تازيون خبرون

Daily Archives: May 28, 2015

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو) حڪومت ۽ فوج، ملڪ جي سڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪري ورتو. پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، بچاءَ واري وزير خواجا آصف ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آپريشن ضرب عضب ۽ آپريشن سبب لڏپلاڻ ڪندڙ متاثرن جي پنهنجن علائقن ڏانهن واپسي تي خيالن ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ملڪ اندر سڪيورٽي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس دوران ملڪ ۾ پرڏيهي ايجنسين جي موجودگي ۽ انهن جي چرپر بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

سنڌ حڪومت غير تصديق ٿيل هٿيارن جا لائسنس رد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪراچي ۾ هلندڙ ٽارگيٽيڊ آپريشن تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي غيرتصديق هٿيارن جا لائسنس رد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعليٰ هائوس سيد قائم علي شاهه جي صدارت ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪراچي ۾ امن جي صورتحال تي غور ڪيو ويو جڏهن ته انهيءَ موقعي تي آئي جي سنڌ غلام حيدر جمالي ۽ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پاران ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کانپوءِ سنڌ حڪومت جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيوويو آهي ته سڄي صوبي ۾ جاري هٿيارن جي لائسنسن جو انگ 10 لک کان وڌيڪ آهي جڏهن ته وڏي وزير سمورا غير تصديق ٿيل هٿيارن جي لائسنسن کي رد ڪرڻ جي منظوري ڏيندي شهر ۾ جاري ٽارگيٽيڊ آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪابينا اجلاس ۾ آئي جي سنڌ صفوران سانحي جي جوابدارن کان ڪيل جانچ بابت ڪابينا کي آگاهه ڪندي ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن بس ۾ سوار ماڻهن کي نشانو بڻائڻ جو اعتراف ڪيو آهي جوابدارن کان وڌيڪ جانچ دوران اهم چيزون سامهون اچڻ جي اميد آهي جڏهن ته انهيءَ موقعي تي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ مڪاني چونڊن لاءِ تيار آهي ۽ اليڪشن ڪميشن جو شيڊيول ملندي ئي چونڊون ڪرايون وينديون.

 

ايف آءِ اي ايگزيڪٽ اسڪينڊل ۾ پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪري رهي آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سـُڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته ايف آءِ اي ايگزيڪٽ اسڪينڊل ۾ پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪري رهي آهي، ڊسڪه واقعي تي افسوس آهي پر واقعي تي وڪيلن جو رد عمل مناسب نه هو، انصاف لاءِ لاقانونيت جو رستو اختيار نه ڪرڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته ايگزيڪٽ اسڪينڊل تي ايف آءِ اي پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي، ورڪنگ جنرلسٽ جو ان معاملي سان ڪو تعلق ناهي. هن چيو ته ڊسڪه واقعي تي کيس افسوس آهي، قانون جي محافظن کي قانون هٿ ۾ نه کڻڻ گهرجي ها. پرويز رشيد چيو ته ڊسڪه واقعي بعد فوري طور تي قانون حرڪت ۾ آيو ۽ ملوث پوليس آفيسر کي گرفتار ڪيو ويو پر واقعي کانپوءِ وڪيلن جو رد عمل مناسب نه هو. وفاقي وزير پرويز رشيد جو چوڻ هو ته انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ لاقانونيت وارو رستو اختيار نه ڪرڻ گهرجي.

 

مخالف ڌر اقتصادي راهداري جو روٽ تبديل ڪرڻ خلاف آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته اپوزيشن اقتصادي راهداري جو روٽ تبديل ڪرڻ جي خلاف آهي، اپوزيشن جي ڳالهه نه مڃي وئي ته وڏي نقصان جو خدشو آهي، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم پاڪ چين اقتصادي راهداري تي اتفاق راءِ لاءِ اڄ خميس تي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي آهي، هن چيو ته اپوزيسن جي ڪوشش هوندي ته حڪومت کي پنهنجي موقف تي ڪائل ڪيو وڃي، جيڪڏهن اي پي سي ۾ اپوزيشن جي ڳالهه نه مڃيوئي ته وڏي نقصان جو خدشو آهي، خورشيد شاهه مطابق اي پي سي آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان، محمود خان اچڪزئي، اسفند يار ولي، عمران خان سميت ٻيا سياسي اڳواڻ شريڪ ٿيندا، چئني صوبن جا وڏا وزير به شرڪت ڪندا.

 

بلوچستان کي پاڪ چين اقتصادي راهداري سان وڏو فائدو ٿيندو: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته بلوچستان ۾ امن و استحڪام لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن، بلوچستان کي پاڪ چين اقتصادي راهداري سان وڏو فائدو ٿيندو، اقتصادي راهداري بلوچستان ۾ خوشي جي لهر آڻيندي. هو اربع ڏينهن بلوچستان متعلق اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم نواز شريف جي سربراهي ۾ بلوچستان متعلق اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ امن امان تي ويچاريو ويو. اجلاس ۾ بلوچستان جي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، ريلوي وزير خواجا سعد رفيق، بلوچستان جي سينئر وزير ۽ ن ليگ جي اڳواڻ سردار ثناءُ الله زهري، صوبائي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن جعفر خان مندوخيل، وزيراعظم جو پوليٽيڪل سيڪريٽري ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان شريڪ ٿيا. وزيراعظم نواز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت بلوچستان جي ترقي لاءِ گهربل فنڊز فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ امن امان لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن، بلوچستان کي پاڪ چين اقتصادي راهداري مان وڏو فائدو ٿيندو، اقتصادي راهداري بلوچستان ۾ خوشي جي لهر آڻيندي.

 

افضل گولڊ ميڊل حاصل ڪري قوم جو ڪنڌ فخر ۾ اوچو ڪيو آهي: جنرل راحيل شريف

اسلام آباد(اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف قطر جي گادي واري هنڌ دوها ۾ ٿيل ايشين جونيئر اٿليٽڪس چيمپيئن شپ ۾ پهريون ڀيرو گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ 17 ورهين جي پاڪستاني نوجوان محمد افضل کي مبارڪون ڏنيون آهن. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف محمد افضل جي ڪار ڪردگي جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته نوجوان افضل گولڊ ميڊل حاصل ڪري سموري قوم جو ڪنڌ فخر ۾ اوچو ڪيو آهي ۽ هو پاڪستاني نوجوانن لاءِ مثال آهي. آءِ ايس پي آر مطابق محمد افضل پاڪستان آرمي اسڪول آف فزيڪل ٽريننگ تحت ٽئين آرمي ينگ بوائز اسڪيم ۾ تربيت هيٺ آهي. آرمي چيف جي طرفان نوجوان محمد افضل کي روڪ رقم پڻ انعام طور پيش ڪئي وئي.

 

آءِ جي سنڌ مقررين ۽ بدلين بابت غلط بيان ڪئي،سچ ڳالهائڻ تائين کيس معاف نه ڪيو ويندو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اي ٽي جو گهيراءُ ۽ صحافين تي تشدد بابت ڪيس جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو  آهي، عدالت جو چوڻ آهي ته آءِ جي سنڌ مقررين ۽ بدلين بابت غلط بيان ڪئي آهي، جيستائين سچ نه ڳالهائيندو کيس معاف نه ڪيو ويندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سجاد حسين شاهه ۽ جسٽس سعيد الدين ناصر تي ٻڌل بئنچ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو گهيراءُ ۽ صحافين تي تشدد واري ڪيس جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته آءِ جي سنڌ غير مشروط معافي ورتي آهي جيڪا قبولڻ جوڳي ناهي. عدالت جو چوڻ آهي ته آءِ جي غلام حيدر جمالي مڪمل سچ ناهي ڳالهايو، 23 مئي تي ڪيترائي آفيسر عدالت ٻاهران موجود هئا پر انهن جا رپورٽ ۾ نالا نه ڏنا ويا. سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چوڻ هو ته 23 مئي ۽ 19 مئي تي ڪيترن ئي آفيسرن کي عهدن تان هٽايو ويو ۽ آءِ جي سنڌ ان بابت به عدالت کي آگاهه نه ڪيو. عدالت لکت واري حڪم نامي ۾ چيو ته 19 مئي تي ايس ايس پي ڏکڻ طارق ڌاريجي کي هٽائي چارج  چوڌري اسد کي ڏني وئي.عدالت حڪمنامي ۾ چيو ته ايس ايس پي رئيس غني کي هٽائي چارج ذيشان بٽ حوالي ڪئي وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم نامي ۾ چيو ته اي آءِ جي لاجسٽرڪ ۽ اسپيشل برانچ فيصل بشير ميمڻ 19 مئي تي عدالت ۾ موجود هو جيڪو آءِ جي کي مڪمل ڄاڻ ڏيندو رهيو. عدالت جو چوڻ هو ته اي آءِ جي فيصل بشير سان گڏ ايس پي لياقت آباد طاهر نوراني ، ايس پي سٽي فدا جانوري ۽ ايس پي صدر ذيشان بٽ پنهنجا حلف ناما داخل ڪن. عدالت جو چوڻ هو ته ڊي آءِ جي سائوٿ واقعي واري ڏينهن موڪل تي هو    جنهن جي چارج ڊي آءِ جي فيروز آباد وٽ هئي جنهن تسيلم ڪيو آهي ته هو عدالت ٻاهران موجود هو پر ان باوجود عدالت نالا ظاهر نه ڪيا. سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چوڻ هو ته آءِ جي سنڌ کان پڇاڻو ڪيو ويو ته هن غلط بياني ڇو ڪئي،  هن پاڻ کي عدالت جي رحم ڪرم تي ڇڏيندي غير مشروع معافي ورتي آهي. عدالت لکت ۾ حڪم نامي ۾ چيو ته جيستائين آءِ جي سنڌ قانون جي بالادستي کي تسليم ڪندي  عدالت آڏو سچ نه ٿو ڳالهائي ان وقت تائين کيس معاف نه ٿو ڪري سگهجي.

 

زيرو پيداوار آهي، ٽئي يونٽ گڏ نٿا هلي سگهن، ان تي خرچ ڪرڻ بيڪار آهي: سيڪريٽري پاڻي بجلي جو اعتراف

اسلام آباد (بيورو) پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي هيٺين ڪاميٽي ۾ پاڻي ۽ بجلي سيڪريٽري يونس ڍاگا تسليم ڪيو آهي ته لاکڙا پاور پراجيڪٽ کان خراب فيصلو تاريخ ۾ ڪوبه نه هو، غلط فيصلن جي سزا ڀڳتي رهيا آهيون، زيرو پيداوار آهي، ٽئي يونٽ گڏ نٿا هلي سگهن، ان تي خرچ ڪرڻ بيڪار آهي، ٿرڪول تي آءِ ڊي پيز ڪم ڪري رهي آهي، آڊٽ حڪام ٻڌايو ته ريلوي حڪام 3 2  سال پهريان 2 5  لک رپي جي سامان چوري ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي نه ڪري سگهيا، ڪاميٽي جو سخت غصي جو اظهار، پاڪستان ريلوي جي پوري ملڪ ۾ زمينن تي قبضن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ گهري ورتي. هيٺين ڪاميٽي جو اجلاس ڪاميٽي ڪنوينئر شاهده اختر جي سربراهي ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پاڻي بجلي وزارت ۽ ريلوي وزارت جي سال پراڻا آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. آڊٽ حڪام ٻڌايو ته پاڪستان ريلوي جو 3 2  سال پهريان 2 5  لک رپين جو سامان چوري ٿيو هو، جنهن تي ڪا ڪاروائي عمل ۾ ناهي آندي وئي، جنهن تي ريلوي سيڪريٽري پرويز آغا چيو ته ان معاملي جي جاچ لاءِ ريلوي بورڊ بڻجي ويو آهي، جلد ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ٿيندي، اهي تمام آڊٽ اعتراض 0 2 ، 5 2  سال پراڻا آهن، هاڻ ريلوي ۾ حالتون بدلجي چڪيون آهن، اسان بريفنگ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، پاڪستان ريلوي لينڊ مافيا کان 0 1  ارب رپين جي ايراضي ڇڏرائي آهي. جنهن تي ڪاميٽي چيو ته ڪاميابيون پنهنجي جاءِ تي پاڪستان ريلوي جي پوري ملڪ ۾ زمينن تي قبضن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي. آڊٽ حڪام ٻڌايو ته ريلوي جو 0 9  لک کان وڌيڪ جو ناقص سامان خريد ڪيو ويو، جنهن تي هيستائين ڪا ڪاروائي عمل ۾ ناهي آندي وئي، ڪنوينئر ڪاميٽي چيو ته ريلوي بورڊ فيصلو ڪري ڪاميٽي کي آگاهه ڪري ته ڇا ڪرڻو آهي. پاڻي ۽ بجلي وزارت جي آڊٽ اعتراضن ۾ ٻڌايو ويو ته لاکڙا پاور پراجيڪٽ ۾ دير ٿي، جنهن سان ان جي لاڳت ۾ بي پناهه واڌ ٿي، 2 4  مهينن ۾ منصوبو مڪمل ٿيڻ سان 2  ارب 5 6  ڪروڙ 0 1  لک رپين جو خرچ اچڻو هو جيڪو 0 2 1  مهينن سبب 5  ارب 3 7  ڪروڙ جو خرچ آيو. منصوبو 7 8  ۾ شروع ٿيڻو هو غفلت ۽ لاپرواهي ثابت به ٿي پر سزائون نه ڏنيون ويون، جنهن تي پاڻي ۽ بجلي سيڪريٽري موقف اختيار ڪيو ته رڪارڊ ۾ واپڊا ڪنهن تي ذميداري فڪس ناهي ڪئي ۽ نه ئي رڪارڊ ۾ ڪا شيءِ آهي، ڪاميٽي حڪم ڪري ته ٻيهر انڪوائري ڪري وٺون ٿا، جنهن تي ڪاميٽي ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته ايترو پراڻو آڊٽ اعتراض ۽ ذميدارن جو تعين به نه آهي، مستقبل ۾ اهڙي غفلت ۽ لاپرواهين کان پاسو ڪيو وڃي. آڊٽ حڪام ڪاميٽي کي ٻڌايو ته لاکڙا پاور پراجيڪٽ جي ٽئين يونٽ کي ٽيسٽ ڪرڻ بغير قبول ڪيو ويو، جنهن سان اٽڪل 2  ارب رپين جو نقصان ٿيو، جنهن تي پاڻي ۽ بجلي سيڪريٽري موقف اختيار ڪيو ته لاکڙا کان خراب فيصلو ڪوبه نه هو، ماضي جي غلط فيصلن کي ڀڳتي رهيا آهيون، لاکڙا زيرو پيداوار ڏئي رهيو آهي، گڏ ٽئي يونٽ نٿا هلي سگهن، لاکڙا تي خرچ ڪرڻ بيڪار آهي، جائيڪا جي مدد سان 0 6 1  ميگاواٽ جو فريش پلانٽ لڳايو پيو وڃي. ڪاميٽي چيو ته 2  هفتن ۾ انڪوائري رپورٽ پيش ڪريو. پاڻي ۽ بجلي سيڪريٽري ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ ٻڌايو ته ٿرڪول ۾ سرڪاري سطح تي ڪا سرمائيداري ناهي ٿي رهي، خانگي ڪمپنيون سرمايو لڳائي رهيون آهن، لاکڙا پاور پراجيڪٽ سرڪاري سرمائيداري جو سڀ کان وڏو مثال آهي، ٿر ۾ سمورا آءِ پي پيز آهن. ڪاميٽي هدايت ڏني ته نئين منصوبن کي بروقت چيڪ ڪيو وڃي ته اهي معيار مطابق هلي رهيا آهن يا نه ۽ ماهوار بنيادن تي تمام ٽربائنز کي هلايو وڃي.

 

ڪراچيءَ ۾ هٿياربندن جي پوليس موبائل تي فائرنگ، سب انسپيڪٽر سميت 3 پوليس اهلڪار شهيد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) عزيز آباد واري علائقي ڀنگوريه ڳوٺ ۾ اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ سب انسپيڪٽر سميت 3 پوليس اهلڪار مارجي ويا. سينيئر پوليس آفيسرن مطابق اربع جي صبح عزيز ڀٽي ٿاڻي جي موبائل گشت ختم ڪري واپس اچي رهي هئي ته ڀنگوريه ڳوٺ ۾ 4 اڻڄاتل هٿياربندن جيڪي موٽر سائيڪل تي سوار هئا، پوليس موبائل مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ سب انسپيڪٽر سڪندر ۽ 2 سپاهي اشرف ۽ آصف اجل جو شڪار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس جا وڏا اٽالا واقعي واري هنڌ پهتا ۽ لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا. دهشتگرديءَ جي اطلاع تي ڊي جي رينجرز ۽ اعليٰ پوليس آفيسر واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ وارادات واري جي جاءِ جو جائزو ورتو. هوڏانهن پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

اسفند يار ولي جي ڀل آهي، سونامي ختم ناهي ٿي، مڪاني چونڊن ۾ سڀني کي شڪست ڏينداسين: عمران خان

مردان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ متعارف ڪرايل مڪاني نظام يورپ جهڙو آهي، هن نظام سان صوبي جو هر ڳوٺ خودمختيار ٿي ويندو، نوازشريف ۽ آصف زرداري تحريڪ انصاف جي خوف سبب گڏ ٿي ويا آهن، اسفنديار جي اها ڀل آهي ته سونامي ختم ٿي وئي آهي، مولانا فضل الرحمان ياد رکي ته کيس شڪست آئون ئي ڏيندس. مردان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته سيڪيولر ۽ مولانا سدائين هڪٻئي جا مخالف رهيا  آهن پر هاڻي تحريڪ انصاف جي خوف سبب گڏ ٿي ويا آهن. عمران خان چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ متعارف ڪرايل مڪاني نظام يورپ جي نظام جهڙو آهي، جنهن سان ڳوٺ به خودمختيار ٿي ويندا. هن چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري سونامي جي خوف سبب گڏجي ويا آهن پر هاڻي کين ڪپتان عوام جي سگهه سان شڪست ڏيندو. عمران خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته سونامي جي ختم ٿيڻ بابت اسفنديار ولي ڀليل آهي، کيس ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته سونامي اڃا ختم نه ٿيو آهي. هن چيو ته مڪاني نظام سان ضلعن کي فنڊ ملندا ۽ ضلعن جا فيصلا پشاور ۾ نه پر اتي ئي ٿيندا، جنهن سان تبديليءَ جو هڪ نئون دور شروع ٿيندو. عمران خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته مولانافضل الرحمان ياد رکي ته کيس شڪست اسان ئي ڏيندس. عمران خان جو چوڻ هو ته خيبرپختونخواهه جي پوليس عوام جي حفاظت ڪندي آهي پر پنجاب جي گلو پوليس عوام کي قتل ڪندي آهي، اهو ئي فرق آهي.