تازيون خبرون

Daily Archives: June 8, 2015

ڪراچي جي علائقي پراڻي سبزي منڊي ۾ پيءُ ۽ معصوم پٽ قتل، پوليس مقابلن ۾ 2 جوابدار مارجي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پراڻي دشمني تان هٿياربندن گهر ۾ گهڙي پيءُ پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته عورت زخمي ٿي پئي، پوليس مقابلي ۾ 2 دهشتگرد  مارجي ويا،پوليس ذريعن موجب سپر هاءِ وي تي سهرابڳوٺ ويجهو جمالي ڳوٺ ۾ هٿياربندن گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪئي، جنهنن جي نتيجي ۾ پيءُ ۽ سندس 6 مهينن جو پٽ مارجي ويا، جڏهن ته ٻارڙي جي ماءُ زخمي ٿي پئي، پوليس مطابق واقعو پراڻي دشمني جو نتيجو آهي. مقتولن جا لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن ڊاڪس ٿاڻي جي حد مڇر ڪالوني ۾ سرچ آپريشن دوران گينگ وار جي ڏوهارين پوليس تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، ايس ايس پي سٽي فدا حسين مطابق فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ گينگ وار جا 2 دهشتگرد مارجي ويا، جن جو تعلق عذير بلوچ سان  ٻڌايو وڃي ٿو، ايس ايس پي سٽي مطابق مارجي ويل دهشتگرد ڀتي سميت ٻين ڏوهن ۾ ملوث هئا، مارجي ويلن وٽان دستي بم ۽ هٿيار هٿ آيا.

 

سيوهڻ شريف: قلندر جا وڌيڪ 4 پانڌيئڙا فوت، انگ 17 ٿي ويو

سيوهڻ شريف (رپورٽر) سيوهڻ شريف ۾ حضرت لال شهباز قلندر جي عرس ۾ ايندڙ عقيدت مندن مان وڌيڪ 4 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.سخت گرمي سبب عرس جي ٻن ڏينهن دوران لڳ ڀڳ مارجي ويندڙن جو انگ 17 ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن کان 3 ڏينهن جي عرس مبارڪ جي شروعات ٿي چڪي آهي ۽ سخت گرمي سبب 10 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي چڪا هئا ۽ گذريل ڏينهن 4 ڄڻا ٻيا به سخت گرمي سبب ابدي ننڊ سمهي پيا.مارجي ويندڙن پانڌيئڙن جو تعلق پنجاب جي مختلف علائقن سان هو.

 

هيرو پنتي جي جوڙي هڪ ڀيرو وري ٽاڪوڙو مچائڻ لاءِ تيار

ممبئي(شُوبز نيوز) بالي ووڊ فلم هيرو پنتي جي جوڙي هڪ ڀيرو وري ٽاڪوڙو مچائڻ گڏ اچي رهي آهي. هيروپنتي جي جوڙي ٽائيگر شيروف ۽ ڪرتي سنن هڪ ڀيرو وري گڏ اچي رهيا آهن، هيروپنتي جو رومينٽڪ جوڙو ٻيهر دلين جون دريون کولي پيار جا گيت ڳائيندو. ٽائيگر ۽ ڪرتي کي ڀارتي ڪوريوگرافر احمد خان پنهنجي وڊيو سانگ ۾ ڪاسٽ ڪيو آهي، جنهن جو ٽائٽل“ چل وهان جاتي“ آهي. تازو ئي احمد خان پاڪستاني ڳائڻي عاطف اسلم ۽ ٽائيگر شيروف کي وٺي گيت شوٽ ڪيو هو،جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو هو، هاڻ ڪرتي جي اچڻ کانپوءِ اهو گانو ڪيترو پسند ڪيو وڃي ٿو اهو ته وقتٿ ئي ٻڌائيندو.

 

وديا بالن نه اخبار پڙهي ۽ نه ئي وري نيوز چينل ڏسي!

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪارا وديا بالن چيو آهي ته هوءَ بالي ووڊ اسٽارز بابت گردش ڪندڙ افواهن کان پري رهڻ لاءِ نه ئي اخبار پڙهندي آهي ۽ نه ئي وري خبرن وارا ٽي وي چينل ڏسندي آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق هڪ انٽرويو ۾ وديا بالن چيو ته بالي ووڊ ۾ اداڪارن جون ذاتي خبرون گردش ڪنديون آهن، جن ۾ رشتا جڙڻ ۽ ٽٽڻ جون ڳالهيون هونديون آهن، هن چيو ته اهڙين خبرن ۾ انهن ۾ گهڻو ڪري ڪا حقيقت ناهي هوندي. وديا بالن جو چوڻ هو ته اهڙين خبرن کان هوءَ پري رهندي آهي، جنهن ڪري هوءَ نه ته اخبار پڙهندي آهي ۽ نه ئي وري ڪو نيوز چينل ڏسندي آهي.

 

هالي ووڊ جي ايڊونچر فلم“ دي واڪ ” جو ٽريلر جاري ڪيو ويو

فرانس(شُوبز نيوز): هالي ووڊ جي ايڊونچر فلم “ دي واڪ ” جو  ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي، فلم 2 آڪٽوبر تي سينيما گهرن جي زينت  بڻجندي، هدايتڪار روبرٽ زيمڪس جي ان فلم جي ڪهاڻي فرانسيسي مهم جيڪا فلپ پيٽٽ جي آهي، جنهن 1974ع ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي ٻنهي ٽاورن جي وچ ۾ ٻڌل رسي تي واڪ ڪئي هئي، ايڊونچر فلم ۾ اداڪار جوزف گورڊن ليوٽ خاص ڪردار ادا ڪيو، فرانسيسي مهم ۾ جيڪي زندگي تي ٺهندڙ فلم“  دي واڪ ” 2 آڪٽوبر تي سينيما گهرن ۾ نمائش جي لاءِ پيش ڪئي ويندي.

 

محبت ۾ گرفتار ٿيس ته اداڪاري ڇڏي شادي ڪري ڇڏيندس، دپيڪا پڊوڪون

ممبئي(شوبز نيوز)فلم انڊسٽري ۾ پيار محبت جي داستان هر روز ٺهندي ۽ ڊهندي نظر ايندي آهي، پر پنهنجي ڪيريئر جي عروج تي شايد ئي گهٽ اداڪار يا اداڪاره محبت جي لاءِ قرباني ڏيڻ جي لاءِ  تيار  هوندا آهن، پر بالي ووڊ جي پهرين صف جي اداڪاره دپيڪا پڊوڪون محبت جي خاطر پنهنجو ڪيريئر ڇڏڻ  تي راضي آهي، ڀارتي ميڊيا جي مطابق بالي ووڊ اداڪاره دپيڪا پڊوڪون  هڪ انٽرويو ۾ چيو ته جيڪڏهن  هن کي محبت ٿي وئي ته هو اداڪاري ڇڏي شادي ڪري ڇڏيندي، ڇاڪاڻه ته ان جي زندگي ۾ خاندان وڌيڪ اهميت رکي ٿو ، ان چيو ته زندگي ۾ ڪاميابي ڪا معنيٰ نه رکندي آهي، ڇاڪاڻه ته خاندان کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به ناهي، جيڪو مڪمل ٿيڻ جو احساس ڏياري ٿو، واضح رهي ته بالي ووڊ ميگا اسٽار اميتاڀ بچن ۽ اداڪاره دپيڪا پڊوڪون جي گذريل ڏينهن ۾ رليز ٿيندڙ فلم “ پيڪو” باڪس آفيس تي ڪاميابي ماڻيندي 100 ڪروڙ ڪلب ۾ شامل ٿي آهي.

 

ڪرڪيٽ بورڊ ۾ موجود اڳوڻن ڪرڪيٽرز تي پابندي

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ( پي سي بي) جي چئيرمين شهريار خان بورڊ ۾ ملازمت ڪندڙ اڳوڻن ڪرڪيٽرز جي ڪمينٽري ڪرڻ تي پابندي هڻي ڇڏي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻن ڪرڪيترز پاران ٻن نوڪرين جي فيصلي  تي ڪاري ضرب لڳائيندي بورڊ ۾ موجود ڪرڪيٽرز جي ڪمينٽري ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.واضع رهي ته گذريل ڏينهن بورڊ ۾ موجود اڳوڻن ڪرڪيٽرز هارون رشيد، اظهر خان، محمد اڪرم ۽ ڪيترن ئي ڪرڪيٽرز بورڊ جي ملازمت سان گڏوگڏ ڪمينٽري باڪس ۾ به نظر ايندا هئا.

 

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڄ سريلنڪا جي دوري تي رواني ٿيندي

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم (اڄ) سومر ڏينهن سريلنڪا جي دوري تي رواني ٿي ويندي. سريلنڪا جي ڏکئي قرار ڏنل دوري لاءِ قومي ٽيم جون تياريون اڻپوريون سمجهيون پيون وڃن، هيڊ ڪوچ وقار يونس رات دير سان سڊني کان لاهور پهچي انفرادي ٽريننگ ڪئي، قومي ٽيم سريلنڪا جي دوري دوران ٽي ٽيسٽ ميچون کيڏندي، جيتوڻيڪ پاڪستان کي سريلنڪا تي ٽيسٽ ميچن ۾ سرسي حاصل آهي پر قومي ٽيم گذريل 10 سالن کان آئي لينڊرز خلاف ڪا به سيريز ناهي کٽي، گرين ڪيپس سريلنڪا کي ٽيسٽ سيريز ۾ آخري ڀيرو 2005ع ۾ مات ڏني هئي.

 

ڀٽ شاهه: آل سنڌ نائيٽ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 3 رمضان کان شروع ٿيندو

ڀٽ شاهه (اسپورٽس نيوز): ملاکڙا اسٽيڊيم ڀٽ شاهه ۾ 3 رمضان کان مخدوم اليون پاران آل سنڌ نائيٽ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ مخدوم امين فهيم چئلينج ڪپ منعقد ٿيندو جنهن ۾ سنڌ جون 32 بهترين ٽيمون حصو وٺنديون ، ڪرڪيٽ جي مقابلن لاءِ ملاکڙا اسٽيڊيم ۾ ميدان تيار ڪيو پيو وڃي ، اهڙن خيالن جو اظهار مخدوم اليون جي سربراهه فقير حسين علي جعفري ملاکڙا اسٽيڊيم ۾ ڪرڪيٽ جي ميلي کي سجائڻ لاءِ تيارين دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو ، هن چيو تـ شهرين کي تفريح مهيا ڪرڻ ، نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ لاءِ ڀٽ شاهه جي ملاکڙا اسٽيڊيم ۾ مخدوم امين فهيم چئلينج ڪپ جي نالي سان آل سنڌ ٽيپ بال نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 3 رمضان کان شروع ٿي رهي آهي جنهن ۾ سنڌ جون 32 بهترين ٽيمون حصو وٺنديون ، جنهن ۾ روزانو 4 ٽيمن ۾ 2 مئچ کيڏيا ويندا ، ان سلسلي ۾ سموري سنڌ اندر مختلف اسپورٽس ڪلبن کي ٽورنامينٽ ۾ شرڪت لاءِ دعوت ناما جاري ڪيا ويا آهن ،جڏهن تـ گرائونڊ جي تياري جو ڪم بـ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي ، هن چيو تـ بجلي جي بحران کي نظر ۾ رکندي جنريٽر جو انتظام بـ ڪيو ويو آهي ، هن چيو تـ ڪرڪيٽ جو ميلو مچائڻ لاءِ پي پي ايم پي اي مخدوم رفيق الزمان جي وڏي فرزند مخدوم فخرالزمان جي ذاتي دلچسپي سبب هي ٽورنامينٽ ڀٽ شاهه ۾ منعقد ڪئي وئي آهي ،

 

آئي سي سي پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز لاءِ ڪوبه ڪردار نڀائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

دبئي(اسپورٽس نيوز): عالمي ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي) هڪ ڀيرو وري پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز لاءِ ڪنهن به قسم جو ڪردار  نڀائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. آئي سي سي جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊيو رچرڊ سن جو چوڻ آهي ته اسان پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ ڪرڪيٽ لاڳاپن جي بحالي جي حق ۾ آهيون، پر اسان ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ بورڊن جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪنداسين. هن چيو ته اسان پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ مستقل بنيادن تي  ڪرڪيٽ ميچن جي اهميت سمجهون ٿا پر بدقسمتي سان آئي سي سي ان معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪندي، ڇو ته اهو ٻنهي بورڊن جو ٻه طرفو معاملو آهي. ڊيو رچرڊ سن اهو تاثر رد ڪيو ته آئي سي سي زمبابوي جي پاڪستاني دوري جي صورت ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي تي خوش ناهي. هن چيو ته اسان پاڪ – زمبابوي سيريز لاءِ ميچ آفيشلز ان ڪري نه اماڻيا ڇوته اسان قومي ٽيمن جي ڀيٽ ۾ صورتحال کي مختلف نظر سان  ڏسون ٿا، ان جو مطلب اهو ناهي ته اسان پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي جي حمايت نه ٿا ڪيون.