تازيون خبرون

Daily Archives: May 20, 2015

اڳوڻي اسپيڪر فهميده مرزا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان ملاقات

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر فهميده مرزا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس فيصل عرب سان ملاقات ڪري ذوالفقار مرزا جي معاملي تي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي. فهميده مرزا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان ملاقات ۾ کيس ذوالفقار مرزا جي معاملي کان آگاهه ڪندي چيو ته ذوالفقار مرزا جي جان کي خطرو آهي. ذريعن موجب فهميده مرزا چيف جسٽس کي آگاهه ڪيو آهي ته ذوالفقار مرزا کي جاني نقصان پهچائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، عدالت ٻاهران اهڙو ماحول ٺاهيو ويو آهي ته جهيڙو ٿئي ۽ ذوالفقار مرزا کي نقصان پهچي، معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي ان کان اڳ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي فهميده مرزا چيو ته پوليس ذوالفقار مرزا کي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي، ذوالفقار مرزا کي سنڌ حڪومت مان خطرو آهي. فهميده مرزا چيو ته ذوالفقار مرزا جي عدالت ۾ پيشي دوران اهڙو ماحول ٺاهيو ويو آهي جو جيئن هو عدالت مان نڪري ته کيس گرفتار ڪيو وڃي. فهميده مرزا چيو ته سنڌ حڪومت هوش کان ڪم وٺي، ڪنهن کي ڪنهن معاملي تي اعتراض آهن ته عدالتن جا دروازا کليل آهن، ذوالفقار مرزا کي ڪجهه به ٿيو ته ذميوار سنڌ حڪومت هوندي. هن چيو ته درخشان ٿاڻي ٻاهران ذوالفقار مرزا جي وڊيو ۾ هو اهو چئي رهيو هو ته ڇتين تي نشاني باز بيٺا آهن، انهن تي نظر رکجو، جيڪڏهن اهي گوليون هلائين ته پوءِ اوهان کي گوليون هلائڻيون آهن، ذوالفقار مرزا ڇت ڏانهن اشارو ڪيو، اهو ٻڌايو وڃي ته ڇتين تي ڪير بيٺا هئا ۽ ڇو بيٺا هئا.

 

ايشوريا راءِ تمام سٺي انسان سان گڏ سٺي اداڪاره پڻ آهي: عرفان خان

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار عرفان خان  جو چوڻ آهي ته ايشوريا راءِ تمام سٺي انسان سان گڏ سٺي اداڪاره پڻ آهي. سڀني هدايتڪارن جي پهرين ترجيح آهي. هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ايشوريا راءِ سان گڏ فلم ڪم ڪرڻ  کان اڳ ميڊيا ذريعي ئي ٻڌندا هئاسين، در اصل حقيقت اها آهي ته ايشوريا راءِ کي ٻين جو خيال رکڻ واري عورت ڏٺو ويو آهي. هو هر وقت ڪو نئون ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندي آهي. هو سٺي فلم لاءِ هدايتڪار سان گڏ فلم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان جي انهي ادائن جي ڪري هدايتڪارن جي لسٽ ۾ پهرين نمبر تي آهي. عرفان خان وڌيڪ چيو ته جذبه ۾ ڪرڻ جو بنيادي وجه اها هئي ته  ان جي ڪهاڻي ۽ ايشوريا راءِ  سان گڏ ڪم ڪرڻ جو مون کي موقعو مليو. ايشوريا راءِ سان گڏ ڪم  ڪرڻ جو تجربو ان لاءِ سٺو رهيو. واضح رهي ته جذبه فلم جي افتتاحي تقريب فرانس ۾ جاري فيسٽيول ۾ ڪئي ويندي.

 

ڪانز فلم فيسٽيول ۾ سونم ڪپور جا جلوا

فرانس(شوبز نيوز)فرانس ۾ ڪانز فلم فيسٽيول پوري اوج سان هلي رهيو آهي. مزاحيا فلم “سن سائيڊ آئوٽ” جي اداڪارن سوڌو ريڊ ڪارپيٽ تي ظاهر ٿي ته سونم ڪپور ڏسندڙن جي نظرن جو مرڪز بڻجي وئي. سونم ڪپور جي ريڊ ڪارپيٽ تي اچڻ سان ئي سونم جي نالن جا نعرا گونجڻ لڳا.

 

اداڪاره ميرا کي سالگره جون مبارڪون ۽ نيڪ تمنائن جا پيغام ملڻ باوجود مسڪراهٽ نه ملي سگهي

لاهور(شوبز نيوز): اداڪاره ميرا آمريڪا کان واپسي تي اداس رهي، لاهور آمد تي ويجهي دوستن طرفان سالگرهه جي تقريب جو بندوبست ڪيو،اداڪاره ميرا کي مبارڪون ۽ نيڪ تمنائن جا پيغام ملڻ باوجود مسڪراهٽ نه هئي. بلڪه اداس هئي. معلوم ٿيو آهي ته آمريڪا جي هينئر واري دوري دوران ميرا کي فلم پروجيڪٽ تي  ته گهڻي ڪاميابي نه ملي پر انهي کي ڪئپٽن نويد ۽ ان جي فيملي طرفان وڏو پيار مليو. ڪنهن شاپنگ ڪرائي ته ڪنهن مزي مزي جا طعام کارايا.ميرا هاڻي پاڪستان ۾ پنهنجي سهرن کي گهڻو مس ڪري رهي آهي. انهي لاءِ هو پنهنجي سالگرهه تي گهڻي تيار به نه ٿيل هئي. عام ڪپڙن ۾ سالگرهه جي تقريب ۾ نظر آئي. نه وري دوستن سان گڏ گهڻيون تصويرون ڪڍايون ۽ نه وري انهي طرح انجواءِ ڪيو. جيئن ماضي ۾ پنهنجي سالگرهه ۾ ڪندي هئي.

 

ڀارتي ماڊل شيخا جوشي جو پنهنجي گهر ۾ پراسرار نموني موت

ممبئي(شوبز نيوز) پرڏيهي ميڊيا مطابق ڀارتي ماڊل ۽ اداڪاره شيخا جوشي مبينا طور تي ممبئي ۾ پنهنجي گهر ۾ لاش جي صورت ۾ ملي، شيخا جوشي جيڪا مهاوا جي راجورنگ سوسائٽي ۾ رهندي هئي، پوليس جو چوڻ هو ته اداڪاره سان گڏ رهندڙ ٻڌايو ته جڏهن هو فليٽ تي پهتي ته ڪمري جي دروازي کي کڙڪائڻ جي باوجود ڪو به جواب نه مليو، جنهن کان پوءِ ان چاٻين سان دروازو کوليو ته شيخا جوشي کي مئل ڏٺو، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

 

پاڪستان ۾ پنهنجي حفاظت جو يقين آهي: زمبابوي ٽيم

لاهور(اسپورٽس نيوز): زمبابوي ٽيم جي ڪپتان ۽ دوري جي اڳواڻ پاڪستان ۾ تحفظ تي مڪمل اطمنان جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي پاڪستان ۾ پنهنجي تحفظ جو پورو يقين آهي. لاهور ۾ سومر ۽ اڱاري جي وچ رات ٽيم لاهور پهتي جتان کين سخت تحفظ جي دائري ۾ هوٽل پهچايو ويو.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي  زمبابوي ٽيم جي ڪپتان ايلٽن چگمبرا ۽ اوزيو بووٽ عزيس چيو ته دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ تحفظ جي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي ۽ تحفظ جا مسئلا پوري دنيا ۾ آهن. پاڪستان ۾ 6 سالن کان انٽرنيشنل ڪرڪٽ نه ٿيڻ جي حوالي سان هنن چيو ته اسان پاڻ به اڪيلائي جو شڪار رهيا آهيون انڪري پاڪستان جي تڪليف کي سمجهي سگهون ٿا.

 

زمبابوي ٽيم جي لاهور آمد، شاندار استقبال ڪيو ويو

لاهور(اسپورٽس نيوز) زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري لاءِ پهچي وئي، جتي زمبابوي ٽيم جو شاندار استقبال ڪيو ويو. پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ وارو خواب 6 سالن کانپوءِ پورو ٿيو، معلوم ٿيو آهي ته زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم لاهور پهچي وئي آهي. زمبابوي ٽيم ايمريٽس جي پرواز 622 ذريعي  دبئي کانپوءِ ڪراچي پهتي، جتي جهاز لاهور جي علامه اقبال ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو. ٽيم جي لاهور پهچڻ تي گهرو وزير پنجاب شجاع خانزاه، مجتبيٰ شجاع الرحمان ۽ پي سي  جي اعليٰ عملدارن ٽيم جو استقبال ڪيو ۽ رانديگرن کي گلدستا پيش ڪيا. زمبابوي ٽيم جي لاهور آمد وقت سڄي شهر جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي ۽ مختلف رستن کي بند ڪيو ويو هو. مال روڊ جو ڪنٽرول رينجرز سنڀالي ورتو. ٽيم جي سيڪيورٽي لاءِ 6000 پوليس اهلڪار ڊيوٽي انجام ڏيندا. ٽيم کي ايئرپورٽ کان هوٽل تائين سخت پهري هيٺ آندو ويو. هيليڪاپٽر ذريعي روٽ جي هوائي نگراني به ڪئي وئي.

 

ويرات ڪولهي کي مئچ دوران انوشڪا شرما سان ملڻ تي وارننگ جاري

بنگلور(اسپورٽس نيوز): ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ آءِ پي ايل مئچن دوران ويرات ڪوهلي کي پنهنجي گرل فرينڊ انوشڪا شرما سان ملاقات ڪرڻ  تي وارننگ جاري ڪري ڇڏي. بي سي سي آءِ انڊين پريميئر ليگ جي ٽيم رائل چيئلنجرز بنگلور جي ڪپتان ويرات ڪولهي کي قانون جون ڌڄيون اڏائڻ تي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي اخبار موجب آچر ڏينهن سوامي اسٽيڊيم  ۾ رائل چيئلينجرز  دليڊليورز وچ ۾ مقابلي دوران برسات پوڻ سبب راند ڪجهه دير لاءِ روڪڻي پئي. انهي دوران ڪوهلي پنهنجي گرل فرينڊ سان ملڻ وي آءِ پي انڪلورز وڃي پهتو. ٻنهي ڄڻن ڪجهه وقت گڏ گذاريو ۽ تصويرون به ڪڍايون. ڪوهلي جي ان حرڪت تي بي سي سي آءِ ڪوهلي کي وارننگ جاري ڪئي . قانون موجب مئچ دوران رانديگرن کي پنهنجي مائٽن  ۽ دوستن سان ملڻ جلڻ تي پابندي آهي.

 

ٽي ٽوئنٽي لاءِ پاڪستاني ٽيم جو اعلان، آفريدي ڪپتان هوندو

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ زمبابوي خلاف 2 مئچن تي مشتمل ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو. شاهد خان آفريدي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ قومي ٽيم جي قيادت ڪندو، جڏهن ته سرفراز احمد نائب ڪپتان هوندو. ٽيم ۾ شعيب ملڪ ۽ عمر اڪمل کي به شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سليڪٽرز 5 سالن کانپوءِ محمد سميع کي به موقعو ڏنو آهي. ڊومسٽڪ مئچن ۾ ڪامياب ٿيڻ واري سيالڪوٽ اسٽاليئنز ۾ سٺو کيڏندڙ نعمان انور کي به شامل ڪيو ويو آهي. مهمان ٽيم خلاف 22 مئي تي شروع ٿيڻ واري سيريز ۾ ٽيم ۾ شامل ٻين رانديگرن ۾ احمد شهزاد، وهاب رياض، انور علي، محمد رضوان، حماد اعظم، بلاول ڀٽي ۽ مختار احمد شامل آهن. جڏهن ته جادوگر اسپنر سعيد اجمل، فاسٽ بالر عمر گل ۽ سهيل تنوير ٽيم ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهيا.

 

سرينگر ۽ ٻين علائقن ۾ هڪ دفعو ٻيهر پاڪستاني جهنڊو لهرايو ويو

 

والاريل ڪشمير ۾ سرينگر ۽ ٻين علائقن ۾ هڪ دفعو ٻيهر پاڪستاني جهنڊو لهرايو ويو، ڪشمير ميڊيا سروس مطابق عيني شاهدين ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌايو ته نامعلوم ماڻهن سرينگر جي علائقن هري پربت قلعه، بابا ڊيم، گوجواره، راولپوره  کان علاوه ناره بل، سوپور ۽ مقبوضه وادي جي ٻين علائقن ۾ ڇنڇر ڏينهن پاڪستاني جهنڊولهرايو . پاڪستاني جهنڊا لهرائڻ تي ماڻهو حيران ٿي ويا، ماڻهن جو چوڻ آهي ته جيئن ئي اسان صبح جي نماز پڙهي مسجدن کان ٻاهر نڪتا ته انهن عمارتن تي پاڪستاني جهنڊا ڦڙڪندي ڏٺا. انهن چيو ته ڀارتي پوليس فوري طور تي ڪارروائي ڪندي جهنڊا لاهي ڇڏيا. ناره بل  جي هڪ ڳوٺاڻي ٻڌايو ته ڀارتي پوليس اهلڪار ماڻهن کان اهو پڇندا رهيا  ته اهي جهنڊا ڪنهن ڦڙڪايا. گذريل ڪيترن هفتن  دوران سرينگر ۽ ٻين علائقن ۾ پاڪستاني جهنڊا ڦڙڪائڻ جا ڪيترائي واقعا سامهون آيا آهي.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪ ڀارت ڪشمير معاملي تي ڪمشيري عوام جي راءِ سان فيصلو ڪن ۽ ڪشميرين کي مرضي مطابق رهڻ جو حق ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن ڪشميري عوام پنهنجي مرضيءِ مطابق پرسڪون زندگي گذاري سگهي.