تازيون خبرون

Daily Archives: June 26, 2015

وزيراعظم سان چوڌري نثار جي ملاقات، ايم ڪيو ايم بابت بي بي سي جي رپورٽ تي ويچار

اسلام آباد(بيورو) وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم تي بي بي سي جي رپورٽ ۾ لڳايل الزامن جي جاچ جي سلسلي ۾ برطانيا سان رابطو ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن مطابق وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن  دوران پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جو خاص مددگار طارق فاطمي به موجود هو، ملاقات دوران بي بي سي جي رپورٽ ۾ ايم ڪيو ايم تي لڳايل سنگين الزامن جي جاچ، برطانيا سان رابطي ۽ ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جي حوالي سان جاچ ۾ اڳڀرائي وارن معاملن تي غور ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ۽ وفاقي گهرو وزير ۾ ملاقات دوران ايم ڪيو ايم تي لڳل الزامن کي تمام گهڻو سنجيده قرار ڏيندي ان سلسلي ۾ جاچ لاءِ برطانيا سان رابطي ۽ لاڳاپيل معاملن تي غور ڪيو ويو. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ۽ طارق فاطمي ان معاملي ۾ قانوني رخن بابت وزيراعظم نواز شريف کي تفصيل سان ٻڌايو.

 

وفاقي حڪومت پاران ڪي اليڪٽرڪ جو معاملو سپريم ڪورٽ کڻي وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو) پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڪراچي ۾ 70 سيڪڙو موت مزدوري ڪندڙن جا ٿيا، ماحولياتي تبديلي سبب گرمي جي شدت وڌي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ڪراچي ۾ موت تمام وڏو سانحو آهي، سندس چوڻ هو ته اهو به چيو ويو ته وڏي انگ ۾ فوتگين سبب قبرستانن ۾ جاءِ گهٽجي وئي، جڏهن قبرستانن ۾ چائنا ڪٽنگ ٿيندي ته جاءِ ته گهٽجندي،قبرستانن جي جاءِ تي هائوسنگ اسڪيمون ٺاهيون ويون آهن، پوءِ اتي مردن لاءِ جاءِ ڪٿان ملندي؟ مردا اٿي قبضو ڪندڙن کان پنهنجو حق ته نه ٿا گهري سگهن.  وفاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومتکي ان معاملي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، اسپتالن جي صورتحال ڏسڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي.خواجا آصف جو وڌيڪ چوڻ هو ته وفاقي حڪومت جي حيثيت ۾ اسان معمولي ذميواري قبول ڪيون ٿا. هن ڪي اليڪٽرڪ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ کڻي وڃڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اهڙي فيصلي جو مقصد اهو آهي ته جيئن بجلي جي بحران جو صحيح حل نڪري سگهي. هن سنڌ سرڪار کي صلاح ڏني ته ڪراچي ۾ ميگا پراجيڪٽن سان گڏ قبرستانن لاءِ به جاءِ رکي، ڇو ته سڀني جي آخري آرامگاهه اها ئي آهي. وفاقي وزير چيو ته قانوني طور تي وفاق ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي ڏيڻ جو پابند ناهي، ڇو ته ان سان ڪانٽريڪٽ ختم ٿي چڪو آهي، ان کانپوءِ به اسان ڪي اليڪٽرڪ کي ساڍا 6 سئو ميگاواٽ بجلي ڏئي رهيا آهيون، هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ سان نئون ٺاهه ايوان جي رهنمائي جي روشني ۾ ڪنداسين، ان ۾ عوامي مفاد کي نظر ۾ رکيو ويندو، سنڌ حڪومت به پنهنجو فرض نڀائي. خواجا آصف چيو ته ڪي اليڪٽرڪ نجي ادارو آهي، جنهن کي صحيح نموني هلائڻ ته حڪومت جو فرض آهي پر ڪنهن به نجي اداري کي قومي تحويل ۾ وٺڻ حڪومت جي اوليتن ۾ شامل ناهي، اسان نيپرا سان رابطو ڪري چيو آهي ته اوهان کي صورتحال جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ها، جنهن کانپوءِ نيپرا معاملا ڏسي رهي آهي.

 

پاڪستان پاران بي بي سي جي رپورٽ تي برطانيا کي درخواست ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيور) پاڪستان بي بي سي جي ايم ڪيو ايم بابت رپورٽ نشر ٿيڻ بعد ثبوتن لاءِ برطانيا کي باضابطه طور خط لکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. چوڌري نثار علي جو چوڻ آهي ته حڪومت وٽ متحده بابت ٺوس ثبوت موجود آهن. معاملي کي منطقي انجام تي رسايو ويندو. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي اسلام آباد ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر فلپ بارٽن سان ملاقات ڪري بي بي سي جي رپورٽ ۽ عمران فاروق قتل ڪيس وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير چوڌري نثار علي ٻڌايو ته حڪومت بي بي سي جي رپورٽ ۾ ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزامن جي ثبوتن ۽ حقيقتن تائين پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ برطانوي سرڪار کي باضابطه درخواست ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. چوڌري نثار علي جو چوڻ هو ته حڪومت وٽ ايم ڪيو ايم خلاف ٺوس ثبوت موجود هئا، پاڪستاني سڪيورٽي ادارن، عمران فاروق قتل ڪيس ۾ برطانيا سان معلومات جي مٽا سٽا ڪئي هئي. سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزام سنگين آهن،جن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، بي بي سي جي رپورٽ ڪجهه خاص ماڻهن بابت آهي،تنهنڪري ان کي سڄي پارٽي يا ووٽرز سان نه ڳنڍڻ گهرجي،ڇاڪاڻ ته متحده ۾ سٺا ۽ محب وطن سياستدان به موجود آهن.

 

حڪومت ايم ڪيو ايم جي حوالي سان سامهون ايندڙ بي بي سي جي رپورٽ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته حڪومت ايم ڪيو ايم جي حوالي سان سامهون ايندڙ بي بي سي جي رپورٽ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، لاڳاپيل ادارا ان معاملي کي ڏسي رهيا آهن.  پرڏيهي آفيس جي ترجمان خليل الله قاضي اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم  جي حوالي سان برطانوي نشرياتي اداري جي سامهون ايندڙ رپورٽ جو نوٽيس ورتو ويو آهي، لاڳاپيل ادارا ان معاملي کي جاچي رهيا آهن جنهن کان پوءِ ڪنهن نتيجي تي اچي سگهبو، سمور قدم پنهنجي مفاد ۾ کنيا ويندا. هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته  پاڙيوارن ملڪن  سان  سٺن لاڳاپن جي پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي.ڀارت پاران ڳالهين جي اڳڀرائي لاءِ ڪو به اشارو ناهي مليو.ڳالهين جي بحالي لاءِڀارتي گهرو سيڪريٽري جي جواب جو انتظار آهي. پاڪستاني شهري زيد حامد جي سعوي عرب ۾ گرفتاري جي حوالي سان پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته زيد حامد کي 2 هفتا اڳ سعودي عرب ۾ گرفتار ڪيو ويو، پاڪستاني سفارتخانا ان جي آزادي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.

 

 

پاڻي جا سمورا مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن، شهري غيرقانوني ڪنيڪشن هڻڻ کان پاسو ڪن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي جا سمورا مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن ۽ ملندڙ پاڻي واري نظام ۾ 100 سيڪڙو پاڻي سپلائي ڪيو پيو وڃي.سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان مخالف ڌرجي سوالن جا جواب ڏيندي شرجيل ميمڻ چيو ته شهرين پاران پاڻي جي مين لائينن ۾ غير قانوني ڪنيڪشن لڳايا ويا آهن جنهن جي ڪري لائينن ۾ پاڻي جو زور ۽ هائيڊرنٽ جي سپلائي متاثر ٿي رهي آهي. اجلاس دوران شرجيل ميمڻ شهرين کي اپيل ڪئي ته  هو پاڻي جي مين لائينن مان غير قانوني ڪنيڪشن نه وٺن ڇو ته ان جي ڪري ئي پاڻي جي زور ۾ گهٽتائي ٿي آهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن پمپنگ اسٽيشنز تي لوڊشيڊنگ ٿيندي آهي ته گهربل زور کي ٻيهر ڏيڻ لاءِ 17 کان 36 ڪلاڪ کپندا آهن. مڪاني صوبائي وزير چيو ته جن علائقن ۾ پاڻي ناهي انهن علائقن ۾ پاڻي جا ٽينڪر ڏنا ويا آهن. شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته ڪراچي جي اولهه وارن علائقن ۾ رمضان دوران ڊپٽي ڪمشنر جي ذريعي مفت واٽر ٽينڪر سروس جي شروعات به ڪئي وئي آهي. صوبائي اسمبلي جي اجلس دوران شرجيل ميمڻ اهو به قبوليو ته مريضن جو انگ وڌڻ سبب اسپتالن ۾ صفائي جي انتظامن ۾ پڻ ڏکيائي ٿي رهي آهي هن چيو ته اسپتال ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جي هجي يا سنڌ حڪومت جي هجي اهي حڪومت جي نظر هيٺ ڪم ڪندا،جيڪڏهن هزارن جي انگ ۾ هڪ ئي وقت ماڻهو هتي ايندا ته اهڙا مسئلا ته ضرور پيدا ٿيندا.شرجيل ميمڻ چيو ته  هوڪي ايم سي اسپتالن جي صفائي جي معاملي کي به اٿاريندو. ياد رهي ته  هفتي کان وٺي سنڌ ۾ گرمي جي شدد سبب  ٿيندڙ 1000 کان وڌيڪ فوتگين سبب صوبائي حڪومت کي انتظامي معاملن ۾ لاپرواهي تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي.

 

رپورٽ صحيح ثابت ٿي ته معاملو عالمي سطح تي اٿارڻ جو حق رکون ٿا: پاڪستان

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو آهي ته بي بي سي جي رپورٽ ۾ ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزامن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.اسلام آباد ۾ پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي اعزاز چوڌري چيو ته ڪنهن کي به پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت ناهي، پاڪ – آمريڪا لاڳاپا بهترين آهن ۽ ايران به سٺو پاڙيسري آهي. هن ٻڌايو ته بي بي سي جي رپورٽ جي جاچ گهرو وزارت ڪري رهي آهي، ان حوالي سان مڪمل ڄاڻ ناهي ملي، اڃا تائين اهڙي ڪا رپورٽ ناهي ملي، جنهن مطابق ڪارروائي ڪئي وڃي پر ان حوالي سان جيئن ئي ڪا رپورٽ ملندي ته پاڪستان اهو معاملو عالمي سطح تي اٿارڻ جو حق رکي ٿو، پرڏيهي سيڪريٽري/جو چوڻ هو ته پرڏيهي وزارت سڀني ادارن جي رهنمائي سان پاليسي جوڙيندي آهي، ڍاڪا سانحي ۾ ڀارت جي ناڪاري ڪردار جي نريندر مودي تصديق ڪئي،اسان کي مودي جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت جو هاڪاري جواب نه ڏنو ويو.اعزاز چوڌري چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو بيان گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي آهي، جڏهن ته پاڪستان صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ داعش جو ڪو وجود ناهي پر پاڪستان سوڌو ڏکڻ ايشيا ۾ ان ويڙهاڪ تنظيم جو خطرو موجود آهي. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته داعش کي پاڪستان اچڻ کان روڪڻ لاءِ حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، هن چيو ته افغانستان ۾ داعش جي موجودگي جون رپورٽون مليون آهن ۽ افغان حڪومت کي چيو ويو آهي ته اها داعش کي پنهنجي ڌرتي تي اڳتي وڌڻ کان روڪي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اتر وزيرستان ۾ آپريشن ضرب عضب کانپوءِ دهشتگردي ۾ وڏي حد تائين گهٽتائي آئي آهي، اعزاز چوڌري چيو ته پاڪستان جا ايٽمي اثاثا محفوظ آهن، آمريڪا کي ميزائل پروگرام بابت شڪ هئا پر اهي ختم ڪيا ويا آهن.

 

ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ لاءِ گم ماڻهو سرگرم آهن، مونکي قتل ڪيو ويو ته ڪارڪن تحريڪ جاري رکن: الطاف حسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ جي سربراهه الطاف حسين چيو آهي ته غريبن ۽ وچولي طبقي جي واحد نمائنده جماعت ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ ۽ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڀلي ظلم ۽ ڏاڍ جو ڪهڙو به هٿڪنڊو استعمال ڇو نه ڪيو وڃي مان ظالم ۽ باطل قوتن جي اڳيان پنهنجو سر نه جهڪائيندس. ڪجهه ماڻهو ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا جيڪڏهن مونکي قتل ڪيو وڃي ته ساٿي تحريڪ جاري رکن. اها ڳالھ انهن نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ۽ تنظيمي شعبن جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪئي. الطاف حسين چيو ته اسان هر دور ۾ امن ۽ محبت جو پيغام ڏنو ۽ محروم ماڻهن جي حقن جي ڳالھ ڪئي آهي ان جي باوجود اسان کي تعصب جو نشانو بڻايو پيو وڃي. انهن فرمايو ته ان طرح جي ئي نفرت ۽ تعصب ملڪ کي ٽوڙي ڇڏيو هو پر ان مان ڪو به سبق حاصل نه ڪيو ويو ۽ اڄ به اهو ئي تعصب ڪيو پيو وڃي. انهن فرمايو ته مان پيسي ۽ لٽ مار جي سياست نه ڪئي، جيڪڏهن مان پيسا ڪمائڻ وارو هجان ها ته اڄ مان ملڪ جو امير ترين ماڻهو هجان ها. مان ملڪ جو واحد رهنما آهيان جنهن جو نه ته پوري ملڪ ۾ ڪوئي ذاتي گهر آهي ۽ نه ئي پوري دنيا ۾ ڪٿي ڪا جائيداد آهي. انهن فرمايو ته منهنجن ابن ڏاڏنپاڪستان قائم ڪرڻ جي لاءِ قربانيون ڏنيون ۽ منهنجي پوري جدوجهد پاڪستان جي مظبوطي ۽ مهاجرن سميت ملڪ جي سمورن غريبن ۽ محروم ماڻهن جي حقن جي لاءِ آهي. اسان جي جدوجهد کي ڪڇلڻ ۽ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ تحريڪ جي بدترين مخالفن هڪ طرف ته ايم ڪيو ايم جي خلاف طرح طرح جا منفي پروفيگنڊا ڪيا. ٻئي طرف سرڪاري سرپرستي ۾ مهاجر آبادين تي حملا ڪري اسان جو قتل عام ڪيو ويو. سانحه قصبه علي ڳڙھ ، سانحه پڪا قلعه ۽ سانحه حيدرآباد جهڙا وڏا سانحه ڪرايا ويا. 19 جون 1992 تي ڌاڙيلن ۽ اغوا برائي تاوان جون وارداتون ڪرڻ وارن جي خلاف آپريشن جي نالي تي ايم ڪيو ايم جي خلاف رياستي آپريشن شروع ڪيو ويو. جيڪو حڪومتي تبديلين جي باوجود جاري رهيو. جنهن جي دوران هزارين ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو. مختلف مخالف عناصر جي طرفان مهاجرن کي گار گند ڏنو ويو ۽ ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪرڻ ۽ عوام کي ان کان بدظن ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي خلاف ميڊيا تي زهريلي مهم هلائي وئي ۽ طرح طرح جا الزام لڳايا ويا. الطاف حسين چيو ته تمام تر رياستي ظلمن ۽ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي هلائي ويندڙ مهم جي باوجود عوام کي ايم ڪيو ايم کان پري نه ڪري سگهيو ويو.  هاڻي وري ميڊيا جي ڪجھ ماڻهن ۽ پاڪستان جي دولت لٽڻ وارن کي ساڻ ملائي ان ڳالھ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڪنهن طريقي سان ايم ڪيو ايم کي نقصان پهچايو وڃي ته جيئن اها ٻيهر نه اڀري سگهي. الطاف حسين رابطا ڪميٽي ۽ شعبن جي ميمبرن کي چيو ته ايم ڪيو ايم جا دشمن تحريڪ کي ختم ڪرڻ جي پويان آهن. پر منهنجو فيصلو آهي ته مان ڪنهن به قيمت تي پنهنجي جدوجهد کان دستبردار نه ٿيندس. ڀلي منهنجي جان هلي وڃي پر مان ڪنهن به باطل قوت جي اڳيان پنهنجو سر نه جهڪائيندس. انهن ذميوارن  کي چيو ته هي آزمائش جو وقت آهي اوهان چاهيو ته حالتن جي ڏاڍ جي ڪري منهنجو ساٿ ڇڏي ڏيو. ان تي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ شعبن جي ميمبرن الطاف حسين سان پنهنجن جذبن جو اظهار ڪندي چيو ته ڀلي ڪجھ به ٿي وڃي اسان اوهان جو ساٿ نه ڇڏينداسين. شعبن جي ميمبرن جناب الطاف حسين کي ٻڌايو ته صرف ڪراچي ئي نه بلڪه پوري سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي سميت پوري ملڪ جا ڪارڪن امڙيون، ڀينريون، بزرگ ۽ نوجوان جن ۾ يوٿ جي اڪثريت به شامل آهي. انهن سڀني جا به اهي ئي جذبا آهن ته ڀلي ڪيترائي پروفيگنڊا ڪري وٺجن اسان تحريڪ جو ساٿ نه ڇڏينداسين. عورتن خصوصن ڀينرن جو به اهو ئي چوڻ آهي ته پٽ پنهنجي پيءُ سان بي وفائي ڪري نه ٿا سگهن. الطاف حسين سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي چيو ته اهي هرگز به مايوس نه ٿين ۽ پنهنجين صفن ۾ اتحاد برقرار رکن.

 

ايم ڪيو ايم تي پابندي لڳائي وڃي:فنڪشنل ليگ اڳواڻ شهريار مهر جو مطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) فنڪشنل ليگ اڳواڻ شهريار مهر، متحده تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪندَي چيو آهي ته ڪراچي ۾ گرمي سبب ساڍا نـَو سئو کان وڌيڪ ماڻهو مري چڪا آهن پر سنڌ سرڪار جَي مٿي تي جونءَ به ناهي سـُري. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار مهر چيو ته ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزام معمولي ناهن، تنهنڪري معاملي جي جاچ ڪرائي پارٽي تي پابندي لڳائي وڃي. هـُن چيو ته ڪراچي ۾ ساڍا 9 سئو کان وڌيڪ ماڻهو مري چڪا آهن پر سنڌ حڪومت اڃا تائين اگهور ننڊ ستل آهي. ف ليگ اڳواڻ چيو ته گرمي جَي متاثرن لاءِ شهر ۾ رينجرز ۽ فوج پاران امدادي سينٽر قائم ڪيا ويا آهن پر سنڌ سرڪار جو ڪٿي به ڪردار نظر نه پيو اچي. شهريار مهر چيو ته ڪرپشن خلاف ڪاررواين تي واويلا ڪندڙ رينجرز جي فلاحي ڪمن تي اعتراض ڇو نٿا وارين؟ بجيٽ بابت ڳالهائيندي فنڪشنل ليگ اڳواڻ چيو ته بجيٽ تقرير دوران سنڌ جي ناڻي واري وزير پاران ڏنل جواب حقيقت جَي ابتڙ هئا

 

ماڻهو مرن پيا ۽ سنڌ جو شاهي خاندان دبئي هليو ويو: عمران خان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تحريڪ انصاف جي چئيرمين عمران خان پريس ڪانفرنس دوارن حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته ماڻهو مري رهيا آهن ۽ شاهي خاندان دبئي پهچي  ويو. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) جي ٻڌي آهي. ايتري وڏي الزام کانپوءِ  به پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي. عمران خان جناح اسپتال جي دوري کانپوءِ عمران اسماعيل جي گهر پريس ڪانفرنس دوران چيو ته  ڪراچي جيڪو ملڪ جو معاشي مرڪز مڃيو ويندو آهي اتي پاڻي جو نه هجڻ هڪ وڏو الميو آهي، ٻار مري رهيا آهن ڪراچي ۾ پاڻي ناهي. ان سموري صوتحال تي سنڌ حڪومت ڇا ڪري رهي آهي انهن جو گورننس نظام ڪٿي آهي هر پاسي ڪرپشن آهي ، ادارا ڪم نٿا ڪن. عمران خان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته لانچن ذريعي پئسو ٻاهر وڃي رهيو آهي. هڪ ميٽرو رٿا تي ڪيترا ڪروڙ خرچ ڪيا ويا، جيڪڏهن عوام کي پنهنجي زندگي بهتر ڪرڻي آهي ته انهن کي ووٽ نه ڏين جن جا اثاثا پرڏيهه ۾ آهن. پي ٽي آئي جي سربراهه چيو ته ايتري وڏي الزام تي به پيپلز پارٽِ ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي . جيڪو ڏوهه ڪندو آهي ان جو پڇاڻو ٿيڻ گهرجي، نوازشريف ۽ زرادري جي جڏهن ڳالهه آئي آهي ته جمهوريت خطري ۾ پئجي وڃي ٿي. ڪراچي دوري تي عمران خان جناح اسپتال ۾ مريضن جي عيادت به ڪئي.

 

ڪنگ، ڪوئين ۽ پرنس جي پرڏيهه فرار ٿيڻ کانپوءِ هاڻي ڪاليا جو ڇا ٿيندو؟ لياقت جتوئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عوامي اتحاد پارٽي جَي سربراهه ۽ ايم پي اي لياقت جتوئيءَ، ڪي اليڪٽرڪ کي رينجرز حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪندَي الزام هنيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ۾ 70 سيڪڙو حصو سنڌ جَي حڪمرانن جو آهي، پر ڪنگ، ڪوئين ۽ پرنس جَي پرڏيهه فرار ٿيڻ کانپوءِ هاڻ ڪاليا جو ڇا ٿيندو؟ سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي لياقت جتوئي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ خلاف ڌرڻو هڻندڙ ٻڌائن ته اداري ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جو حصو ڪيترو آهي؟ هـُن چيو ته کين ڄاڻ ملي آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ۾ 70 سيڪڙو حصو سنڌ جي حڪمرانن جو آهي. لياقت جتوئي مطالبو ڪيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي رينجرز يا فوج جي حوالي ڪيو وڃي، پاڻ ئي اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا. هـُن چيو ته هاڻ ته ڪنگ، ڪوئين ۽ پرنس به پرڏيهه فرار ٿي ويا، ڪاليا جو ڇا ٿيندو؟ سنڌ جَي ناڻي واري وزير کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي لياقت جتوئي چيو ته مراد علي شاهه 2 ڀيرا اڳ نااهل ٿي چڪو آهي، ٽيون ڀيرو ڪرپشن سبب نااهل ٿيڻ وارو آهي. هـُن چيو ته ٽي ايم او سيوهڻ کي 60 ڪروڙ رپين جي گرانٽ ڏني وئي، جنهن ۾ ڪرپشن سبب 4 آفيسر گرفتار ٿيا آهن، مراد علي شاهه به جلد گرفتار ٿيڻ وارو آهي. لياقت جتوئي چيو ته سي ايم هائوس جي مرمت لاءِ هڪ ارب 31 ڪروڙ ۽ ملازمن جي پگهارن لاءِ هڪ ارب 46 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، جيڪو شاهه خرچي جو وڏو مثال آهي.