تازيون خبرون

Daily Archives: May 25, 2015

ڪوهاٽ ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ٻارڙي سميت 3 عورتون فوت

ڪوهاٽ (م.ڊ) ڳڙهي بهرام خان ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ٻارڙي سميت 3 عورتون دٻجي فوت ٿي ويا. ڪوهاٽ جي علائقي ڳڙهي بهرام خان ۾ طارق خان نالي  شخص جي گهر جي ڇت اچانڪ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ طارق خان جون ٻه ڀينرون 18 سالا هما ۽ 30 سالا سفينا ۽ ڀائٽيي 8 سالن جي نورين ملبي هيٺان دٻجي فوت ٿي ويون. واقعي جي اطلاع ملندي ئي گهر وارن پنهنجي مدد پاڻ تحت امدادي ڪمن  جو آغاز ڪيو. ٽنهي عورتن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڊاڪٽرن انهي ٽنهي جي موت جي تصديق ڪري ڇڏي.

 

سڄي ملڪ ۾ گرمي پد ۾ اضافو ٿي ويو، سج سوا نيزي تي لهي آيو

ڪراچي (نمائندن وٽان) سڄي ملڪ ۾ گرمي پد ۾ اضافو ٿي ويو، سج سوا نيزي تي لهي آيو، گرم هوائن جو راڄ برقرار آهي، نوابشاهه ۾ گرمي پد 49 سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو، گرمي جي ستايل ماڻهن شاخن ۽ واهن جو رخ ڪيو آهي، ڪراچي ۾ سمنڊ تي به ماڻهن جي رش لڳل آهي. ملڪ ۾ شديد گرمي جي لهر برقرار آهي، نوابشاهه ۾ گرمي پد 49 سينٽي گريد رڪارڊ ڪيو ويو، لاڙڪاڻو ۽ دادو ۾ 47، سکر ۽ خيرپور ۾ 46، عمرڪوٽ ۽ گهوٽڪي ۾ 44 جڏهن ته حيدرآباد ۾ گرمي پد 39 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.. ماڻهن گرمي کان بچڻ لاءِ هوائن ۽ شاخن جو رخ ڪري ورتو آهي، تفريحي ماڳن المنظر، ڪراچي سمنڊ، ڪينجهر ۽ ٻين هنڌن تي ماڻهن جا ميلا متل آهن. سخت گرمي دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ به ماڻهن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن، ماڻهن ٿڌين شين جي استعمال ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسپتالن ۾ مريض گرمي سبب تڙپي رهيا آهن.. ٻئي پاسي، بدين ۽ ٿرپارڪر ۾ طوفاني هوائن سبب ڪيتريون ئي جهوپڙيون اڏامي ويون، ڪچن گهرن کي نقصان پهتو آهي، انبن جا باغ سخت متاثر ٿيا آهن.. تيز هوائن سبب سامونڊي پٽي ۾ مهاڻن هوڙا ڪنارن تي بيهاري ڇڏيا آهن.

 

اداڪارن کي وري ٻيهر دريافت ڪرڻ جي ضرورت نه هوندي آهي:پوجا بٽ

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اداڪاره پوجا بٽ چيو ته اداڪارن کي وري ٻيهر دريافت ڪرڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. بلڪه هي فلم انڊسٽري جي ضرورت هوندا آهن. ته هو پنهنجي اداڪارن کي ڪيئن ٺاهي پيش ڪن ٿا. هن چيو ته اسان کي گليمبر ڏيکارڻ جي به ضرورت ناهي.ڇو ته گليمر ڏيکارڻ کانسواءِ پنهنجي چاهيندڙن جي دلين ۾ پنهنجي اداڪاري جي وجه سان جاءِ ٺاهي سگهون ٿا. انهي لاءِ مان سڀني کي چوندس ته رچا چڊها کي توهان ڪڏهن گليمر کان بغير ڏسو ته توهان کي پاڻ خبر پئجي ويندي. ته هو ڪيڏي پرڪشش ۽ باصلاحيت لڳندي آهي.

 

ڪاميڊي ليجنڊ اداڪار رنگيلا کي اسان کان وڇڙي 10 سال گذري ويا

لاهور(شوبز نيوز): برصغير جي ڪاميڊي ليجنڊ رنگيلي جي اڄ 10 هين ورسي ملهائي پئي وڃي. پاڪستان سلور اسڪرين جو ڪاميڊي ليجنڊ اداڪار رنگيلا کي اسان کان وڇڙي 10 سال گذري ويا. قدرت رنگيلي کي اهڙي شڪل ۽ صورت سان نوازيو، جنهن جي انگ انگ مان مشڪري سمايل هئي. رنگيلي جي پردي ۾ ايندي ئي سنيما هال ۾ ٽهڪڙا مچي ويندا هئا. فلم ڏسندڙن جا چهرا خوشي سان مهڪي ويندا هئا. رنگيلا جي ذمي انسانن کي خوشيون ورهائڻ جو ڪم سونپيو ويو هو. جيڪو ڪم هن پوري زميواري سان نڀايو. تعليم کان محروم رنگيلي کي قدرت واري وڏو ذهن عطا ڪيو. هو مقبول ترين ڪاميڊين کان سواءِ ڪامياب گلوڪار، موسيقار، هدايتڪار، ۽ فلمساز به هو. حڪومت ڪيترن ئي وڏن اعزازن سان پڻ نوازيو. رنگيلي ۽ منور ظريف جي جوڙي تمام گهڻي مقبول هئي. اڄ رنگيلي جي 10 ورسي آهي.

 

ٽهڪن جي برسات سان ڀريل فلم تنو ويڊز منو هڪ ڀيرو ٻيهر شوقينن لاءِ نماءُ لاءِ پيش ڪئي پئي وڃي

ممبئي(شوبز نيوز): پيار جي رم جهم ۽ ٽهڪن جي برسات سان ڀريل فلم تنو ويڊز منو هڪ ڀيرو ٻيهر شوقينن لاءِ نماءُ لاءِ پيش ڪئي پئي وڃي. مزاح سان گڏ رومانس جي تڙڪي سان گڏ وک وک تي ڇرڪائندڙ موڙ هن فلم ۾ ڏسڻ وٽان ملندا.

 

هڪ وقت اهڙو به هو جو مون کي فيشن ڪرڻ تي بيوقوف سَڏيو ويندو هو :پريانڪا چوپڙا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ادڪارا پريانڪا چوپڙا فلم انڊسٽريءَ ۾ عورتن جي طاقت کي ساراهيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي پريانڪا چوپڙا چيو ته هڪ وقت اهڙو به هو جو مون کي فيشن ڪرڻ تي بيوقوف سَڏيو ويندو هو، پر هاڻي ڪافي شيون بدلجي ويون آهن، ادڪارا چيو ته فلم ”اين ايڇ ٽين“ ۾ عورتن کي طاقتور ڏسي مون کي تمام گھڻي خوشي ٿي آهي، هن چيو ته هي فلم ڏسي ايئن لڳو ڄڻ ماڻهو اسان کي ان انداز سان نه وٺندا هئا، جھڙيءَ طرح هاڻي ڏسي سمجھي ۽ محسوس ڪري رهيا آهن. پريانڪا وڌيڪ چيو ته فلم ”پيڪو ۽ تَنو ويڊز مَنو“ ڏسڻ جي لاءِ تمام گھڻي بيقرار آهيان.

 

ٽيم آف اسپنر سعيد اجمل جي ڪمي محسوس ڪري رهي آهي:وقار يونس

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي  ڪوچ ۽ اڳوڻي مايه ناز فاسٽ بالر وقار يونس چيو ته ٽيم آف اسپنر سعيد اجمل جي ڪمي محسوس ڪري رهي آهي. اجمل جو ڪيريئر پنهنجي نئين بائولنگ ايڪشن سان گڏ بنگلاديش خلاف سيريز دوران بحال ٿيو، پر  ان جي ڪارڪردگي متاثر ڪن نه رهي. ناقص ڪارڪردگي سبب  اجمل کي زمبابوي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪيو ويو. جڏهن ته هڪ ڏينهن واري ٿيندڙ ميچن  ۾ به ان جي شموليت جا گهٽ ئي امڪان آهن. زمبابوي کي پنجن وڪيٽن تان شڪست ڏيڻ کانپوءِ وقار يونس چيو ته مان نه ٿو سمجهان ته مستقبل قريب ۾ هڪ ٻيو اجمل تلاش ڪري سگهون. ان ڪمي کي اسان محسوس ڪري رهيا آهيون.

 

مشهور ملهه پهلوان امير بخش شورو اکين جي نور کان محروم

حيدرآباد (اسپورٽس نيوز) سنڌ جي مشهور ملهه پهلوان امير بخش شوري جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ لاءِ سنڌ ملهه ايسوسيئيشن ضلعي حيدرآباد جي اڳواڻن غلام حسين ٿيٻو ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب پهچي سنڌ حڪومت ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته مشهور ملهه پهلوان امير بخش شوري جي علاج جي لاءِ مالي مدد ڪري، سندس سار لڌي وڃي. هنن ٻڌايو ته امير بخش شورو سنڌ جو مشهور ملهه پهلوان آهي، جيڪو هن وقت موذي مرض ۾ مبتلا آهي، پر ڪو به وس وارو سندس سار نه پيو لهي. هن چيو ته امير بخش شورو اکين جي نور کان محروم آهي، پوءِ به هو سنڌ ۾ ٿيندڙ ملهه ۾ پهرين صف تي رهي ٿو. هنن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه سميت چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي ته پهلوان امير بخش جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي سندس زندگي بچائي وڃي.

 

ممبئي انڊينز ڪوليفائر ون ۾ ايوينٽ جي ٽاپ ٽيم چناءِ سپر ڪنگز کي هارائي سڌي ريت فائنل لاءِ ڪوليفاءَ ڪيو

ممبئي(اسپورٽس نيوز ) انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل) 8 جو فائنل چناءِ سپر ڪنگز ۽ ممبئي انڊينز جي ٽيمن وچ ۾ اڄ ايڊن گارڊنز ڪلڪتي ۾ کيڏيو ويندو. فيصلائتو دنگل ڊي اينڊ نائيٽ هوندو ۽ پاڪستاني وقت موجب شام جو ساڍي 7 وڳي شروع ٿيندو. ممبئي انڊينز ڪوليفائر ون ۾ ايوينٽ جي ٽاپ ٽيم چناءِ سپر ڪنگز کي هارائي سڌي ريت فائنل لاءِ ڪوليفاءَ ڪيو، جڏهن ته چناءِ سپر ڪنگز ڪوليفائر 2 ۾  رائل چيلينجرز بنگلور کي هارائي فائنل تائين پهتي. ممبئي انڊينز جي ٽيم روهيت شرما جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي جڏهن ته چناءِ سپر ڪنگز جي ڪپتاني جو فرض مهندرا سنگهه ڌوني انجام ڏيندو. چناءِ سپر ڪنگز کي 2 ڀيرا آءِ پي ايل جو ٽائٽل کٽڻ جو اعزاز حاصل آهي. ان ترتيب وار 2010ع ۾ 2011ع ۾ ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي، جڏهن ته ممبئي انڊينز واحد ٽائٽل 2013ع ۾ کٽيو هو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾  سخت مقابلي جو امڪان آهي.

 

آمريڪي رياست ميزوري جي گولف ڪورس ۾ اونهو کڏو پئجي ويو

برينسن(اسپورٽس نيوز):ميزوري جي شهر برينسن ۾ راڪ گولف ڪورس ۾ اوچتو زمين اندر ڏانهن هلي وئي، ۽ تمام گهرو کڏو پئجي ويو. ماهرين جي ٽيم گولف ڪورس جو دورو ڪري کڏو ٿيڻ جي ڪارڻن جو جائزو ورتو. گولف ڪورس انتظاميا مطابق کڏي جي ڀرپاسي سمورا حفاظتي اپاءَ ورتا ويا آهن. رياست ميزوري ۾ کڏي پوڻ جا واقعا غير معامعولي ناهن، اختيارين مطابق ان کان اڳ به رياست جي مختلف علائقن ۾ هزارين کڏا پئجي چڪا آهن.