تازيون خبرون

Daily Archives: June 5, 2015

پرڏيهي سيڪريٽري جي يو ايس ايڊ جي وقتي ايڊمنسٽريٽرسان ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد(اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري يو ايس ايڊ جي وقتي ايڊمنسٽريٽر الفانسو لين هارٽ سان ملاقات ڪئي ۽ ان اداري ذريعي اقتصادي ۽ سماجي سميت ٻين شعبن ۾ امريڪي سهڪار جي ساراهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ملاقات جو تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ان ملاقات ۾ اقتصادي سهڪار جي صورتحال ۽ پاڪستان ۾ يو ايس ايڊ جي امدادي پروگرامن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي سيڪريٽري سيڙپڪاري جي صورت ۾ امريڪي امداد کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتن جو مستقبل قرار ڏنو ۽ خاص طور تي توانائي ۽ روڊ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ يو ايس ايڊ جي منصوبن جي ساراهه ڪئي. هن چيو ته اهڙا منصوبا ان رليف جي علامت آهن جيڪي پاڪ امريڪا ڀائيواري جي نتيجي ۾ پاڪستاني عوام کي ڳنڍڻ لاءِ آهن. هن پن بجلي جي ديا مير ڀاشا، گومل زام ۽ داسو منصوبن لاءِ امريڪي سهڪار ۽ امداد جي خاص طور تي ساراهه ڪئي.الفانسو لين هارٽ چيو ته يو ايس ايڊ اهڙن سڀني منصوبن تي واسطيدار ڌرين جي ويجهي سهڪار سان ڪم ڪندو جيڪي پاڪستان کي جٽادار ترقي جي راهه تي آڻي سگهن.

 

نثار کهڙو سوڀي ديرو ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي جي نالي سان ڪاليج قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

حيدرآباد(اي پي پي) سينيئر صوبائي وزير تعليم نثار احمد کهڙو سوڀي ديرو ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي جي نالي سان ڪاليج قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر تنوير عباسي سنڌي ٻولي جو بهترين شاعر، نقاد ۽ هڪ اداره ساز شخصيت هو جنهن جي دل سنڌ جي عوام توڙي سنڌ جي محبت سان سرشار هئي _ اهڙو اظهار هن اڄ سنڌي لئنگيويج اٿارٽي پاران ناليواري شاعر تنوير عباسي جي ياد ۾ منعقد ڪرايل مذاڪري ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو _صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر تنوير عباسي جي شاعري مان اسان کي معاشري جي ترقي، جماليات ۽ پنهنجي ڌرتي تي جان نثار ڪرڻ جو درس ملي ٿو _ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر صوبائي پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائي پئي وڃي تنهن هوندي به خانگي اسڪولن کي ان ڳالهه جو پابند بڻايو ويو آهي ته اهي به پنهنجن اسڪولن ۾ سنڌي کي لازمي مضمون طور پڙهائين _اسڪولن ۾ بائيو ميٽرڪ سسٽم جي نفاذ جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته استادن تي الزام نه لڳن ها ته اهو نظام لاڳو نه ڪيو وڃي ها_ استادن جي غير قانوني ڀرتين بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جي تعليم کاتي ۾ غير قانوني ڀرتيون ڪيون ويون آهن جن جي جاچ پڙتال ڪئي پئي وڃي . ان کان اڳ تقريب ۾ آجياڻي وارو خطاب پيش ڪندي اٿارٽِي جي چيئرمين سرفراز راڄڙ چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ نواز علي شوق جي پوئواري ڪندي ان اداري کي ترقي طرف گامزن ڪيو پيو وڃي _ هن چيو ته هن وقت اٿارٽي جي لائبريري ۾ 24 هزار مختلف ڪتاب موجود آهن _ هن ڊاڪٽر تنوير عباسي جي حوالي سان چيو ته سندس شخصيت تي جيترو به ڪم ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي _ ان موقعي تي تقريب ۾ تاج جويو ، نواز علي شوق، نصير مرزا، ادل سومرو ، اياز گل ، اختر درگاهي ، ملڪ مختيار ۽ ٻين ناليواري شاعر تنوير عباسي جي شاعري ۽ شخصيت جي مختلف پهلوئن تي تفصيلي روشني وڌي.

 

مڙس جي پابندي ناهي, في الحال شوبز ۾ ڪم نه ڪنديس: مديحا شاهه

لاهور(شوبز نيوز) اداڪاره مديحا  شاهه چيو آهي  ته مڙس جي پابندي ناهي پر في الحال شوبز ۾ ڪم نه ڪنديس پاڪستان فلم انڊسٽري هڪ دفعو ٻيهر آباد ڏسڻ چاهيان ٿي،صحافين سان ڳالهائيندي  هن چيو ته شادي کان پوءِ منهنجو ڌيان پنهنجي گهريلو زندگي تي آهي ان لاءِ في الحال  مڪمل طور تي پاڻ کي شوبز کان پري  رکنديس، هن چيو ته منهنجي مڙس پاران مون کي  شوبز ۾ ڪم ڪرڻ جي حوالي سان ڪابه پابندي ناهي لڳائي وئي .

 

دپيڪا پڊوڪون اميتاڀ بچن کان شرمسار آهي

ممبئي(شوبز نيوز): بالي ووڊ اداڪاره دپيڪا پڊوڪون ساٿي ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن کان تمام شرمسار آهي، حال ۾ دپيڪا پڊوڪون  پنهنجي فلم پيڪو جا ڪاميابي کان پوءِ هڪ پارٽي ڏني، جنهن ۾ تقريبن سڀ بالي ووڊ شامل هئي، بهرحال ان فلم ۾ ان سان گڏ اداڪاري ڪندڙ اميتاڀ بچن نظر نه آيو، اميتاڀ بچن هڪ انٽرويو جي دوران ٻڏايو ته هن کي پارٽي جي دعوت ئي نه ڏني وئي هئي، دپيڪا پنهنجي غلطي قبول ڪندي چيو ته جڏهن ان چيو ته هو اميتاڀ سان تمام گهڻي شرمسار آهي، دپيڪا جو وڌيڪ چون هو ته جڏهن هن کي اندازو ٿيو ته ڪيتري دير ٿي چڪي هئي ۽ هو ان وقت اميتاڀ کي دعوت نه ڏئي سگهي پئي، دپيڪا جي مطابق ان کي اميتاڀ سان ڳالهائڻ ۾ به تمام شرمندگي محسوس ڪري رهي آهي ۽ ان ۾ اتيري همٿ نه آهي، ته هو ڪجهه چئي سگهي، بهرحال ان جو چوڻ هو ته هو تمام جلد ٽيليفون تي اميتاڀ کان معافي گهرندي.

 

موازين فيسٽيول ۾ جينيفر لوپيز جي پرفارمسن غير مهذب قرار

مراڪش (شوبز نيوز) مراڪش ميڊيا موجب رباط ۾ آمريڪي ڳائڻي جينيفر لوپيز جي ڪنسرٽ کان پوٽ ملڪ جي مواصلاتي وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. حڪمران جماعت جسٽس اينڊ ڊيولپمينٽ پارٽيءَ جي اعليٰ عهديدارن جو چوڻ هو ته موازين فيسٽيول ۾ جينيفر لوپيز جي پرفارمسن غير مهذب هئي. مواصلاتي وزير مصطفيٰ خلفي اها پرفارمنس لائيو ڏيکارڻ جي اجازت ڏني هئي، جنهن جي ڪري مٿس سخت تنقيد ٿي رهي آهي. مقامي ميڊيا موجب مصطفيٰ استعيفيٰ ڏيڻ جا مطالبا رد ڪري ڇڏيا آهن. جينيفر لوپيز جمعي تي هڪ لک 60 هزار ماڻهن جي ميڙ سامهون اها تڪراري پرفارمنس ڏني هئي، هي فيسٽيول ٿوري دير کان پوءِ ”12 ايم“ پبلڪ ٽي وي نيٽ ورڪ تي ڏيکاريو ويو هو. پر مقامي ميڊيا جينيفر لوپيز کي ان حرڪت ۽ لباس جي ڪري تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي

 

فضيلا قاضي به فلمن ۾ ڪم ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي

لاهور(شوبز نيوز): پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي مرڪز تان اداڪاري جي شروعات ڪندڙ نامياري اداڪاره فضيله قاضي به فلمن ۾ ڪم ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي. هن چيو آهي ته هاڻي فلمن جي موضوعن ۾ تبديلي اچي رهي آهي تنهن ڪري مون کي ڪنهن فلم ۾ معياري ڪردار مليو ته ضرور ڪم ڪنديس. فضيله قاضي ماڊل ۽ اداڪاره طور هڪ سٺي ساک سان ڪم ڪيو آهي. اڄڪلهه به هوءَ پنهنجي ذاتي پروڊڪشن هائوس سان گڏ ٻين ٻاهر جي ڊررامن ۾ به ڪم ڪري رهي آهي ۽ پنهنجو گهريلو ذميوايون به خوبي سان نڀائي رهي آهي.

 

ڀارت خلاف هوم ڪرڪيٽ سيريز ۾ ڊي آر ايس استعمال نه ٿيندي: بي سي بي

ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) : بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) جي صدر نظم الحسن چيو آهي ته ايندڙ هفتي ڀارت خلاف شروع ٿيندڙ هوم ٽيسٽ ۽ ون ڊي سيريز ۾ ڊي آر ايس سسٽم استعمال نه ٿيندو، بنگلاديش ۽ ڀارت وچ ۾ واحد ٽيسٽ 10 کان 14 جون تائين کيڏي ويندي، جنهن کان پوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي، پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ڊي آر ايس سسٽم خلاف آهي، ان لاءِ اسان پنهنجي سيريز ۾ ان کي استعمال نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

فٽبال جي دنيا جي ٽاپ ٽيمن وچ ۾ عالمي ٽائيٽل لاءِ زبردست جنگ جاري

آڪلينڊ (اسپورٽس نيوز) فيفا انڊر 20 مينز ورلڊڪپ ۾ اڄ وڌيڪ 4 ميچن جو فيصلو ٿيندو. ورلڊڪپ نيوزيلينڊ ۾ شروع ٿي چڪو  آهي ۽ فٽبال جي دنيا جي ٽاپ ٽيمن وچ ۾ عالمي ٽائيٽل لاءِ زبردست جنگ جاري آهي. ان سلسلي ۾ اڄ گروپ ۽ ايف ۾ وڌيڪ ٻه ٻه ميچون کيڏيون وينديون. گروپ اي جي پهرين ميچ ۾ نائجيريا جو مقابلو ڏکڻ ڪوريا ۽ ٻي ميچ ۾ هنگري جو مقابلو  برازيل سان ٿيندو. گروپ ايف جي پهرين ميچ هنڊوراس ۽ فِجي جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٻي ميچ جرمني ۽ ازبڪستان جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.

 

سيوهڻ جي ميلي ۾ شرڪت ڪندڙ پهرين جوڙ جي ملهه پهلوانن کي مقابلي جو چئلينج ڪريان ٿو:عمر سولنگي

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) سنڌ جي ناليواري ملهه پهلوان عمر سولنگي چيو آهي ته آءٌ سيوهڻ جي ميلي ۾ شرڪت ڪندڙ پهرين جوڙ جي ملهه پهلوانن کي مقابلي جو چئلينج ڪريان ٿو. عمر سولنگي جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ ۾ ملهه جا ڪيترائي مقابلا کٽي چڪو آهيان، اڄ به پهلوانن کي هڪ ئي داءَ ۾ هارائڻ جي صلاحيت رکان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته مان ملهه جي فن ذريعي نوجوانن جي تربيت ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪڏهن سنڌ سرڪار مون کي پليٽ فارم ۽ موقعو فراهم ڪري ته نوجوانن ۾ لڪل صلاحيتون سامهون آڻي سگهان ٿو.

 

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کيس ڪوچنگ لاءِ ناهي چيو، جيڪڏهن چئي ها ته مان ان لاءِ هر وقت موجود هئس:انضمام الحق

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ آهي ته سريلنڪا خلاف سيريز جي لاءِ ملڪي ٽيم سٺن رانديگرن تي ٻڌل آهي. سريلنڪا خلاف ڪاميابي ماڻينداسين، باغ جناح گرائونڊ ۾ سالياني ڪرڪيٽ فيسٽيول جي تقريب رٿي وئي، ان موقعي تي ٽيسٽ ڪپتان چيو ته سريلنڪا جي دوري جي لاءِ اسان جي ٽيم سٺي آهي. ان موقعي تي موجود انضمام الحق جو چوڻ هو ته پاڪستان ٽيم سٺو پرفارم ڪري رهي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کيس ڪوچنگ لاءِ ناهي چيو، جيڪڏهن چئي ها ته مان ان لاءِ هر وقت موجود هئس. فيسٽيول ۾ انضمام الحق اليون ۾ توفيق عمر اليون وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچ به کيڏي وئي، جيڪا توفيق اليون چئن وڪيتن تان کٽي ورتي. ميڊيا سان ڳالهائيندي عامر سهيل جو چوڻ هو ته نجم سيٺيءَ پي سي بي چيئرمين طور آءِ سي سيءَ ۾ بگ ٿري جو ساٿ ڏنو هو ۽ هاڻي پوئتي هٽي رهيو آهي. سعيد اجمل کي پنهنجي مستقبل بابت پاڻ فيصلو ڪرڻو پوندو، ڪرڪيٽ هيرون تقريب جي آخر ۾ ميچ کٽيندڙ رانديگرن ۾ انعام به ورهايا. مصباح الحق جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ لاڳيتو بحال هجڻ گهرجي. پاڪستان ۾ جهڙي طرح انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ٿي آءِ سي سي به ڏٺي هئي ۽ کيس به نظرثاني ڪرڻ گهرجي.مصباح چيو ته شوقينن سخت گرمي باوجود پاڪستان زمبابوي ميچ ڏٺا، کين سلام پيش ڪريان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي ۾ پي سي بي، حڪومت ۽ زمبابوي ٽيم سان گڏ شوقينن جو به وڏو هٿ آهي. مصباح الح جو چوڻ هو ته سريلنڪا هوم سيريز سولي ناهي، پر ڏُکيا ٽارگيٽ به ثابت ٿيندو آهي