تازيون خبرون

Daily Archives: June 12, 2015

”ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان موڪلڻ تي مهرباني“وزيراعظم نواز شريف جو زمبابوي جي صدر کي خط  

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم نواز شريف پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان اماڻڻ تي زمبابوي جي صدر جو ٿورو مڃيندي دوري کي وڏي ڪاميابي ڪوٺيو آهي. وزيراعظم نواز شريف زمبابوي جي صدر رابرٽ موگابي کي خط لکيو، جنهن ۾ هن زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان اماڻڻ تي سندس ٿورو مڃيو. هن زمبابوي جي صدر جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستاني دورو وڏي ڪاميابي آهي ۽ ان سان پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي ٻيهر واپسي شروع ٿيندي. هن چيو ته زمبابوي جي پاڪستاني دوري جي ڪاميابي ۾ صدر موگابي اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي واپسي لاءِ زمبابوي جي ڪوششن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته زمبابوي جي پاڪستاني دوري دوران شوقينن ٻنهي ٽيمن کي ڀرپور نموني همٿايو.

 

ٽن ورهين کان ڏڪار جي لپيٽ ۾ آيل ٿر تي آڙنگ جا ڏينهن موٽي آيا

 

ٽن ورهين کان ڏڪار جي لپيٽ ۾ آيل ٿر تي آڙنگ جا ڏينهن موٽي آيا آهن، جنهن سبب مسلسل ٻن ڏينهن کان آسمان ۽ ڪارونجهر تي ڪڪر ڇانيل آهن، برسات لاءِ آسمان ۾ کتل آهن،  ۽ وسڪاري لاءِ هٿ کڻي دعائون گهريون پيون وڃن، برساتون نه پوڻ ۽ موسم جا ڏينهن گذرڻ سبب  ٿر واسين جي  چهرن کي به مايوسي ڇانيل آهي، موسمن جي تبديل ٿيڻ سان ٿر تي برساتون پوڻ ۾ هيل به دير ٿي رهي آهي، هوڏانهن بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويل خاندان به چوپائي مال سميت واپس اباڻن ڪکن ڏانهن اچي رهيا آهن، ٿر ۾ مارو ماڻهو  پکي ، پکڻ ۽ جانور برسات لاءِ  وانجهائي رهيا آهن، ٿر جي تتل ڌرتي  ڀڙڀانگ ڀٽون  ، ڪارونجهر  جبل  ۽ ترايون ٽوڀا به برسات سارين ٿا، ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۾ معصوم ٻارڙا ۽ آکو ڀايو يعني جهوليون  کڻي خيرات گڏ ڪري لنگر پچائي  دعائون گهري رهيا آهن، ٿر جي وڏڙن موجب هيل به برساتون  دير ڪن پيون، جون واري شروعاتي  ڏينهن ۾ برساتون پونديون هيون، پر هيل اڃا برسات ناهي پئي، ٻن ڏينهن کان آڙنگ جا ڏينهن ٺهي رهيا آهن، لڳي ٿو ته هن هفتي اندر برسات پوندي. اتر  جون هوائون تاڙي جي  تنوار ۽  مورن جا ٽهوڪا برسات اچڻ جون خاص نشانيون بڻيل، ٿر ۾ جڏهن به اتر  جون هوائون لڳن تاڙي پکي جو ٻولڻ ۽ مورن جا ٽهوڪا برسات اچڻ جون نشانيون  بڻيل آهن، پر انهن مان هن  وقت  ڪابه نشاني نظر نه ٿي اچي ، مورن جي وڏي انگ ۾ مرڻ ۽ تاڙي پکي جا ٻول ٻڌڻ  ۾ نه اچڻ  ڪري ٿري نشانيون  نظر نه ٿيون اچن، مورن جو نسل اڻلڀ ٿيڻ ڪري مورن جا ٽهوڪا گم آهن، ٿر جا ڏاها چون ٿا ته اتر هوا جو گهلڻ تاڙي  پکي جو ٻولڻ ۽ مورن جا ٽهڪا برسات اچڻ جا آثار ظاهر ڪن ٿا، پر هيل اهڙي ڪابه نشاني ڏسڻ ٻڌڻ ۾ نه ٿي اچي  تاڙو پکي جو نسل به ختم ٿي ويو آهي، مور جو نسل به اڻلڀ آهي .

راڄوڻي روايتن سان سنڌو سومرو جو خون معاف

لاڙڪاڻو شهر جي يارمحمد ڪالوني ۾ 27 ڊسمبر 2014ع تي گهر اڳيان 5 سالن جي فوزيه عرف سنڌو سومرو کي جوابدارن خالي جڳهه ۾ زيادتي بعد قتل ڪري لاش سرن سان پوري ڇڏيو هو جنهن واقعي ۾ ملوث ٽن جوابدار يونس عرف ببلو جتوئي، شعيب جتوئي ۽ نياز جتوئي کي گرفتاري بعد خاص عدالت ۾ چالان ڪيو ويو هو. جوابدار ڌر ڪالهه پنجون ڀيرو جتوئي چڱن مڙسن، سيدن، عورتن ۽ ٻارڙن سان گڏ پاڪ ڪتاب کڻي سنڌو سومرو جي وارثن وٽ پهتا جنهن دوران وارثن سنڌو سومرو قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي قتل معاف ڪري ڇڏيو. سنڌو سومرو جي امڙ بيواهه مسمات بيگم خاتون سومرو ٻڌايو ته اسين غريب آهيون، پنجون ڀيرو جوابدار ڌر پاڪ ڪتاب، سيد، نياڻيون وٺي تڏي تي پهتا ان ڪري جوابدارن کي خون معاف ڪيو آهي ۽ هن چيو ته مون ڌيءُ جي خون تي هڪ رپيو به نه ورتو آهي، نه وري ڪنهن دٻاءُ ۾ ٺاهه ڪيو آهي،. هوڏانهن ٻارڙي سنڌو سومرو زيادتي بعد قتل واري ڪيس جي ٻڌڻي (اڄ) لاڙڪاڻي جي خاص عدالت ۾ مقرر ٿيل آهي، ان  کان اڳ جوابدار ڌر 5 ڀيرو ميڙ وٺي سنڌو سومرو جي وارثن کي ٺاهه تي راضي ڪري ورتو. هوڏانهن ذريعن موجب سنڌو سومرو قتل ڪيس وارو راڄوڻي ٺاهه پئسن عيوض ڪيو ويو آهي

 

ڄامشورو جي مهمان نوازي؛راجا سنديلو

مسافر، مهمان ۽ پرديسي هونئن ته ٽئي الڳ شيون آهن پر انهن ۾ جيڪڏهن هڪجهڙائي آهي ته منهنجي حساب سان صرف ويڳاڻائپ جي ئي آهي، مسافر مهمان ۽ پرديسي ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي پنهنجي اصل وٿاڻ کان الڳ نه ٿا ڪري سگهن ڀلي پوءِ هو ڪٿي صدين لاءِ رهن پر پنهنجي اصل جاءِ رهائش پنهنجي جنم ڀومي کي ياد رکڻ انهن جي فطرت ۾ سمايل آهي، 2010ع ۾ جڏهن مان ڳوٺ ڇڏي ڄامشورو آيس ته ڪجهه اهڙي قسم جا تاثر منهنجا به هيا پر مان ڪڏهن به پاڻ کي پرديسي نه سمجهو، ها پر مهمان ضرور هئس.

منهنجي وهم غمان ۾ به نه هو ته ڪو مونسان گڏ سڀن يونيورسٽين جي شاگردن جي لاءِ هٿان جي اصل رهاڪن جا خيال اهڙا به ٿي سگهن ٿا. مون اهو ڪڏهن به نه سوچيو هو ته هتان جا ماڻهو اسان کي مهمان سان گڏوگڏ پرديسي به سمجهن ٿا.سانوڻ جي مد هئي 2011ع جو شايد مئي مهينو هيو سنڌ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽل کان شام جو ستين وڳي کان ڦاٽڪ تائين رات جو ڏهين وڳي تائين پوائنٽون هلنديون هيون انهن ۾ چڙهي اسان ڦاٽڪ تي وڃي ماني به کائيندا هياسين ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن هڪلي ڦلڪي ڪم سانگي به وڃڻو پوندو هيو جهڙوڪ ايزي لوڊ ڪرائڻ، روم يا شيلف جو تالو وٺڻ، صابڻ داڻي وٺڻ، نيل ڪٽر وٺڻ، شِو ڪرائڻ يا ڪو اهڙو ٻيو سنهو ٿلهو سامان وٺڻ. هڪ ڀيري اسان پنج دوست شاهاڻي هوٽل تان آلو چپس، ٻينڍي، انڊو ڪيمو ۽ ڏهي کائي هوٽل واري کي 270 روپيه بل ڏئي نڪتا اچيون پيا ته ڪنهن دوست چيو ته يار ڪا ڇاليا(سوپاري) وٺئون ته هاسٽل تائين کائيندا هلون جنهن تي انهن مون چيو ته توهان هلو مان وٺي مان پهچانوَ ٿو. ويجهي ڪيبن تي مون ڏهه روپيه ڪڍي ڪيبن واري کي چيو ته ادا مڪس ڇاليا (سوپاري) ته ڏيجان ڏهه روپين جون هن جيئن ڇاليا(سوپاريون) ڏنيون ته مان پوئتي پلٽيس ئي مس ته ڪيبن واري مونکي سڏ ڪيو ۽ چيائين يار هي ڏهه روپيا ڦاٽل آهن نه هلندا مٽائي ڏيو.؟ مان وري اهي ڏهه روپيه هٿ ۾ ڪري والٽ ڪڍي ٻيا ڏهه روپيه ڪڍي رهيو هئس ته اتي هڪ همراهه ڪيبن واري سان بيٺو هو جيڪو ڏسڻ ۾ تمام غريب ۽ سادو پئي لڳو. ڀر ۾ چائنا موٽر سائيڪل بيٺل هيس جنهن جون چاٻيون هٿ ۾ کنيل هئس. ان جلدي ۾ ڪيبن واري کي چيو ته يار اهي ڏهه روپيا وٺينس، ڪيبن واري چيس ته صفا ڦاٽل آهن نه هلندا. جنهن تي هن چيو ته توکي مان مٽائي ڏيان ٿو ڀر ڀائو کان وٺ، ان تي مان به چيم ته ادا توهان جون لک مهربانيون پر اهڙي ڳالهه ناهي مون وٽ پئسا آهن ڪيبن واري ڏي ٻيا ڏهه روپيه ڪڍي وڌايم! ادا هي وٺ ڏهه روپيه. جنهن تي ساڳي ئي همراهه ڪيبن واري کي چيو ته اڙي نه وٺ ڀائو کان مان ڏيائين ٿو ۽ مونکي چيائين ادا توهان رکو اهڙي ڳالهه ناهي خير آ بس.مان ڏهه روپيه ڪيبن واري اڳيان جهلي بيٺو رهيس ۽ چوندو رهيس ته ادا وٺ ڪا ڳالهه ناهي، آخرڪار ان همراهه چيو ته يار توهان شاگرد هت پنهنجا ڳوٺ، گهر، ابو امان ڇڏي اچو ٿا پرديس تي ڪنهن جي آسري؟ ۽ اسان توهان سان اهيو سلوڪ ڪيون، ڳالهه منجهائيندي چيئين ته رک ادا پرس ۾ پئسا بس وڃ، همراهه جي اها ڳالهه ٻڌي اکيون ڀرجي آيون اهيو ڏک هرگز نه ٿيو ته ڪو مان ڳوٺ کان پري آهيان پر هد درجي جي خوشي اهيا ٿي ته اهڙا ماڻهو اڃان به موجود آهن . مان هن ڏانهن ڏسان ئي پيو ته هن چيو اگر ڪڏهن جو ڪم ڪار پوي ته توهان هن ڪيبن واري کان منهنجي پڇا ڪري ملي سگهو ٿا توهان اسان جا مهمان آهيو ۽ اسان کي پنهنجو ڀاءُ سمجهو، مان پوءِ به ڪيبن واري کي ڏهه روپيا ڏئي سگهان پو پر ان همراهه جو احساس، سچائي ۽ پرخلوصي وارو رويو مان ڏهه روپين جي عيوض ختم نه ٿي ڪرڻ چاهيو مان ڏهه روپيا ويلٽ ۾ رکي پنهنجو ٻانهون ان همراهه ڏانهن وڌائيندي چيم يار جيئن اهڙي ڳالهه آهي ته پوءِ ڀاڪر پاءِ هڪڙو، مان ان کي ڀاڪر پائي ان جي احسان جا ٿورا لاهي ته نه ٿي سگهيس پر مڃيس ضرور ۽ سنڌي چوڻي مطابق ان ماڻهوءِ جي احساسي احسانن کي اڄ ڳائي رهيو آهيان ان کان ڇڄي پوءِ ته منهنجي ذهن ۾ جيڪي خيال اڀريا انهن داستان اڃان ڊگهو آ. بس ايترو چوندس جيڪڏهن اسان سڀ پنهنجي اهڙي قسم جي خيالن تان زنگ لاهي ۽ هڪ ٻئي اڳيان ظاهر ڪريون ته اسان کي پاڻ مڃرائڻ لاءِ ڪنهن به جنگ ۽ نگارن وڄائڻ جي ضرورت نه پوندي ۽ هميشه جي لاءِ سموري دنيا ۾ ”عظيم ڪردار انسان“ طور سڃاتا وينداسين.

*************

 

وفاقي بجيٽ ۽ غريب عوام!؛سرمد منصور

منهنجي آڏو اڄوڪيون 10 جُون واريون اخبارون پيل آهن، لڳ ڀڳ سمورين اخبارن ۾ اِها ساڳي ڳالهه نمايان ڪري ڏني وئي آهي ته مخالف ڌر وفاقي بجيٽ کي رد ڪندي حڪومت کان مهانگائي گهٽائڻ ۽ پگهار وڌائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اهڙو مطالبو اِنهيءَ خبر شايع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ڪيو ويو هو. رپورٽ جي تفصيلن ۾ اِهو به آهي ته مخالف ڌر، حڪومت تي ڇتي تنقيد پڻ ڪئي ۽ سرڪاري ملازمن جو معمولي پگهار وڌائڻ واري فيصلي تي پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي وارن احتجاج ڪندي اجلاس مان واڪ آئوٽ به ڪيو. اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته اسان جي حڪومتي دور ۾ بجليءَ واري مامري تي هڪ صوبائي حڪومت ماڻهن کي ڀڙڪايو پر اسان مقابلو ڪيو. سندس چوڻ هو ته هاڻ جڏهن دنيا ۾ تيل سستو آهي ته پوءِ مُلڪ اندر بجلي مهانگي ڇو آهي. خورشيد شاهه سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو واڌ جو پڻ مطالبو ڪيو.

اِهي ڳالهيون يقينن اسان عام ماڻهن کي ڏاڍيون وڻيون هونديون ۽ اسان مان ڪيترن ئي مخالف ڌر وارن لاءِ اِهو پڻ اظهاريو هوندو ته کين عوام جو احساس آهي ۽ اُهي اجلاس دوران ماڻهن جي مسئلن جون ڳالهيون ڪن ٿا. جيڪي ماڻهو اهڙي سوچ رکن ٿا، اُنهن لاءِ آئون اِهوئي عرض رکندس ته پاڪستاني سياسي فارميٽ ۾ مخالف ڌر کي جيڪو اسڪرپٽ ڏنو ويندو آهي، تنهن ۾ اهڙي ئي قسم جون ڳالهيون لکيل هونديون آهن، لڳ ڀڳ اهڙي ئي قسم جون ڳالهيون هاڻوڪن حڪمرانن، اُن وقت ڪيون هيون جڏهن اُهي مخالف ڌر ۾ ويٺل هُئا. بلڪه اُنهن ته ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيري سندن حڪومت ايندي ئي لوڊ شيڊنگ جي خاتمي جو واعدو به ڪيو هو ۽ واعدو پورو نه ٿيڻ جي صورت ۾ نالو تبديل ڪرڻ جي پڻ ڳالهه ڪئي هُئي. پر هاڻ اُن سڳوري سياستدان کي منظر تي تمام گهٽ ئي ڏٺو ٿو وڃي، جنهن جو ڪارڻ اُهي واعدا پاڙي نه سگهڻ آهي يا اڃا ئي ماڊل ٽائون وارو سانحو، جنهن مان جيتوڻيڪ کين آجو ته قرار ڏنو ويو آهي، پر تاريخ سدائين مٿانئن ئي دانهيندي رهندي.

سو مخالف ڌر وارن جي ڳالهين تي اعتبار مڙيو ئي گهٽ ڪرڻ گهرجي، جو اُنهن اڳواڻن کي به اِها پڪ آهي ته اُهي جيڪي مطالبا ڪري رهيا آهن، سي نه ته ٻُڌا ويندا نه ئي وري مخالف ڌر وارا انهن مطالبن جي مڃتا لاءِ روڊن تي نڪري ايندا. پر سياسي فارميٽ تي عمل ڪندي هنن کي ايوانن ۾ پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏيارڻو آهي. اِهوئي سڀ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ٿيندو رهي ٿو. حڪمران ڌُر هُجي يا مخالف ڌُر، اُنهن کي نٻل، ڪمزور ۽ مسئلن ۾ ڦاٿل عوام ئي وارو کائي ٿو. جيڪڏهن عوام کي مسئلن ۾ ڦاسائي نه رکيو ويو ته اُهي ڪڏهن به حڪمرانن کان سندن شاهي طرز واري زندگيءَ بابت سوال ڪري سگهن ٿا، اُهي وزير وڙن توڙي ڪامورن کان اِهو پُڇاڻو ڪري سگهن ٿا ته آخر اوهان ڪهڙي حساب ۾ قافلا ٺاهي سرڪاري گاڏيون ڊوڙائيندا رهو ٿا؟ يا سياستدان جيڪي رات پيٽ ۾ ڪک پتيءَ مان لک پتي ۽ ڪروڙ پتي بڻجي وڃن ٿا، تنهن جو به شايد عوام حساب ڪتاب وٺڻ لڳي؟ تنهن ڪري اُنهن کي طبقاتي تهن هيٺ ۽ مسئلن ۾ اُلجهائي رکو ته جيئن اُهي هڪٻئي سان وڙهندا، چِڪندا رهن، اُنهن کي ايتري فرصت ئي نه ملي ته اُهي طرزِ حڪمرانيءَ تي ڪا آڱر کڻي سگهن!

هتي جمهوريتن توڙي آمريتن جو اِهو ساڳيو ئي اُصول رهيو آهي. جيڪڏهن اِئين نه هُجي ها ته اڄ حالتون گهڻيون تبديل هُجن ها. موجوده حڪمرانن جي نظر ۾ پاڪستان بس پنجاب، سو به سندن ئي اباڻي شهر لاهور تائين محدود آهي، اُنهن کي ٿر، ڪاڇي يا ڪشمور سان ڪو به سروڪار ناهي، اُتي جا ماڻهو  جيڪڏهن اذيتن ۾ گهارين ٿا اُڪو گهارين، اُنهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ناهي ته حڪمرانن جو اُن ۾ ڇا وڃي؟ جيڪڏهن معصوم ٻارڙا بُک ۽ بيمارين وگهي تڙپي تڙپي مرن ٿا ته ڀلي وڃن مرن، حڪمرانن کي ميٽرو بسن وارن منصوبن مان فرصت ئي ڪٿي آهي جو اُهي اُنهن ڏانهن نهارين.

وڏي دعويٰ سان چيو ٿو وڃي ته هلندڙ مالي سال ۾ پورهيت جو اُجورو 13 هزار مقرر ڪيو ويو آهي. انهيءَ اُجوري ۾ ڪو ڪٽُنب زندگيءَ ڪهڙيءَ ريت گذاري سگهي ٿو، تنهن جو به سرڪار ڪو وچور ٺاهي ڏي ها ته بهتر هو. ڇا اُنهن تيرهن هزارن مان باقي ڪجهه بچي ٿو، جڏهن ماڻهوءَ کي بجليءَ جو بل ادا ڪرڻو هُجي، گئس توڙي پاڻيءَ جا يوٽيلٽي بل ڏيڻا هُجن، طبقاتي سماج ۾ ٻارڙن کي ڪنهن چڱي اسڪول ۾ پڙهائڻ واري خواهش کي پاڻي ڏيڻو هُجي، اڇو اُجرو پائڻو هُجي ۽ بيماري بڙيءَ ۾ ڪنهن چڱي اسپتال مان علاج ڪرائڻو هُجي. جيڪڏهن اِهي سڀ شيون اُهو پورهيت ڪري ته پوءِ اُن وٽ کائڻ لاءِ باقي ڇا بچندو؟ ڇا باقي بچيل پئسن مان پنهنجي ٻارڙن لاءِ کير جو بندوبست ڪري سگهندو؟ موسمي ميوا ۽ ڀاڄيون وقت سر وٺي سگهندو؟ گوشت، مڇي يا مرغي کائي سگهندو؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ اُن ماڻهوءَ مان اوهان اِها توقع ڪيئن ٿا رکي سگهو ته اُهو ڪُنڊيءَ وسيلي بجلي نه ٻاريندو، قانون تي عمل ڪندي ڏوهه ۽ ٻي هيراڦيري نه ڪندو!؟ اصل ۾ سرڪار پاڻ هٿ وٺي ماڻهن کي غلط راهه ڏيکاري ٿي! جيڪڏهن بجليءَ جا بل مناسب موڪليا وڃن ۽ اُهي ماڻهوءَ جي اُجوري ۽ پهچ جي حساب سان هُجن ته ڪنهن کي لاچار پيو آهي ته اُهو چوريءَ جهڙو ڪريل عمل ڪري!جنهن رفتار سان سماج اندر طبقاتي وڇوٽيون وڌي رهيون آهن، اُهي اڳتي هلي ڪنهن وڏي دنگاڻ کي به دعوت ڏئي سگهن ٿيون. پر افسوس ته ان طرف اسان جا حڪمران ويچارڻ لاءِ تيار ئي ناهن. اُنهن جو اِهو خيال آهي ته حالتون سدائين سندن ئي حق ۾ هونديون ۽ اُهي ساڳي نموني عوام جو استحصال ڪندا رهندا؟ اِهو ضروري ناهي ته هر نسل وٽ ساڳي ئي بزدلي هُجي، ڪو اهڙو به وقت اچي سگهي ٿو جو هي مظلوم ۽ محروم ماڻهو نه رُڳو هن طبقاتي وڇوٽين واري فرق کي محسوس ڪندا، پر استحصال ڪندڙن کان حق ۽ حساب وٺڻ لاءِ به سندرو ٻڌندا! اهڙو وقت جيتوڻيڪ پري آهي،

پر اُهو ناممڪن ناهي. تنهن ڪري سياستدانن کي پنهنجي طرزِ حڪمرانيءَ ۾ تبديليءَ لاءِ ويچارڻ گهرجي ۽ کين اِها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته اوڻٽيهه راتيون ڀلي ته چور کي ڦٻنديون هُجن، پر هڪڙي رات ڀاڳئي جي به هوندي آهي ۽ اُن کان پهريان جو اُهو ڀاڳيو سُجاڳ ٿي ڪو ممڻ مچائي، حڪمرانن کي پاڻ ئي پنهنجي روين ۾ تبديلي آڻڻ گهرجي!