهي. ميچ ۾ فتح لاءِ ميزبان ٽيم آسٽريليا کي 412 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو، پر آسٽريلوي ٽيم چوٿين ڏينهن جي آخري سيشن ۾ 242 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. آسٽريليا طرفان اوپنر ڊيوڊ وارنر ۽ مچل جانسن ففٽيون ٺاهيون، پر پنهنجي ٽيم کي شڪست کان بچائي نه سگيا. ٻي اننگ ۾ آسٽريلوي اوپنر ٽيم کي 19 رنسن جي شروعات ئي ڏئي سگھيا ۽ پهرين اننگ ۾ 95 رنسون ٺاهيندڙ روجرز هين ڀيري صرف 10 رنسون ٺاهي سگھيو. ان کان پوءِ وارنر ۽ سمٿ وچ ۾ 78 رنسن جي ڀائيواري جڙي جنهن کي معين عليءَ ٽوڙيو. عليءَ ففٽي ٺاهيندڙ ڊيوڊ وارنر کي به ايل بي ڊبليو ڪيو. انگلش ٽيم کي ٽين ڪاميابي مانيءَ جي وفقي کان پوءِ ملي جڏهن پهرين اوور ۾ اسٽيورٽ براڊ 33 رنسن تي بيل هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو. اڳئي اوور ۾ ايڊم ووگز کي به مارڪ وڊ هڪ رنس تي آئوٽ ڪيو ته آسٽريليا جو اسڪور صرف 106 هو. اسڪور ۾ وڌيڪ 16 رنسن جي واڌ کان پوءِ آسٽريليا جو ڇهون نقصان هيڊن کي آئوٽ ڪري معين ئي پهچايو. شين واٽسن 19 رنسن تي مارڪ وڊ جو شڪار بڻيو. اٺين وڪيٽ تي مچل جانسن ۽ اسٽارڪ 72 رنسن جي ڀائيواري جوڙي جنهن کي روٽ ٽوڙيو ۽ اسٽارڪ سلپ تي ڪيچ آئوٽ ٿيو. معين هيزل ووڊ کي آئوٽ ڪري آسٽريلوي اننگ جو خاتمو آندو ۽ پنهنجي ٽيم کي سيريز ۾ 1-0 سان سرسي ڏياري

 

ويمن ورلڊڪپ فٽبال ايوينٽ کٽيندڙ آمريڪي ٽيم جو شاندار استقبال

نيويارڪ (اسپورٽس نيوز) ويمن ورلڊڪپ فٽبال ايوينٽ کٽيندڙ آمريڪي ٽيم جڏهن نيويارڪ پهتي ته ان جو شاندار استقبال ڪيو ويو، نيويارڪ جي ميئر بل ڊي بلاسيو عورت رانديگرياڻين کي هيرو قرار ڏنو. نيويارڪ سٽي ۾ هزارن جي انگ ۾فٽبال شوقين گڏ ٿيل هئا ۽ پنهنجي ويمن فٽبال ٽيم جو آڌرڀاءُ ڪيائون، جن آمريڪا کي ورلڊڪپ ٽرافي ڏياري. عمارتن جي گيلرين ۾ موجود شوقينن کي آمريڪي عورت فٽبال ٽيم جون رانديگرياڻيون هٿ لوڏي سندن نعرن ۽ جوش جذبي جو جواب ڏينديون رهيون. نيويارڪ جي مئير طرفان ڏنيل مانجھاندي ۾ سڀ رانديگرياڻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميئر بل ڊي بلاسيو آمريڪي عورت ٽيم کي هيرو قرار ڏيندي چيو ته ان فائنل کي 27 ملين ماڻهن ڏٺو، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي، ويمن ٽيم تاريخي راند جو مظاهرو ڪيو، هي اسان سڀني لاءِ فخر لائق ڳالهه آهي. ايوينٽ ۾ گولڊن بال حاصل ڪندڙ ڪارلي لائڊ  چيو ته فتح ڪوچن ۽ رانديگرن جي سخت محنت جو نتيجو آهي. اسان سڀني سٺي راند کيڏي، کٽڻ تي تمام خوشي محسوس ٿي رهي آهي

 

آل رائونڊر محمد حفيظ ون ڊي ميچ ۾ 4 وڪيٽون وٺڻ ۽ سينچري اسڪور ڪندڙ پهريون ڪرڪيٽر بڻجي ويو

دمبولا (اسپورٽس نيوز) آل رائونڊر محمد حفيظ ون ڊي ميچ ۾ 4 وڪيٽون وٺڻ ۽ سينچري اسڪور ڪندڙ پهريون ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي. آل رائونڊر سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ شاندار بالنگ ڪندي 4 آءِ لينڊرن کي پويلين موٽايو، جن مان ٽي کاٻڙيل بيٽسمين پڻ شامل هئا. حفيظ سريلنڪن اوپنر پريرا کي 26، ٿريماني کي 23، ٿرنگا کي 20 جڏهن ته دلشان کي 38 رنسن تي آئوٽ ڪيو. حفيظ 10 اوورن ۾ 41 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪيون. حفيظ بهترين سينچري اسڪور ڪندي 4 ڇڪن ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 93 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي. ٻئي طرف پاڪستان خلاف پهرين ون ڊِي ۾ سريلنڪن بيٽسمين تلڪارتني دليشان ٽي ڀيرا آئوٽ ٿي نئين تاريخ لکي ڇڏي، ميچ جي چوٿين اوور ۾ دليشان فاسٽ بالر محمد عرفان جي بال تي وڪيٽن پويان سرفراز احمد هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو، پر امپائر اهو نو بال قرار ڏئي سريلنڪن بيٽسمين کي فري هٽ ڏني، وري ايندڙ بال تي به دليشان وڏي هٽ لڳائڻ جي چڪر ۾ مڊ آف تي ڪيچ آئوٽ ٿيو، پر فري هٽ واري قانون موجب کيس آئوٽ قرار نه ڏنو ويو، ٽيون ڀيرو دليشان 27 هين اوور ۾ 39 رنسون ٺاهي محمد حفيظ جي بال تي بولڊ ٿي ويو ۽ اهڙي ريت هڪ اننگز ۾ هو جملي طور 3 ڀيرا آئوٽ ٿي

 

ملڪاڻي شريف:پاڻيءِ خلاف احتجاج ڪندڙن جي ڪيمپ کي باهه، پوليس اگهور ننڊ ستل

 

ملڪاڻي شريف جي جرڪس،آئلپور،کوسڪي، ٻنگار سانگي ۽ ٻين شاخن ۾ پاڻي جي هڪ مهيني کان جاري هٿرادو کوٽ خلاف ملڪاڻي شريف ۽ آسپاس جي آبادگار پاران دمبالو ريگيوليٽر تي قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ کي باهه ڏئي ساڙيو ويو،آبادگارن پير فياض محمد شاهه راشدي،حاجي علي دلواڻي،طارق محمود آرائين ،منظور چانڊيو ،انور راجپوت ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته احتجاجي ڪيمپ تي سب انجنيئر آبپاشي سڪندر شاهه ۽ يونين اڳواڻ رسول بخش خاصخيلي حملو ڪرائي باهه ڏياري آهي، هنن چيو ته اسان جو قيمتي سامان به سڙي ويو آهي، پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري، جڏهن ته واقعي خلاف آبادگارن جي سڏ تي ملڪاڻي شريف ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، آبادگارن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهه ڏيئي ڌرڻو هڻي پنگريو جهڏو روڊ بند ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ٽرئفڪ پڻ مڪمل طور بند ٿي وئي ان موقعي تي آبادگارن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ايريگيشن جي عملي اسان جي حصي جو پاڻي لکين روپيه وٺي وڪرو ڪري ڇڏيو جنهن خلاف اسان سپريم ڪورٽ جو آرڊر کڻي احتجاج لاءِ نڪتاسين ته اسان جي احتجاج کي برداشت نه ڪندي رات جي وقت ٽينٽ کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو هنن چيو ته اسان اها دهشتگردي هرگز برداشت نه ڪنداسين چوويهن ڪلاڪن اندر جيڪڏه جوبدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انهن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته ايس ايس پي بدين جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرايو ويندو،ٻئي پاسي ايگزيڪيوٽو انجنيئر نصي ڊويز ن محمد رحيم قريشي ڪارروائي ڪندي ايس ڊي او خيرپور گنبوه ديدار حسين بليدي کي هٽائي ڇڏيو .

حيدرآباد ايس اين پي جي آفيس تي ڇاپو

حيدرآباد پوليس ايس اين پي جي مرڪزي اڳواڻ اشرف نوناري، مشتاق کوکر ۽ عامر گوندل جي گرفتاري لاءِ مختلف علائقن گاڏي کاتو، هوسڙي ۽ قاسم آباد ۾ ڇاپا هڻي مشتاق کوکر ۽ عامر گوندل کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته پوليس ايس اين پي جي گاڏي کاتي حيدر چوڪ واري علائقي ۾ قائم آفيس تي ڇاپو هڻي آفيس ۾ پيل سامان، ليپ ٽاپ ۽ ڪمپيوٽر کڻي وئي. سيري ٿاڻي تي عزيز لياقت نالي شخص ڪيس داخل ڪرائيندي اشرف نوناري، مشتاق کوکر ۽ عامر گوندل کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته ڄاڻايل ماڻهن سرڪاري کاتن ۾ ملازمت ڏيارڻ لاءِ ماڻهن کان 30 لک رپيا وصول ڪيا آهن، پر انهن ماڻهن کي نوڪريون نه ملي سگهيون آهن، جنهن تي سيري پوليس مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي مشتاق کوکر ۽ عامر گوندل جي گاڏي کاتي ۾ قائم ايس اين پي جي آفيس مان گرفتاري ظاهر ڪئي آهي. هوڏانهن ايس اين پي جي چيئرمين امير ڀنڀرو، مرڪزي اڳواڻ رمضان بليدي، سائين بخش بنگلاڻي ۽ نصرالله ابڙو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ آفيس تي چڙهائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پارٽي طرفان دهشتگردن خلاف رينجرس جي ڪاررواين ۽ ڪرپشن خلاف نيب ۽ ايف آءِ اي جي ٿيندڙ ڪاررواين جي حمايت ڪرڻ تي پارٽي کان سياسي انتقام ورتو پيو وڃي. هنن چيو ته گذريل ڏينهن سيري پوليس تعلقه ٽائون آفيسر اسلم بڙدي ۽ سندس ڪرپٽ ڀاءُ جي چوڻ تي اشرف نوناري، مشتاق کوکر ۽ ٻين مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو هو. هنن چيو ته تعلقه ميونسپل جي ٽائون آفيسر جي ڪرپشن ۽ فراڊ کي وائکو ڪرڻ تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته آفيس تي چڙهائي ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.