تازيون خبرون

Daily Archives: May 23, 2015

گهوٽڪي ڌاڙيلن خلاف آپريشن، ڪچي ۾ 13 ڌاڙيل مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

گهوٽڪي(ڊ.ر) صوبي پنجاب جي سرحد سان جڙيل صوبي سنڌ جي علائقي گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ پوليس جي ناڪامي کانپوءِ رينجرز جي ڪارروائي هلندڙ آهي.ڪچي ۾ رونتي ويجهو هلندڙ آپريشن ۾ رينجرزپاران ڌاڙيل گڊو شر جي گروهه  جا ڪيترا ئي ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا آهن، آپريشن دوران مارجي ويندڙ ڌاڙيلن جو انگ 15 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 10 ڌاڙيل زخمي ٿيڻ جو خبرون آهن.پوليس پاران گهوٽڪي، ڪنڌ ڪوٽ ۽ رحيم يار خان جا سمورا رستا سيل ڪري زميني آپريشن ڪيو پيو وڃي.

 

سلمان خان شدهي فلم مان آئوٽ سندس جاءِ تي ورن دون اچي ويو

ممبئي:(شوبز نيوز)بولي ووڊ اداڪار سلمان خان ڪرن جوهر جي فلم “شدهي” ۾ اداڪاري ڪرڻ وارو هو پر هاڻي سندس جڳهه نئين اداڪار ورن ڌون  وٺي ڇڏي آهي. تازو ئي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي اداڪار سلمان خان ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته هو هاڻي ڪرن جوهر جي فلم“ شدهي” جو حصو نه آهي ۽ هن جي جڳهه تي ورن ڌون اداڪاري ڪندو.

 

شاهه رخ خان جو خميس ڏينهن بمبئي جي هڪ اسپتال ۾ گوڏي جو آپريشن ڪيو ويو

ممبئي(شوبز نيوز): ڪنگ خان شاهه رخ خان جو خميس ڏينهن بمبئي جي هڪ اسپتال ۾ گوڏي جو آپريشن ڪيو ويو. شاهه رخ خان  گهڻي عرصي کان گوڏي  جي تڪليف ۾ مبتلا هو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته شاهه رخ خان کي جمعي ڏينهن فارغ ڪيو ويندو. 4 ڏينهن جي آرام کانپوءِ شوٽنگ ٻيهر شروع ڪندو.

 

ٽي وي ۽ اسٽيج اداڪاره مهوش دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري وئي

لاهور(شوبز نيوز): اسٽيج ۽ ٽي وي جي بهترين اداڪاره مهوش 54  ورهين جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي. مرحومه کي اڄ جمعي ڏينهن اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. اداڪاره مهوش ڪيترن ئي ٽي وي ۽ اسٽيج ڊرامن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيا. اداڪاره پنهنجي فن زندگي دوران اداڪار قوي، عرفان کوسٽ، امان الله، جواد وسيم، مستانه، ببو برال، عابد خان ۽ ٻين  معروف اداڪارن سان گڏ يادگار ڪردار ڪيا ۽ خوب داد وصول ڪئي. اداڪاره پنهنجا آخري زندگي جا ڏينهن تمام ڏکيا گذريا. ٻارن جي نوڪرين سميت ٻيا مسئلا  سندس بيماري جو سبب بڻيا. ۽ آخر  هو زندگي جي جنگ هارجي وئي ۽ وڃي مالڪ حقيقي سان ملي. سندس وفات تي  پاڪستاني شوبز جي دنيا اچي گڏ ٿي.

 

جيڪولين فرنينڊس پنجابي آئٽم گانو ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) سريلنڪا حسينا ۽ بالي ووڊ اداڪاره جيڪولين فرنينڊس گذريل سال رليز ٿيڻ واري فلم رميا وستاويا جي آئٽم گاني “جادو ڪي جهپي”  سان پنهنجا جوهر ڏيکاري چڪي آهي. وقت نه هئڻ جو بهانو ٺاهيندي پنجابي فلم جو آئٽم گانو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڀارتي اخبار موجب  ڪينيڊا کان ڀارت ايندڙ هدايتڪار امنديپ ڪلير ڀارت ۾ پنهنجي پهرين فلم ٺاهي رهيو آهي. جيڪولين فرنينڊس  سان آئٽم گانو ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو ۽ انهي کي شوٽنگ لاءِ تاريخون ڏيڻ جو چيو. پر هن آئٽم گانو ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته مون وٽ ٽائيم ڪونهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هدايتڪار طرفان جيڪولين کي وڏي معاوضي ڏيڻ جي به پيشڪش ڪئي وئي، پر جيڪولين چيو ته مان انهن ڏينهن ۾ ورون جي فلم جي شوٽنگ ۾ ابوظهبي ۾ مصروف هونديس. ان لاءِ هو آئٽم گانو نه ٿي ڪري سگهي.

 

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کان پاڪ زمبابوي جون 600 ٽڪيٽون چوري ٿي ويون

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کان پاڪ زمبابوي جون 600 ٽڪيٽون چوري ٿي ويون. تفصيل موجب پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ پهرئين ٽي ٽوئنٽي ميچ اڄ کيڏيو ويندو. پر پي سي بي کي ميچ  کان اڳ ئي 600 ٽڪيٽون چوري ٿيڻ جو ڌچڪو لڳي ويو. جنهن بعد پي سي بي طرفان خاموشي اختيار ڪري ڇڏي، گلبرگ ٿاڻي ۾ عرفان نالي شخص خلاف رپورٽ داخل  ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته  پي سي بي مان چوري ٿيڻ وارين ٽڪيٽن جي قيمت في  ٽڪيٽ 1500 رپيا هئي. پوليس طرفان گذريل رات هڪ جعلي ڪانسٽيبل به لبرٽي مارڪيٽ مان گرفتار ڪيو ويو هو. جيڪو ميچ جون ٽڪيٽون بليڪ تي وڪرو ڪري هو.

 

6سالن کان پوءِ ٻيهر ٽيمن ۽ ملڪن جو گڏ ٿيڻ خوشي جي ڳالهه آهي:پاڪستاني شائقين

لاهور(اسپورٽس نيوز)زمبابوي  جي ٽيم ٽاسڪ کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، شاهد آفريدي پاڪستاني ٽيم جي ڪپتاني ڪري رهيو آهي، جڏهن ته زمبابوي ٽيم جي ڪپتاني ايلٽون ڪري رهيو آهي.راند شروع ٿيڻ کان اڳ ٻنهي ملڪن جو قومي ترانو وڄايو ويو. پاڪستان جو صدر ممنون حسين راند ڏسڻ لاءِ قذافي اسٽيڊيم  پهتو  ۽ ٽيم جو حوصلو وڌايو.شوقنين جو وڏو انگ اسٽيڊيم ۾ موجود آهي.اسٽيڊيم آيل راند جي شوقينن جو چوڻ آهي ته 6سالن کان پوءِ ٻيهر ٽيمن ۽ ملڪن جو گڏ ٿيڻ خوشي جي ڳالهه آهي.

 

زمبابوي دوري کان پوءِ ٻيون ٽيمون به پاڪستان ڏانهن رخ ڪنديون:شهريار خان

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه شهريار خان اميد ڏيکاري آهي ته زمبابوي دوري کان پوءِ ٻيون ٽيمون به پاڪستان ڏانهن رخ ڪنديون.ڪالهه ميڊيائي نُمائندن سان ڳالهائيندي ان ڏس ۾ هن ايشين ٽيمن کي اڳتي اچڻ تي زور ڀريو. 2009ع دوران لاهور ۾ سريلنڪن ٽيم تي دهشتگردن جي حملي کان پوءِ زمبابوي پاڪستان جو دورو ڪندڙ پهرين ٽيسٽ ٽيم آهي. شهريار خان جو چوڻ هو ته پاڪستان اڃا تائين سِکي رهيو آهي ته مهمان ٽيمن کي ڪيئن محفوظ ترين سڪيورٽي ڏني ويندي آهي، پر  پوءِ به ان دوري مان ثابت ٿي ويندو ته پاڪستان مهمان ٽيمن جي حفاظت ڪري سگھي ٿو. هن چيو ته اسان سيريز بابت پراميد آهيون ڇو ته اميد آهي ته ان اڳڀرائيءَ کان پوءِ مستقبل ۾ ٻين ٽيمن جي لاءِ به دروازا کُلي ويندا. سڀ کان اهم ڳالهه اها ته ان سان اسان کي، حڪومت ۽ سڪيورٽي ايجنسين کي تجربو ٿيندو ته مهمان ٽيمن کي ڪهڙيءَ طرح وڌيڪ بهتر سڪيورٽي ڏئي ٿي سگھجي. پاڪستان پاڙيسرين انڊيا ۽ بنگلاديش کي دورن جون دعوتون ڏئي چڪو آهي، شهريار خان موجب وقت اچي ويو آهي ته ننڍي کنڊن جون ٽيمون زمبابوي کي مثال بڻائي اسان جو دورو ڪن. هن چيو ته انڊيا، سريلنڪا ۽ بنگلاديش کي گھرجي ته هو پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ بحال ڪرڻ جي ڪوششن ۾ اسان جي مدد ڪن. خان اڄ کيڏجندڙ پهرين ٽي ٽوئنٽي جي سڪيورٽي بابت ٻڌايو ته قذافي اسٽيڊيم جي چوڌاري علائقن کي بند ڪري سگھجي ٿو. قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسيون جيمرن جو سهارو وٺنديون ۽ شوقينن کي ميٽل ڊٽيڪٽرن سميت سڪيورٽيءَ جي ٽِن تَهن مان گذرڻو پوندو. پي سي بي چيئرمين ٻڌايو ته اسٽيڊيم جي چؤڦير موجود دڪانن ۽ ريسٽورينٽن کي ٻڌايو ويو آهي ته هو دوري دوران ڪاروبار نه ڪن.هن پاڪستاني شوقينن کي درخواست ڪئي ته هو ٿورا مڃڻ خاطر زمبابوي ٽيم جو گرائونڊ ۾ ساٿ ڏين. زمبابوي دٻاءَ باوجود پاڪستان جو دورو ڪري اسان سان تمام وڏي سهڪار ڪئي آهي، ان ڪري عوام کي درخواست ٿو ڪيان ته هو گرين شرٽن سان گڏوگڏ مهمان ٽيم کي به ڀرپور داد ڏين.

 

مون سدائين چئلينج قبول ڪيا ۽ شڪستن کان گھٻرائڻ وارو ناهيان:شاهد آفريدي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاهد خان آفريديءَ ڇهن سالن کان پوءِ ملڪ ۾ بين الاقوامي ڪرڪيٽ جي بحاليءَ کي تاريخي موقعو قرار ڏيندي چيو آهي ته مون سدائين چئلينج قبول ڪيا ۽ شڪستن کان گھٻرائڻ وارو ناهيان. پاڪستان ۾ بين الاقوامي ڪرڪيٽ بحاليءَ ۾ پي سي بي چيئرمين جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، لاهور ۾ پاڪ-زمبابوي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽرافي جي رونمائيءَ کان پوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ايندڙ ميچن ۾ به نون رانديگرن کي موقعو ڏيڻ جو سلسلو جاري رهندو. شاهد آفريديءَ چيو ته ورلڊ ٽي ٽوئنٽيءَ جي لاءِ ٽيم تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پر هو سليڪشن جي مامرن ۾ مداخلت ناهي ڪندو. ٽي ٽوئنٽي ڪپتان چيو ته ٽيم مان سٺي ڪارڪردگيءَ جي اميد آهي پر ٽي ٽوئنٽي ۾ ڪا به ٽيم سولي ناهي هوندي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مڊل آرڊر بيٽسمين شعيب ملڪ ۽ فاسٽ بالر محمد سميع جون ڪافي خدمتون آهن ۽ هو ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ٽيم ۾ چونڊيا ويا آهن. شاهد آفريديءَ وڌيڪ چيو ته سٺو پرفارم نه ڪندڙ رانديگرن کي ٽيم ۾ جاءِ نه ڏني ويندي. ٻئي طرف زمبابوي جي ڪپتان ايلٽن چيگمبورا چيو ته سيريز جي لاءِ سڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن مان تمام مطمئن آهيون ۽ پاڪستان اچي سٺو لڳي رهيو آهي. هن چيو ته اڳوڻي پاڪستاني ۽ موجوده زمبابوين ڪوچ ڊيو واٽمور جي موجودگيءَ سان ٽيم کي تمام گھڻو فائدو پهچندو. ڊيو واٽمور 2012ع کان 2014ع جي وچ ڌاران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ ڪئي هئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻ آيا آهيون ۽ سڄو ڌيان ڪرڪيٽ تي آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته زمبابوي ٽيم پاڪستان کي هارائڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

 

پ پ ايم پي اي سهيل سيال جي گهرو وزير ٿيڻ جي خوشي ۾ ڏوڪري ۾ ريلي، مٺايون ورهايون ويون

ڏوڪري(نمائندو) پ پ ايم پي اي سهيل سيال جي گهرو وزير ٿيڻ جي خوشي ۾ ڏوڪري ۾ ريلي، مٺايون ورهايون ويون. تففصيل مطابق ڏوڪري مان چونڊيل پ پ ايم پي اي سهيل سيال جي گهرو وزير ٿيڻ جي خوشي ۾ پ پ اڳواڻ رئيس بشير گاڏهي، عابد ٻگهيو، سڪندر بروهي، اياز ٻٽ، يار محمد گاڏهي، غلام سرور جوڻيجو، استاد منير ڍڪڻ، احمد علي گاڏهي، مير گاڏهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ موهن جو دڙو کان ڏوڪري تائين ڪارين ۽ موٽر سائيڪلن تي ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته رئيس بشير گاڏهي جي اڳواڻي ۾ شهرين ڏوڪري شهر ۾ دهل ۽ شرنانين تي رقص ڪندي ريلي ڪڍي نيشنل پريس ڪلب ۾ صحافي عبدالجبار ميمڻ ۽ ٻين کي مٺائي کارائي. ان موقعي تي خطاب ڪندي رئيس بشير گاڏهي ۽ ٻين چيو ته پ پ عوام جي ترجمان پارٽي آهي، سهيل سيال جي گهرو وزير مان ثابت ٿيو ته پ پ ورڪرز جي پارٽي آهي. هن چيو ته سهيل سيال جي گهرو وزير ٿيڻ سان لاڙڪاڻو تمام گهڻي ترقي ڪندو ۽ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال پڻ بهتر ٿيندي.