تازيون خبرون

Daily Archives: May 16, 2015

ادارن جي ڪارڪردگي حڪومت جي ڪارڪردگي جو آئينو آهي، ادارن جي ڪمزور ٿيڻ سان ملڪ ڪمزور ٿيندو: نواز شريف

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته ريلوي جي بحالي حڪومت لاءِ وڏو چيلينج هو پر خواجه سعد رفيق ٻن سالن اندر ريلوي کي پٽڙي تي آندو آهي، ادارن جي ڪارڪردگي حڪومت جي ڪارڪردگي جو آئينو هوندي آهي، ادارن جي ڪمزور ٿيڻ سان ملڪ ڪمزور ٿيندو. اسلام آباد کان ڪراچي تائين گرين ٽرين لائين منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم نواز چيو ته ادارن جي ڪارڪردگي حڪومت جي ڪارڪردگي جو آئينو آهي. هن چيو ته ادارن جي ڪمزوري سموري ملڪ جي ڪمزوري هوندي آهي، ملڪ جي ترقي جو دارومدار  ادارن جي ترقي تي هوندو آهي. سندس چوڻ هو ته ريلوي ڪيترن ئي سالن کان زوال جو شڪار هو، جڏهن ته اداري جي بحالي حڪومت لاءِ چيلينج هو، ريلوي کي بهتر ڪرڻ جي اهليت سعد رفيق ۾ نظر آئي. نواز شريف چيو ته خواجه سعد ٻن سالن ۾ ريلوي کي پٽڙي تي آندو آهي،  ٻن سالن ۾ ريلوي جي آمدني 23 ارب ٿي آهي. وزير اعظم نواز شريف چيو ته گهٽ عرصي ۾ ايتري آمدني خوشي جي ڳالهه آهي، ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ تنصيب شروع ڪئي آهي،ڄامشورو، رحيم يار خان ۽ ٻين شهرن ۾ بجلي پيدا ٿيندي. هن چيو ته ريلوي جي 3 هزار ايڪڙ زمين تان قبضو ڇڏرايو ويو آهي، اضافي وسيلا ريلوي جي حالتن کي سڌارڻ تي خرچ ڪيا ويندا، جڏهن ته ٻن سالن جي عرصي ۾ ريلوي ۾بهتري جو عمل نظر آيو آهي. وزير اعظم نواز شريف چيو ته بهتري ڳالهين ۽ دعوائن سان نه پر ڪم سان نظر ايندي آهي، مخالفن کي واويلا ڪرڻ بدران حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته گرين لائين کي هڪ تجرباتي منصوبو سمجهيو وڃي، ٽرين ۾ سفر کي 10 لک رپيا انشورنس به ڏني ويندي. وزير اعظم چيو ته پاڪ-چين اقتصادي منصوبو انقلابي پروگرام آهي، منصوبي سان ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ترقي نظر ايندي. وزير اعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته منصوبي سان پاڪستان سميت خطي جي تقدير تبديل ٿيندي، ترڪي تائين به ٽرين جو سفر مڪمل ڪيو ويندو، ريلوي مان هيرا ڦيري ۽ ڪرپشن ختم ٿيندي نظر اچي پئي. ٻئي طرف وزير اعظم نواز شريف، ڪراچي کان اسلام آباد تائين گرين ٽرين لائين منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، مسافرن کي کاڌي پيتي جون شيون مفت فراهم ڪيون وينديون. وزير اعظم نواز شريف اسلام آباد کان ڪراچي تائين گرين ٽرين لائين منصوبي جو افتتاح ڪيو، جنهن دوران کيس ٽرين جو معائنو پڻ ڪرايو ويو. گرين ٽرين اسلام آباد کان ڪراچي ۽ ڪراچي کان اسلام آباد جو سفر 22 ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪندي، جڏهن ته مسافرن کي ايئرڪنڊيشن، انٽرنيٽ “واءِ فاءِ” ۽ عام پاڻي بدران منرل واٽر ڏنو ويندو.  گرين ٽرين لائين جو ڀاڙو 500 هزار رپيا مقررڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻارڙن کان چار هزار هڪ سئو رپيا ڪرايو ورتو ويندو. گرين ٽرين ۾ مسافرن کي گهر جهڙو ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ ايئرڪنڊيشن، واءِ فائي، منرل واٽر  ۽ کاڌي پيتيون جون ٻيون شيون مفت فراهم ڪيون وينديون. وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته گرين ٽرين لائين منصوبي جو افتتاح ڪري کيس خوشي ٿي آهي، ملڪ کي توانائي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن.

 

حساس ادارا پاڪستان کي غير مستحڪم ڪندڙ عنصرن خلاف ڪاروايون ڪن: آرمي چيف

اسلام آباد: (بيورو) اسلام آبادآرمي چيف جنرل راحيل شريف دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ آءِ ايس آءِ جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته حساس ادارا پاڪستان کي غير مستحڪم ڪندڙ عنصرن خلاف ڪاروايون ڪن، دشمن ايجنسيون پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهين ٿيون، ملڪي بچاءَ ۽ استحڪام ۾ ڳجهي ادارن جو ڪردار لازوال آهي، مادرِ وطن جي بچاءَ لاءِ فوج وڏيون قربانيون ڏنيون، دشمن ايجنسين جي مقابلي لاءِ موثر حڪمت عملي ۽ مهم شروع ڪئي وڃي. هو هتي آءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽرز جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جمعي ڏينهن آرمي چيف آءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، جتي کيس آءِ ايس آءِ ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر ملڪي اندروني ۽ بيروني سيڪيورٽي صورتحال ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جاري آپريشن تي بريفنگ ڏني، جنهن تي آرمي چيف دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ آءِ ايس آءِ جي موثر ڪردار ۽ ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته دهشتگردن خلاف ڪارواين ۾ آءِ ايس آءِ جو ڪردار قابل فخر آهي، دهشتگردي روڪٿام لاءِ انٽيليجنس ايجنسين جو موثر ۽ مضبوط ڪردار ضروري آهي، انٽيليجنس ادارن جون ڪاروايون قابل واکاڻ آهن. هن انٽيليجنس ادارن ۾ رابطن کي وڌائڻ لاءِ چيو، هن چيو ته آءِ ايس آءِ جون اڪثر ڪاميابيون عوام سامهون نٿيون اچن، ملڪ دشمن ايجنسيون پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ چاهين ٿيون، دشمن ايجنسين خلاف موثر مهم شروع ڪئي وڃي. آرمي چيف چيو ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ انٽيليجنس ايجنسيون جديد طريقيڪار به اختيار ڪن.

 

آخري بيلٽ پيپر 10 مئي تي ڇپيا هئا ، 11 مئي تائين ڪم ڪرڻ جي ڳالهه غلط آهي: ايم ڊي پرنٽنگ ڪارپوريشن

اسلام آباد (بيورو) ايم ڊي پرنٽنگ ڪارپوريشن موسيٰ رضا آفندي مبينه ڌانڌلي جي ڪميشن کي ٻڌايو ته آخري بيلٽ پيپر 10 مئي تي ڇپجي ويا هئا 11 مئي تائين ڪم ڪرڻ جي ڳالهه غلط آهي جمعي تي مبينه چونڊ ڌانڌلي جي جڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي چيف جسٽس ناصرالملڪ جي سربراهي ۾ ٿي اليڪشن 2013 جي وقت پرنٽنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر موسيٰ رضا ٻڌايو ته چونڊ مواد جي ڇپائي لاءِ 18 اپريل تي لکت ۾ درخوات ڏني ويئي پريس اندر ۽ ٻاهر فوج موجود هئي اردو بازار مان مزدور گهرائڻ جي سوال تي موسيٰ رضا قبول ڪيو ته 60 کان 70 امڻهو گهرايا ويا پر هي ڳالهه درست نه آهي ته 100 ماڻهو 11 مئي جي شام تائين ڪم ڪندا رهيا تحريڪ انصاف جي وڪيل حفيظ پيرزاده پڇاڻو ڪيو ته اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته 24 ماڻهن ۾ پٽيوالو ڪير هو ان تي ججز کيس هي سوال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ايم ڊي موسيٰ رضا ٻڌايو ته اميدوارن جي حتمي لسٽ دير سان ملڻ جي ڪري ڇپائي جو ڪم دير سان شروع ٿيو ۽ 12 تڪن جا بيلٽ پيپلر ٻيهر ڇاپڻا پيا.

 

سنڌ 1991ع واري ٺاهه تحت پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي استعمال ڪري چڪو آهي: خواجه آصف

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ جي اجلاس ۾پاڻي ۽ بجلي واري وزير خواجه آصف خريف واري مند دوران پاڻي جي خرچ جا تفصيل پيش ڪندي چيو آهي ته سنڌ پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي استعمال ڪري چڪو آهي.سينيٽ جو اجلاس چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ جاري آهي، جنهن ۾ نئين چونڊيل سينيٽر اعظم سواتي به پنهنجي عهدي جو حلف کنيو. اجلاس کي پاڻي۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف صوبن پاران خريف واري مند ۾ پاڻي استعمال ڪرڻ جي تفصيل لکت ۾ پيش ڪيا.خواجه آصف کي ايوان کي ڏنل آگاهي موجب 1991ع واري ٺاهه تحت سنڌ پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي خرچ ڪري چڪو آهي. خواجه آصف موجب سنڌ جو خريف واري مند ۾پاڻي حصو ٽي ڏهائي 421 ملين ايڪڙ فوٽ هو پر سنڌ ان کان وڌيڪ يعني 3ڏهائي 449 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي استعمال ڪري چڪو آهي.

 

ڪراچي مان دهشتگردن جو مڪمل صفايو ڪيو ويندو: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪراچي ۾ جيل سپرينٽينڊنٽ جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي هدايت ڪئي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي هدايت کان پوءِ واقعي جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو. وڏي وزير آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اختيارين کان رپورٽ طلب ڪندي چيو ته ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. سيد قائم علي شاهه جو چوڻ هو ته هو ڪراچي مان دهشتگردن جو مڪمل صفايو ڪيو ويندو. هوڏانهن آءِ جي ۽ ايڊيشنل آءِ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي واقعي بابت بريفنگ ۾ چيو آهي ته شروعاتي جاچ مان لڳي رهيو آهي ته واقعو ذاتي دشمني تان پيش آيو آهي. پوليس اختيارين وڏي وزير کي بريفنگ ڏني ته اعجاز حيدر سان ٽي عورتون گڏ هيون جن مان هڪ زخمي ٿي آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته  زخمي عورت اعجاز حيدر جي گهرواري ناهي.

 

سڄو ملڪ دهشت گردي جي ور چڙهيل آهي، ڪا به آئيڊيل صورتحال نه آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ مڪاني ادارن واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سڄو ملڪ هن وقت دهشت گردي جي ور چڙهيل آهي. ڪا به آئيڊيل صورتحال نه آهي. آئيڊيل صورتحال هجي ها ته آپريشن ضرب عضب يا ٽارگيٽيڊ آپريشن نه ٿيندو هجي ها ۽ اسان جون فورسز دهشت گردي خلاف وڙهڻ ۾ مصروف نه هجن ها. هن چيو ته مدرسن جي نگراني جو ڪو قانون نه آهي، پوليس ۾ سياسي مداخلت جو تاثر غلط آهي. اڄ به سنڌ ۾ 90 سيڪڙو سي ايس پي پوليس آفيسر مقرر آهن، کين سنڌ حڪومت ڀرتي نه ڪيو آهي، اهي وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري آيا آهن. صفوران چورنگي سانحي ۾ پاڪستان جو هر گهر اهو محسوس ڪري رهيوآهي ته سندن گهر ۾ اهي جنازا آيا آهن.آغا خان ڪميونٽي جو پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار آهي .ٽيڪس جي ادائيگي ۾ به اهي سڀني کان اڳيان آهن. آغا خاني برادري اڪيلي نه آهي. سڄو ملڪ انهن سان گڏ آهي. جمعي ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ صفوران سانحي جي حوالي سان پيش ڪيل ٺهراءُ تي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سڄو ملڪ هن وقت دهشت گردي جي ور چڙهيل آهي. ڪا به آئيڊيل صورتحال نه آهي. آئيڊيل صورتحال هجي ها ته آپريشن ضرب عضب يا ٽارگيٽيڊ آپريشن نه ٿيندو هجي ها ۽ اسان جون فورسرز دهشت گردن خلاف ويڙهه ۾ مصروف نه هجن ها. ڪراچي ۾ سالن کان حالتون خراب آهن. دهشت گردي جا وڏا وڏا واقعا ٿيا. آئون اهو جواز پيش نه پيو ڪيان ته اسان جي دور ۾ واقعا گهٽ ٿيا آهن. ان ڪينسر کي پکڙجڻ کان روڪڻو آهي. علاج لاءِ وقت گهربل هوندو آهي. صوبائي حڪومت سان گڏوگڏ وفاقي حڪومت کي به مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته سڀني مذهبي جماعتن جو احترام ڪيون ٿا ، بهرحال مدرسن جي نگراني جو ڪو قانون نه آهي. اڪثر مدرسا ديني تعليم ڏين ٿا پر انهن مدرسن ۾ اهڙا عنصر به آهن ، جيڪي انتهاپسندي جي تعليم ڏين ٿا. هن چيو ته سنڌ پوليس گهڻيو قربانيون ڏنيون آهن. سنڌ حڪومت پوليس جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو ۽ اڄ پنجاب پوليس جي برابر پگهارون آهن. اسپيشل ڪمانڊوز جي تربيت سنڌ ۾ به جاري آهي. پاڪ فوج به سنڌ پوليس جي تربيت ڪندي. اسان شهيد پوليس اهلڪارن جو معاوضو 20 لک رپين تائين ڪيو. هاڻي هڪ ڪروڙ رپيا ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون ته جئين سندن پونئرن کي سيڪيورٽي ۽ سماجي تحفظ جو احساس ٿئي. هن چيو ته مخالف ڌر حڪومت تي تنقيد ڪري يا ان پوليس آفيسر تي ڪري جنهن غلط ڪم ڪيو هجي پر پوليس کي مجموعي طور تي تنقيد جو نشانو نه بڻايو وڃي. هن چيو ته سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي تي ان کي سلام پيش ڪيان ٿو. وڏا وڏا ٽارگيٽ ڪلرز ۽ ڀتي خور گرفتار ڪيا. القاعده، طالبان سان مقابلا ڪيا ۽ کين ماريو، خطرناڪ هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو. دهشت گردن ۽ ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪيو ۽ ماريو. رينجرز کي به سلام پيش ڪيان ٿو. دهشت گردن جي رٽ ختم ٿي آهي. 100 سيڪڙو گهٽ نه ٿي آهي پر 90 سيڪڙو ضرور گهٽ ٿي آهي. هن چيو ته سنڌ جي اترين علائقن ۾ ڌاڙيل راڄ هو ، اڄ اهي ڌاڙيل ڀڄي رهيا آهن ۽ کين ماريو ويو آهي. سکر، لاڙڪاڻو ، شڪارپور ۽ ٻيا ضلعا پرامن آهن. هن چيو ته پوليس ۾ سياسي مداخلت جو تاثر غلط آهي. اڄ به سنڌ ۾ 90 سيڪڙو سي ايس پي پوليس آفيسر مقرر آهن. کين سنڌ حڪومت ڀرتي نه ڪيو آهي. اهي وفاقي پبلڪ سروس جو امتحان پاس ڪري آيا آهن. ان کان وڌيڪ گڊ گورننس ڇا ٿيندي آهي. هن چيو ته پوليس نه فقط دهشت گردن کي گرفتار ڪيو پر وڏن وڏن واقعن جو پتو لڳايو .13 مئي جي سانحي ۾ ملوث ماڻهن کي به گرفتار ڪنداسين. ڊي جي رينجرز جي قياد ۾ رينجرز اهم ڪيس حل ڪيا ۽ نامزد ماڻهن کي گرفتار ڪيو. ماضي جي وڏن وڏن دهشت گردي جي واقعن جي ڏوهارين کي اسان جي حڪومت گرفتار ڪيو. هن چيو ته سنڌ ۾ گهرو وزير نه هجڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون. پنجاب ۾ ٻه وڏا واقعا ٿيا ڇا پنجاب جي وڏي وزير استعيفيَ ڏني. پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جي سانحي بعد خيبرپختون خواهه جي وڏي وزير استعيفيَ ڏني؟ بلوچستان ۾ بسن تي فائرنگ ٿي آهي، ڇا بلوچستان جي وڏي وزير استعيفيَ ڏني. استعيفيَ جو مطالبو مناسب نه آهي. هن چيو ته 13 مئي سانحي ۾ ٻاهريان هٿ ملوث ٿي سگهن ٿا. آخر ۾ هن چيو ته اسان جي حڪومت جو عزم آهي ته “را” هجي يا مقامي ايجنٽ يا ڪو ٻيو دهشتگرد هجي،اسين انهن خلاف وڙهي رهيا آهيون ۽ وڙهندا رهنداسين.

 

ڪراچي ۾ ڪار تي فائرنگ، حيدرآباد جيل جو سپريٽنڊنٽ اعجاز حيدر شاهه مارجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد جيل جو سپريٽنڊنٽ اعجاز حيدر شاهه، ڪراچي ۾ ڪار تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، جڏهن ته هڪ عورت سخت زخمي ٿي پئي، پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب واقعو ذاتي دشمني جو لڳي رهيو آهي پوليس موجب گلستان جوهر جي علائقي پهلوان ڳوٺ ۾ اڻڄاتل هٿياربندن سرڪاري گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ حيدرآبادجيل جو سپريٽنڊنٽ ۽ ايس پي اعجاز حيدر مارجي ويو جڏهن ته هڪ عورت سخت زخمي ٿي پئي جنهن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايس ايس پي ايسٽ پير محمد شاهه موجب حيدرآباد جيل جو سپريٽنڊنٽ اعجاز حيدر شاهه پهلوان ڳوٺ کان پاڻ گاڏي هلائيندي وڃي رهيو ته هٿياربندن کيس نشانو بڻايو. پير محمد شاهه موجب اعجاز حيدر شاهه جي مٿي ۽ سيني ۾ گوليون هنيون ويون جيڪو ٿڏي تي ئي مارجي ويو. ايس ايس پي موجب ايس پي اعجاز حيدر جي ڪار ۾ 3 عورتون سوار هيون جن مان زخمي عورت سندس زال هئڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي. پير محمد شاهه ٻڌايو ته ظاهري طور واقعو ذاتي دشمني جو لڳي رهيو آهي جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي وئي وڃي. ٻئي طرف وزيراعظم نواز شريف ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه واقعي جو نوٽيس ورتو آهي. وزيراعظم واقعي جي مذمت ڪندي سنڌ حڪومت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، آءِ جِي سنڌ پوليس غلام حيدر جمالي ۽ ڪراچي پوليس چيف غلام قادر ٿيٻي کي سي ايم هائوس طلب ڪري اعجاز حيدر جي قتل واري واقعي بابت بريفنگ ورتي. غلام قادر ٿيٻي، وڏي وزير کي ٻڌايو ته شروعاتي جاچ رپورٽ موجب واقعو ذاتي دشمني جو لڳي رهيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

ملڪ ۾ تبديلي جو رستو بيلٽ پيپر جو رستو آهي: سراج الحق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽرِ) جماعت اسلامي پاڪستان جي سينيٽر سراج الحق چيو ته ملڪ ۾ تبديلي جو رستو بيلٽ پيپر جو رستو آهي چونڊ نظام کي ٺيڪ ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي شفاف چونڊن لاءِ سڄي ملڪ ۾ بايو ميٽرڪ سسٽم اڻٽر آهي سياسي جماعتن کي پاڻ ۾ وڙهڻ بدران غربت مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف وڙهڻ گهرجي ڪراچي جي ترقي لاءِ وفاقي حڪومت 500 ارب رپين جي ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪري ٿر کي ڪراچي بڻايو وڃي ڪراچي کي ٿر نه بڻايو وڃي عوام اسلامي ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ جماعت اسلامي جو ساٿ ڏي هو گذريل ڏينهن نيو ايم اي جناح روڊ تي بلدياتي مهم جي آغاز تي جماعت اسلامي ڪراچي تحت رٿيل ڪل ڪراچي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪري رهيو هو ڪنوينشن کي ڊاڪٽر معراج الحديٰ صديقي، حافظ نعيم الرحمان، يونس ٻارائي، منم ظفر خان خاسم محمد اسلام به خطاب ڪيو. ڪنوينشن ۾ پاڻي جو بحران ۽ صفوران چورنگي سانحي بس تي فائرنگ جي حُالي سان قراردادون به منظور ڪيون ويون ڪنوينشن ۾ ڪارڪنن پنهنجي فئملي سان گڏ شرڪت ڪئي عورتن لاءِ الڳ انتظام ڪيو ويو هو سينيٽر سراج الحق چيو ته ڪراچي ۾ ڪالهه ظلم جي حد ٿي ويئي هڪ بس ۾ بيگناهه عورتن ٻارڙن ۽ مردن کي ماريو ويو آخر انهن عورتن ۽ مردن جو ڪهڙو ڏوهه هو جو انهن کي قتل ڪيو ويو هي واقعو ڪراچي ۾ گذريل واقعن جو تسلسل آهي 12 مئي جو واقعو ٿيو پر چيف جسٽس جڏهن ٻيهر پنهنجي ڪرسي تي آيو ته هو 12 مئي جي شهيدن کي وساري ويٺو هن ڪوئي سوموٽو ايڪشن نه ورتو ۽ پنهنجي رٽائرمينٽ تائين هو خاموش رهيو ۽ اڄ تائين هو قوم کي نه ٻڌائي سگهيو ۽ پراسرار خاموشي ڇو اختيار ڪئي خبر ناهي ڇو هو 12 مئي جي سانحي جو نالو وٺڻ ڇو وساري ويٺو ڪراچي ۾ وڪيلن کي جيئرو ساڙيو ويو ۽ پوءِ بلديه ٽائون سانهي ۾ 250 کان وڌيڪ مزدورن کي هڪ فيڪٽري ۾ ساڙيو ويو پر نطام خاموش آهي هي نظام مظلومن ۽ مقتولن جي وارثن کي انصاف فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي شرڪ جي ڳالهه آهي جو انسان چنڊ تي قدم رکيو ۽ مريخ ڏانهن وڃي رهيو آهي پر ڪراچي جو عوام پاڻي لاءِ سڪي رهيو آهي واٽر بورڊ ۾ 17000 ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا خبر نه آهي ته اهي عوام کي هوا فراهم ڪن ٿا ته يا ڪجهه ٻيو مان سنڌ جي وڏي وزير کي چوان ٿو ته ٿر کي ڪراچي نه بڻايو ڪراچي کي ٿر نه بڻايو اسان ضمني چونڊن ۾ اليڪشن هارائي آهي پر حوصلو نه هارايو آهي اسان مخلوق خدا کي الله جي دين طرف سڏي رهيا آهيون ۽ دعوت جو هي ڪم جاري رکنداسين قائداعظم به پاڪستان کي هڪ اسلامي ۽ خوشحال پاڪستان ڏسڻ پسند ڪري پيو پر افسوس جو ان جي لاڏاڻي کان پوءِ ملڪ جي ادارن تي مفادپرستن قبضو ڪري ورتو ۽ جهڊا ۽ پارٽيون مٽائي مٽائي اهي ملڪ تي مڙيندا رهيا ۽ ملڪ ۽ قوم کي تباهه ڪري ڇڏيو جماعت اسلامي ملڪ جي خدمت ڪئي آهي ملڪ خاطر قربانيون ڏنيون آهن اڄ به اسان بنگلاديش ۾ اسلام ۽ پاڪستان سان محبت جي سزا ۾ جيل ڪاٽي رهيا آهيون ۽ ڦاهي جون سزائون ڀوڳي رهيا آهيون اسان هر موسم ۾ ڪلمي جي بلندي جو نعرو لڳايو آهي ۽ هي نعرو اسان بلند ڪندا رهنداسين اسان مطالبو ڪيون ٿا ته پنجاب ۾ به فوري طور تي بلدياتي چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي ڪراچي ۾ بوگس ووٽر لسٽون ختم ڪيون وڃن ۽ ڌانڌلي جون سمورون شڪلون ۽ صورتون بند ڪيون وڃن بايو ميٽرڪ سسٽم لڳايو وڃي.

 

ڏکڻ پنجاب جي حصي جو پئسو لاهور تي خرچ ٿي رهيو آهي: عمران خان

 

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چئرمين عمران خان چيو آهي ته سرڪاري خزاني کي بادشاهن جيان استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري ڏکڻ پنجاب جي حصي جو سمورو پئسو به لاهور ۾ خرچ ٿي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ملڪ ۾ وسيلن جي ورهاست ناانصافي تي ٻڌل آهي، سمورا فيصلا شريف ڀائر ڪندا آهن، هن چيو ته صفورا سانحو آرمي پبلڪ اسڪول کان پوءِ ٻيو ڏکوئيندڙ واقعو آهي، جنهن پوري ملڪ کي لوڏي ڇڏيو آهي، ڪراچي ۾ رينجرز گهڻي وقت تائين امن قائم نٿي ڪري سگهي. جيستائين سياسي پارٽيون پنهنجن ماڻهن کي ڀرتي ڪرائينديون تيستائين ڪراچي جا مسئلا ڪڏهن به حل نه ٿيندا، ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پوليس کي غير سياسي ڪرڻو پوندو ۽ ميرٽ تي پوليس وارن کي آڻڻو پوندو. عمران خان چيو ته کيس پاڪ چين اقتصادي راهداري تي وڌيڪ وضاحت جي ضرورت آهي، ان معاملي ۾ حڪومت جو پنهنجو موقف واضع ناهي. جيڪڏهن هو وزيراعظم هجي ها ته گوادر کان چين جو سڀ کان ننڍي رست تي روڊ ٺاهي ها ۽ اهو علائقو ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ پوئتي پيل حصو آهي، ان سان ملڪ ۾ غربت جي خاتمي ۾ مدد ملندي ۽ وڏن شهرن جي آبادي جي وهڪري تي به ضابطو  آڻي سگهجي ٿو.

 

 

قلات ۾ دهشتگردن خلاف سرچ آپريشن، 13 ويڙهاڪ مارجي ويا

ڪوئيٽا (بيورو)قلات جي علائقي جوهان ۾ ايف سي جي سرچ آپريشن دوران 13 ويڙهاڪ مارجي ويا آهن. ايف سي ترجمان موجب قلات جي علائقي جوهان ۾ ويڙهاڪن جي ٺڪاڻن جي موجودگي جي اطلاع تي سرچ آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ ايف سي جي جوانن جي وڏي انگ حصو ورتو، آپريسن ۾ هيليڪاپٽرن جو به استعمال ڪيو ويو. ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر سميت 13 ويڙهاڪ مارجي ويا جڏهن ته ويڙهاڪن جي 2 ٺڪاڻن ۽ بارود سان ڀريل 3 گاڏين کي تباهه ڪري ڇڏيون . ايف ي اختيارين جو چوڻ هو ته مارجي ويل ويڙهاڪ بلوچستان ۾ آئل ٽينڪرن کي ساڙڻ، سيڪيورٽي فورسز تي حملي ۽ ٻين ڪارروائين ۾ گهربل هئا.