تازيون خبرون

Daily Archives: June 12, 2015

ٽن سالن ۾ لوڊشيڊنگ ختم ۽ موٽر وي رٿا مڪمل ٿي ويندي: وزير اعظم جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ايندڙ ٽن سالن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏينداسين، جڏهن ته انهن ٽن سالن دوران موٽروي پراجيڪٽ به مڪمل ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته مان نه ٿو سمجهان ته هاڻ ڪٿي 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، هن پ پ ايم اين اي نواب وساڻ کي مخاطب ٿيندي چيو ته ايندڙ ٽن سالن ۾ توانائي جو بحران ختم ڪري ڇڏينداسين. سندس چوڻ هو ته منهنجي اها وڏي خواهش هئي ته موٽر وي 1990ع ۾ ئي پورو ٿي وڃي، موٽر وي کي ڪراچي تائين وٺي وڃڻ چاهيون ٿا، اهو پيپلز پارٽي جي دور ۾ ئي ٺهي وڃي ها ته ڪيڏي نه سٺي ڳالهه هجي ها. وزيراعظم چيو ته سندس خواهش آهي ته گوادر کي نار جي ملڪن جيان فري پورٽ جو درجو ڏنو وڃي، وزيراعظم جي مختصر خطاب کانپوءِ مخالف ڌر جو اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه پنهنجي سيٽ تان اٿيو ۽ شڪايت ڪئي ته نواز ليگ جي حڪومت اچڻ کانپوءِ اسان به اهو سمجهي رهيا هئاسين ته 24 ڪلاڪن ۾ ڪيڏي مهل به بٽڻ کولينداسين ته بجلي هلندي هوندي.اهڙي شڪايت تي وزيراعظم جواب ڏيندي چيو ته لوڊشيڊنگ اتي ٿي رهي آهي، جتي ماڻهو بل نه ٿا پيارين. ٻئي طرف وزيراعظم نوازشريف ڀارتي قيادت تي واضع ڪيو آهي ته پاڙيوارن ملڪن سان لاڳاپا پرامن چاهيو ن ٿا، ان ڪري ٻئي پاسي کان به اهو ئي جذبو هجڻ گهرجي، اسان لاءِ قومي مفاد سڀ کان اهم آهي.پرڏيهي آفيس ۾ سفيرن جي ڪانفرنس  ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم  نوازشريف جو چوڻ هو ته پاڪستان صبر سان چيلينجز جو مقابلو ڪندي اڳتي وڌي رهيو آهي. هن گڏيل قومن  جي سلامتي ڪائونسل تي دٻاءُ وجهندي  چيو ته هو ڪشمير سان لاڳاپيل ٺاهه کي عمل ۾ اچڻ کي يقيني بڻائين. وزير اعظم وڌيڪ چيو ته ترقي ڏانهن وڌندڙ پاڪستان لاءِ دهشتگردي هڪ وڏو چئلينج آهي. آپريشن ضرب عضب ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن.ملڪ ۾ جمهوريت ۽ ادارا مضبوط ٿي رهيا آهن،پاڪستان هڪ ڌار جاگرافيائي حيثيت رکي ٿو ۽ علائقي ۾ معاشي سگهه بڻجي اڀري رهيو آهي،اقتصادي لنگهه واري رٿا سان رڳو پاڪستان ئي نه پر پوري دنيا کي فائدو ٿيندو. سندس چوڻ هو ته افغانستان جا دشمن پاڪستان جا دشمن آهن، دهشتگردن کي پنهنجي ڌرتي جي زمين جو استعمال نه ڪرڻ ڏينداسين.

 

واٽر بورڊ جا 24 گوسڙو برطرف، سمورن کاتن ۾ ڪريڪ ڊائون جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ مڪاني ادارن واري وزير ۽ چيئرمين ڪراچي اينڊ سيوريج بورڊ شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي واٽر اينڊ بورڊ ۾ گريڊ 16 کان 19 تائين جي 24 گوسڙو ملازمن کي سندن نوڪرين مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مڪاني ادارن واري کاتي سوڌو سنڌ جي سڀني کاتن ۾ گوسڙو ملازمن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي ۽ هاڻي انهن سرڪاري ملازمن کي پگهارون ملنديون جيڪي ڊيوٽي ڪندا. واٽر بورڊ مان فارغ ڪيلن ۾ گريڊ 19 جي سپرنٽنڊنگ انجنيئر پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪي ٿري فرخ نعيم سوڌو گريڊ 18 جا ٻه، گريڊ 17 جا 14 ۽ گريڊ 16 جا 7 ملازم شامل آهن. ان کاناڳ ڄاڻايل ملازمن کي شوڪاز ۽ پوءِ فائينل نوٽيس به جاري ڪيا ويا هئا.

 

ايل او سي ميانمار ناهي، هي اها جڳهه آهي جتي ڀارت جا به پر سڙي ويندا آهن: ڀارتي فوج جو ليفٽيننٽ جنرل سبراتا سها مودي

نئين دلي (م.ڊ) مودي سرڪار جي سورمن جي پاڪستان کي ڌمڪين ڀارتي فوج لاءِ به قابل قبول ناهن ڇو ته ايل او سي ميانمار ناهي، هي اها جڳهه آهي جتي ڀارت جا به پر سڙي ويندا آهن. ڀارتي  فوج جي ليفٽينتٽ جنرل سبراتا سها مودي سرڪار کي خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان کي ڌمڪيون ڏيڻ کان اڳ ڀارت سوچي وٺي، اها ميانمار ناهي، لائين آف ڪنٽرول جو معاملو آهي مطلب ته خطري جي اها لڪير جيڪا پار ڪرڻ منع آهي.لائين آف ڪنٽرول جي ويجهو معاملا ڀارتي فوج ففٽين ڪارپس جي ليفٽيننٽ جنرل ڪمانڊر سبراتا چيو آهي ته ميانمار جيان ايل او سي پار ڪري پاڪستان ۾ ڪارروائي ناممڪن آهي. والاريل ڪشمير سان گڏيل لائين آف ڪنٽرول تي مقرر ڪمانڊر جو بيان منسٽر راج ورڌن سنگهه جي منهن تي چماٽ آهي جيڪو گذريل ڏينهن پاڪستان خلاف ڳالهائي رهيو هو.

 

شهر ۾ 10 کان 12 ۽ ٻهراڙي ۾ 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: خورشيد شاهه جون قومي اسيمبلي ۾ دانهون

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته ٻهراڙي ۾ 18 ڪلاڪ لوڊشيدنگ ڪئي پئي وڃي، ن ليگ جي حڪومت اچڻ وقت سمجهيو هو ته بٽڻ آن ٿيندو ۽ بجلي اچي ويندي پر هاڻي 3 سال انتظار ڪرڻ جو چيو پيو وڃي، اهو انتظار به ڪري ٿا ڏسون. قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم نواز شريف جي خطاب بعد ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته ايوان ۾ وزيراعظم موجود آهي، ان ڪري هـُو هـِي موقعو نٿو وڃائڻ چاهي. خورشيد شاهه چيو ته شهر ۾ 10 کان12 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ٻهراڙي ۾ 18 ڪلاڪن تائين بجلي بند ٿي رهي آهي. خورشيد شاهه چيو ته جڏهن ن ليگ جي حڪومت آئي ته سڀني سمجهيو بٽڻ آن ٿيندو ۽ ملڪ ۾ بجلي اچي ويندي پر ائين نه ٿيو. اپوزيشن ليڊر چيو ته ن ليگ منشور ۾ چيو هو ته 6 مهينن اندر بجلي اچي ويندي،هاڻي وڌيڪ 3 سال به انتظار ڪري ڏسون ٿا. خورشيد شاهه چيو ته سڀني کي گڏجي ملڪ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.

 

سنڌ سرڪار نئين بجيت ۾ نوان ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي، انفراسٽرڪچر سيس ۾ واڌ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت، نئين مالي سال 2015 – 16 جي صوبائي بجيٽ ۾ نئين ٽيڪس لڳائڻ واري تجويز رد ڪندي انفرا اسٽرڪچر سيس ۾ واڌ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب گاڏين جي رجسٽريشن بڪ جي فيس ۾ به اضافو ڪيو ويندو. ذريعن موجب ايڪسائيز کاتي پاران بجيٽ ۾ صنعتي ملڪيتن تي اڍائي ۽ ڪمرشل ملڪيتن تي 5 سيڪڙو بٽرمينٽ ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي هئي،جيڪا وڏي وزير رد ڪئي. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ انفرا اسٽرڪچر سيس جي مد ۾ هڪ رپيو واڌ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي. گاڏين جي رجسٽريشن بڪ جي في 2 سئو مان وڌائي 4 سئو ۽ ڊپليڪيٽ بڪ جي فيس 2 سئو مان وڌائي 2 هزار ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي.

 

دهشتگرد ڪڏهن به پنهنجي بزدلاڻي ڪارروائين ۾ ڪامياب نه ٿيندا: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ پوليس تي دهشتگردن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 5 اهلڪار شهيد ٿيا آهن بلاول ڀٽو زرداري جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته دهشتگرد ڪڏهن به پنهنجي بزدلاڻي ڪارروائي ۾ ڪامياب نه ٿيندا پاڪستاني عوام ۽ قانون نافذ ڪندڙ ايجنسيون پاڪستان کان دهشتگردي جي جڙ ختم ڪرڻ کان اڳ سڪون سان نه ويهندا پ پ پ جي چئرمين شهيد اهلڪارن جي خاندان سان گهري ڏک جو اظهر ڪندي چيو ته هو ان جي ڏک کي سمجهي ٿو هن چيو ته اسان سڀ سڀني کي ملڪ ۾ خوشحالي امن آڻڻ لاءِ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي جڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ ملي ڪري ويهڻو پوندو.

 

جوڊيشل انڪوائري ڪميشن کي 0 9 سيڪڙو قومي ۽ صوبائي تڪن جي فارم 5 1 جو رڪارڊ ملي ويو

اسلام آباد (بيورو) 3 1 0 2 ع جي عام چونڊن ۾ مبينا چونڊ ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جوڙيلجوڊيشل انڪوائري ڪميشن کي 0 9  سيڪڙو قومي ۽ صوبائي تڪن جي فارم 5 1  جو رڪارڊ ملي ويو، قومي اسيمبلي جي 2 6  هزار 0 9 9  پولنگ اسٽيشنز مان 0 2  هزار 2 7 6  جا فارم 5 1  غائب، 6  هزار 2 0 8  ٿيلا کليل ڏٺا ويا جڏهن ته 7 8 6  ٿيلا غائب آهن، وزيراعظم نواز شريف جي تڪ اين اي 0 2 1  جي 0 2 2  مان 4 1 1  پولنگ اسٽيشنز جا فارم 5 1  غائب آهن، عمران خان جي تڪ اين اي 6 5  ۾ 5 2 2  پولنگ اسٽيشنز مان 4 3  پولنگ اسٽيشنز جا فارم 5 1  غائب، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي تڪ اين اي 2 5  جي 1 5 3  مان 9 5  پولنگ اسٽيشنز جا فارم 5 1  غائب آهن. تفصيل موجب خميس ڏينهن جوڊيشل انڪوائري ڪميشن کي اهم اڳواڻن جي تڪن سميت قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 0 9  سيڪڙو تڪن ۾ فارم 5 1  جو رڪارڊ ملي ويو، رڪارڊ مطابق قومي اسيمبلي جي 2 7 2  تڪن مان 1 4 2  جي رپورٽ ملي آهي. پنجاب اسيمبلي جا 9 3  هزار پولنگ اسٽيشنز مان 2 1  هزار پولنگ اسٽيشنز جا فارم 5 1  غائب آهن جڏهن ته پنجاب اسيمبلي جي تڪن ۾ 5 5 6 4  ٿيلا کليل ڏٺا ويا، 1 6 4  ٿيلا غائب آهن. بلوچستان جي 1 5  تڪن مان 5 3  تڪن جي رپورٽ انڪوائري ڪميشن کي ملي جڏهن ته خيبر پختونخوا جي 9 9  تڪن مان 6 9  جي رپورٽ انڪوائري ڪميشن کي ملي. رپورٽ موجب سنڌ اسيمبلي جي 1 1  هزار پولنگ اسٽيشنز مان 5  هزار پولنگ اسٽيشنز جا فارم 5 1  غائب آهن، 2  هزار 2 0 6  ٿيلا کليل ڏٺا ويا. سنڌ اسيمبلي جي 1 3 1  تڪن ۾ 3 0 1  جي رپورٽ ڪميشن کي ملي آهي. رپورٽ موجب وزيراعظم نواز شريف جي تڪ اين اي 0 2 1  جي 0 2 2  مان 4 1 1  پولنگ اسٽيشنز جا فارم 5 1  غائب جڏهن ته 5 4  ٿيلا کليل ڏٺا ويا، عمران خان جي تڪ اين اي 6 5  ۾ 5 2 2  پولنگ اسٽيشنز مان 4 3  پولنگ اسٽيشنز جا فارم 5 1  غائب، گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي تڪ اين اي 2 5  جي 1 5 3  مان 9 5  پولنگ اسٽيشنز جا فارم 5 1  غائب آهن. اين اي 9 1 1  حمزه شهباز شريف جي تڪ جي 2 4 2  مان 8 7  پولنگ اسٽيشنز جا فارم 5 1  غائب آهن جڏهن ته 9 2  پولنگ بيگ کليل ڏٺا ويا. اين اي 5 2 1  خواجا سعد رفيق جي تڪ جي 5 6 2  مان 9 6 1  جا فارم 5 1  غائب آهن. اين اي 7 1 1  احسن اقبال جي تڪ جي 5 2 2  مان 6 6  جا فارم 5 1  غائب آهن. اڳوڻي قومي اسيمبلي اسپيڪر فهميدا مرزا جي تڪ 5 2 2  جي 2 9 2  مان 9 1 2  پولنگ اسٽيشنز جا فارم 5 1  غائب آهن. اين اي 9 2  مراد سعيد جي تڪ جي 7 2 3  پولنگ اسٽيشنز مان 5 7 1  جا فارم 5 1  غائب آهن. اين اي 3 5  غلام سرور جي تڪ جي 3 2 3  پولنگ اسٽيشنز مان 4 5  جا فارم 5 1  غائب ۽ 8 1  ٿيلا کليل ڏٺا ويا. اين اي 5 5  شيخ رشيد جي تڪ جي 9 4 2  پولنگ اسٽيشنز مان 1 9  جا فارم 5 1  غائب ڏٺا ويا. اين اي 0 5 1  شاهه محمود قريشي جي تڪ ۾ 6 6 2  پولنگ اسٽيشنز مان 9 1 1  جا فارم 5 1  غائب آهن جڏهن ته 5 4  ٿيلا کليل ڏٺا ويا.

 

نيب جا سنڌ جي 64 ادارن ڏانهن خط، ڪرپشن روڪڻ جي وارننگ

اسلام آباد(بيورو) نيب سنڌ جي 64 ادارن ۽ ذيلي ادارن کي غير قانوني ٺيڪا ڏيڻ ۽ دهشتگردي جي اوٽ ۾ قانون خلاف خريداري ڪرڻ  کان روڪي ڇڏيو آهي. نيب باضابطا خط لکي سنڌ جي سمورن ادارن کي خبردار ڪيو آهي ته غير قانوني ڪم بند ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي . سنڌ ۾ عياشي ڪندڙ بيروڪريٽس تي حاڻي ڏکيو وقت اچڻ وارو اهي.پهرين ٻه آفيسر گرفتار ٿيا ۽ پوءِ هڪ اهم سيڪريٽري جي خلاف ڪيس هليو ۽ هاڻي نيب سنڌ جي هر اداري ۽ ذيلي ادارن کي لکت وارو نياپو اماڻي ڇڏيو آهي ته غير قانوني ٽينڊر جاري ڪرڻ بند ڪيو وڃي.انهن خطن ۾ لکي آهي ته مئي ۽ جون 2015 جي وچ ۾ مون سون موسم ۾ نالن ، دريائن، سم وارن نالن جي صفائي جي نالي تي غير قانوني ٺيڪا جاري ڪرڻ جو خبرون آهن جڏهن ته دهشتگردي جي خلاف ويڙهه جي اوٽ ۾ به غير قانوني خريداري ڪئي پئي وڃي. جيڪا پڻ بند ڪئي وڃي.نيب سمورن ادارن کي واضع ڪيو آهي ته نيب وٽ نيشنل اڪائونٽبلٽي قلم 1999 جي سيڪشن هيٺاختيار آهن ته هو ڪنهن به غير قانوني ٺيڪي جي نيلامي روڪي . ان ڪري سمورا ادارا قانون جي هيٺ شفاف طريقي سان ٽينڊر جاري ڪن. نيب پاران مليل ان خط کانپوءِ ڪيترن ئي بيروڪريٽس جا پگهر نڪري آيا آهن جڏهن ته نيب ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن، حيدرآباد ڊولپمنٽ اٿارٽي، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ، ڪراچي انتظاميا، زراعت ۽ بين کي خطن جو ڪاپيون موڪلي ڇڏيون آهن.

 

اتر وزيرستان ۾ آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري، ڪاروائي ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا

دتا خيل (م.ڊ) پاڪ فوج جو دهشتگردن جي خاتمي لاءِ آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي، پاڪ – افغان سرحد ويجهو دتا خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا ، آئي ايس پي آر مطابق اتر وزيرستان جي علائقي دتاخيل ۾ دهشتگردن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ويڙهاڪ مارجي ويا ۽ سندن ٿاڪ تباهه ٿي ويا. آئي ايس پي آر مطابق اتر وزيرستان ۾ ضرب عضب سان گڏ سرچ آپريشن جو سلسلو به جاري آهي، هن وقت تائين ڪيترائي علائقا دهشتگردن جي قبضي مان ڇڏايا ويا آهن، جڏهن ته فوسز جي ڪاررواين ۾ سوين دهشتگرد مارجي چڪا آهن، جن ۾ گهڻائي پرڏيهي ويڙهاڪن ۽ آپگهاتي بمبارن جي آهي. آئي ايس پي آر جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ملڪ مان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.

 

ڪوئيٽا ۾ وري پوليس تي حملو، موبائل تي فائرنگ ۾ انسپيڪٽر سوڌو 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا

ڪوئيٽا(بيورو) بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 4 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. رپورٽ مطابق پشتون آباد واري علائقي ۾ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 هٿياربندن گشت ڪندڙ پوليس موبائل تي جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، انڌاڌنڌ فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار ٿڏي تي ئي شهيد ٿي ويا، جنهن کانپوءِ هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، شهيد ٿي ويل اهلڪارن ۾ انسپيڪٽر وزير، سپاهي ظهير، محمود ۽ پوليس موبائل جو ڊرائيور ڪليم الله شامل آهن، جن جا لاش سول اسپتال منتقل ڪيا ويا، واقعي کانپوءِ ايف سي ۽ پوليس جي وڏن اٽالن پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، جڏهن ته سرچ آپريشن پڻ شروع ڪيو ويو، هٿياربندن جي ڳولا لاءِ شهر اندر ايندڙ ۽ ٻاهر ويندڙ سمورا رستا پڻ بند ڪيا ويا آهن، واضح رهي ته ڪوئيٽا ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ واڌ ٿي وئي آهي، گذريل هفتي به پوليس موبائل تي ان ئي  طريقي سان فائرنگ ٿي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ انسپيڪٽر سوڌو 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا.