تازيون خبرون

Daily Archives: May 29, 2015

ذوالفقار مرزا بدين ۽ ڪراچي جي درخشان ٿاڻن ۾ قانون هٿ ۾ کنيو، ان خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن: سهيل انور سيال

لاڙڪاڻو(بيورو) ڳڙهي خدا بخش ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي  گهرو وزير سنڌ سهيل انور سيال چيو آهي ته سنڌ پوليس ۽ رينجرز سان گڏ آهيون، ان جو چوڻ هو ته ذوالفقار مرزا بدين ۽ ڪراچي جي درخشان ٿاڻن ۾ قانون هٿ ۾ /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 30 نيو، ان لاءِ ان جي خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. سهيل انور سيال ڪراچي هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين تي ٿيندڙ تشدد جي واقعي کانپوءِ ايس ايس يو جي 15 پوليس اهلڪار، هڪ ڪمانڊ ميجر ۽ ايس ايڇ او پريڊي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

 

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برسات، پنج ڄڻا فوت، 12 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برسات سبب مختلف واقعن ۾ پنج ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا جڏهن ته بجلي ۽ مواصلاتي نظام سخت متاثر ٿيو آهي، موسميات کاتي سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن ۾ آنڌاري ۽ کنوڻ سان وڌيڪ مينهن پوڻ جو امڪان ڏيکاريو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي مختلف علائقن ۾ طوفان برسات پئي، جنهن سبب مواصلاتي نظام سخت متاثر ٿيو. طوفاني برسات سبب وڳڻ، وارهه ۽ روهڙي ويجهو گهرن جون ڀتيونتوڙي ڇِتيون ڪِرڻ سبب 3 ٻارڙا فوت ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏهن ته سيتا روڊ ڀرسان وِڄ ڪِرڻ سبب 2 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا. موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن ۾ آنڌاري ۽ گجگوڙ سان وڌيڪ برسات جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن ۾ ڪجهه هنڌن تي طوفاني برسات پئي، سڀ کان وڌيڪ مينهن روهڙي ۾ 5 ملي ميٽر جڏهن ته سکر ۾ هڪ ملي ميٽر رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي موجب سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جا اڪثر علائقا سخت گرمي جي گهيري هيٺ آهن، سڀ کان وڌيڪ گرمي پد شهيد بينظير آباد ۾ 48 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. دادو، موهن جو دڙو 47، روهڙي، تربت، سبي، سکر، پڊعيدن 46، جيڪب آباد، رحيم يار خان ۽ نور پور ٿل ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد رهيو.

 

هاڻي انوشڪا شرما کلي عام ويرات ڪولهي سان پيار ڪندي

ممبئي(شوبز نيوز) رنبير  ڪپور نڪتو شرارتي، انوشڪا شرما کي تصويري فريم ڏنو، جنهن ۾ پي ڪي گرل جي محبوب ويرات ڪولهي نظر اچي رهيو هو. هاڻي انوشڪا شرما کلم کلا ڪري رهي آهي ويرات ڪولهي سان پيار. عام محفلن ۾ به پنهنجو ديدار ڪرائيندي رهندي آهي. ممبئي ويلوٽ جو جشن ملهايو ويو ته اتي هيروئن ۽ هيرو  به سجي سنوري آيا. اتي رنبير ڪپور کي ٿي شرارت فوٽو فريم ڏنو، جنهن ۾  ويرات ڪولهي بال کي  جهلڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هو. انوشڪا شرما کي ڪاوڙ ته نه آئي پر شرمائڻ صاف نوٽ ڪرڻ جهڙي هئي.

 

اداڪارا راني کي مداحن کان وڇڙندي 22 سال گذري ويا

لاهور(شوبز نيوز): 8 ڊسمبر 1946ع تي لاهور ۾ پيدا ٿيندڙ راني جو اصل نالو ناصره هو، راني جي والده مشهور ڳائڻي مختار بيگم جي نوڪرياڻي هئي، جنهن راني کي فني تربيت لاءِ مختار بيگم جي حوالي ڪري ڇڏيو، 1962ع ۾ هدايتڪار انور ڪمال پاشا ان کي  فلمي نالو راني ڏئي پنهنجي فلم“محبوب” ۾ ڪاسٽ ڪيو، اها فلم ته ڪامياب نه ٿي پر ان کان پوءِ راني جا فلمي دنيا جي لاءِ دروازا کلي ويا، 1967ع ۾ هدايتڪار حسن طارق جي فلم “ديور ڀابي” جي ڪاميابي کان پوءِ راني جي قسمت جا تارا چمڪي پيا، 1970ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم“ انجمن” ان کي پاڪستاني فلم  انڊسٽري جي پهرين صف جي اداڪار بڻائي ڇڏيو، راني پنهنجي فلمي ڪيريئر ۾ تقريبن 168 فلمن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ 103 فلمون اردو ۾ ۽ 65 فلمون پنجابي زبان ۾ ڪيون، 1980ع  جي ڏهاڪي ۾ راني پاڪستان ٽيليويزن جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ ان جي اداڪاري جي تمام گهڻي تعريف ڪئي وئي، اداڪاري جي ميدان ۾ ڪاميابي ماڻيدڙ راني پنهنجي نجي زندگي ۾ وڌيڪ سک حاصل نه ڪري سگهي، ان 3 شاديون ڪيون ۽ ٽئين ناڪام ويون، راني 1993ع ۾ 46 سالن جي ڄمار ۾ ڪينسر جي مرض سان وڙهندي، هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي، پر هو اڄ به پنهنجن مداحن جي دلين م زنده آهي.

 

ڪنگنا جي نئين فلم سئو ڪروڙ جي ڪلب ۾ شامل ٿي وئي

ممبئي(شوبز نيوز) ڪنگنا راناوت جو شمار بالي ووڊ جي سڀ کان وڌيڪ باصلاحيت اداڪارائن ۾ ڪيو ويندو آهي ۽ هو هاڻي ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ هڪ سٺي دور مان گذري رهي آهي. گذريل سال ريليز ٿيڻ واري ان جي فلم ڪوئين جي ڪاميابي ان کي بالي ووڊ جي ملڪه ٺاهي ڇڏيو، جڏهن ته  ڪجهه ڏينهن پهرين سينيما گهرن جي زينت بڻجڻ واري نئين فلم تنو ويڊز منو ريٽرنز ۾ به ان جي اداڪاري  کي بيحد ساراهيو ويو. اها فلم به سئو ڪروڙ جي ڪلب ۾ شامل ٿي وئي آهي. گذريل ڏينهن ڀارت جي  رسالي انٽرويو دوران هن کان شادي جي باري ۾ پڇيو ته ڪنگنا انتهائي پيشه ورانه انداز ۾ جواب ڏيندي چيو ته 28 سال ٿيڻ جو اهو مقصد ناهي ته شادي ڪريان ۽ ٻار پيدا ڪريان، شادي هڪ انتهائي مشڪل ڪم آهي. گذريل 10  سالن کان مسلسل محنت ڪري رهي آهيان. انهي رشتي کي نڀائڻ لاءِ  وقت ڪونهي.مان هن وقت ان دور مان گذري رهي آهيان، جنهن ۾ پنهنجي پوزيشن کي وڌيڪ بهتر ڪيان، مان ان موقعي کي ضايع نه ٿي ڪرڻ چاهيان. ڪنهن سان محبت ڪرڻ جي سوال تي ڪنگنا چيو ته محبت ڪئي نه ويندي آهي پر ٿي ويندي آهي. مون سان اڃا تائين اهو نه ٿيو آهي ۽ نه وري اهو ڪرڻ چاهيان ٿي. وشال ڀردواج ڪنگنا کي پنهنجي نئين فلم رنگون ۾ به ڪاسٽ ڪري ڇڏيو آهي.

 

نسل پرستانه رويي پريانڪا چوپڙا کي آمريڪا ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) گهر وڃان ۽ ماني ٺاهيان، نسل پرستانه رويي پريانڪا چوپڙا کي به آمريڪا ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. بالي ووڊ جي سپر اسٽار اداڪاره پريانڪا چوپڙا چيو ته آمريڪا ۾ رهڻ  دوران  هو ان قدر نسل پرستي جو شڪار هئي جو انهي کي  آخر ڪار آمريڪا ڇڏڻو پيو. اڳوڻي مس ورلڊ هن وقت نسل پرستي جو شڪار آهي. جڏهن هو 12 سالن جي عمر ۾ تعليم لاءِ آمريڪا وئي، آمريڪي شهري پريانڪا کي برائوني چئي مخاطب ٿيندا هئا. آمريڪا ۾ ڪڏهن به ڀارتي شهرين کي سنجيده نه ورتو ويو. ڀارتي ماڻهن کي سر سڏڻ جي انداز تي به مذاق اڏايو ويندو آهي. اسان جيڪو گهر ۾ ماني ٺاهيندا آهيون. ان جي خوشبو جو اتي مذاق اڏايو ويندو آهي. انهن طعنن کان تنگ ٿي آمريڪا ڇڏي ڀارت اچي وئي آهيان. مگر ان دوران اهڙو نسل پرستانه سلوڪ ٿيو جو ان جا جذبات مجروح ٿيا. پوءِ هو وطن واپس موٽي وئي آهي. پريانڪا چوپڙا چيو ته مون زندگي ۾ وڏي نسل پرستي برداشت ڪئي آهي.

 

زمبابوي جي ڪپتان چگمبورا تي 2 ون ڊي ميچن جي پابندي لڳائي وئي

دبئي(اسپورٽس نيوز): پرڏيهي ايجنسي جي مطابق  انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل پاڪستان جي خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ سلو اوور ريٽ تي زمبابوي جي ڪپتان ايلٽن چگمبورا تي 2 ون ڊي انٽرنيشنل  ميچن جي لاءِ پابندي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته في رانديگر تي ميچ فيس جو 40 سيڪڙو جرمانو لڳايو ويو آهي، آءِ سي سي پاران ميچ ريفري روشن مهنامه، فيلڊ امپائر عليم ڊار، رسل ٽفن ۽ ٿرڊ امپائر احمد شهاب جي سفارش تي ڪيو ويو، آءِ سي سي پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته زمبابوي ڪپتان پنهنجي مقرر وقت کان 3 اوور پوئتي هو، جنهن جي ڪري ان تي پابندي لڳائي وئي ۽ ان پابندي جي ڪري هو پاڪستان جون رهيل ٻن ميچن ۾ حصو نه وٺي سگهندو، جڏهن ته چگمبورا تي پابندي لڳڻ کان پوءِ ٻن ميچن ۾ هميلٽن مساڪيڊزا زمبابوي جي لاءِ ڪپتاني جا فرض انجام ڏيندو، واضح رهي ته زمبابوي کي پهرين ميچ ۾ 41 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن واري سيريز ۾ هڪ ٻڙي جي برتري حاصل ڪئي، ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٻين ميچ جمع تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي.

 

فيفا جو ساليانو اجلاس، وڏا سيڙپڪار ڪاوڙيل

سوئٽزرلينڊ(اسپورٽس نيوز) فٽبال جي عالمي اداري ، فيڊريشن آف انٽرنيشنل فٽ بال ايسوسئيشن(فيفا) جي سينئير آفيسرن تي ڪرپشن جي الزامن ۽ انهن جي گرفتاري کانپوءِ به فيفا چيو ته هو پنهنجي سالياني 65هين ڪانگريس جي شروعات معمول مطابق جمعي تي ڪندي. وڏا سيڙپڪار ڪوڪا ڪولا، ايڊيڊاس ۽ ويزا هاڻوڪي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فيفا کي خبردار ڪيو آهي ته هو فيفا سان پنهنجن لاڳاپن تي نظر ثاني ڪري سگهن ٿا.سوئٽزرلينڊ جي شهر زيوريخ ۾ ٿيندڙ هن اجلاس ۾ فيفا جي گذريل سال جي ڪارڪردگي کانسواءِ فيفا جي نئين صدر جي چونڊ به ڪئي ويندي. فيفا جي نئين صدر جي مقابلي ۾ اردن جو شهزادو علي بن حسين ۽ هاڻوڪو صدر سيپ بلاٽر شامل آهن.17 سالن جوبلاٽر جيڪو فيفا جو صدر آهي، تنقيد ڪندڙن ۽ فٽبال ماهرن پاران سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو پوي.هوڏانهن فيفا جي وڏن سيڙپڪارن جن ۾ ڪوڪاڪولا، ايڊيڊاس، ميڪڊانلڊز، گيس پرام، سوني ۽ ويزا شامل آهن، ان صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

 

سريلنڪا جي پاڪستاني دوري جا امڪان وڌي ويا:پي سي بي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۾ زمبابوي جي ٽيم جي دوري تي اچڻ ڪري عالمي ڪرڪيٽ بحال ٿيڻ بعد  هاڻي ٻين ملڪن کي  ڏيهه آڻڻ جو ڪوششون تيز ٿي ويو آهن، ان ڏس ۾ پي سي بي (پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ) ذريعن ڄاڻايو آهي ته سريلنڪا جي پاڪستاني دوري جا امڪان وڌي ويا آهن، ميڊيائي رپورٽن موجب سريلنڪا ڪرڪيٽ بورڊ جو وقتي چيئرمين سڌارٿ ويٽمني 29 مئي تي پاڪستان جو دورو ڪندو. سريلنڪائي ڪرڪيٽ عهديدار  پنهنجي دوري تي پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ٿيل سيريز لاءِ ڪيل انتظامي معاملن ۽ حفاظتي انتطامن جو جائزو وٺندو، سندس مطمئن ٿيڻ بعد سريلنڪائي ٽيم پاڪستان اچي سگهندي، ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته زمبابوي ۽ پاڪستان وچ سيريز لاءِ ڪيل انتظام عالمي درجي جا آهن ان ڪري اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته سريلنڪائي  ٽيم پاڪستان اچڻ تي راضي ٿي ويندي.

 

سنڌ ۾ گرميءَ جي شدت برقرار، بجلي جي لوڊشيڊنگ عوام لاءِ ناسور بڻيل

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي زمبابوي خلاف پهرين ون ڊي ۾ شاندار ڪاميابي ۽ آل رائونڊر شعيب ملڪ جي هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ زبردست انٽري جي سماجي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي چرچا عام آهن نه صرف قومي رانديگر پر مشهور فنڪار به ٽيم جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري رهيا آهن، لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ شاهينن جي زمبابوي جي خلاف ڪاميابي کان پوءِ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي گرما گرمي آهي، قومي فنڪار ۽ ڪرڪيٽر پنهنجي جذباتن جو اظهار ڪري رهيا آهن، پاڪستان جا مشهور ڳائڻي رابي پيرزاده به شاهينن جي ڪاميابي تي تمام خوش آهي ۽ ٽيم کي مبارڪ جو پيغام ڏنو، ان کاو علاوه مشهور ماڊل مهرين سيد شعيب ملڪ جي دوهاندار سينچري جي تعريف ڪئي، گرين شرٽس جي اسٽار فاسٽ بالر سهيل تنوير به زمبابوي ٽيم کان ڪاميابي تي قومي ٽيم جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، پاڪستاني ٽيم جي نوجوان بيٽسمين نعمان انور به ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ شعيب ملڪ جي شاندار ڪم بيڪ جي تعريف ڪئي آهي.