تازيون خبرون

Daily Archives: June 29, 2015

ڪراچي واسي ننڍڻڪا ڇو..؟

 

ڪراچي ۾ گرميءَ وڌيڪ35  ڄڻن جون حياتيون کسي ورتيون، ،موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ وڌيڪ ٻه ڏينهن گرمي جو سلسلو برقرار رهڻ جو امڪان آهي. ڪراچي ۾ جهولو لڳڻ ۽ جسم ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ماڻهن جي مرڻ جو سلسلو جاري آهي. ڪالهه جناح اسپتال ۾ وڌيڪ 13 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته عباسي شهيد ۽ سول اسپتالن ۾ گرمي پنجن – پنجن ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون. جناح اسپتال،ڪي ايم سي، سول، لياقت نيشنل اسپتال، قطر، ضياءُ الدين، دل جي بيمارين واري اسپتال، اين آءِ سي ايڇ ۽ ٻين اسپتالن ۾ گرمي سٽيل مريضن جو علاج هلندڙ آهي. ٻئي پاسي موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ ٻن ڏينهن دوران سنڌ، بلوچستان سميت ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ گرمي جي شدت برقرار رهي سگهي ٿي. ٽنڊي باگي لڳ ڳوٺ چنيسر ڪلوئي ۾ ڏيئي جو رهواسي ولي محمد ڪلوئي فوت ٿي ويو. حيدرآباد ۾ گرمي سبب وڌيڪ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ مسافر ٽرين ۾ گرمي سبب بيهوش ٿي ويو، حيدرآباد ۾ گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويندڙن جو انگ وڌي 53 ٿي ويو آهي، ايڌي رضاڪارن موجب سول اسپتال حيدرآباد ۾ 2 اڻڄاتل ماڻهو گرمي سبب فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته حسين آباد واسي طفيل ۽ ماتلي جو رهواسي شوڪت شاهه سول اسپتال ۾ گرمي جي سٽ نه سهڻ ڪري فوتي ٿي ويا. ٻئي طرف لاهور کان ڪراچي ويندڙ ٽرين ۾ هڪ ڄڻو سخت گرمي سبب بي هوش ٿي ويو،  ٻئي پاسي موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ ٻن ڏينهن دوران سنڌ، بلوچستان سميت ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ گرمي جي شدت برقرار رهي سگهي ٿي. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد دادو، موهن جي دڙي ۽ پڊعيدن ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. نوابشاهه، لاڙڪاڻي، قمبر، ٽنڊي الهيار، عمرڪوٽ ۽ جيڪب آباد ۾ گرمي پد 42 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو. بدين ۽ ميرپورخاص ۾ 41، ٿرپارڪر، مٽياري ۽ گهوٽڪي ۾ 40 جڏهن ته سکر، خيرپور، شڪارپور ۽ حيدرآباد ۾ 39 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو. سجاول ۽ ٺٽي ۾ 38 جڏهن ته ڪراچي ۾ 35 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد رهيو. جڏهن ته اڄ 40 سيڪڙي تائين پهچڻ جو امڪان آهي. صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سنڌ، ڪراچي ۾هيٽ اسٽروڪ متعلق پنهنجي جاري ڪيل پريس رليز ۾ ٻڌايو آهي ته هيٽ اسٽروڪ جي صورتحال کي پي ڊي ايم اي مڪمل مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي. جڏهن ته پي ڊي ايم اي هيٽ اسٽروڪ جي صورتحال جي باري ۾ ٻين صوبائي ادارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي. پي ڊي ايم اي جي ڊائريڪٽر آپريشن نذر محمد بوزدار آفيسرن سان گڏجي گذريل ڏينهن سول اسپتال جودورو ڪيو ۽ اسپتال ۾ هيٽ اسٽروڪ متاثرن لاءِ پي ڊي ايم اي اسپتالن سان تعاون جاري رکڻ جو اعلان ڪيو. هوڏانهن سنڌ جي انفارميشن ۽ مڪاني کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته حڪومت سنڌ طرفان ڪراچي ۾ اڄ تائين 13000 ماڻهن کي طبي امداد جون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. ڪراچي ۾ 330 هيٽ اسٽروڪ سينٽرز قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ ڪي ايم سي پاران 60 سينٽر ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن.ان کان علاوه ڪراچي ۾ 64 هنڌن تي فري واٽر ٽينڪرز جون پوائنٽس ٺاهيون ويون آهن.

 

’لٽيا خواب وياهن سڀئي زندگي جا!‘؛شوڪت لوهار

رات جي پوئين پهر ۾ صبح پنهنجي خنجر جي تکي نوڪ لاهي ڇڏي آهي. وڻ ٽڻ رهيا ئي ڪونهن جو صبح جو سوير ڪي پکي اچي ماڻهن کي ڪا ويڪ اپ ڪال ڏين.

ساري رات اکين ۾ٽانڪيل اوجاڳو ۽ انهيءَ ۾ اڻ تڻ ۽ ڳڻتي گاڏڙ احساس من کي انتهائي ملول ڪري ڇڏيو آهي. هر ڪنهن کي بس اها ئي چنتا کائي رهي آهي ته هر ايندڙ صبح جيڪا ڪنهن سڳنڌ ڀرئي اڇي اجري امن جي پيامبر هوندي آهي؛ پر نه، هاڻ شايد ائين ڪونه آهي، هاڻ ماڻهن کي رات کانسواءِ ڏينهن جو به خوف اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ٻيڙيون ڪڏهن جو اونڌيون ٿي چڪيون آهن ۽ ناکئن خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جي پيشانيءَ تي پريشانين جا نشان، ڪو هن وقت جي ڳالهه ته ناهن! هي ته انهن ڏينهن جو قصو آهن، جڏهن ڀاڳواري هن ديس جي لٽ مار لاءِ گڏيل سلطنتون جڙنديون رهيون آهن. سنڌ جي لٽ مار صرف ”پڙاڏو سوئي سڏ“ نه بلڪه ”سانگهڙ“ جهڙا دستاويز ان جي لهولهان ٿيڻ جا ساکي رهيا آهن. هتي ڪڏهن به ڪنهن وقت ۾ به ڊائر جي گولي بيوس ماڻهن جي ماس مان ڪو نه نڪتي آهي. بس بدلايا آهن ته انهيءَ گوليءَ روپ بدلايا آهن، مٽيا آهن ته مدد خان ۽ سيٺ نائون مل، جيڪي هر هر هڪ نئون روپ وٺي پئي جنميا آهن.

سنڌ جي پيرن ۾ ڏانوڻ وجهڻ وارا ڪڏهن به کٽا ڪونه آهن. هن ڀونءِ کي خوشين جي وچ ۾ ڏسندي هنن جي دل ۾ ڪو خنجر کپي ٿو. هنن جي اکين ۾ ڪو ڪٽر سُجهي ٿو. هن ڏيهه ۾ مير صادق ۽ مير جعفر هاڻ ته ايتري گهڻي تعداد ۾ وڌي ويا آهن، جو ڪا ڪيڙا مار دوا به انهن کي ڪونه ٿي کڻائي سگهي. انهن سازشن جا اهي ٽڪساٽ گهڙيا آهن جن کي سمجهڻ لاءِ اسان کي آئنسٽائن بڻجڻو پوندو، پر ان رستي تي به ايتريون رڪاوٽون آهن جو دل چوي ٿي ته هن پاتال مان نڪرڻ لاءِ ڪنهن وڏي مٿاڪٽ جي ضرورت آهي. هر طرف نانگ نيلا ڦڻ ڦهلايو، هر دفعي، هر گهڙي مات ڏيو وڃين. هن وقت جڏهن سنڌ تي گرمي آفت جو روپ ڌاري پهتي آهي ۽ هن ڪيئي جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون آهن. رپورٽ ڪيل واقعن جو تعداد به پندرهن سئو ٻه هزار جي لڳ ڀڳ آهي ۽ جيڪي بي موت مئا، جيڪي رپورٽ ٿيڻ کان رهجي ويا، جيڪي اڳتي هلي ڌپ ڪري ويل لاشن جي صورت ۾ ظاهر ٿيندا، انهن جو تعداد تمام گهڻو آهي. قلم ڪٿڻ کان قاصر آهي. آخر موسم اهڙي دروهي ڇو ٿي آهي؟ آخر هن سمي ايتري بيوفائي ڇو ڪئي آهي؟ ڪو ته خبر ڏئي، ڪو ته ٻڌائي. ڪٿان ڪو سنيهو آڇي، ڪٿان ته ڪا ڪوئل جي ڪوڪ ٻڌڻ ۾ اچي؟ پر نه هنن سڀني ڪوئلن کي اڃارو ئي ماري ڇڏيو آهي. خبر ناهي ته اسان وٽ ايتري بيوسي ۽ بيحسي ڇو پيدا ٿي ويئي آهي؟ آدم بوءِ، آدم بوءِ، وڌيل پيٽ، مون کي عجيب منظر نظر ٿا اچن، جنهن ڪاموري کي ڏسان ٿو، ان جي وڌيل پيٽ ۾ ٿر جا معصوم ٻار نظر ٿا اچن. مان جنهن به چونڊيل نمائندي کي جاچيان ٿو ته ان جي وات مان غريبن جو لهو ٽپڪي ٿو. مان جيڪو به محلات اڏيل ڏسان ٿو ان ۾ ڪنهن غريب جا هڏ نظر اچن ٿا.

هن وقت جڏهن اڃا ڪراچي سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ڪنهن ڀڳي هڏ جيان ڏکي رهي آهي، جتي موت جو راڪاس ڪاهي پيو آهي. ڪوڙا، ٺوڳي سڀ وقت جي نڙي تي لت رکي ان جي آواز کي دٻائڻ وارا ماڻهو، ماڻهوءَ جي روپ ۾ مرون! اڄ به ڳوٺن، واهڻن، وستين ۽ سنڌ جي نمائندن جي ننڍڙين رياستن، يوسين، تعلقن ۾ زندگي هڪ گار کان به وڌيڪ بدتر آهي. ڪاري پاڻي جو صرف مثال آهي، سنڌ جن ٻهراڙيون جيڪي جنت جي تمثيل هيون هاڻ ڪاري پاڻي ۽ نازي گئس چيمبر جو زنده مثال آهن، جتي نه بجلي آهي، نه اسڪول آهي، نه اسپتال آهي، نه روڊ آهي، نه رستو، نه زندگي آهي. بس جيون هڪ زندان آهي. ماڻهن کي موسمن جي بيوفائي سان گڏوگڏ پنهنجي ماڻهن جي هٽلري ۽ ميسولني ڪردارن ماريو آهي. هي ڇا احتجاج ڪن، هي ڪهڙو ويڻ ڪن، جيڪي هيپاٽائيٽس جهڙين بيمارين ۾ ويڙهيا پيا آهن، جيڪي مهانگائي جي تکين ڄاڙين ۾ ڦاٿا پيا آهن، جن جا آواز وقت جي آقائن دٻائي ڇڏيا آهن. اهي ڪهڙي دانهن ڪوڪ ڪن!

هي ته اڳ ئي مري چڪا هئا، بيروزگاري، بک کان مهانگائي کان، موت مار ظالماڻي لوڊشيڊنگ کان، برادري جي نه کٽندڙ جهيڙن کان، جهالت پڻي جو فصل لڻي لڻي هي ته سڀ هڪ ٻئي کي اڳ ۾ ئي ماري مري چڪا آهن. ويتر جو موسم کڻي بيوفائي ڪئي ته ان تي ڪهڙي ميار ڏجي؟ لڳي ائين ٿو ته سڀ ٺيڪ آهي. رمضان المبارڪ جو برڪتن وارو مهينو هلي رهيو آهي. تقريبن هر چينل تي صبح جا نشر ٿيندڙ پروگرام پنهنجي پوري جوش و خروش سان هلي رهيا آهن، جن ۾ ٿولهه گهٽ ڪرڻ، خاص طور عورتن جي ٿولهه گهٽ ڪرڻ جا ٽوٽڪا ٻڌايا پيا وڃن. انهيءَ کان علاوه خوبصورتي کي وڌائڻ لاءِ جڙي ٻوٽين مان اُبٽن ۽ ٻيون ڪريمون ڪيئن ٺاهجن؟ جهڙا توجه ڇڪائيندڙ پروگرام لائيو نشر ٿي رهيا آهن. روزي جي فضيلت تي وڏا وڏا ليڪچر ڏنا پيا وڃن. تقريبن ڪيترائي چينل اهو پڻ ٻڌائين ٿا ته کير ۽ ڦيرڻي ڪيئن ٺاهجي؟ ڪهڙي شيءِ سحري لاءِ مفيد آهي؟ ڪهڙي شيءِ سان ٿولهه ٿيڻ جو وڌيڪ خطرو آهي. افطاري وقت ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ اشتهاري ڪارپوريٽ دنيا جي طرفان ماڻهن کي لالچائڻ ۽ لٽ مار پروگرام جاري و ساري آهن؛ بس ڪڏهن ڪڏهن وچ ۾ بريڪنگ نيوز بڻجندڙ گزري، ڪورنگي، گڏاپ، ماروئڙا ڳوٺ، گهوٽڪي، عمرڪوٽ، ڇاڇرو، جوهي، ڏهرڪي جي ڪنهن رستي تي ڪنهن گهر ۾ ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ڪي چار پنج ماڻهو مرڻ جون خبرون اهڙن شاندار خوبصورتين جي جهرمٽن ۾ سجايل سيٽن وارن پروگرامن ۾ رخنو بڻجي پون ٿيون. باقي ڪل خير آهي.

هن وقت ٿيڻ ته ائين گهرجي ها جو حڪومتي مشينري جا اوزار اهڙي ته حرڪت ۾ اچڻ کپن ها ۽ ڪامورن جون جهڙي نموني نيب ننڊون حرام ڪيون آهن، اهڙي نموني سندن ننڊون گرمي وگهي ماڻهن کي رليف پهچائڻ ۾ حرام ٿين ها ۽ چونڊيل نمائندن جون چوڪيون انهن اسپتالن، مرده خانن ۽ رليف وارين جاين تي قائم هجن ها، جتي هو پنهنجي پنهنجي حصي مان جيڪڏهن سوين پتي به ڏين ها ته ائين ماڻهو ڪونه مرن ها! پر انهيءَ سڀ ڪجهه جي ابتڙ هي حڪمران اسيمبلي سيٽن تي ايئرڪنڊيشنڊ هوائن ۾ اجلاس هلندي اگهور ننڊ پيا آهن. واهه واهه قربان وڃان، توهان جي قرباني تان. اسان جي نالي ماتر سول سوسائٽي ۽ پڙهيل ڳڙهيل طبقو جيڪو چار ميڻ بتيون سبين محمود لاءِ ٻاري وري وڃي گهر ڀيڙو ٿئي ٿو. ان کي کپي ته حقيقي ۽ زميني حقيقتن کي سامهون رکندي ري ايڪٽ ڪري. وري وڏن وڏن هوٽلن ۾ ڪنهن دعوت ۾ سنڌ جي سورن جي تسبيح پڙهندا ۽ پنهنجي حصي جو Intellect شامل ڪندا. اڄڪلهه اڏوهي جيان پڙهيل لکيل ماڻهن کي اين جي اوز کائي رهي آهي، جيڪي پاڻ ته فنڊ وٺي ٽينڪي بڻجي وڃن ٿا، غريب ماڻهو اهو ئي هڏائون پڃرو.

هر چوڪ په مل جاتي هين همدرد هزارون

اس شهر مين هر شخص اداڪار لگتا هي.

هيءَ وقت جي گهرج هئي ته جن به چونڊيل نمائندن هڪ قسم جا نه ڇٽندڙ ڦٽ ڏنا هئا، انهن لاءِ هيءَ مصيبت جي گهڙي هڪ موقعو هو، پنهنجي گناهن کي ڌوئڻ جو پر افسوس ته مسڪين ماڻهن جا مئل لاشا جيڪي واقعي گرمي وگهي مئا آهن، اهي صوبائي ۽ مرڪزي حڪومتن وچ ۾ سنوڪر بڻيل رهيا. اسان کي هڪ نئين چوٽيهين در جي ياد ڏياري ويا. ڇاڪاڻ ته الزامن ۽ ذميوارين جي اڇل اهو به بيحسيءَ جو هڪ اعليٰ مثال آهي.

جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته ٿر ۾ واقعي ڪوئلو آهي، آئون واقعي انهيءَ ڪري لکان ٿو ته تقريبن مان پنهنجي پيدائش کان وٺي ٻڌان ٿو ته سنڌ جي علائقي ٿر ۾ ايترو ڪوئلو آهي جو بس ست پيڙهيون نه کٽائين! ته پوءِ ٺاهيو پنهنجي بجلي؟ ڪنهن جهليو آهي؟ پر ائين ڪٿي ٿيندو. سڄي سنڌ جي گهرج جيتري بجلي ته ڏهرڪي ويجهو لبرٽي پاور پلانٽ ۾ ٺهي ٿي. ٿورو انهن کي ته لوڏي ڏسو، ساڳئي ئي علائقي ۾ اهڙيون ڪالونيون آهن، جتي هڪ منٽ بجلي ڪونه ٿي وڃي! ڀت جي ٻي پار ماڻهو لالٽين تي پيا گذارو ڪن. ٿيڻ ڇا گهرجي؟ هن  لٽيل خوابن جي ڪهڙي ساڀيان ٿيڻ گهرجي؟ خاص طور تي نوجوان جيڪي هن وقت علم پرائي رهيا آهن ۽ تقريبن هر پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو وڏيري ۽ ڌپ ڪري ويل ڀوتار مان تنگ اچي چڪو آهي، انهن کي کپي ته ڪو نئون ساٿ جوڙين، ڪا محبت جي زنجير جوڙين، اهڙو ساٿ جنهن ۾ وفاداري هجي، جنهن ۾ ارپنا هجي، جنهن ۾ لطيفي واٽ جو ڪو ڏس هجي، انهيءَ سڀ ڪجهه سان جيڪڏهن، ڪڏهن ڪو ماڻهو اهڙي واٽ تان نکڙي به وڃي ته پوءِ به ان وٽ اعليٰ انساني آدرش موجود هجن، جيڪي ان کي هن عالمگير انسانيت ۾ بيهڻ لاءِ ڀاڪرن ۾ ڀرين.

 

زرداري جي اسٽبلشمينٽ کي دائري ۾ رهڻ جي تلقين!؛ارشاد ڪاغذي 

پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اٽڪل ٻه هفتا اڳ اسٽبلشمينٽ کي پنهنجي دائري ۾ رهڻ جي تلقين ڪئي هئي. هڪ حلف برداري تقريب ۾ آصف زرداري صاحب سخت قسم جي تقرير ڪندي فوجي اسٽبلشمينٽ کي پنهنجي حدن ۾ رهندي پنهنجي اختيارن جو جائز استعمال ڪرڻ جي تلقين ڪئي هئي.

اڳوڻو صدر زرداري صاحب ِزيرڪ سياستدان آهي. هو پنهنجي جوهر ۽ طبيعت ۾ تمام گھڻو ماٺيڻو، ٿڌو، دُورانديش ۽ مُفارقَت بدران مُفاهمت جو ڪوڏيو آهي ۽ سندس اصل سڃاڻپ به اها ئي آهي، تنهن ڪري هو سياست جي ميدان تي سڀ تي ڀاري آهي .

پر سندس هڪ تقرير جي ڪري سندس پراڻو ٺهيل اميج ڊهي ويو آهي. زرداري صاحب پنهنجي تقرير ۾ اسٽبلشمينٽ تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو ته ”جيڪڏهن اسان کي تنگ ڪرڻ بند نه ڪيو ويو ته پوءِ اسان سڀني جا بکيا اڊيڙي ڇڏينداسين، اسان ڪنهن کي تنگ ڪرڻ نٿا چاهيون، اسان کي به تنگ نه ڪيو وڃي. هي ٽن سالن جي لاءِ آهن پر اسان کي سڄي زندگي رهڻو آهي.“ هن وڌيڪ چيو ته ”اسان توهان کي ڪمزور ڪرڻ نٿا چاهيون. هوشيار ٿيو، هوشيار ٿيو، هوشيار ٿيو، وري جيڪڏهن ٻڌم ته سموري لسٽ ظاهر ڪندس. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اسان توهان جي ڪردار ڪشي ڪئي ته پوءِ سڀني جنرلن جي ڪردار ڪشي شروع ٿيندي.“ ان کان علاوه زرداري صاحب گھڻو ڪجهه ڳالهايو… پنهنجي تقرير ۾ چڙ ۽ ڪاوڙ جون ريکائون سندس مک تي مرڪ جي جاءِ تي نمايان هئي. عام طور هو ان طرح جي ڪاوڙ ۽ چڙ کان پرهيز ڪندو آهي، پر هن ڀيري هن جو تاثر ۽ تاتَپرجُ انوکو ۽ عجيب هو. آصف زرداري سموري لقاءَ ۾ هوش ۽ حواس سان ڳالهايو ۽ ڄاڻي ٻجهي اهو پيغام پري تائين پهچايو. ان ۾ سندس حڪمت عملي ڪهڙي هئي؟ ان بابت مختلف ٿيوريز مارڪيٽ ۽ اخباري دنيا ۾ گردش ۾ آهن. پيپلز پارٽي جي شريڪ چئرمين آصف زرداري جي گرما گرم ۽ ايڪشن سان ڀرپور تقرير تي سرڪاري، سياسي، سماجي ۽ خاص ڪري اخباري پنڊت پنهنجي پنهنجي نموني سان رايا، تبصرا ۽ حساب لڳائي رهيا آهن ۽ سڀئي ان ڳالهه تي متفق آهن ته زرداري صاحب اسٽبلشمينٽ کي پنهنجو اصلي سنيهو واڳ ڌڻين آڏو رکيو آهي. ان زباني احوال يا نياپو ڏيڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ ان بابت گھڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، پر سياسي، سماجي ۽ اخباري پارکو اڃا تائين اهو سمجهي نه سگھيا آهن ته آصف زرداري اهڙي قسم جي جذباتي تقرير ۽ هڪ خاص انداز سان رنج ۽ رسامو ڪري پنهنجي پر ۾ ٿڌائِي واري سُڀاءُ ۾ گرمي پَد جو واڌارو ڪري سموري ماحول کي ويتر تپائي ٽانڊا ڪري ڇڏيو! آخر ڇو؟

اچو ته ڏسون ۽ سمجهون. اڳوڻي صدر جي تقرير پنهنجي جاءِ تي گھڻي وڌيڪ وزنائتي آهي، هن جيڪو ڪجهه چيو اهو حقيقت سان ڀرپور آهي. پر اسان ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته ”سچ ڳالهايو“ سو هتي هرڪو سچ ڳالهائي ٿو پر ڪٿي به ”سچ ٻڌو“ جي سنهري اصول تي عمل ڪرڻ جو رواج ڪونهي! تنهن ڪري زرداري صاحب تي سڀني ڪات ڪهاڙا اڀا ڪيا آهن ۽ پيپلز پارٽي ۽ زرداري ڪيس ۾ جهلجي پيو آهي! پر هيڏانهن به زرداري جهڙو مها کيڏاري سو جلدي ان زبري ڌڪ کان بچڻ لاءِ هڪ سياسي افطار ڊنر جو بندوبست ڪيو، جنهن ۾ پنهنجي روايتي دوستن ۽ اتحادين کان سواءِ سرڪاري ڌر سميت سمورين سياسي جماعتن کي ڪانڍ ڏئي ست رشي کاڌو کارايو. پر ان سياسي ڪاڄ ۾ تمام ٿورا سياستدان شريڪ ٿيا. ان سياسي افطار ڊنر ۾ زرداري کي سياسي اڳواڻن ٿڌو رهڻ جو مفت مشورو ڏنو ۽ ايئن پيپلز پارٽي جي اڳواڻن وضاحتون ڏيڻ شروع ڪيون. سندن لبِ لُباب زرداري جي بيان جي حمايت ۽ وڪالت ڪرڻ آهي، پر اصل ۾ ان بيان تان هٿ کڻڻ جي مترادف آهي! هن ملڪ ۾ فقط هڪڙو سياستدان آهي جيڪو ٿڏي تي معافي وٺڻ ۾ دير نه ڪندو آهي. الطاف حسين پنهنجي بيانن جي معافي پنجن پنجن منٽن ۾ وٺڻ تي هريل آهي! تنهن ڪري زرداري خود اهڙي قسم جو ڪسو ڪم ڪري، اهو سندس شان وٽان نه هو، تنهن ڪري ٻيا اڳواڻ زرداري جي پاران وضاحتن ۾ پورا هئا. شيري رحمان ۽ ڪائره افطار ڊنر کان پوءِ سڄي صورتحال جي وضاحت ڪندي پوئتي هٽڻ جو عملي ثبوت ڏنو. پنهنجي کل کي بچائڻ جو جوڳو بندوبست ڪيو، لفظن جي هيرا ڦيري ڪئي! ۽ اهڙي طرح سياسي افطار ڊنر ۾ معافي تلافي جو وجهه وٺي معاملي کي رفع دفع ڪيو ويو. سياسي معنيٰ ۾ اسٽبلشمينٽ کي ڌمڪي به ڏني وئي ۽ معافي وٺي پلئه به آجو ڪرايو ويو. ۽ هڪ پيالي ۾ طوفان آيو ۽ ماٺو ٿي ويو! ۽ سڀ معاملا طئي ٿي ويا! سڀ راضي ٿي ويا!

ڪالهه واري روزاني عبرت اخبار ۾ هڪ خبر آن لائين جي حوالي سان شايع ٿي آهي. ”اسٽيبلشمينٽ ۽ آصف زرداري جي وچ ۾ نئون اين آر او“ جي سرخي سان هن خبر جو تفصيل ڪجهه هن ريت آهي: اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر ۽ سندس گھر ڀاتين جي اوچتو پرڏيهه روانو ٿيڻ بابت معلوم ٿيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ آصف زرداري وچ ۾ هڪ نئون اين آر او ٿي چڪو آهي، ڇو ته آصف زرداري پنهنجي تقرير کان پوءِ پارٽي صفبندي سان گڏوگڏ مقتدر حلقن سان رابطن ۾ هو، جيئن ئي معاملا طئه ٿيا ته آصف زرداري پهرين فريال ٽالپر کي پرڏيهه روانو ڪرڻ کي يقيني بڻايو ته جيئن ڏٺو وڃي ته مقتدر حلقا پنهنجي وعدي تي قائم آهن يا نه، جنهن کان پوءِ هو پنهنجي ٻارن کي وٺي دبئي روانو ٿيو…

صحافتي ۽ سياسي پارکو پڻ ان قسم جا تجزيا ۽ تبصرا ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ گھڻي ڀاڱي آصف زرداري ۽ سنڌ سرڪار جي خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن جا قصا ڪهاڻيون شامل آهن. آصف زرداري جو يار ذوالفقار مرزا جهڙي طريقي سان زرداري ۽ سندس ڀيڻ جا پول پڌرا ڪندو رهيو، تنهن سڀني کي دنگ ڪيو ۽ سنڌ سرڪار لٺ کنئي ته مقتدر حلقا حرڪت ۾ اچي ويا ۽ عدالت جي فيصلي تي مرزا کي تحفظ ڏنو ويو. چوڻ وارا اهو به چئي رهيا آهن ته مرزا پنهنجو قبلو بدلايو ۽ اصل واڳ ڌڻين جي آشيرواد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ ايئن زرداري ۽ سندس ڀيڻ جنهن کي هو ڦولن ديوي سڏيندو هو، تنهن جا ڪرتوت عوام آڏو ظاهر ڪري ڇڏيا. ان سموري تناظر ۾ زرداري لاءِ هڪ ڏکي صورتحال ظاهر ٿي ۽ ڪرپشن جا قصا عام ۽ ظاهر ٿي ويا ۽ وري سنڌ رينجرز پنهنجي دستاويزن ۽ بيانن ۾ بلاول هائوس وغيره جا نالا کڻي ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن کي بي نقاب ڪيو. تنهن ڪري زرداري صاحب جي گرمي پَد ۾ واڌ آئي ۽ صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو ۽ جذباتي شڪايتون ڪيون ويون. جيڪي به ڳالهيون ڪيون ويون اهي درست آهن. ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ آمرن ملڪ کي لٽيو ۽ ڦريو آهي. اها ٻار ٻچي کي خبر آهي. پر جيڪڏهن آصف زرداري کلي عام چئي ٿو ته ڪنهن کي ارهو نه ٿيڻ گھرجي! ”سچ ، سج جيان روشن ۽ نروار آهي“. سج جي روشني کي ڪير لڪائي سگھندو؟ تنهن ڪري زرداري جو بيان وقت جي حقيقت هو پر هن جو انداز بيان مناسب نه هو. ڇو ته زرداري اينڊ ڪمپني ملڪ جي جيڪا ڀيلَ ڪئي آهي، سا ڪنهن کان ڳجهي آهي!

ڪچهه بتائو تو سهي يه واقعا ڪيسي هوا؟

ٿا جو پٿر ڪا پجاري ديوتا ڪيسي هوا؟

لوگ تو توبه ڪي طالب آخري دم تڪ رهي،

وه فقط گنگا نها ڪي پارسا ڪيسي هوا؟

اها ته سموري ماجرا، صورتحال ۽ حقيقت هئي، جيڪا آصف زرداري پنهنجي تقرير ۾ ظاهر ڪئي، پر ان تقريب ۽ ٻين هنڌ تي بلاول ڀٽو زرداري به گڏ هو، پر هو خاموش تماشائي جيان نظر آيو. ان باري ۾ هڪ الڳ مضمون جي ضرورت آهي پر بلاول ڀٽو جي خاموشي کي استاد مرزا غالب جي شعر سان ڀيٽ ڏيڻ مناسب ٿو سمجهان:

بوئے گل، نالۂ دل، دودِ چراغِ محفل
جو تری بزم سے نکلا، سو پریشاں نکلا.