تازيون خبرون

Daily Archives: May 21, 2015

فراڊ ڪيس: ايگزيڪٽ آفيس تي ڇاپا، رڪارڊ سيل

 

ڪوڙين ڊگرين ۽ ٻين معاملن جو ڀانڊو ڦاٽڻ بعد ايف آءِ اي ايگزيڪٽ ڪمپني جي ڪراچي ۽ اسلام آباد آفيس تي ڇاپا هڻي رڪارڊ قبضي ۾ ڪري ورتو آهي، ڪمپني آفيس مان آمريڪا سميت مختلف عالمي يونيورسٽين جون اڳواٽ تيار ٿيل رنگين قسم جون ڊگريون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو آهي. وفاقي گهرو وزارت طرفان آءِ ٽـِي ڪمپني ايگزيڪٽ جي  ڪوڙيون ڊگريون وڪرو ڪرڻ واري معاملي جي جاچ جي حڪم کانپوءِ ايگزيڪٽ جي اسلام آباد،   راولپنڊي ۽ ڪراچي وارين آفيسن تي ايف آءِ اي ڇا پا هڻي رڪارڊ ضبط ڪري  70ماڻهن کي حراست ۾ ورتو آهي. گذريل ڏينهن آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائيمز ۾ ڇپيل رپورٽ ۾ الزام هنيو ويو ته ايگزيڪٽ ڪمپني پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ پيسن عيوض ڪوڙيون ڊگريون وڪرو ڪرڻ جي واپار ۾ ملوث آهي. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان،آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز ۾ شايع ٿيل رپورٽ بعد معاملي جي جاچ لاءِ ايف آءِ اي کي حڪم ڏنو آهي. چوڌري نثار ، ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي آهي ته معاملي جي جاچ ڪري جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي. .ايف آءِ اي جي سائبر ونگ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر طاهر تنوير چيو آهي ته ايگزيڪٽ آفيس تي ڇاپو هڻي ڪمپيوٽر ۽ ٻيو سامان پنهنجي قبضي ۾  ورتو آهي، هن چيوته 20 کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.هن چيو ته حراست ۾ ورتلن کي باضابطه طور تي گرفتار نه ڪيو ويو آهي انهن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي ۽ جيڪڏهن ڏوهاري ثابت ٿيا ته قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. طاهر تنوير جو چوڻ هو ته قبضي ۾ ورتل سامان جي مڪمل جاچ ۾ 24 کان 48 ڪلاڪ گهربل آهن جنهن بعد قانوني ڪارروائي بابت فيصلو ڪيو ويندو .

ايف آءِ اي راولپنڊي ۽اسلام آباد ۾ ايگزيڪٽ جي آفيسن کي سيل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايف بي آر کان ايگزيڪٽ جي اثاثن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. جڏهن ته ايگزيڪٽ گروپ دبئي فري زون ۾ به رجسٽر آهي، جتي ان جا 6لک شيئر آهن، ايگزيڪٽ گروپ جي شعيب شيخ ۽ عائشا شيخ جا ايگزيڪٽ گروپ ۾ هڪ هڪ شئير آهن، باقي سمورا شيئر ايگزيڪٽ ايل سي سي وٽ آهن، شعيب ۽ عائشا سميت ايگزيڪٽ جا 3 ڊائريڪٽر آهن، ڪمپني جي بنيادي سيڙپڪاري 70 لک رپيا آهي. ڪمپني آفيس مان مختلف يونيورسٽين جا ليٽر پيڊ به مليا. آسڪار مائونٽ ۽ ڊرامائوٽ جون خالي ڊگريون به مليون. آمريڪا ڪينيا، سنگاپور ۽ٻين ملڪن جي سفارتخانن جا تصديق ناما به هٿ ڪيا آهن. هوڏانهن ايف آءِ اي ڪراچي ۾ ڪيس رجسٽر ڪري ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو شعيب شيخ جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته ايف آءِ آي اڄ شعيب شيخ کي به گهرائي ورتو آهي. ايگزيڪٽ ڪمپني جي ڪراچي ۽ اسلام آباد آفيس تي ڇاپا هنيا ويا آهن، جڏهن ته راولپنڊي ۾ به آفيس سيل ڪئي وئي آهي. ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ واقعي ايگزيڪٽ ڪمپني جي هيڊ آفيس ايف آءِ اي جي ڪوآپريٽو ڪرائيم سرڪل ڪراچي جي ٽيم ڇاپو هنيو، ايف آءِ اي ذريعن موجب ايگزڪٽ ڪمپني جي هيڊ آفيس تي ڇاپي دوران ڊگريون، ڊگرين جا نمونا، آمريڪي پرڏيهي وزارت جو تصديق نامي سميت مختلف ملڪن جا تصديق ناما ۽ اهم دستاويز هٿ آيا آهن، جڏهن ته موقعي تي موجود 10 کان وڌيڪ ملازمن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

ان حوالي سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ايگزيڪٽ اسڪينڊل جي معاملي تي پاڪستان ۾ مڪمل جاچ ٿي رهي آهي، ايگزيڪٽ ڪمپني سان دستاويزن جي تصديق لاءِ ڪو به معاهدو نه ٿيو آهي، پنهنجي ويب سائيٽ تي تصديق ٿيل دستاويزن متعلق معلومات فراهم ڪندا آهيون، پنهنجي ويب سائٽ تي جعلي دستاويزن کان بچڻ لاءِ معلومات به فراهم ڪندا آهيون

 

هوائي قلعا ۽ خيالي پلائو؛حسن نثار

مان “Animal planet” ڏسندي ڏسندي ان مزيدار نتيجي تي پهتس ته شينهن  به ٻڌي ۾ نه هجن ته ڪتا ئي ٿي ويندا آهن ۽ ڪتا به اهڙا جن کي جهنگ ۾ رهندڙ مينهون به اڳيان ڪري ڇڏينديون آهن. دنيا جي سمورن عظيم سربراهن جي فتح  هوندي ئي اها آهي ته هو پنهنجي ڇڙواڳ طبيعت ذريعي عوام کي ڪنهن ڪنهن ايجنڊا تي گڏ ڪري  ٻڌي ۾ ڪري وٺندا آهن، ايجنڊا ڀلي بڇڙي ۽ غيرانساني ڇو نه هجي، جيئن چنگيز خان جي ايجندا هئي……“اچو ته گڏ ٿي دنيا کي لوڏي ڇڏيون”  ۽ هن ايئن ڪري ڏيکاريو جو اهو زمانو جارحيت، دٻ، ڌانڌلي جو هو. نه دشت نه دريا نه ظلم جو سمنڊ.ماڻهو تلوار جي پاڇي ۾ پلجندا هئا ۽ ان ئي پاڇي ۾ مري ويندا هئا يا پنهنجو دنيا تي حڪم لاڳو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا هئا.اهو ئي “ آرڊر آف دي ڊي” هو  ۽ سچي ڳالهه اها آهي ته اڄ به اهو ئي دور هلي رهيو آهي. فرق آيو ته رڳو ايترو تلوار جي نالي تي تهذيب…… نام نهاد تهذيب جي چادر چاڙهي جارحيت کي ،سي ٿرو” قسم جولباس پارايو ويو. ڪڏهن گهوڙا ڊوڙائيندا هئا، اڄ ڊرون اڏائين ٿا،هني بال ۽ “اٽيلادي هن” کان وٺي صدر اوباما تائين بنيادي فرق اهو آهي ته ماضي ۾ جنهن رتو ڇاڻ کي ڪجهه به نه پاتل هو، اڄ ان “يو اين او” کي جسم سان ويڙهي ڇڏيو آهي پر باٽم لائين اڄ به اوتري ئي منجهيل ۽ تڪليف واري آهي جيتري ماضي ۾ هئي.پيري جي سزا ڪالهه به موت هئي، اڄ به اها ئي آهي ته پراڻن خزانن کان وٺي ناڻي جي مٽا سٽا  جي ذخيرن تائين  ڪهاڻي اها ئي آهي …… عنوان مٽجي ويا آهن.واردات ساڳي پر واردات جا طريقا مٽجي ويا آهن. ڳالهه ٿي رهي هئي سربراهي جي، جنهن جو بنيادي ڪم ئي عوام کي ڪنهن مقصد تي گڏ ڪرڻ ۽ ان نشاني تائين پهچائڻ لاءِ مختلف مرحلن مان گذرڻو آهي ۽ هر مرحلي جون پنهنجون گهرجون آهن. ڪڏهن سون جو گرهه کارائڻو پوندو آهي، ڪڏهن شينهن جي اک سان ڏسڻو پوندو آهي ۽ ڪڏهن شينهن جيان چيرڻ ڦاڙڻ ضروري سمجهيو ويندو آهي. سربراهي رحم۽ بي رحمي، سزا ۽ جزا، سختي ۽ نرمي جو عجيب ميلاپ آهي.سختي بنا نرمي ۽ تشدد بنا ظلم واري سربراهي ئي صحيح معنيٰ ۾ اڳيان رهي سگهي ٿي نه ته بادشاهتون، آمريتون ۽ جمهوريتون ته هلنديون ئي رهنديون آهن. ڪا اهڙي قوم ئي ناهي جنهن جو ڪو نه ڪو “سربراهه” نه هجي ڇو ته ان کانسواءِ قبيلا ته ڇا گهر به ناهن هلندا پر رڳو سربراهه سان ته سفر طئي ناهي ٿيندو.سربراهن وٽ “سر” جو هجڻ ضروري آهي ۽ سر(مٿي) جي اندر مغز لازمي آهي پر اسان وٽ مغز معدي ۾اندر ملي ٿو ڇو ته “برين مصالحو” گهڻن ئي سربراهن جي پسنديده ڊش آهي.پاڪستان ٺاهڻ لاءِ قائداعظم، ماڻهن کي پاڪستان ٺاهڻ تي پهرين ته گڏ ڪيو، سمجهايو،واضع ڪيو، معجزو ٿي ويو. ان کان پوءِ ڏئي وٺي هڪ ذوالفقار علي ڀٽو آهي، جنهن جي ذهن ۾ ڪچو پڪو، ڌنڌلو،اڌورو هڪ خاڪو ، نقشو يا ايجنڊا ضرور هئي ته ماڻهن کي مٽي کي مٿي کڻي ڪجهه مٿي ڪرڻو آهي ۽ انهن جي عزتِ نفس بحال ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي سندن حقن جو شعور به ڏيڻو آهي. مون کي اڄ تائين ڀٽو جي اها تقرير ياد آهي جنهن ۾ هو چرين جيان عوام کان واعدو وٺي ٿو. “وڙهندو؟” “مرندو؟” “ڪم ڪندو؟”. اهو ڏينهن ۽ اڄ جو ڏينهن ڪنهن کي به اها توفيق نه ٿي ته  قوم کي ڪو واضع مقصد ڏئي، منزل ڏانهن رستو ڏيکاري. نتيجو اهو ته اڄ هڪ ميڙ آهي جنهن وٽ ڪجهه نون نعرن کانسواءِ ڪجهه به ناهي مثال طور…..“ پاڪستان اسلام جو قلعو آهي، ڪشمير بڻجندو پاڪستان، ايشين ٽائيگر بڻجڻو آهي، ڪشتو ڀڃي ڇڏينداسين، پاڪستان اسلام جو تجربيگاهه آهي،لال قلعي تي جهنڊو لهرائينداسين، مسلمان ماڻهن جي حفاظت ڪنداسين وغيره وغيره. ايمانداري، اڻڌريو ۽ ٿڌي دل سان اڪيلي ويهي انهن نعرن، جملن، تي ڌيان ڏيون ته اسان روئي روئي يا کلي کلي چريا ٿي وڃون، ڇو ته انهن مان ڪنهن جو ڪو به مطلب ئي ناهي رهيو. سروي ڪري ڏسو رڳو هڪ سوال پنهنجي پڙهيل لکيل ٽهيءَ کان پڇو. پاڪستان جو مقصد ڇا آهي؟پاڪستانين جو مقصد ڇا آهي؟ جيترن ماڻهن کان اهو سوال ڪيو ويندو، اوترن ئي قسمن جا توهان کي جواب ملندا، جنهن جو هڪ ئي مطلب آهي…… پورو مونجهارو، ڪير ته هجي جيڪو ٻه چار يا ڏهه نقطن تي ٻڌل ايجنڊا قوم جي نفسيات ۾ وجهي، انهن جي روحن ۾ لاهي ڇڏي ۽ اهي به ڪجهه حاصل ڪرڻ جهڙا ٿين. مثال طور، اسان کي 10 سيڪڙو آبادي جو مقصد حاصل ڪرڻو آهي، اسان کي دنيا جا بهترين ٽيڪنيشنز تيار ڪرڻا آهن، گهٽ ۾ گهٽ 10 ڪلاڪ ڪم ٿيندو، 10سالن لاءِ هر قسم جي جلسن، جلوسن، ريلين تي پابندي هجڻ گهرجي. هر ڪم لاءِ لازمي هوندو ته ان کي ڏنل مدي ۾ پورو ڪرڻو آهي. ۽ اهو سڀ عدالتي ڪيسن کان وٺي هر قسم جي اداري جي ڪارروائي تائين برابر لاڳو هجي. حددخلين کان وٺي گندگي پکيڙڻ تائين جي ڳڻپ وڏن ڏوهن ۾ ڪئي وڃي. مون ته ايئن ئي ڪجهه ڳالهيون ڪري ڇڏيون، ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو ته 18 ڪروڙ جو ڪو مقصد ته هجي. هوائي قلعن ۾ رهڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو ٽهڪندڙ اس کي منهن ڏئي. خيالي پلائو جون ديڳيون چاڙهڻ کان بهتر آهي ته بک مري وڃي. ڪيستائين ڪريل قسم جي مدارين جي ڊگڊگين تي نچندا رهنداسين.“مير سپاه نار سا لشڪريان،شڪسته صفحائي وه تير نيم ڪش” جنهن جو نه ڪو مقصد 18 ڪروڙ عوام بنا ڪنهن مقصد واري تير جي ڇڙواڳ گهمي رهيو آهي.

(آن لائين انڊس نيوز جي ٿورن سان)

 

يارن جا جهيڙا ۽ ڏچي ۾ آيل عوام؛جئه پرڪاش موراڻي

اسان ڪڏهن خوابن جي دنيا ۾ رهندا آهيون، ڪڏهن جذبات جي ندين ۾ وهي ويندا آهيون، ڪڏهن نعرن جي گونج اسان جي آرام ۾ خلل وجهندي آهي ته ڪڏهن وري بارود جي بُوءِ ۽ ڌماڪن جون ڌمڪيون اسان جو سُک چين کسي وينديون آهن. واعدن جي گلستان ۾ گهمندي گهمندي اسان کي وفاعن جي گلن جي تلاش رهندي آهي، پر اهو فصل اڄڪلهه هن ملڪ ۾ ٿئي ئي ڪونه، ڇو ته محبتن جو پاڻي نفرتن جي آڙاهه جي تپش سبب سُڪي ٺوٺ ٿي ويو آهي.

جڏهن ورهين جا دل گهريا دوست ۽ پڳ مٽ يار هڪ ٻئي جا پٽڪا ڌوڙ ڪرڻ تي لهي اچن ۽ هڪ ٻئي جي ننگن جي لوئي ۽ لڄ لوڙهن تي اڇلائڻ لڳن ته پوءِ وفا جا جيڪي چار گل اڀريا به هوندا ته اهي شرم منجهان ڪومائجي وڃن ٿا. سياستدان ته اسان جا اهي ڪانءُ آهن، جن کي سدائين لُڙ ۾ مزو ايندو آهي، ڏچي ۾ ته عوام آهي، جنهن جون ٻه به ويون ته ڇهه به ويون. هِنن واعدا ڪيا هئا ته کير جون نديون وهائي ڏيندا، هُنن وچن ڪيا هئا ته شينهن ٻڪري هڪ گهاٽ تان پاڻي پيئندا، ٻين وري ڳالهه ئي ٻي ڪئي هئي ته سڀني کي روزگار به ملندو ۽ اٽي، لٽي ۽ اجهي جو ذمو به اسان جو. ڪن ماڻهن پهرين جي ڳالهه تي ڀروسو ڪري انهن جو ڀر ورتو، ٻين وري امن جي آس ۾ ٻين جي پوئيواري ڪئي، پر اڪثريت وري اٽي، لٽي ۽ اجهي جي آسري ۾ شهيد جي سٿ پويان لُوهه ڪئي. نه هُنن ٻوٽو ٻاريو ۽ نه ٻين ڪا چڱي پوک پوکي، باقي رهيا ٽيان تن جا ته هڪٻئي جي ڳچيءَ ۾ هٿ ۽ ماڻهن جي کيسن ۾ اکيون آهن، سو چڱائي جي اميد ڪجي به ته ڪنهن کان ڪجي.اڄڪلهه جنهن کان به پڇندو آهيان ته يار ڪر خبر ”نيٺ ڇا ٿيندو؟“ ته جواب سُڻي ٻئي هٿ مٿي تي اچيو وڃن. سڀئي سورن ۾ سڙيل آهن، ڏکويل آهن، مايوس آهن، نراس آهن ۽ ڪٿان به اميد جو ڪو ڪِرڻو نظر نٿو اچي.صفا اها ڳالهه ناهي ته اسان هڙ وڃائي ويٺا آهيون، پر اها ڳالهه ضرور آهي ته جيڪو ڪجهه ڌڻي جي ڏني مان اسان وٽ آهي، ان کي سنڀارڻ جي به اسان ۾ ڀيڻي ناهي، جن کي امين بڻايوسين اهي ئي چور نڪرن ته پوءِ خزاني جو الله واهي ٿيندو ئي ٿيندو.اڄڪلهه ملڪ ۾ مشهور آهي، ٻن يارن جو دنگل، هڪڙو آهي مرزا جيڪو اصل بِر بڻيو ويٺو آهي، هڪ ٿو لاهي ته ٻي ٿو چاڙهي. ٻئي طرف آهي سڄي سنڌ حڪومت جنهن جو هن وقت هڪ ئي ڪارج آهي مرزا کي گاريون ڏيڻ ۽ جوابي حملا ڪرڻ.مون پاڪستان پيپلز پارٽي کي اهڙي ڪمزور حالت ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو جو هڪ فرد کي چپ ڪرائڻ لاءِ سڄي پارٽي قيادت، ايم پي ايز، سموريون ذيلي تنظيمون انهي ڪارج تي لٿل هجن. وري سمورا ميڊيا سامهون ”آن رڪارڊ“ هڪ ڳالهه ڪن ۽ پر پٺ ايڪڙ ٻيڪڙ کي ڇڏي ڪري اهو چون ته يار مٿان کان حڪم آهي، ان ڪري پيا باهه اوڳاڇيون نه ته چوي مرزا سچ پيو.آئون چوان ٿو ته مرزا سچ ٿو چوي يا ڪوڙ، ان کي هڪ پاسي رکو، پر گذريل 7 سالن کان سنڌ جي اڇي ڪاري جي مالڪ بڻيل پ پ حڪومت ڪيو ڇا آهي؟ ان کي ڏسو. جيڪڏهن پ پ جي گُڊ گورننس جي ڪري سنڌ ڪجهه سک جو ساهه کنيو آهي ته مرزا جا الزام پاڻمرادو هوا ۾ اڏامي ويندا، پر ان پاسي به ته ڪاري وارا ڪک آهن. اهو ته آڳاٽو چيو پيو وڃي ته ٽي ايم ايز هن وقت اي ٽي ايم بڻجي ويون آهن. لڳي ٿو ته سنڌ ۾ ٽي ايم اوز جي چارج ڏيڻ لاءِ رُڳو ٻن ذاتين جا ماڻهو ئي اهل آهن، هڪ وڏي رئيس جي برادري ۽ ٻي وري ڳڙهي ياسين واري خان جي ذات، جتي ڏسو ته انهن پوسٽن تي اهي ئي براجمان آهن، ڊيوٽي تي اچڻ جي کين ”سرڪاري منع“ ٿيل آهي، رڳو جڏهن ٻئي ٽئي مهيني گرانٽ جي قسط اچي ٿي ته رات وچ ۾ پراڊو جا ڦيٿا اچيو ٽائون ڪاميٽي جي آڏو بريڪ هڻن ٿا، چيڪ نڪرن ٿا، ڏوڪڙ بيگ ۾ ۽ جوڳي رمتا ڀلا، ڏيپلي کان وٺي ڏاهلي تائين ۽ ڳڙهي خيري کان وٺي ڳاڙهي تائين ڪهڙو اهو شهر يا ڪهڙي اهڙي وسندي آهي جتي ٽي ايم اي جا ملازم پگهار نه ملڻ جي دانهن ڪندي نظر نٿا اچن يا شهري شهر کنڊر بڻجڻ يا وري گندگي جي ڍير ۾ تبديل ٿيڻ جي دانهن کڻي بک هڙتالن تي ناهن ويٺا.روڊ ڀڙڀانگ، رستا ويران، گهٽيون گندگيءَ سان ڀريل، اسپتالن مان عملو غائب، اسڪولن مان ماستر گم، صفائي نالي آڱوٺو، ترقياتي ڪمن جي نالي ۾ ڪميشن جو راڄ هاڻي خلق رڙي به نه؟ جيڪڏهن ڪو رڙ ٿو ڪري ته چيو وڃي ٿو ته اها شهيدن جي پارٽي خلاف سازش آهي. ڀاڳن ڀريا شهيدن جي پارٽي سان جيڪو ضياءَ آمر نه ڪري سگهيو، اهو اوهان اک ڇنڀ ۾ ڪري ڏيکاريو، ان کان وڏي سازش ڇا ٿيندي.ٿر ۾ 50 ڪلو ڪڻڪ جي امداد جي آسري ۾ ماڻهن کي رلايو ويو، آر او پلانٽس جي نالي ۾ ٿيل فراڊ هن صدي جي سڀني کان وڏن فراڊن مان هڪ آهي، ٻيو ته گهوريو يار رئيس وڏي تان به نه مڙيا، کيس گهرائي رنگ روغن ڪيل اڌوراڻي پلانٽ جو افتتاح ڪرائي وري وڃي جو ستا ته اڃا ٿا اٿن. مصري شاهه جي مزار ڀرسان ٺاهيل اهو پلانٽ پنهنجي افتتاح کان اڌ سال پوءِ به اڌورو ئي رهيل آهي.مرزا ته ماٺ ڪري يا نه اهو ٻن يارن جو معاملو آهي جيڪي وڙهيا ڪنهن کان پڇي نه هئا ۽ ٺهندا به ته ڪنهن کي کنگهندا به نه، ڇو ته اهي دلين جا درجا آهن ۽ هونئن به رئيس وڏو مفاهمت جو مها چئمپيئن آهي، سندس ئي چوڻي آهي ته سياست ۾ ڪو حرف آخر ناهي هوندو، ان ڪري پاڻ کي انهن يارن جي ”ٽينشن“ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، پر هي جو خلق خدا سان ظلم ٿي رهيو آهي، ان کي ڪير ماٺ ڪرائيندو. اسان جي پيارن جيڪڏهن اهو سوچيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو به اسان جي هڪ سينيئر صحافي يار وانگر ”گجني“ يا ”شارٽ ٽرم ميموري لاس“ جي بيماري ۾ مبتلا آهن ته اها سندن ڀُل آهي. سنڌ واسين سان اصل سانحو اهو آهي ته وٽن متبادل قيادت جو ڪارو ڏڪار آهي. قومپرست پنهنجي اٽي ڀتي جي اٿل پٿل مان واندا ناهن، تحريڪ انصاف کي سنڌ ۾ ڪو سچيت ماڻهو نٿو ملي، جنهن پويان 4 ووٽر تاڙيون وڄائڻ وارا هجن، ليگي رڳو گولاڙچي ڪراچي رستن تي هلي هلي جتيون پيا گسائين، جڏهن ته (ف) ليگ وارا به واپس پيراڻي گادي واري پنڌ ۾ آهن. ان ڪري ذات وڏيرو اقتدار، طاقت ۽ ڏوڪڙن جي ڇڪ ۾ اقتداري پارٽي ڏانهن ڀڳا وڃن، پر اُها سڀني کي چڱي ريت پروڙ آهي ته اهي وڏيرا سدائين ڍنڍ جا پکي رهيا آهن، ڪڏهن هِن پار ته ڪڏهن هُن پار. ان ڪري جڏهن اقتدار جي اٺ پاسو ورايو ته هي سمورا سڳورا چهرا اوهان کي ان وقت جي اقتداري پارٽي جي هنج ۾ ويٺل نظر ايندا. وري به ساڳي نڪ جي پڪائي ۽ ساڳيو پڪو راڳ.هن وقت هڪ ڳالهه اميدن ڀري آهي، اها آهي ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين جو اهو فيصلو، جيڪو هنن پٽڙي تان لٿل ملڪ کي سنئين دڳ لائڻ لاءِ ڪيو آهي ۽ ڪنهن به سياسي مداخلت، جيڪا ماضي مان عام اکين ڏسبي هئي، کانسواءِ حڪومت کي مڪمل مدد فراهم ڪري انتهاپسندي، بدامني، ڪرپشن ۽ ٻين سماجي براين جي خاتمي لاءِ وک وڌائڻ آهي. ان جو مثال سنڌ ۾ امن امان جي سڌرندڙ صورتحال، حددخلين خلاف ڪاررواين ۽ ٻين ڪجهه اهڙن قدمن مان لڳائي سگهجي ٿو، جنهن بابت ماضي ۾ اسان خواب ته ڏسندا هئاسين، پر اها به پڪ هئي ته تعبير نه ملندي. ان ۾ سنڌ حڪومت جو ڪيترو حصو آهي، ان بحث ۾ پوڻ کانسواءِ ئي اسان سمورين لاڳاپيل ڌرين مان اها اميد ٿا رکون ته بنا ڪنهن فرق جي اهي ڪارروايون بهتر انداز ۾ جاري رهنديون ۽ هن ملڪ جا ماڻهو جلد ئي انهن بيمارين مان آجا ٿي پنهنجي ٻچڙن جي لاءِ سٺي، محفوظ ۽ شاندار مستقبل جا خواب اکين ۾ اوتي سگهندا.