تازيون خبرون

Daily Archives: June 3, 2015

ٿرڪول پراجيڪٽ، سنهري واسين کي سهولتن ڏيڻ جو پلان جوڙيو ويو آهي

 

ٿر ڪول بلاڪ ٻه تي اويٽ پٽ مائننگ ذريعي ڪوئلي جي کوٽائي ڪندڙ اينگرو ڪمپني پاران تيار ڪيل ري سٽليمينٽ پاليسي ورڪ ڊرافٽ سنڌ حڪومت منظور ڪري ورتو آهي. ڊرافٽ جو انگريزي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڪتب جي صورت ۾ آڻي ڇپائي ڪرڻ جو ڪم آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. ڊرافٽ موجب هر شادي شده جوڙي کي 11000 اسڪوائر فٽ جو پلاٽ ڏيئي 3 ڪمرن تي مشتمل ‎گهر ٺاهي ڏنا ويندا. ورانڊو به ٺاهي ڏنو ويندو. مسجد، مندر، اوطاقون، دڪان، واٽر سپلاءِ، بجلي، گئوچر زمين سميت اسپتال، اسڪول ۽ هر بنيادي سهولتون ڏيڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ڳوٺاڻن کي اڳ جي ڀيٽ کان وڌيڪ سهولتون ڏيڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته شروعاتي مرحلي ۾ ڳوٺ سنهري کي لڏايو ويندو. ان سلسلي ۾ اينگرو ڪمپني پاران صحافين کي بريفنگ ڏيندي ري سٽليمينٽ پاليسي جي مئنيجر جيوڻ داس ۽ لينڊ ايڪوزيشن آفيس فياض سومرو ۽ فرحان انصاري ٻڌايو ته ري سٽليمينٽ پاليسي ورڪ سنڌي ۾ تيار ٿي رهيو آهي. جنهن کي سنڌ حڪومت منظور ڪيو آهي. اسين ڪتاب جي صورت ۾ ڇپائي ڪرائي بلاڪ ٻه جي رهواسين ۾ ورهائينداسين. هنن چيو ته شروعاتي مرحلي ۾ ڳوٺ شهري درس لڏايو ويندو. جنهن جي رهواسين کي متبادل رهائشي ڏيڻ لاءِ گهر ٺاهي ڏنا ويندا. انهن کي ڳوٺ مان سنگهه ڀيل ۾ هڪ خوبصورت ماڊل وليج ٺاهي ڏنو ويندو. جنهن ۾ هر سهولت موجود هوندي. تيار ٿيندڙ ڊرافٽ مقامي رهواسين کي اعتماد ۾وٺڻ بعد جوڙيو ويو آهي. ڳوٺاڻن کي آباد ڪرڻ لاءِ هر شادي شده جوڙي کي 11000 اسڪوائر فوٽ تي ٽن ڪمرن تي مشتمل گهر ٺاهي ڏنا ويندا ۽ ٽوٽل 190 گهر ٺاهي رهواسين کي ماڊل وليج ٺاهي ڏنو ويندو. گهرن ۾ بجلي پاڻي، روڊ، اسپتال، اسڪول سميت هن سهولت ڏني ويندي. ٻارن جي تعليم لاءِ لائبريري قائم ڪئي ويندي. ڪم ڪرڻ لاءِ گهرن جي نگراني مقامي ماڻهو ڪندا. جنهن جي هڪ ٽيم جوڙي ويندي. اسان چاهيون ٿا ته هر ڪم ۾ ڳوٺاڻن جو سهڪار اسان سان جاري رهي. مقامي رهواسي راضي نه هوندا تيستائين ڪو به ڪم ڪامياب نه ٿيندو. تيار ٿيندڙ ڊرافٽ ۾ شڪايتن لاءِ به ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن. پهرين مقامي ڳوٺاڻو ڪا شڪايت هوندي ته اسان کي ڪندو. ٻي نمبر ۾ ڊپٽي ڪمشنر کي ڪندو. شڪايت ختم نه ٿيڻ جي صورت ۾ هو عدالت به وڃي سگهي ٿو. اسين رهواسين کي هر مڪمل سهولت ڏينداسين

 

سائين جي  ايم    سيد   جي مهمان نوازي هئي !؛ روشن علي

17 جنوري سياري جي رات هئي هر پاسي ٿڌي هوائن جي لهر ڇانيل هئي سن شهر جي پانڌئيڙن جا قافلا به انهي تاريخي شهر طرف روان دوان هئا پنهنجي سنگت جو به پهريون دفعو وڃڻ ٿيو هيو جڏهن سيد جي شهر سن ۾ پهتاسين ته عجيب خوشي چهرن تي اچڻ لڳي هئي ڇاڪاڻ ته انهيءَ شهر جي لاءِ مختلف ماڻهن جا مختلف رايا ٿي سگهن ٿا پر جڏهن پنهنجو اتي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو وڃڻ ٿيو ته سن شهر جي سنڌو دريا کان ويندي شيخ عبدالمجيد پارڪ جي کليل وڏي پارڪ کي ڪير وساري سگهي ٿو.سخت سردي جي موسم آهي هر نوجوان توڙي ٻڍو ڪارڪن توڙي قومي فنڪار سخت سردي باوجود پنهنجي سنڌ جي عظيم رهبر جي اوطاق جي طرف راهي ٿيندا رهن ٿا.سائين جي ايم سيد جي سنڌو دريا واري اوطاق ۾ سائين هر هڪ سان ملڻ بعد حال احوال وٺي ٿو نه صرف اهو ته ڪير آهين پر تفصيلي احوال وٺندي پورو نالو،پيءُ جو نالو ذات ۽ ڪهڙي شهر ،پاڙي محلي ،اصل ڪٿان جا وڏڙا هئا معنيٰ ته گهرائيءَ سان مڪمل احوال وٺڻ بعد وري ٻئي ماڻهو کان ائين ئي حال احوال وٺندا رهن ٿا.سڀني آيل مهمانن کان اهو حال احوال وٺڻ بعد سڀني کي چوندا سن ۾ منهنجي سن شهر تي ڀلي ڪري آيا جيئي ڪري آيا ۽ سوين هزارين مهمانن جي اچڻ تي بي حد خوشي جو اظهار ڪندي پنهنجي خدمتگار غلام قادر (شايد) انهي جو اهو نالو هيو کي چوندا هئا ته انهن سڀني آيل مهمانن جي خاطر ڪرڻي آهي انهي اڇي ڏاڙهي واري خدمتگار وري هر هڪ کي اوطاق ڀرسان واري جاءِ ۾ مٽي جي ٿانو پاٽڙن ۾ برياني پلاءُڏيندو رهيو.

اهو ئي نه پر سيد جو چوڻ هيو ته انهن سڀني آيل منهنجي مهمانن کي ماني بعد هر هڪ کي کير پڻ پياريو وڃي.ايترو ئي نه پر اڃان سائين جي ايم سيد جو چوڻ هيو ته آيل مهمانن کي عزت ۽ احترام سان رهائش لاءِ جڳهه هنڌ بسترو پڻ هر هڪ کي ڏئي پوءِ مون کي ٻڌايو وڃي۽ ائين ئي واقعي سيد جي چوڻ مطابق آيل مهمانن کي ماني ٽڪي کان پوءِ هر هڪ کي هنڌ بسترو ڏنو ويو جنهن ۾ ويهاڻو،رلي،چادر، سي کان بچڻ لاءِ سوڙ ڏني وئي.جنهن تي عقل حيران ٿي ويو ته سيد جي اوطاق تي مهمان نوازي جو حال احوال  پهريان ٻڌندا هئاسين پر اڄ هر هڪ جي لاءِ بنا ڪنهن فرق جي اها مهمان نوازي ڏسون ٿا.ان لاءِ ئي پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ موجوده سينيٽر مشاهد حسين سيد جيڪوصحافت جي حوالي سان سائين جي ايم سيد کان سن شهر ۾ انٽرويو ڪرڻ لاءِ آيو هيو ۽ سيد جي اوطاق تي پهچڻ بعد هڪ ڏينهن انٽرويو ڪري موٽڻ وارو ٻڌايو ٿو وڃي ته 3 ڏينهن رهي پيو سائين جي ايم سيد جي مخلصانه مهمان نوازي کان انتهائي گهڻو متاثر ٿيو ۽ سيد جي ڏاهپ،دانشمندي، علم عقل سياسي سوچ ۽ مدبرانه شخصيت کي جيڪو منفي انداز ۾ بيان ڪيو ويو هيو ان جي برعڪس هن سيد جي شخصيت تي ٽي ڏينهن ڄڻ ته ريسرچ ڪئي هجي ۽ تسليم ڪيائين ته جيڪي انهي عظيم شخص جي خلاف اجائي سجايون ڳالهيون ڪندڙ هئا اهي وڏا ڪوڙا ۽ فريبي ماڻهو آهن.سائين سان مون ٽي ڏينهن گذارايا .ان ۾ مون کي ڪو به عيب، ٺڳي، فريب،سياسي چالبازي يا عام سياستدانن وانگر ٻاهر ۾ هڪڙا ۽اندر ۾ وري ٻيا هوندا آهن.هي سنڌ جو سادو سچار سياستدان مون کي نظر آيوهن وٽ هر هڪ جي لاءِ عزت احترام ۽ بنا ڪنهن فرق جي سڀني لاءِ ۽پوري انسانيت جي خدمت ڄڻ ته هن لاءِ عين عبادت هجي. ان ۾ مان نفرت ساڙ ڪوڙ نالي جي ڪا به ڳالهه نه ڏٺي.اسان جي به ڪا خوش نصيبي هئي جو انهيءَ سائين جي ايم سيد جي 1986ع واري سالگره ۾ سرحد جو عظيم قومپرست اڳواڻ خان عبدالغفار خان،سنڌي بلوچ پختون فيڊريشن جو تڏهوڪو مرڪزي اڳواڻ سردار ممتاز علي ڀٽو،ڊاڪٽر ميڊم حميده کهڙو ۽ ٻيا ڪيترائي سياسي اڳواڻ هئا.انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته سيد جي سن شهر ۾ سنڌ جو البيلو ۽ يگانو قومي فنڪار علڻ فقير به آيل هيو سالگره جي موقعي تي اسٽيج سجايل هجي هر طرف قومي گيتن جي لولي ۽ ٻولي هجي انهيءَ موقعي تي هڪ وڏي پلال گاهه جي ڳنڍ وارو شخص به ضد ڪري بيٺو ته مون کي به سيد جي اسٽيج تي وڃڻو آهي پر سو به پوري پلال گاهه جي وڏي ٻه ٽي مڻ جي ڳنڍ سميت انهي تي سڀئي قومي ڪارڪن اچي ويا ۽ رستا روڪ جو ڪئي ته  علڻ فقير انهي ڳنڍ ڀريءَ واري يگاني مست کي اسٽيج تي اچڻ لاءِ ڪاهي پيو پر ڪارڪن جو مڙن ئي نه پيا ته نيٺ سائين پاڻ مداخت ڪندي چيو ته علڻ فقير جو خيال کي ترجيح ڏيندي انهي مست ملنگ ماڻهو کي انهي ڳنڍ ڀري سميت ئي وٺي ويهاريو ويو.جنهن تي هزارين ماڻهو حيران ٿي ويا ۽ اسٽيج جي سامهون وڏي پلال گاهه جي ڀري ڳنڍ به پئي رهي جيستائين اهو سالگره وارو پروگرام هلندو رهيو.علڻ فقير سنڌ جا قومي گيت چئي ٻڌايا جنهن تي هر طرف کان انهي کي داد ملڻ لڳو۽ سهڻي لطيف سرڪار جي وائي جهڙي طرح علڻ فقيرٻڌائي اهڙي انداز ۾ شايد ڪو ٻڌائي سگهندو هجي.جو سائين جي ايم سيد خود سندس جي ڳايل وائي تي داد ڏيڻ کان سواءَ نه نرهي سگهيو هيو.۽ ممتاز علي ڀٽو جا اهي لفظ ته هاڻي هن مرض ۾ مبتلا حصي جو علاج اسپرو جي گوري سان نه پر ڪهاڙي سان ئي ٿيندو ته سامهون ننڍي ڪوٺي تي بيٺل ڪجهه ماڻهن جي بيهڻ سبب اها ڪوٺي ڦهڪو ڪري ڪري پئي هئي جنهن تيِ هر طرف کان هوڪرا ٿي ويا هئا ۽ انهي سالگره واري تقريب ۾ سائين جي ايم سيد توڙي خان عبدالغفار خان جون جيڪي يادگار تقريرون ٿيون ۽ انهن جيڪو تاريخي ملڪ جي وجود کان ويندي موجوده حالتن مطابق پس منظر پيش ڪيو هيو اهو هڪ خود ملڪ جي يادگار تاريخ جو حصو چئي سگهجي ٿو.

معنيٰ ته سائين جي ايم سيد هڪ اهڙي عظيم سياسي تاريخ جو باب هيو جنهن جي هر پهلو ۾ ڪيتريون ئي انسانيت سان ڀرپور ڳالهيون ملن ٿيون.ٻڌايو وڃي ته سڄي دنيا جي اندر اهو ڪهڙو شخص آهي جنهن جي عدم تشدد جي ذريعي پنهنجي رواداري،سهپ،صبر،تحمل ۽ هر ٻئي پيغام ۾ اخلاص نيڪ نيتي جو درس شامل آهي.ڪنهن سان به بد اخلاقي ذريعي ڪڏهن به ڪنهن جي دل نٿا کٽي سگهو.سيد جي وڌ ۾ وڌ هدايت ۽ تاڪيد رهندي هئي ته صالح بڻجو ڪردار ۾ اهڙا بڻجي وڃو جو توهان کي ماڻهو ڏسي حسرت ڪن ته اهڙي صالحن جي جماعت وارا سيد جا ڪارڪن آهن.توهان پنهنجي عمل ذريعي ڪاميابيون حاصل ڪري سگهو ٿا.سائين جي ايم سيد جي عظمت کي لک سلام جنهن پنهنجي اکين جي نور کي نچوڙي ذهني پورهيو ڪري پوري انسانيت لاءِ علم جو لازوال سرمايو پوئين ڪارڪنن،ورڪرن ۽ سنڌي قوم کي ڪيترن ئي ڪتابن جي صورت ۾ ڏئي ويو.سائين جي هڪ هڪ ڪتاب ۾ علمي خزانو ڇوليون ٿو هڻي ڪهڙي ڪهڙي ڪتاب جي ڳالهه ڪجي.جنب گذاريم جن سين،سنڌ ڳالهائي ٿي،جيئن ڏٺو آهه مون،شاهه جو رسالو ۽ ٻين ڪتابن کي ڏسڻ سان معلومات جو عظيم ذخيرو ملي ٿو. مقصد ته سائين جي 60 کان وڌيڪ ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي نه پر پوري برصغير جي سياسي هلچل سميت سائين جي سياسي بصيرت جو ۽ خاص ڪري صوفي ازم جي تعليمات جو کليل ۽ واضح مثال انهن تحريرين مان لڳائي سگهجي ٿو.هيءُ ايڏي وڏي پائي جو بين الاقوامي مدبر سياسي دانشور ليکڪ شايد دنيا جي اندر ڪو اهڙو سياسي رهبر باني اڳواڻ هجي جنهن جي سڀ کان وڌيڪ نظر معاشري جي هر پاسي سميت پنهنجي ماروئڙن ڌرتي جي ڏکايل ستايل مسڪين ماڻهن جي حقيقي معنيٰ ۾ رهنمائي جا اصول واضح ڪرڻ ۽ عد م تشدد جي صحيح معنيٰ ۾ راه متعين ڪرڻ ڪا مذاق ناهي.سائين سنڌي ٻولي تي گهرائيءَ سان نظر رکندڙ شخصيت هيوگڏوگڏ هو عربي،فارسي،انگلش،اردو ۽ ٻين ٻولين تي به  عبور رکندڙ هيا.ڀلي جو ڪيڏا به سائين جي ايم سيد سان ڪنهن جا سياسي اختلاف ٿي سگهن ٿا پر هر هڪ سنڌ واسي اهو يقين سان چوندو ته سنڌ جو جيڪڏهن ڪو سچو عاشق هيو ته سيد ئي هيو جنهن هر پنهنجي عمل ذريعي قيد جون صعوبتون برداشت ڪيون پر سنڌ جي عشق ۾ پوئتي نه هٽيو ۽ 32 سالن جي قيد جي دوران ئي سائي جي ايم سيد 25 اپريل 1995ع تي ڪراچي جي اسپتال ۾ وفات ڪئي. جنهن کان پوءِ سيد جي ساڳئي راهه جو پانڌئيڙو وري سيد جو سچو سپاهي شهيد بشير خان قريشي ٿيو.جنهن کي پڻ هر وک تي سور صدما وک وک تي تڪليفون ملنديون رهيون پر هو پنهنجي رهبر جي ڏسيل واٽ تي قائم رهيو۽ ثابت قدمي سبب ئي ان کي ڪراچي جي تبت سينٽر تي لکين ڪروڙين سنڌي عوام جي موٽ ملي جنهن جو تصور ڪرڻ به ڏکيو هيو پر سيد جي سچي سپاهي پنهنجي تن من جي بازي لڳائي سنڌ جي عوام کي متحد ۽ منظم ڏسڻ لاءِ هڪ تاريخي قدم کڻي دنيا آڏو واضح ڪيو ويو ته سنڌ جو عوام ڇا ٿو چاهي.انهي ڏينهن يقينن سائين جي ايم سيد به تبت سينٽر ڪراچيءَ جي روڊن رستن تي سنڌي قوم سان گڏ بيٺل هوندو .

 

سماج کان هڪ سوال.؟؛سهڻي پارس

چوڻ لاءِ ته گهڻو ڪجهه آهي ،پر ڪير چوي؟ ڪير ڳالهائي؟ ڪير ايتري همت ڪري ۽ ڪير  انسانيت جي ويرين سان مهاڏو اٽڪائي ؟ ۽ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته اهو مهاڏو هن ڪائنات جو انتهائي حساس ۽ نازڪ نفيس وجود اٽڪائي! پر تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به هن سماج ۾ وحشتون ۽ دهشتون وڌي وينديون آهن ته ڪو نه ڪو اهڙو وجود اٿي کڙو ٿي پوندو آهي جو هر وات اها وائي هوندي آهي ته ” ٿي تند وڙهي تلوارن سان“ هوءَ اهڙ ئي هئي، هن کي خبر هئي ته جنهن گهٽيل ۽ ٻوساٽيل ماحول ۾ هوءَ پنهنجو آواز اٿاري رهي آهي، اهو سماج ان آواز کي گهڻو وڌڻ نه ڏيندو، ها بلڪل سبين محمود اها ترقي پسند دانشور ۽ هن سماج جي ان نازڪ ۽ نفيس پر انتهائي بهادر حصي جي هڪ شاخ هئي، جنهن جي سوچ صديون پراڻي هن سماج ۾ تبديلي پئي چاهي، سبين به انهن عورتن مان هڪ آهي جن پنهنجي عملي ۽ نظر ايندڙ جدوجهد  ذريعي سماج دشمنن کي للڪاريو ۽ پوءِ اها ئي للڪار سندس بلند ٿيندڙ آواز کي سدائين لاءِ خاموش ڪري ڇڏيو پر ڇا ائين ممڪن آهي ته هڪ سبين جي خاموشي سان هتي ان ئي سوچ سان سماج سان مهاڏو اٽڪائيندڙ هر سبين خاموش ٿي وڃي؟ منهنجي خيال ۾ بلڪل نه ،هن society   male dominated   ۾ اڄ به ايتريون سبين موجود آهن، جيڪي اهو ثابت ڪري ڏيکارينديون ته اوهان جي بندوقن جون گوليون ختم ٿي وينديون پر سبين جيڪو جهنڊو کڻي نڪتي هئي اهو هاڻ ڪرڻو ۽ جهڪڻو ناهي، اهو سچ ۽ حق جو علم هاڻ اوهان کي اوهان جي سوچ تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪري ساهه پٽيندو، توهان ڪيتريون سبين ماريندئو؟ هاڻ اهو وقت ويو جڏهن عورت رڳو نسل وڌائڻ جي فيڪٽري ۽ عياشي جو سامان سمجهيو ويندو هو، بينظير ڀٽو کان ويندي سبين تائين هاڻ ته هن سماج کي اهو سمجهي وڃڻ گهرجي ته هي سفر هاڻ پنهنجي منزل ماڻڻ کان اڳ ختم ٿيڻو ناهي،.سبين محمود جيتوڻيڪ هن مدي خارج معاشري ۽ مرداڻي سماج سان حاوي ٿيل سوچن  جو شڪار ٿي آهي پر ان سان گڏ هن اسان کي هڪ اهڙي همت، جوش ۽ جذبو به ڏنو آهي، جنهن کي هاڻ ڪا به گولي، ڌمڪي، داٻو يا پابندي روڪي نه ٿي سگهي، سبين جو آواز خاموش ڪندڙ  بزدل قاتلن جيڪڏهن اهو سمجهيو ته ان سان هو ڪامياب ٿي ويا آهن ته شايد اها سندن ڀل آهي، ڇو ته هتي هن سماج ۾ سهڻي به سبين آهي ته اها فردوس سانگي به سبين بڻجي ميدان ۾ موجود آهي، اها شهناز شيدي هجي يا  قبيلائي نظام ۾ پلجندڙ روبينا چانڊيو، هاڻ هر ساڃاهه وند ۽ سوچ رکندڙ عورت ۾ انهن بزدل قاتلن کي سبين جو چهرو ۽ سوچ نظر ايندي ، توهان ڪيتريون سبين ماريندئو؟ ڪيترا آواز خاموش ڪندئو؟ ڪيترين سوچن کي پنهنجي ناپاڪ ۽ بي رحم سوچن سان دٻائيندئو؟ توهان جيڪڏهن اهو سمجهو ٿا ته هڪ سبين کي خاموش ڪري اوهان فتح حاصل ڪري ورتي آهي ته مان وڏي واڪي چوان ٿي ته اوهان ڀليل آهيو؟ اوهان کي هاڻ هر وک تي هڪ اهڙي سبين ملندي جيڪا اوهان لاءِ للڪار بڻجي اوهان جي وجود کي به ڏڪائي ڇڏيندي. ها مونکي يقين آهي ته اهو وقت اچي ويو آهي، سبين هتان جي هر ان عورت جي همت ۽ حوصلو اڃا وڌائي وئي آهي ، جيڪا تبديل چاهي ٿي؟ جيڪا هن سماج کان ٻيو ڪجهه نه رڳو پنهنجا حق ۽ جائز حق گهري ٿي، اهي حق جيڪي هر مذهب عورت کي ڏنا آهن، اهي حق جيڪي هن سماج جي نام نهاد مرداڻي سوچ هيٺان دٻائي رکيا ويا آهن،ها اسان کي هاڻ پنهنجا حق گهرجن، ائين نه ٿئي جو اسان ان بغاوت ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃون جو هن سماج جو نسل وڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيون؟ اسان کي ايترو مجبور نه ڪيو جو اسان بغاوت جو اهڙو علم هٿ ۾ کڻيون جيڪو اوهان جي ٺاهيل هن جعلي سماج کي ئي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏي، اسان کي اهڙي بغاوت تي مجبور نه ڪيو ، جيڪا سڀاڻي اوهان سهي نه سگهو! ڪٿي ائين نه ٿئي جو اها  ترقي پسند ۽ روشن خيال عورت سڀاڻي پنهنجي حقن لاءِ هٿيار کڻڻ تي به مجبور ٿي وڃي، ڪيستائين اوهان جو اهو ظلم هلندو، ڪيستائين هر سبين جي موت تي اهي سٽون ٻڌڻ ۾ اينديون رهنديون ته ” چلي هي رسم ڪي ڪوئي نه سر اٺها ڪي چلي“ ڪيستائين اسان اهو سڀ ڪجهه ٻڌنديون، ڏسنديون ۽ خاموشي سان سهنديون رهنديون سين ته اهو اسان جو مقدر آهي، ڪيستائين هر سبين جي مرڻ تي رڳو ماتم ملهائي، تصوير آڏو ٻه چار گل رکي، ميڻ بتيون ٻاري، ڀيٽا جا هڪ اڌ لفظ چئي وري سڀ ڪجهه وساري ساڳئي ڪرت سان لڳي وڃبو، انت ته اچڻو آهي هر ظلم ۽ ظالم جو، ڇوته سدائين “ سنگ و خشت مقيد“ ۽ ” سگ آزاد “ ناهي رهندو. ڪير منهنجي ڳالهه سان ڀلي سهمت نه هجي ۽ مونکي ان جي پرواهه  به ناهي پر مان اهو چوڻ ۾ به بلڪل ذهني ۽ دلي طور تي مطمئن آهيان ته سبين جو قتل هن سماج جي ان حصي جو قتل آهي، جيڪو اڃا بانبڙا پائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.مونکي ياد آهي هن ئي سماج جو اهو ڪردار جيڪو ڪمزور ۽ نازڪ نفيس هجڻ باوجود ان وقت هڪ اهڙي حق حساب جو نعرو هڻي اڪيلي سر ميدان ۾ نڪتو هو جيڪو ان جو ذاتي حق نه هو پر هوءَ هڪ اهڙي عورت جي خون  جو حق حساب وٺڻ لاءِ گهران نڪتي هئي جنهن کي سندس مڙس رڳو شڪ جي بنياد تي اهڙي ته بيدردي سان موت جي ننڊ سمهاريو هو،

جنهن جو ذڪر ڪرڻ ته پري جي ڳالهه سوچڻ سان به منهنجا لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا، اها عورت ان وقت اڪيلي هئي ۽ پنهنجي ان بيگناهه سهيلي جي رت جو حساب وٺڻ لاءِ جڏهن هن جدوجهد شروع ڪئي ته کيس ڌمڪيون به مليون، خطرا به آڏو آيا، کوڙ ساريون رڪاوٽون ۽ مسئلا به کيس منجهائيندا رهيا پر هوءَ پوئتي نه هتي ۽ پوءِ هن ان خون جو حساب وٺي به ڏيکاريو، ان قاتل کي عدالت ذريعي ڦاهي جي سزا به آئي پر قانون جي ڪمزورين سبب اڳتي هلي موت جي سزا عمر قيد ۾ مٽجي وئي، ان قصي جو ذڪر ڪري مون رڳو اهو محسوس ڪرائڻ پئي چاهيو ته ڪائنات جي جنهن وجود کي اوهان نازڪ ، نفيس ۽ حساس سمجهو ٿا اهو وجود جيڪڏهن پنهنجا حق وٺڻ جو پڪو پهه ڪري نڪري پوي ته ياد رکو ته پوءِ ان کي اوهان جي ڪا به گولي، ڪابه ڌمڪي، ڪوبه خطرو ۽ ڪابه رنڊڪ نه ٿي روڪي سگهي، ائين نه ٿئي جو اوهان جي اهڙي ڪا ڪوشش اسان کي ان حد تائين وٺي وڃي جو اسان اوهان جي هن جعلي ۽ هٿ ٺوڪئي سماج جي نس بندي ڪرڻ تي ئي مجبور ٿي وڃون”