تازيون خبرون

Monthly Archives: June 2015

سنڌ ۾ گرمي جو زور برقرار، وڌيڪ 17 فوت، انگ 1300 کان به وڌي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ گرمي وگهي ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، ڪراچي جي مختلف اسپتالن ۾ وڌيڪ 17 ڄڻا فوت ٿيڻ بعد فوتين جو انگ 1219ٿي ويو، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڌيڪ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن بعد صوبي اندر گرمي سبب فوتين جو انگ 1300 ٿي ويو آهي. ڪراچي جي عباسي شهيد ۽ جناح اسپتال سميت مختلف اسپتالن ۾ گرمي سبب وڌيڪ 17 ڄڻا حياتي ويٺا، جنهن بعد ڪراچي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 1219 ٿي ويو آهي. نوابشاهه جي ڳوٺ امان الله زرداري ۾  45 وپرهين جو نصير زرداري گرمي سبب فوت ٿي ويو، ۽  ميان صاحب ۾ صحت کاتي جو ملازم هادي بخش زرداري به گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. ٺارو شاهه جي ڳوٺ مولي ڏنو ۾ 45 ورهين جي زبين النساءَ لاڙڪ ۽ باڊهه شهر جي پياري محلي جي رهواسي 62  ورهين جو غلام مصطفيٰءِ ساريو به گرمي سبب حياتي وڃائي ويٺا. موري جي صابن چوڪ واري علائقي ۾ 50 ورهين جو پير بخش ماڇي ۽ 40 ورهين جو غلام مصطفيٰ مغل گرمي وگهي فوت ٿي ويا. سيوهڻ جي پٺاڻ ڪالوني ۾ هڪ مامعلوم شخص فوت ٿي ويو، جڏهن ته نصرپور جي ڳوٺ علي آباد ۾ 45 ورهين جو پريم چند به گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هيل تائين فوت ٿي ويلن جو انگ 1300 ٿي ويو آهي. ڪراچي جي اسپتالن ۾ صحت جون سهولتون اڻپوريون هجڻ ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو به سلسلو جاري آهي، جنهن سبب وڌيڪ فوتگين جو خدشو آهي.

 

گرمي سبب 12 هزار ماڻهو متاثر ٿيا، ذميوار ڪي اليڪٽرڪ آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي  وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته گرمي سبب 12 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي ذميوار ڪي اليڪٽرڪ آهي ۽  سنڌ حڪومت پنهنجون ذميواريون نڀائيندي رهندي. وڏي وزير قطر اسپتال جو دورو ڪري گرمي کان متاثر مريضن جي عيادت ڪئي، جنهن دوران وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي  چيو ته ڪراچي اسان جو شهر آهي ۽  هو شهر جي خدمت ڪندا رهندا. هن چيو سنڌ ۾ گرمي سبب 12 هزار ماڻهو متاثر ٿيا ۽ ٻين هنڌن سان گڏ اسپتالن ۾ به لوڊ شيڊنگ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته هو صحت کاتي جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهي ۽ ڪي اليڪٽرڪ کان اسپتالن ۾ لوڊشيڊنگ جو پڇيو ويندو.  هن چيو ته ڪراچي ۾ هيٽ اسٽروڪ سينٽر قائم ڪيا آهن ۽ صورتحال بهتر ٿيڻ تائين ڪم جاري رکيو ويندو. سيد قائم علي شاهه چيو ته وفاق ۽ سنڌ جا حڪم هوا ۾ اڏايا ويا،وفاق کي ڪي اليڪٽرڪ بابت ذميواريون پوريون  ڪرڻ گهرجن.

 

ڪرپشن ۾ ملوث اهم شخصيتن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ گهرجي:صدر ممنون حسين

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان جي صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جو هر شهري ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني کان پاڪ بهتر حڪمراني جو خواهشمند آهي ڪرپشن ۾ ملوث اهم شخصيتن کي عبرتناڪ سزا ملڻ گهرجي ايندڙ ڏينهن اسان جي ماضي ۽ حال کان بهتر ئي نه آهي پر گهڻو بهتر ٿيندو قومي معاملن بابت عوام ۽ حڪومت وچ ۾ ڪائي وٿي باقي نه رهندي ڪوئي معاشرو ان وقت تائين ڪامياب نٿو رهي سگهي جيستائين ان ۾ احتساب ۾ بنيادي قدر جي حيثيت حاصل نه ٿي وڃي لاڳاپيل ادارا پنهنجي صلاحيت کي وڌائيندي ڪرپشن جي لاءِ سموريون صلاحيتون ڪتب آڻين سومر تي احتساب ۽ گڊ گورننس جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته هن سيمينار ۾ اوهان جي شرڪت ۽ ان ۾ بحث هيٺ معاملن ۾ اوهان جي دلچسپي ظاهر ڪري ٿي ته وطن عزيز ۾ احتساب ۽ بهتر حڪمراني قومي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ پاڪستنا جو هر شهري ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني کان پاڪ بهتر حڪمراني جو خواهشمند آهي اڄوڪو هي سيمينار ظاهر ڪري ٿو ته انهن عوامي خواشن ۾ رياست جا ادارا به شريڪ ٿي چڪا آهن جيڪا هڪ بهتر ۽ سٺي ڳالهه آهي عوام ۽ سرڪاري ادارا جڏهن ڪنهن معاملي ۾ هم خيال ٿي وڃن ته پوءِ ملڪ ۾ بهتر تبديلي جو رستو روڪڻ ممڪن ناهي رهندو مان اوهان کي يقين ڏياريان ٿو ته ان ڏس ۾ ايندڙ صبح اسان جي ماضي ۽ حال کان بهتر ئي نه پر گهڻو بهتر ٿيندو اهي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان اهي سازگار سببن کي نظر ۾ رکندي سياسي انتظامي عدالتي سطح تي ان عزم کي مضبوط بڻايون ۽ ان حوالي سان رائج عالمي معيارن تي عملدرآمد ڪيون ته جيئن عوام ۽ اسان جا ادارا عالمي برادري جي قدم سان قدم ملائي هلي سگهن ان ڏس ۾ منهنجو ويزن اهو آهي ته بدعنواني جهڙي معاشرتي برائي کي روڪڻ لاءِ مادي ۽ دنوي سببن سان گڏوگڏ انسان جي روحاني ڪيفيتن تي به توجهه ڏيڻ گهرجي ڇو ته هن ڳنڀير مسئلي جو بنياد صرف ناانصافي معاشرتي اڻبرابري ۽ دولت جي لالچ نه پر ان جو هڪ اهم سبب ديني ۽ اخلاقي قدرن کان دوري به آهي اهڙي قسم جي صورتحال ۾ ضروري آهي ته انسان جي اخلاقي ۽ روحاني تربيت جا پهلو به نظر ۾ رکيا وڃن. هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته بيروڪريسي ۾ سڌارن لاءِ سفارشن جي تياري جو ڪم پلاننگ ڪميشن جي حوالي ڪيو ويو آهي هي هڪ درست قدم آهي مون کي اميد آهي ته ان جا بهتر نتيجا نڪرندا.

 

اوهان جي درخواست سان ڪميشن جو تعلق نه آهي، دليلن جو مرحلو شروع ٿي چڪو: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ ڪندڙ انڪوائري ڪميشن اوگرا جي اڳوڻي چيئرمين توقير صادق جي ڌر ٿيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي،چيف جسٽس جو چوڻ آهي ته هاڻي دليلن جو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني انڪوائري ڪميشن جو اجلاس جاري آهي. انڪوائري ڪميشن اوگرا جي اڳوڻي چيئرمين توقير صادق جي ڌر ٿيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي ،چيف جسٽس جو چوڻ آهي ته هاڻي دليلن جو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي. اوگرا جي اڳوڻي چيئرمين توقير صادق موقف اختيار ڪيو ته عام چونڊن ۾ منظم ڌانڌلي ٿي، جنهن جا وٽس ثبوت موجود آهن تنهنڪري هو ڌر ٿيڻ ٿو چاهي. چيف جسٽس ناصر الملڪ توقير صادق سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جي درخواست سان ڪميشن جو ڪو به تعلق نه آهي. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته  ڪميشن درخواست رد ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي دليلن جو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي. سمورين پارٽين جي وڪيلن کي اڄ تائين لکت ۾ دليل جمع ڪرائڻ جي به هدايت پڻ  ٿيل آهي.

 

ڪراچي ۾ بجلي بحران نه ٿئي ها ته وڏي انگ ۾ ماڻهو نه مرن ها، ڪي اليڪٽرڪ سسٽم تي رپيو به خرچ ناهي ڪيو: نيپرا جي رپورٽ

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي ۾ بجلي بحران تي نيپرا جي فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي فوتگين جي حوالي سان وڌيڪ حقيقتون جاري ڪري ڇڏيون آهن جنهن ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ بجلي جو بحران نه ٿئي ها ته گرمي سبب وڏي انگ ماڻهو نه مرن ها نيپرا فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي ڪراچي ۾ بجلي بحران بابت رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي، رپورت ۾ چيو ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ بجلي ورهائڻ ۽ پهچائڻ تي توجه نه ڏني آهي، ڪي اليڪٽرڪ پاران سسٽم تي رپيو به خرچ نه ڪرڻ جي ڪري بجلي بحران دوران لوڊ وڌيو ته سسٽم ويهجي ويو،

 

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان صوبائي وزيرن نثار کهڙو ۽ مراد علي شاهه جي ملاقات، کاتن جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري سان سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو ۽ مراد علي شاهه جي ملاقات، ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ بلدياتي چونڊند جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون، مليل اطلاعن موجب ٻنهي وزيرن پارٽي چيئرمين کي پنهنجي کاتن جي ڪارڪردگي کان به آگاهه ڪيو، ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪئي ته سنڌ حڪومت عوام جي بنيادي سهولتون جي فراهمي کي يقيني بڻائي.

 

مون کي هٽايو ويو ته گهٽي گهٽِي ۾ جنگ ٿيندي: الطاف حسين

لندن(م.ڊ) ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسينچيو آهي ته دنيا جو هر الزام الطاف حسين تي لڳايو وڃي ٿو، مائنس الطاف جي سازش ٿي رهي آهي، مون کي هٽايو ويو ته گهٽي گهٽِي ۾ جنگ ٿيندي، ڪاڪنن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي الطاف حسين چيو ته پاڪستان بڻجڻ کان اڳ به تعصب هيو، پاڪستان جا سمورا صوبا لسانيت جي بنياد تي ٺهيا آهن.

 

ڪراچي ۾ رفاعي پلاٽس، سرڪاري زمينن ۽ چائنا ڪٽنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي : شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هٺ بلديه کاتي جي اعليءِ سطحي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آهي ته ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ سخت گرمي سبب پيشان عوام لاءِ ضلعي سطح تي قائم هيٽ اسٽروڪ ڪئمپ کي وڌيڪ فعال ڪيو ويندو ۽ انهن ۾ ڊاڪٽرز پئرا ميڊيڪل اسٽاف دوائون پاڻي برف سميت سموريون ضروري شيون فراهم ڪيون وينديون اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ سمورن رفاعي پلاٽس سرڪاري زمينن ۽ چائنا ڪٽنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن ۾ ملوث ناظم ۽ سرڪاري ملازمن جي ڪيسن کي اينٽي ڪرپشن ۾ اماڻيو ويندو هن مهيني کان ڪي ايم سي واٽر بورڊ ۽ سمورا ڊسٽرڪٽ ملازمن جون پگهارون صرف سنڌ بئنڪ ذريعي ادا ڪيون وينديون ۽ جن ملازمن اڃا تائين سنڌ بئنڪ ۾ اڪائونٽس نه کولرايا آهن انهن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري انهن کي نوڪرين مان فارغ ڪيو ويندو ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ بلديات کاتي ۽ ان جي ماتحت ادارن ۾ موجود گوسڙو ملازمن جون تيار ڪيل لسٽون صوبائي وزير بلديات پريس ڪانفرنس ذريعي عوام آڏو پيش ڪندو تفصيل مطابق صوبائي وزير شرجيل انعام ميمن جي صدارت هيٺ بلديات کاتي جو هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو اجلاس ۾ سيڪريٽري بلديات سنڌ عمران عطا سومرو ايڊمنسٽريٽر ڪراچي روشن علي شيخ ايم ڊي واٽر بورڊ سيد هاشم رضا زيدي سينيئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز مسعود عالم سمورا ڊسٽرڪٽ جا ڊپٽي ڪمشنرز سمورا ڊسٽرڪٽ جا ايڊمنسٽريٽرز ۽ ميونسپل ڪمشنرز چيف انجنيئرز ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر موجود هئا اجلاس ۾ شهر ۾ تازو ئي سخت گرمي وگهي فوتين جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ويئي ان موقعي تي صوبائي وزير بلديات کاتي تحت ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ قائم ڪيل هيٽ اسٽروڪ ڪئمپس جو تفصيل طلب ڪيو ۽ ان جي انتظامن سميت ٻين معاملن جو جائزو ورتو ان موقعي تي هن سيڪريٽري بلديات ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته ڪراچي جي سمورين سرڪاري اسپتالن ۽ سمورين ڊسٽرڪٽ ۾ مرڪزي شاهرائن ۽ محلن ۾ هيت اسٽروڪ ڪئمپ قائم ڪيا وڃن ۽ انهن ۾ سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن هن سمورن هيٽ اسٽروڪس سينٽرز جي مانيٽرنگ لاءِ ايڊمنسٽريٽرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي پابند ڪيو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ هو روزانو جي بنياد تي هيٽ سينٽرز جي رپورٽ صوبائي وزير سيڪريٽري بلديات ۽ صحت کاتي کي اماڻيندا اجلاس ۾ ڪي ايم سي واٽر بورڊ ۽ سمورن ڊسٽرڪٽ جي ملازمن جي اڪائونٽس سنڌ بئنڪ ۾ منتقل ڪرڻ جي رپورٽ به پيش ڪئي ويئي ۽ سمورن ايڊمنسٽريٽر پنهنجي پنهنجي ڊسٽرڪٽ جي ملازمن جي حولي سان رپورٽ ڏني صوبائي وزير چيو ته چار مهينا اڳ ئي ان ڳالهه جو حتمي فيصلو ڪيو ويو هو ته جون 2015 کان پوءِ بلديات کاتي جي ڪنهن به ملازم کي سنڌ بئنڪ کان علاوه پگهارون ادا نه ڪيون وينديون ۽ جن جن ملازمن هن وقت تائين سنڌ بئنڪ ۾ پنهنجا اڪائونٽ نه کولرايا آهن انهن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي هن واضح هدايتون جاري ڪندي چيو ته هن مهيني ڪي ايم سي واٽر بورڊ ۽ سمورن ڊي ايم سيز جي ملازمن جون پگهارون صرف سنڌ بئنڪ ذريعي ادا ڪيون وينديون ۽ جن ملازمن اڃا تائين سنڌ بئنڪ ۾ اڪائونٽ نه کولرايا هن انهن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري انهن کي نوڪرين مان فارغ ڪيو ويندو شرجيل ميمڻ چيو ته هو آئينده ٻن ڏينهن ۾ بلديات کاتي ۽ ان جي ماتحت ادارن ۾ موجود گوسڙو ملازمن جون تيار ڪيل لسٽون پريس ڪانفرنس ذريعي عوام آڏو پيش ڪندو ۽ سمورا گوسڙو ملازم جن ۾ گريڊ 19 کان گريڊ 1 جا ملازم شامل آهن انهن کي نوڪرين مان فارغ ڪيو ويندو اجلاس ۾ شهر ۾ پاڻي فراهم ڪرڻ جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ شهر ۾ پاڻي مفت ٽينڪرز جي ذريعي فراهم ڪرڻ لاءِ ايم ڊي واٽر بورڊ کي سختي سان هدايتون جاري ڪيون ويون.

 

پاڪستاني تربيت يافته ڊاڪٽر ڀارت ۾ جوتا وڪرو ڪن ٿا: ڀارتي ميڊيا

نئين دهلي (اين اين آءِ) ڀارتي ميڊيا پنهنجي رپوٽس ۾ چيو آهي ته پاڪستاني تربيت يافته ڊاڪٽر ڀارت ۾ جوتا وڪرو ڪن ٿا، ڪو مائيل رپيئرنگ جي دڪان ۽ ڪوئي اسپتال جي مرده خاني ۾ لاش رکڻ جو ڪم ڪري ٿو، ته ڪو ميڊيڪل اسٽور ۽ ڪو خيراتي اسپتال ۾ خدمت ڪري ٿو، پاڪستان جي بهترين يونيورسٽين مان پڙهيل ايم بي بي ايس پاڪستان ۾ لکين رپيا ڪمائيندڙ ڀارت ۾ ڪجهه هزار رپين لاءِ معمولي نوڪري لاءِ ڌڪا کائي رهيا آهن، ڀارتي شهريت نه هئڻ ۽ ميڊيڪل ڪونسل پاران اجازت نه ملڻ سبب اهي طبي شعبي ۾ خدمتون نٿا نڀائي سگهن، ڀارتي گجرات ۾ 2 سئو پاڪستاني ڊاڪٽر اهڙي صورتحال جو شڪار آهن، ڀارتي اخبار ٽائيمز آف انڊيا جي رپورٽ مطابق پاڪستان مان تربيت يافته ڊاڪٽر ڀارتي شهر احمد آباد ۾ جوتا وڪرو ڪن ٿا، 2001 ۾ 38 سالن درش راٿا ڪيلا ڊاڪٽر طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ماهوار 25 هزار سان ڪئي، 9 سالن کانپوءِ هاڻ هو مانينگر ۾ پنهجي سوٽ جي بوٽن اسٽور تي اسسٽنٽ آهي ۽ ماهوار 15 هزار پگهار ڪري ٿو، هو ڪراچي يونيورسٽي مان ايم بي بي ايس پاس آهي ۽ 2006 ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي حفاظت لاءِ پاڪستان ڇڏي ويو، هو ڀارت ۾ پريڪٽس ان لاءِ نٿو ڪري سگهي جو ان وٽ ڀارت جو ميڊيڪل ڪونسل جو ايم سي آءِ جو سرٽيفڪيٽ نه آهي، ڀارتي گجرات ۾ پاڪستان خاص ڪري سنڌ سان تعلق رکندڙ 2 سئو ڊاڪٽرن آهن پر انهن کي ڀارتي شهريت نه آهي، انڊين ميڊيڪل ڪونسل جي اجازت کانسواءِ اهي طبي شعبي ۾ پريڪٽس نٿا ڪري سگهن، اهو ئي سبب آهي جو پاڪستاني ڊاڪٽر ڀارت موبائيل اسٽور تي ڪم ڪن ٿا جنهن تان کين گهٽ معاوضو ملي ٿو.

 

اليڪشن ڪميشن ۽ ن ليگ پاڻ ۾ مليل آهن: عمران خان جو الزام

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۽ ن ليگ پاڻ ۾ مليل آهن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اليڪشن ڪميشن انڪوائري ڪميشن کان مواد لڪايو آهي ۽ گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ ن ليگ مليل آهي جڏهن ته اڍائي ڪروڙ ووٽن جو ڪو به حساب نه آهي.  پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته بلوچستان جا 80 کان 90 سيڪڙو فارم 15 غائب آهن. عمران خان جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن غيرجانبدار نظر نه پئي اچي ۽ اهو چوڻ غلط آهي ته پي ٽي آءِ انڪوائري ڪميشن ۾ ڌانڌلي جا ثبوت پيش نه ڪري سگهي آهي.