تازيون خبرون

Daily Archives: July 9, 2015

رينجرز جي مقرري ڪنهن فرد يا حڪومت جا اختيار محدود ڪرڻ ناهي: چوڌري نثار

اسلام آباد(اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته رينجرز جي مقرري ڪنهن به فرد يا حڪومت جي اختياريءَ کي محدود ڪرڻ نه آهي، نه ئي اها ڪا صوبائي خودمختياريءَ ۾ مداخلت آهي. اربع ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي گهرو معاملن واري وفاقي وزير چيو ته سنڌ ۾ رينجرز جو مدو اڄ ختم ٿي رهيو آهي. هن ٻُڌايو ته هن سنڌ جي وزيراعليٰ سان رينجرز جي مقرريءَ بابت ٽيليفون تي ڳالهايو آهي ۽ رينجرز جي مُدي وڌائڻ جي نئين رڪيوزيشن ايندي ۽ رات دير تائين اهو مسئلو حل ٿي ويندو. چوڌري نثار چيو ته هن سنڌ جي وزيراعليٰ کي ٻڌايو آهي ته رينجرز جي مقرري ڪنهن به شخص جي اختيارين کي محدود ڪرڻ بابت ناهي ۽ نه ئي اها صوبائي خودمختياريءَ ۾ مداخلت آهي. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن ڪو رينجرز جي مينڊيٽ کي نه سمجهي سگهيو آهي ته ان جي غلط فهميءَ کي ختم ڪيو ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت رينجرز جي مقرريءَ بابت درخواست نه ڏيندي ته ان کي سنڌ صوبي مان واپس گهرايو ويندو. هن چيو ته رينجرز جي باري ۾ ڪجهه سياستدانن جا تازا بيان حيرت جوڳا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي اهو تاثر پيدا ڪري رهيا آهن ته اها فورس قانون ۽ قاعدن جي دائري کان مٿاهون ٿي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته رينجرز سنڌ ۽ پاڪستان جي فورس آهي جنهن کي صوبي ۽ ڪراچيءَ ۾ هڪ طريقيڪار طور مقرر ڪيو ويو آهي. چوڌري نثار چيو ته رينجرز قانون مطابق ڪم ڪري رهي آهي ۽ گذريل ڪجهه مهينن کان ان قاتلن، دهشتگردن، ڀتي خورن ۽ ٽارگيٽيڊ ڪلرز خلاف ڪارروائي ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڏوهن جي شرح گهٽ ٿي آهي جيڪا اڳ آسمان کي ڇُهي رهي هئي. گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته رينجرز هڪ غير سياسي فورس آهي جيڪا نه ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي هدايت تي ڪم ڪندي آهي نه ئي ڪنهن پارٽيءَ جي خلاف ڪم ڪندي آهي. چوڌري نثار علي خان چيو ته رينجرز کي هڪ خاص مقصد تحت نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ اهو وفاقي حڪومت لاءِ ممڪن ناهي ته اهي ڪنهن اجازت ڏين ته اهي رينجرز جهڙي فورس کي نشانو بڻائين. هن چيو ته اسان رينجرز جي جوانن جو تحفظ ڪنداسين جن پنهنجي زندگين کي خطري ۾ وجهي عام ماڻهن جي زندگيءَ کي تحفظ فراهم ڪيو آهي، رينجرز کي قانوني ڪور کانسواءِ ڪراچيءَ جي رستن تي بي يارو مددگار نه ڇڏيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ڊي جي رينجرز کي خط لکيو هو جنهن جو ڪوبه جواب ناهي آيو. چوڌري نثار علي چيو ته ايف آءِ اي کي ڏنل اختيار قومي ۽ بين الصوبائي ڪيسن لاءِ آهن. هن چيو ته ميٽرو پوليٽن پوليس لنڊن ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ جوابدار معظم علي خان کان پُڇا ڳاڇا مڪمل ڪري ڇڏي آهي ۽ لنڊن پوليس هڪ ٻئي جوابدار تائين رسائي حاصل ڪئي آهي جيڪا خميس ڏينهن کان جاچ شروع ڪندي، جڏهن ته 3 جوابدار تائين رسائي ڏيڻ لاءِ فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو. هن چيو ته ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس بابت جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ميٽرو پوليٽن پوليس بعد ۾ رپورٽ تيار ڪندي ۽ لنڊن رواني ٿي ويندي. گهرو وزير وضاحت ڪندي چيو ته برطانوي اختيارين جوابدارن کي سندن حوالي ڪرڻ بابت ڪوبه مطالبو نه ڪيو آهي، هنن فقط جوابدارن تائين رسائي جي درخواست ڪئي هئي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چوڌري نثار علي خان ٻُڌايو ته حڪومت طرفان نظرثاني ڪرڻ تي اين جي اوز جي ڪم ڪار تي ڪوبه فرق نه پوندو. هن چيو ته گهرو وزارت کي ايندڙ 6 مهينن اندر اين جي اوز جي ڪم ڪار جو جائزو وٺڻ لاءِ ذميواري ڏني وئي آهي. هن چيو ته 3 مهينن اندر گهرو وزارت اين جي اوز لاءِ شفاف آن لائن نظام تيار ڪندي ۽ اين جي اوز جي رجسٽريشن، فنڊن جي سورس ۽ مانيٽرنگ بابت ڄاڻ فراهم ڪئي ويندي جيڪا سڄي دنيا کي ميسر هوندي. اي پي پي/ع – س/ح – ق 21:40

 

رينجرز جي اختيارن ۾ توسيع واري معاملي تي پ پ قيادت ۾ مشورا

ڪراچي(ار،م ڊ) رينجرز جي اختيارن ۾ توسيع جي حوالي سان پ پ جي قيادت وچ ۾ مشاورت ڪئي وئي آهي وزيراعليٰ سيدقائم علي شاهه آصف علي زرداري سان ٽيليفون تي رابطو ڪري صورتحال بابت آگاهي ڏني جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري سان به گڏجاڻي ڪئي خابرو اداري جي دعوي ٰ مطابق ته پ پ قيادت سنڌ حڪومت کي رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي ٻئي پاسي آپريشن بند ٿيڻ سان گرفتار ٿيل ٽارگيٽ ڪلرز ۽ ڀتا خورن کان جاچ به متاثر ٿيندي، رينجرز وڌيڪ گرفتاريون به نه ڪندي، حساس هنڌن تان واڌو اٽالا به واپس گهرايا ويا آهن. سنڌ ۾ رينجرز جون ڇاپو هڻندڙ ڪارروايون ڪندڙ اختيارن جو ڏنو مدو اڄ رات 12 وڳي پورو ٿي رهيو آهي. ان صورتحال ۾ سنڌ رينجرز سمورين ونگز کي ڇاپو هڻڻ وارين ڪاررواين نه ڪرڻ جي به هدايت ڏئي ڇڏي آهي.گرفتار ڏوهارين جي سڃاڻپ تي وڌيڪ گرفتاريون به نه ٿي سگهنديون. جڏهن ته شهر ۾ گرفتار ٽارگيٽ ڪلرز ۽ ڀتا خورن کان جاچ به متاثر ٿيڻ جا خطرا آهن.ٻئي پاسي سنڌ حڪومت رينجرز کان اختيار ۽ قائم مدي تي قانوني صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن.رات 12 وڳي تائين نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيا ته تڪرار شدد اختيار ڪري سگهن ٿا.رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ هر 3 مهينن کانپوءِ سنڌ جي گهرو وزارت ڪندي آهي ان ڪري هاني واڌ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرائڻ واري ڳالهه هلي رهي آهي

 

دهشتگردي جو خاتمو ڪنداسين،ملالا ننڍي عمر ۾ ڪروڙين ٻارن جي لاءِ هڪ رول ماڊل بڻجي وئي آهي: وزيراعظم

اوسلو – 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته حڪومت تعليم جو معيار بهتر بڻائڻ، صنفي برابري ۾ اضافي ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ تعليمي موقعن ۾ اضافي جو عزم ڪيو آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه اربع ڏينهن هتي نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي سان ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم چيو ته عورتن، ٻارن ۽ اقليتن جي حقن کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ نمايان قدم کنيا ويا آهن ۽ ان سلسلي ۾ هڪ جامع معاشرو جوڙڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رهنديون. وزيراعظم چيو ته حڪومت تعليمي خرچن جي لاءِ جي ڊي پي جي چار سيڪڙو جي اضافي جو پڪوپهه ڪيو آهي ۽ 2005ع جي زلزلي سبب تباهه ٿيندڙ اٽڪل هڪ هزار اسڪولن جي نئين سر تعمير جو ڪم جاري آهي. ملالا يوسفزئي جي بهادري ۽ کري انداز ۾ ڳالهائڻ کي ساراهيندي هن چيو ته ملالا ننڍي عمر ۾ ڪروڙين ٻارن جي لاءِ هڪ رول ماڊل بڻجي وئي آهي. وزيراعظم تعليم کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ ان جي ذاتي دلچسپي کي ساراهيو. زيراعظم چيو ته حڪومت دهشتگردي جي خاتمي جو ٺوس عزم ڪيو آهي جنهن سبب ان سڀني کي بهتر تعليم فراهم ڪرڻ جو اسان جو خواب پورو ڪرڻ ۾ ۾مدد ملندي. هن چيو ته انهن ماڻهن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون جن کي دهشتگردن نقصان پهچايو. وزيراعظم چيو ته دهشتگرد هاڻي فرار ٿي ويا آهن، انهن جي ٺڪاڻن ۽ پناهگاهن جو خاتمو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر ملالا يوسفزئي کي نوبل انعام حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان کي پاڪستان جو فخر قرار ڏنو. ملالا ملڪ ۾ تعليم جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي قدمن کي ساراهيو ۽ چيو ته تعليم دهشتگردي ۽ اهڙي ذهنيت جي خاتمي جي ضمانت آهي. تعليم سان ئي ماڻهن جي لاءِ روزگار جي موقعن ۾ اضافو ٿيندو. ملالا چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه پاڪستان جي سمورن علائقن جي ماڻهن جي لاءِ خوشحالي آڻيندو ۽ ان جي لاءِ تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي بهتر پهچ هوندي. هن چيو ته پاڪستان جي خدمت ڪرڻ سندس خواب آهي ۽ هو ملڪ جي غريب ٻارن جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم جو صلاحڪار سرتاج عزيز، خصوصي معاون طارق فاطمي ۽ تعليم وارو مملڪتي وزير بليغ الرحمان پڻ موجود هو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:38

 

نيب کي پٽڪا لاهڻ جوا ختيار نه ٿو ڏئي سگجهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو)سڌسماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته نيب پڳ لاهيندڙ ادارو بڻجي ويو آهي، آمريت جي دور ۾ ان کي سيا سي مخالفن خلاف استعمال ڪيو ويو، نيب 15 سالن ۾ هڪ به ڪيس شروع نه ڪري سگهيو، بي بنياد الزامن تي نيب جو به ا حتساب ٿيڻ گهرجي، اسلام آباد ۾ ميڊيا جي نما ئندن سان ڳالهائيندي پرويز رشيد نيب جي الزامن تي چيو ته نيب 99ع ۾ جيڪي الزام لڳايا،انهن بابت 15 سالن ۾ ڪنهن ڪيس جي ڪارروائي به شروع نه ڪري سگهي، بي بنياد الزامن تي نيب جو به احتساب ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته آمريت جي د ور ۾ نيب کي سياسي مخالفن خلاف استعمال ڪيو ويو، نيب بدعنوان ماڻهن کي سزائون ڏيارڻ ۾ ناڪام رهيو، اصولي موقف اختيار ڪندڙ سياستدانن خلاف بي بنياد ۽ ڪوڙا الزام لڳايا ويا، پرويز رشيد چيو ته ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم ۽ پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي جي ٽيون دفعو چونڊيل قيادت خلاف ڪوڙا الزام لڳايا ويا آهن، هن چيو ته اسان جڏهن حڪومت سنڀالي ته معيشت بابت د نيا جي راءِ ناڪاري هئي، معاشي حالت خراب هئي، اسحاق ڊار اقتصادي بحالي ۾ ڪردار ادا ڪيو، نيب اسحاق ڊار خلاف به الزام لڳايو، هن وڌيڪ چيو ته نيب پڳ لاهيندڙ ادارو بڻجي ويو آهي، جنهن جو مثال نيب سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل پنهنجي رپورٽ ۾ ڏ نو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 15، 15، 16، 16 سالن تائين پنهنجا الزام ثابت نه ڪري سگهڻ تي نيب کي ڪهڙي سزا ملڻ گهرجي، هن چيو ته نيب وٽ جيڪڏهن ڪنهن خلاف ثبوت موجود آهن ته ڪيس ڪري ته جيئن ماڻهو انصاف لاءِ عد الت وڃي سگهن ۽ ثبوت ڏئي پنهنجي بي گناهي پيش ڪري سگهن، ائين ڪنهن جي ڪردار ڪشي نه ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته نيب جي قيام جو مقصد حڪومتي سطح تي بدعنواني کي ختم ڪرڻ آهي، جڏ هن ته بي بنياد الزامن تي نيب جو به ا حتساب ٿيڻ گهرجي ان کي به سزا ملڻ گهرجي، پرويز رشيد چيو ته پارليامينٽ ۾ قانون ٺهڻ گهرجي ته نيب وارا ڪنهن تي ڪيس ٺاهيندا ۽ جيڪڏهن الزام صحيح ثابت نه ٿيند ا ته توهان کي به سزاملند ي، پرويز رشيد چيو ته نيب جيڪو روڊ ٺاهڻ جو الزام لڳايو آهي ان تي هائوسنگ، ا سپتال ۽ يونيورسٽي آهي، اصولن تي عمل ڪندڙ سياستد انن جي ڪردارڪشي ڪئي پئي وڃي.

 

سنڌ ۽ وفاق وچ ۾ ڇڪتاڻ واريون خبرون بي بنياد آهن، :وڏو وزير سيد قائم علي شاهه

ڪراچي(ار)سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، سنڌ ۽ وفاق وچ ۾ ڇڪتاڻ وارين خبرين کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته هنن جي وفاق، فوج ۽ رينجرز سان سٺي ورڪنگ رليشن شپ آهي. سي ايم هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ وفاق وچ ۾ ڇڪتاڻ واريون خبرون بي بنياد آهن. سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت جي وفاق، فوج ۽ رينجرز سان سٺي ورڪنگ رليشن شپ آهي. هن چيو ته پاڪ فوج، آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي قيادت ۾ دهشتگردي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. سيد قائم علي شاهه چيو ته هـُو سنڌ خاص طور ڪراچي ۾ امن امان لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتي خوري ۽ ڀنگ لاءِ اغوا خلاف رينجرز جي خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي

 

بجلي بحران تي ضابطي لاءِ مارڪيٽون 8 وڳي بند ڪرڻ بابت صوبن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو: عابد شير علي

اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) پاڻي ۽ بجلي جي مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته بجلي جي بحران تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ دڪان رات جو 8 وڳي ۽ هوٽلون 10 وڳي بند ڪرڻ جي لاءِ چئني صوبن جي وڏن وزيرن کي اعتماد ۾ وٺي فيصلو ڪيو ويندو. هن وقت ٻهراڙي ۾ 8 ۽ شهري علائقن ۾ 6 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران مختلف ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي عابد شير علي چيو ته سنڌ جي ساحلي پٽي ۾ 5 گرڊ اسٽيشنون آهن ۽ 21 فيڊرز آهن، 16 فيڊرن ۾ 50 کان 80 سيڪڙو نقصان آهي، 2 فيڊر صنعتي شعبي لاءِ مخصوص آهن جتي 32 هزار 204 صارفين آهن، 6 جولاءِ تي ٽاور ڪرڻ سان بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪرڻي پئي، هن چيو ته 3 مئي تي دادو ۾ هڪ مسافر بس تي بجلي جي ٽرانسميشن لائين ڪرڻ سان 15 ڄڻا فوت ٿي ويا، بس تي ڏاج جو سامان سٿيل هو، هن چيو ته فوت ٿيندڙن جي پوئينرن کي 3، 3 لک روپيا ۽ زخمين کي 50 هزار روپيا معاوضو ادا ڪيو ويو آهي، هن چيو ته هاڻي حڪومت سمورن ٽرانسميشن لائينن جي سروي ڪرائي رهي آهي ۽ ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته جڏهن به ڪنهن به علائقي ۾ اهڙو واقعو نه ٿئي، هن چيو ته دادو حادثي جي وقت ڊرائيور ٽيليفون تي ڳالهائي رهيو هو، ان غفلت جي ڪري حادثو پيش آيو. هن چيو ته موجوده حڪومت اقتدار ۾ آئي ته 5 سئو ارب روپين جو گردشي قرض هو جنهن کي ختم ڪيو ويو، هن چيو ته شهري علائقن ۾ 6 ۽ ٻهراڙي ۾ 8 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته نيلم جهلم جي شروعاتي لاڳت 82 ارب روپيا هئي جيڪا هاڻي 425 ارب روپيا تائين پهچي وئي آهي، هن چيو ته وزيراعظم وڏن وزيرن جي مشاورت سان دڪان 8 وڳي ۽ هوٽلون 10 وڳي بند ڪرائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، هي صوبائي معاملو آهي ان لاءِ صوبن جي مشاورت سان رمضان کانپوءِ اتفاق راءِ سان لائحه عمل جوڙيو ويندو. اي پي پي/ش – چ/ر – م 19:02

 

امير المومنين وصي رسول الله حضرت علي المرتضيٰ عه جو شهادت وارو ڏهاڙو (اڄ) ملهايو ويندو،مختلف شهرن ۾ موبائل فون بند رهندا

حيدرآباد (اي پي پي) امير المومنين، امام المتقين، سيدالاوليا، وصي رسول الله، اسد الله الغالب حضرت علي المرتضيٰ رضه جو شهادت وارو ڏهاڙو (اڄ) خميس تي پاڪستان سميت دنيا جا مسلمان مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائيندا. سنڌ حڪومت، حضرت علي جي شهادت واري ڏهاڙي جي موقعي تي سڪيورٽي خدشن سبب ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر۾ موبائل فون سروس بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب سنڌ حڪومت جي فيصلي تحت اڄ شام 4 وڳي کان رات نائين وڳي تائين رڳو ڪراچي ۾ موبائل فون سروس بند رهندي. ذريعن موجب سڀاڻي صبح جو نائين وڳي کان رات نائين وڳي تائين ڪراچي، حيدرآباد ۾ سکر ۾ موبائل فون سروس بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

ان ڏينهن جي حوالي سان مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ خاص تقريبون منعقد ڪيون وينديون، جڏهن ته علماءِ ڪرام حضرت علي رضه جي حياتي مبارڪ تي روشني وجهندا. ايڪيهين رمضان المبارڪ تي مومن جو امير، پرهيزگارن جو امام پنهنجي حبدارن کي ڇڏي پنهنجي پروردگار ڏانهن راهي ٿيو. 19 رمضان تي اميرالمومنين حضرت علي ابن ابي طالب عليه الصلاة والسلام، کي دنيا ۽ آخرت ۾ سڀني کان وڌيڪ بدبخت شخص ابن ملجم مسجد ڪوفه ۾ نماز جي حالات ۾ محراب مسجد ۾ پنهنجي زهر سان ڀريل تلوار ذريعي وار ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ مولا پاڪ شديد زخمي ٿي ويا ۽ 21 رمضان تي هن فاني دنيا کي ڇڏي پنهنجي پروردگار ڏانهن راهي ٿيا هئا. ان ڏهاڙي جي حوالي سان سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا ويندا. اي پي پي/ ع – ح/ ن- ش 14:59

 

رينجرز جي آپريشن تي ريفرنڊم ڪرايو وڃِي: الطاف حسين

لنڊن:(م ڊ)ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين ڪراچي ۾ رينجرز جي آپريشن بابت ريفرنڊم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. لنڊن مان جاريڪيل بيان ۾ الطاف حسين چيو ته ڪراچي ۾ رينجرز جي آپريشن جي حوالي سان عوامي راءِ وٺڻ لاءِ ريفرنڊم ڪرايو وڃي. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل 5 رڪني ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا ڪراچي ۾ رينجرز جي آپريشن بابت عوامي ريفرنڊم ڪرائي. الطاف حسين چيو ته عوامي ريفرنڊم سان ڪراچي آپريشن بابت سچ ۽ ڪوڙ جو فيصلو ٿي ويندو ۽ ان سان عوامي معيار  کي به پرکي سگهبو. ايم ڪيو ايم سربراهه چيو ته وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ جو اهو بيان بي بنياد ۽ حقيقن خلاف آهي ته ڪراچي جي عوام جي اڪثريت رينجرز آپريشن جي حق ۾ آهي

 

سنڌ جي خوراڪ کاتي ۾ معاملن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ بهترين آفيسرن کان ڪم ورتو ويندو : منظور وساڻ

ڪراچي (اي پي پي) خوراڪ ۽ معدنيات ۽ معدني ترقي واري وزير منظور حسين وساڻ جي صدارت هيٺ اربع ڏينهن سندس آفيس نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ خوراڪ کاتي سنڌ جي سينيئر آفيسرن جو اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري خوراڪ لئيق احمد، ڊائريڪٽر خوراڪ احمد علي قريشي، ايڊيشنل سيڪريٽري خوراڪ زبير پرويز احمد، خوراڪ کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽرن، ضلعي فوڊ ڪنٽرولرن ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي پنهنجي ڪارڪردگي  رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ چيو ته مونکي خوراڪ کاتي جي معاملن کي بهتر بڻائڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، جنهن ڪري مونکي سٺن آفيسرن کان ڪم وٺڻو ۽ کاتي مان ڪارين رڍن جو صفايو ڪرڻو آهي. هن واضح ڪيو ته آفيسر پنهنجو قبلو درست ڪن. جتي به ڪڻڪ جون ٻوريون غائب ٿيڻ يا ڪنهن ٻي قسم جي بدعنواني يا بدانتظامي جون شڪايتون ملنديون ذميوارن خلاف ڪيس اينٽي ڪرپشن ۽ نيب ۾ ڪيس موڪليا ويندا. هن سينيئر آفيسرن تي ٻڌل ويجيلنس ڪاميٽي ٺاهڻ جون به هدايتون ڏنيون جيڪي وقت به وقت کاتي جي معاملن کي مانيٽر ڪن. اجلاس ۾ صوبائي وزير کي ٻڌايو ويو ته سال 2015 ۾ خوراڪ کاتي وٽ اٽڪل 8 لک 90 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ذخيرو ٿيل آهي، جڏهن ته گذريل سال جي اٽڪل 7 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جو اسٽاڪ به موجود آهي. اسان جي سالياني ڪڻڪ جي ضرورت 10 لک ميٽرڪ ٽن جي لڳ ڀڳ آهي. صوبائي وزير کي ٻڌايو ويو ته اسان جي ضرورتن کان وڌيڪ ڪڻڪ جي  اسٽاڪ کي برآمد ڪرڻ جو آپشن به موجود آهي. صوبائي وزير ڪڻڪ اسٽاڪ کي گودامن ۾ محفوظ طريقي سان رکڻ ۽ کليل هوا ۾ رکيل ڪڻڪ جي فيوميگيشن ڪرائڻ ۽ پڪي فرش تي ترپال سان محفوظ طريقي سان ڍڪي رکڻ جون هدايتون ڏنيون ۽ واضح ڪيو ته ڪڻڪ خراب ٿيڻ جي ذميواري لاڳاپيل ضلعي فوڊ ڪنٽرولر تي هوندي. اي پي پي/ ص – ع/ ع – س 17:23

 

اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن لاءِ نئون شيڊيول جاري ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ 25 جولاءِ تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ وارو شيڊول رد ڪندَي 3 آگسٽ تائين نئين تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس جواد ايس خواجا جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران حڪومت طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن ملڪي راڄڌاني واري شهر ۾ مڪاني چونڊن بابت ڪو به خاطر خواهه جواب نه ڏنو. حڪومت پاران واضح جواب نه ملڻ تي جسٽس جواد ايس خواجا ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن واري معاملي تي اڄ هڪ هڪاڻي ٿيندي. هـُن، حڪومت کان سوال ڪيو ته ڇا اسلام آباد واسين کي پنهنجا نمائندا چونڊڻ جو حق ناهي؟ جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته سڄي ملڪ جو عوام مقامي حڪومتي نظام مان فائدو حاصل ڪندو، اسلام آباد واسين کي ان حق کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش ڇو پئي ڪئي وڃي؟ هـُن چيو ته حڪومت ڀلي 25 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون نه ڪرائي، پر گهٽ ۾ گهٽ ۾ ان حوالي سان واضح ڪارڻ ٻڌايو وڃي. جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته هو پارليامينٽ کان نٿا پڇي سگهن پر حڪومت کان پڇاڻو ڪرڻ جو حق رکن ٿا. ان موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان حڪومتي موقف پيش ڪندَي چيو ته مڪاني چونڊن واري قانون ۾ ڪجهه غلطيون آهن، جيڪي 27 جولاءِ تي رٿيل قومي اسيمبلي جي اجلاس درست ڪيون وينديون، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد چيو ته قانون ۾ غلطين جو جواب عدالت کي نه پر اسلام آباد جَي شهرين کي ڏنو وڃي. ٻڌڻيءَ دوران درخواستگذار ظفر علي شاهه موقف پيش ڪندَي چيو ته اسلام آباد ۾ ڪامورا بااثر آهن، جيڪي راڄڌاني واري شهر ۾ اليڪشن ٿيڻ نٿا ڏين. درخواستگذار جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ جسٽس جواد ايس خواجا ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسلام آباد جا ماڻهو اڇوت ناهن جو کين حق نه ملي سگهن. جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته عدالت هڪ ڀيرو غلطي ڪري چڪي ٻيهر نه ڪندَي، اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون هر حال ۾ ٿينديون. اهڙن ريمارڪس کانپوءِ اعليٰ عدالت اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن وارو پراڻو شيڊول رد ڪندَي حڪومت کي نئين تاريخ جي اعلان لاءِ 3 آگسٽ تائين مهلت ڏئي ڇڏي