تازيون خبرون

Daily Archives: June 17, 2015

اڳواڻي ڪرڻ بابت اولهه جي ڪتابن جو سچ :عبدالله مورائي

ڪنهن به ملڪ يا اداري ۾ جڏهن شيون تمام بهتر هونديون آهن ته ان ملڪ جي اڳواڻ يا اداري جي سربراهه جي واهه واهه ٿيندي آهي. ساڳي طرح سان جيڪڏهن شيون غلط رُخ ۾ هجن ته ان جي ذميواري به ان اداري يا ملڪ جي اڳواڻ تي اچي ٿي. حقيقي اڳواڻن جي اها به هڪ نشاني ٻڌائي وئي آهي ته اهي هر وقت سکڻ کان ناهن لهرائيندا، ڀلي جو انهن کي پنهنجن مخالفن، پنهنجن پوئلڳن يا آسپاس جي ماحول مان ئي ڇونه سکڻو پوي.

ليڊرشپ يا اڳواڻي تي اولهه ۾ لکيل ڪتابن مطابق دنيا جو وڏو حصو غلط ماڻهن جي اڳواڻيءَ هيٺ آهي ۽ انهن کي سندن آڏو پڇ لوڏائيندڙ چمچا، هر ناجائز طريقي سان سندن ناجائز خواهشون ۽ پردي پويان انهن مسئلن جي حل ڳولهڻ ۾ مدد ڪندا آهن، جنهن لاءِ شايد ڪو نام نهاد اڳواڻ پاڻ سامهون اچي ان مسئلي کي حل نه ڪري سگهي. ان جو مثال هن طرح ڏنل آهي ته ٻين جي پاڇي ۾ لڪڻ، انهن ڪمن ۾ گهڻي قدر وچين طبقي وارا ماڻهو پنهنجن نام نهاد آقائن کي خوش رکڻ جي اهڙي بدبودار ۽ مڪروهه ڌنڌي ۾ مصروف آهن، بنسبت ان جي ته اهي پنهنجن آقائن کي مستقبل جي مسئلن بابت آگاهه ڪن ۽ ڪا مثبت حڪمت عملي جوڙائين، جنهن سان عوام جو ڪو ڀلو ٿي پوي. سچي اڳواڻ جي اها به خاصيت هوندي آهي ته هو اهڙن وچين طبقي جي ماڻهن يا پنهنجن ويجهن ساٿين جي ذريعي خبردار رهي ته آسپاس حقيقي زندگي ۾ ڇا پيو وهي واپري؟ يا پاڻ سڌو سنئون ماڻهن جي وچ ۾ اچي ۽ انهن سان سڌي ڳالهه ٻولهه ڪري ۽ جيڪڏهن منجهس اڳواڻي ڪرڻ جون خاصيتون هونديون ته هو پاڻ ئي حساب ڪتاب لڳائي ويندو ته ماڻهن جي دل ۾ ڇا آهي ۽ ماڻهو ڇا ٿا سوچين ۽ چاهن! آءٌ نٿو چوان، ڪتاب ٿا لکن ته، وچين طبقي وارا اهڙي قسم جا ٻه نمبر ماڻهو، نام نهاد اڳواڻن کي جنسي لذتن جو مزو پڻ وٺائيندا آهن ۽ نتيجي ۾ رات ڏينهن مال ٺاهڻ ۾ لڳي ويندا آهن ۽ انهن وچين طبقي جي چمچن کي اها پڪ هوندي آهي ته سندن آقا جو هٿ سندن مٿان آهي ۽ کين ڪير به تنگ نٿو ڪري سگهي. بادشاهه ۽ درٻارين وارو دؤر جيئن جو تيئن موجود آهي. بادشاهه به خوش ته چمچا به، باقي عوام ويهي نعرا هڻي.

ڪتاب وڌيڪ لکن ٿا ته حقيقت ۾ اڳواڻي ڪرڻ ايتري سولي ناهي، جيتري ڪنهن عام ماڻهوءَ کي بظاهر نظر ايندي هجي. ماڻهن کي مئنيج ۽ انهن جو خيال رکڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ڪنهن به اڳواڻ ۾ اهي اڳواڻي ڪرڻ جون خاصيتون هجڻ انتهائي ضروري آهن، جن سان معاشري ۾ اهي تبديليون آڻي سگهجن، جن سان مستقبل ۾ عام ماڻهن جي زندگين ۾ خوشگوار تبديليون رونما ٿين ۽ سٺا نتيجا ظاهر ٿين. اهي اڳواڻ جيڪي صحتمند ماحول جوڙين، انصاف تي يقين رکندڙ هجن، پاڻ ۽ سندن ساٿارين بابت ڪنهن به حساب ڪتاب کان نه لهرائين ۽ وڏي ڳالهه ته ڪنهن پائدار سوچ کي کڻي اڳتي وڌندڙ هجن ته پوءِ انهن بابت اها راءِ ڏئي سگهجي ٿي ته اهي اعتبار جوڳا اڳواڻ آهن ۽ اهڙن اڳواڻن تي ماڻهو يقين ۽ سندن مثبت سوچن کي قبول پڻ ڪندا آهن.

ڪتابن ۾ وڌيڪ بحث ٿيل آهي ته پاڻ مڃڻ لاءِ تيار نه آهيون پر اها هڪ حقيقت آهي ته اسان پنهنجي زندگي جو گهڻو حصو پوئلڳ جي حيثيت ۾ گذاريون ٿا ۽ تمام ٿورو حصو اڳواڻي ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. پوءِ چاهي اها گهر يا پنهنجي ڪٽنب جي اڳواڻي ئي ڇونه هجي. اهل اڳواڻ جي اها به هڪ نشاني ٻڌائي وئي آهي ته ان جي شخصيت ماڻهن کي پنهنجي طرف ڇڪيندي، هن جي ڳالهائڻ جو انداز ئي ماڻهن جي اندر ۾ انقلاب برپا ڪندو ۽ واقعي به ڪو سچو اڳواڻ هوندو ته ان جي ساٿين يا پوئلڳن ۾ سندس جهڙيون سڀئي خاصيتون قدرتي طور سمائجي وينديون ۽ اهو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجن پوئلڳن کي پنهنجي طاقت واري دؤر ۾ ڀرپور عزت ڏيڻ ۽ خيال رکڻ جي پڻ صلاح ڏنل آهي ته جيئن جڏهن اوهان جو زوال شروع ٿئي ته اهي اوهان جي مدد ڪن. بهرحال ساڳي جاءِ تي اهو به چيل آهي ته جڏهن اوهان جي زوال جو وقت شروع ٿيندو ته اوهان جي آسپاس ڦرندڙ مفاد پرست ماڻهو نظر نه ايندا ۽ اها صورتحال جڏهن پيدا ٿيندي ته پوءِ ان اڳواڻ کي شين تي ڌيان ڏيڻ ۾ ڪافي ڏکيائي ٿيندي ۽ اهوئي وقت هوندو، جڏهن اڳواڻ، اڳواڻ نه رهندو. ان جي هٿن مان شيون ائين نڪري وينديون جيئن هٿن مان واري کسڪي ويندي آهي. اڳواڻن کي، شين جي گهرائيءَ ۾ وڃي سوچڻ، سمجهڻ ۽ پرکڻ جي صلاح ڏني وئي آهي. بنسبت ان جي ته شين کي نظرانداز ڪجي ۽ آسپاس ماحول ۽ شين کان بي خبر رهجي. وڌيڪ چيو ويو آهي ته جڏهن اڳواڻ هڪ دفعو ناڪام ٿيو ته پوءِ ان لاءِ صرف هڪ ئي رستو بچي ٿو ۽ اهو گهر واپسيءَ جو ئي رستو آهي.

ڪتاب ۾ ليکڪ اها ڳالهه پڻ لکي ٿو ته سٺ کان مٿي جي عمر وارن اڳواڻن ۾ صلاحيت نه هوندي آهي جو هو صحيح طريقي سان ڪارونهوار هلائي سگهن، سو انهن کي وڏيون ذميواريون ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏنل آهي. اها ڳالهه به واضح لکيل آهي ته کوڙ اهڙا ادارا يا ملڪ آهن، جتان جي اڳواڻن ۾ اڳواڻي ڪرڻ جون خاصيتون نه هونديون آهن پر هو اتي پهچي ويندا آهن يا وهاريا ويندا آهن. ڪتابن ۾ اهو سوال به اٿاريل آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ڪير ڪنهن جي اڳواڻي پيو ڪري، ڪڏهن ڪڏهن اڳواڻ کان وڌيڪ ان جا پوئلڳ يا اهي ڌريون وڌيڪ مضبوط هونديون آهن، جن ان کي اتي ويهاريو هوندو آهي ۽ هو فقط نالي جو اڳواڻ هوندو آهي.

اولهه ۾ جيڪي ڪتاب لکجن ٿا، اهي گهڻي قدر تمام گهڻي کوجنا تي مشتمل هجن ٿا. معنيٰ اها هوائي فائرنگ ناهي. مون گذريل ڪجهه هفتا اسٽاڪهولم يونيورسٽي جي لائبريري ۾ ويهي ليڊرشپ بابت ڪتاب پئي پڙهيا ۽ جيئن جيئن پڙهندو ويس، هر وقت مون انهن کوجنائن کي سنڌ سان ملائي پئي ڏٺو ۽ سوالن جا جواب ملندا پئي ويا. مون اهو اندازو لڳايو ته سنڌ ۾ ڪيئن نه اهڙن ماڻهن کي ويهاريو ويو آهي، جن جو ذڪر ڪتابن ۾ سالن جا سال پهريان ڪيل آهي. طاقت ڪنهن وٽ آهي ۽ پردي جي پويان ڪير لڪل آهي ۽ اڳيان ڪير آهي. ادارا تباهه انڪري ٿيا آهن جو انهن جي اڳواڻن ۾ اڳواڻي ڪرڻ جون صلاحيتون موجود ناهن ۽ ان کان مٿي ڏسجي ته جيڪي پاڻ پنهنجي پاڻ کي اڳواڻ سمجهن ٿا، انهن ۾ به اصل اڳواڻي ڪرڻ جي صلاحيت جو فقدان آهي. ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا.

 

ڏڪار جون اڳڪٿيون ۽ ڪيل سانڀاها

پاڪستان جي موسميات کاتي جي سربراهه ڊاڪٽر غلام رسول جو چوڻ آهي ته ”اسان کي مُلڪ جي ڏاکڻي حصي ۾ گهٽ مينهن جي توقع هُئي، جتي پهريان ئي ڏُڪار واري صورتحال پيدا ٿيل آهي. هُن بين الاقوامي ماهرن جي ان مطالعي جي ڪجهه حصن سان اتفاق ڪندي چيو آهي ته ٿرپارڪر، چولستان ۽ بلوچستان جي ڪجهه حصن ۾ صورتحال بدترين ٿيڻ جو امڪان آهي. پاڪستان جي موسميات کاتي جي سربراهه جو اهو به چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ گهٽ بارشون ڏسي رهيا آهيون، جيڪي تقريبن 20 کان 25 ملي ميٽر تائين ٿي سگهن ٿيون، اُهي هن ڏُڪار واري صورتحال ۾ گهڻيون مددگار ثابت نه ٿينديون. انهيءَ اڳڪٿيءَ کي مُلڪ جا حڪمران ڪيترو سنجيدگيءَ سان ڏسن ٿا، اِهو ته وقت ئي ٻُڌائيندو، پر جنهن اداري اِها اڳڪٿي ڪئي آهي اُهو موسمن جي عالمي اداري ڊبليو ايم او جي هڪ علائقائي شاخ طور موسمن جي نگراني ڪندو آهي. ان فورم جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڏکڻ ايشيا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ معمول کان گهٽ بارشن جا امڪان آهن، جنهن سبب اهڙن علائقن ۾ ڏُڪار شدت اختيار ڪندو، جتي جي زندگيءَ جو وهنوار بارشن تي هلندڙ آهي. انهيءَ حوالي سان ڏسجي ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۽ بلوچستان جا علائقا مُتاثر ٿيڻا آهن. جڏهن ته ٿر گُذريل سال کان ڏُڪار جي لپيٽ ۾ آيل آهي، جتي غذائي کوٽ ۽ انتظامي نااهليءَ سبب نه رُڳو ٿر واسين جا ڍور ڍڳا ۽ ٻيو مال متاعُ تباهه ٿيو، پر سون جي تعداد ۾ سندن معصوم ٻارڙا پڻ موت جي مُنهن ۾ هليا ويا. اُنهن جي زندگيءَ جو سڄو سارو وهنوار برساتن تي آهي، جيڪڏهن هيل به اڳڪٿين موجب برساتون گهٽ ٿيون پون ته اُن سان وڌيڪ نقصان جا امڪان آهن. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ سرڪار کي ضرور غور ويچارڻ ڪرڻ گهرجي. نه رُڳو غور ويچار ڪرڻ گهرجي، پر تازو جيڪا سنڌ بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، اُن ۾ اهڙي امڪاني صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ چڱو خاصو ناڻو به مختص ڪرڻ گهرجي. اِهو ضروري ناهي ته بارشن بابت جيڪي اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن، اُهي سؤ سيڪڙو صحيح به ثابت ٿين. ماضيءَ ۾ ڏٺو ويو آهي ته اڪثر مينهن، اڳڪٿين جي اُبتڙ ئي پوندا آهن، جهڙوڪ 2010 ۾ آيل مها ٻوڏ کان اڳ به اهڙيون ئي اڳڪٿيون ڪيون ويون هيون ته هيل سانوڻ سُٺو ڪونه پوندو، انهيءَ اڳڪٿيءَ کي نظر ۾ رکندي انتظاميا ڊيمن کي ڀرڻ جو حرص ڪيو ۽ بعد ۾ جڏهن مينهن راڱا ڪري وُٺو ته اُها ساڳي ئي انتظاميا وهڪرن کي گُذارڻ لاءِ پريشان هُئي ۽ آخر ٽوڙيءَ وٽان ٽُٽندڙ بند تي هُنن اکيون پوري ڇڏيون جو وڏي وهڪري گُذرڻ سان سکر بئراج کي خطرو هو. بعد ۾ ماڻهن جيڪو ڀوڳيو، تنهن جو اسان هنن ئي ڪالمن ۾ ڪيترائي ڀيرا ذڪر ڪري آيا آهيون، تنهن ڪري اهڙي ورجاءَ کان بچندي پنهنجي ساڳي ڳالهه يعني اڳڪٿين تي اچون ٿا، اُنهن لاءِ ماهرن جو چوڻ آهي ته پوريءَ دنيا ۾ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ موسمن سبب ڪيتريون ئي اڳڪٿيون غلط به ثابت ٿيون آهن، اُن لاءِ فقط ست کان ڏهن ڏينهن جي اڳڪٿيءَ تي ئي اعتبار ڪري سگهجي ٿو. خدا ڪري ائين ئي هُجي ۽ هيلوڪي ڏُڪار واريون اڳڪٿيون غلط ثابت ٿين جو اڳ ئي هتي جا ماڻهو قدرتي آفتن توڙي انتظامي ڏُڪار کي ڀوڳيندا اچن پيا، اُنهن ۾ وڌيڪ سهپ جو مادو ڏسڻ ۾ نه پيو اچي. تنهنڪري حڪمرانن جو اِهو فرض ٿو بڻجي ته اُهي عالمي ماهرن جي ان اڀياس کي نظر ۾ رکندي ڪي تدبيرون جوڙين ته جيئن امڪاني صورتحال کي سهڻي نموني مُنهن ڏئي سگهجي. جيڪڏهن سرڪار انهن امڪاني خطرن کي اکيون پوري نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اُن سان عام ماڻهو ته ڀوڳيندو ئي ڀوڳيندو، پر حڪمرانن جي پت به وائکي ٿي پوندي. تنهن ڪري انهيءَ امڪاني خطري کي ضرور نظر ۾ رکيو وڃي ۽ پنهنجي ماڻهن جي ڏکيءَ مهل ۾، عالمي ادارن ڏانهن واجهائڻ بدران پاڻ ئي واهر ڪرڻ گهرجي، اُن لاءِ اڳواٽ رٿابندي ضروري آهي، جنهن لاءِ سرڪار ۾ اُميد رکجي ٿي ته اُها انهيءَ سلسلي ۾ ضرور ڪوششون وٺندي.