تازيون خبرون

Daily Archives: May 8, 2015

حڪومت جي مدي ۾ ئي بجلي بحران ختم ٿي ويندو : نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۽ آسٽريليا دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ٻطرفو تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته بيگناهه ماڻهن جي زندگين سان کيڏندڙ ڪنهن به رعايت جي مستحق نه آهي جڏهن ته وزيراعظم نوازشريف هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو ته دهشتگردن ۽ سهولتڪارن جي نيٽ ورڪ جي مڪمل خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين توانائي جي قلت سبب پاڪستان جي صنعت متاثر ٿي رهي آهي حڪومت توانائي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ تڪڙا اپاءُ وٺي رهي آهي توقع آهي ته حڪومت جي مدي ۾ ئي بجلي جو بحران ختم ٿي ويندو خميس تي پاڪستان جي دوري تي آيل آسٽريليوي پرڏيهي وزير جولي بشپ وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفو لاڳاپا خطي جي صورتحال ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون ذريعن مطابق ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي خلاف  جنگ ۾ ٻطرفو لاڳاپا تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي ملاقات دوران وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز معاون خاص طارق فاطمي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر پيٽر هيورڊ به موجود هو ملاقات ۾ آسٽريلوي پرڏيهي وزير ٻڌايو ته پرڏيهي وزير بڻجڻ کان پوءِ ان جو پاڪستان جو هي پهريون دورو آهي جنهن دوران هو ڪيتريون ئي فائديمند ملاقاتون ڪيون هن حڪومت جي سداراتي ايجنڊا جي تعريف ڪئي جنهن سان اقتصادي ترقي ۽ سڄي ملڪ ۾ روزگار جا موقعا وڌيا آهن ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ ايشيا جي بهترين مارڪيٽن ۾ شامل آهي صنعت ترقي ڪري رهي آهي زرعي شعبي ۾ ڪڻڪ ۽ ڪپهه جو سٺو فصل آهي هن چيو ته جيڪي عنصر بيگناهه ماڻهن کي مارن ٿا اهي ڪنهن رحم جي مستحڪ نه آهي هن چيو ته امن ۽ سلامتي لاءِ سالن جي جدوجهد ۾ اسان هزارين قربانيون ڏنيون ۽ دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي نيٽ ورڪ جي مڪمل خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين.

 

ڪنهن جي چوڻ تي آئين مان ڪائي شئي ڪڍي يا وجهي نٿي سگهجي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان چيو آهي ته ججز مقرري جي پارليماني ڪميٽي ختم ڪرڻ سان نئون خال پيدا ٿيندو عدليه لاءِ آئين کان ٻاهر وڃڻ مشڪل آهي ڪنهن جي چوڻ تي آئين مان ڪائي شئي ڪڍي يا وجهي نٿي سگهجي خميس تي هتي چيف جسٽس آف پاڪستان مسٽر جسٽس ناصرالملڪ جي سربراهي ۾ 7 رڪني فل ڪورٽ بئنچ 18هين ۽ 21هين آئيني ترميم ۽ فوجي عدالتن جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي شروع ٿي ته درخواست گذار حامد خان چيو ته آئين ۾ عدليه کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي پارليماني ڪميٽي آزاد عدليه ۽ مارليماني نظام جي اصولن جي خلاف آهي جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته قرارداد مقصدن جا نقطا آئين جا خدوخال بيان ڪن ٿا ان تي آئيني ترميم ڪيئن ڪالعدم ڪري جسٽس جواد ايس خواجه چيو ته عدليه لاءِ آئين کان ٻاهر وڃڻ مشڪل آهي پارليماني ڪميٽي ختم ڪرڻ سان نئون خال پيدا ٿيندو عدليه آئين اندر رهي معاملن کي ڏسندي آهي ڪنهن جي چوڻ تي آئين مان ڪا شئي ڪڍي سگهجي ٿي ۽ نه ئي وجهي سگهجي ٿي پارليمينٽ آئين جي ڪهڙن آرٽيڪلن ۾ ترميم ڪري سگهي ٿي ۽ ڪهڙن ۾ نه ان جو فرق ڪٿي نه آهي درخواست گذار حامد خان چيو ته عدليه رياست پاڪستان جو هڪ ٿنڀ آهي ملڪي نظام ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ ۾ انتظاميه ۽ پارليمينٽ جڏهن ته ٻئي ۾ عدليه اچي ٿي پاڪستان جي آئين ۾ رياست جو تصور آهي ان ۾ عدليه شامل نه آهي ڪيس جي ٻڌڻي 12 مئي تائين ملتوي ڪئي ويئي.

 

سنڌ حڪومت جو روڊ سيڪٽرز ۾ هڪ وڌيڪ ميگا ڊولپمينٽ پروجيڪٽ شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت روڊ سيڪٽرز ۾ هڪ وڌيڪ ميگا ڊولپمينٽ پروجيڪٽ شروع ڪندي فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) سان 9958 ملين رپين جي لاڳت سان ڪراچي کان ٺٽو ڊوئل ڪيريج روڊ تعمير ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. جيڪو 49 ڪلوميٽر ڊگهو روڊ گهگهر ڦاٽڪ کان ٺٽو باءِ پاس تائين تعمير ڪيو ويندو. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ موڊ تحت شروع ڪيل ان منصوبي جي ڪل لاڳت 9958 ملين روپيا آهي، جنهن ۾ 7499 ملين رپيا اڏاوتي ڪم جي رقم ۽ 2460 ملين رپيا منصوبي جي ڊيولپمينٽ جو خرچ ٿيندو. مالياتي ڍانچي مطابق منصوبي جي رقم جو 70 سيڪڙو (6971 ملين رپيا)، ڪمرشل قرض جي صورت ۾ حاصل ڪيو ويندو، جڏهن ته بقايا 30 سيڪڙو (2987 ملين رپيا) ايڪيوٽي جي صورت ۾ ٻئي شريڪ ڪار مهيا ڪندا. جنهن مان 53.3 سيڪڙو (1593 ملين رپيا) ايف ڊبليو او ڏيندو، جڏهن ته بقايا 46.7 ملين رپيا) سنڌ حڪومت برداشت ڪندي. وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزير ناڻو سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير اطلاعات ۽ بلديات شرجيل انعام ميمڻ، ڊائريڪٽر جنرل ايف ڊبليو او محمد افضل خان، ڊائريڪٽر پلانس ايف ڊبليو او برگيڊيئر سلطان، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري منصوبابندي ۽ ترقيات محمد وسيم، سيڪريٽري ناڻو سهيل راجپوت ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي آفيسرن معاهدي تي صحيحون ڪرڻ واري ساده پروقار تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ورڪس اينڊ سروسز کاتي حڪومت سنڌ جي چيف انجنيئر سيد پرويز علي شاهه ۽ ڊائريڪٽر پلان ايف ڊبليو او پنهنجي پنهنجي اداري طرفان معاهدي تي صحيح ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه چيو ته ڪراچي ٺٽو ڊوئل ڪيريج وي جو رستو هڪ انتهائي اهم منصوبو آهي جيڪو ٺٽي کي مٺي سان ملائيندڙ رستي سان جوڙيو ويندو. جنهن کي اڳتي هلي اسلام ڪوٽ کان ٿيندو ٿرڪول فيلڊ جي علائقن سان ملايو ويندو جيڪو 296 ڪلوميٽر ڊگهو رستو بڻجي ويندو. هن چيو ته اهو معاهدو اسان ايف ڊبليو او سان گڏجي صحيح ڪيو آهي جيڪا فني لحاظ کان ملڪ جي وڏي ڪمپني آهي ۽ ايف ڊبليو او جي صلاحيتن کي نظر ۾ رکندي اهو منصوبو هڪ کان ڏيڍ سال ۾ مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته اهو ڊوئل ڪيريج وي ڪراچي کان ٺٽو اچ وڃ ڪندڙ لکين مسافرن کي فائدو ڏيندو ۽ ان کان علاوه علائقي ۾ آمدني، روزگار، واپار ۽ سيڙپڪاري جا نوان ذريعا ۽ موقعا پيدا ڪندو. ناڻي واري وزير تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جي ويزن سان شروع ڪيل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبو صرف انفرااسٽرڪچر تائين محدود ناهي بلڪ صحت ۽ تعليم جي شعبن سميت نوري آباد تي هڪ سو ڪي وي پاور پروجيڪٽ انرجي جو منصوبو به شامل آهي. هن چيو ته تازو  ئي مون تعليم کاتي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ موڊ تحت خيرپور جي ٽن اسڪولن هڪ سٺي ساک رکندڙ تعليمي اداري جي حوالي ڪيا آهن. ان کان علاوه صحت کاتي انڊس اسپتال، ڊاڪٽر ضيا الدين ۽ امن فائونڊيشن سان سروسز ۽ انتظامي بهتري جي حوالي سان صوبي جي وڏين اسپتالن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ معاهدا ڪيا آهن. هن چيو ته اسان انهي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ موڊ تحت حيدرآباد، ميرپورخاص ڊوئل ڪيريج روڊ وڏي ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو آهي. ڊائريڪٽر جنرل ايف ڊبليو او محمد افضل خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هن وقت سندس آرگنائيزيشن لاهور اسلام آباد موٽر وي جي مرمت سميت ملڪ ۾ ڪيترائي ميگا پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته تمام جلد سندس آرگنائيزيشن ڪراچي کان حيدرآباد موٽر وي جي ايم نائن منصوبي تي ڪم شروع ڪندي، جنهن کي مقرر وقت کان اڳواٽ مڪمل ڪيو ويندو ۽ اهڙي طرح ڪم شروع ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي، ٺٽو ڊبل روڊ به هڪ سال اندر مڪمل ٿي ويندو. هن چيو ته جولاءِ 2015 جي آخر تائين منصوبي جي فنانشل ڪلوز جي اميد آهي، هن ٻڌايو ته ايف ڊبليو او ان ڊوئل ڪيريج وي جي مالي، ڊزائين ٺاهڻ، روڊ تعمير ڪرڻ، آپريٽ ڪرڻ کان پوءِ منصوبي کي سنڌ حڪومت کي منتقل ڪرڻ جو ذمو کڻي ٿي ۽ 25 سالن تائين ان منصوبي کي هلائڻ ۽ مرمت ۽ سارسنڀال ايف ڊبليو او جي ذميواري هوندي.اي پي پي/ م- ن/ ن- ش 19:10

 

نيشنل ڊفينس يوينورسٽي کي قومي سلامتي ۽ دفاعي پاليسي تيار ڪرڻ جي عمل ۾ اهم ٿنڪ ٽينڪ جي حيثيت حاصل آهي: صدر

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان جي صدر ممنون حسين چيو ته نيشنل ڊفينس يونيوسٽي کي قومي سلامتي ۽ دفاعي پاليسي تيار ڪرڻ جي عمل ۾ هڪ اهم ٿنڪ ٽينڪ جي حيثيت حاصل آهي اها ڳالهه صدر ممنون حسين نيشنل ڊفينس يونيورسٽِ جي صدر ليفٽيننٽ جنرل انوارعلي حيدر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي جنهن پاڪستان جي صدر سان ايوان صدر اسلام آباد ۾ ان سان ملاقات ڪئي صدر چيو ته نيشنل ڊفينس يونيورسٽِ ملڪ جو هڪ اهم ادارو آهي جيڪو نه صرف دفاعي حڪمت عملي جي جوڙجڪ پر عسڪري ۽ سول آفيسرن کي تربيت فراهم ڪرڻ جون ذميواريون به نڀائي رهيو آهي هن چيو ته هن تربيت جو مقصد فعال ۽ اهم ليڊرشپ جي تياري ۾ معانت ڪرڻ آهي صدر چيو ته نه صرف پاڪستان پر ايشيا ۾ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي بهتر درجه بندي آهي هن چيو ته جيڪي ماڻهو اتان تعليم پرائي وڃن ٿا انهن جي دماغ ۾ پاڪستان جو سٺو تصور ۽ دوستي جا جذبا اڀرن ٿا صدر فيڪلٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ شاگردن کي رهائشي سهولتون ڏيڻ لاءِ تڪڙا اپاءُ ڪرڻ جي هدايت ڪئي صدر يونيورسٽِ کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ مڪمل تعاون خاطري ڪرائيندي ڪيو ته اين ڊي يو غير رسمي سفارتڪاري جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي جنهن مان ڀرپور نموني فائدو وٺڻ گهرجي.

 

آصف زرداري افغان اڳواڻن سان دهشتگردي خلاف جنگ ۽ ٻطرفو لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ ڪابل پهچي ويو

ڪابل (م.ڊ) اڳوڻو صدر آصف زرداري افغان اڳوان سان دهشتگردي خلاف جنگ ۽ ٻطرفو لاڳاپا بهتر بنائڻ جي سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه لاءِ ڪابل پهچي ويو پاڪستاني سفارتخاني جي هڪ اهلڪار ٻڌايو ته پاڪستاني سفير ابرار حسين ۽ ٻيا سفارتڪار به استقبال لاءِ ڪابل جي هوائي اڏي تي موجود هئا افغان صدر اشرف غني نومبر ۾ پاڪستان جي دوري دوران آصف زرداري سميت ٻين پاڪستاني اڳواڻن کي افغان دوري جي دعوت ڏني هئي هن کان اڳ عوامي نيشنل پارٽي، پختونخواهه ملي پارٽي عوامي وطن پارٽي جي اڳواڻ صدر اشرف غني جي دعوت تي جنوري ۾ افغانستان جو دورو ڪري چڪو آهي افغان صدر جمعيت طلبا اسلام ۽ جماعت اسلامي جي اميرن کي به ڪابل جي دوري جي دعوت ڏني اهي افغان عملدارن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني اڳواڻن جي دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن جي سياسي اڳواڻن وچ ۾ رابطا وڌائڻ آهي ته جيئن غير سرڪاري طور تي به امن قائم ڪرڻ ۽ دهشتگردي بابت معاملن تي مشورا ڪري سگهجن. پروگرام مطابق آصف زرداري افغان صدر اشرف غني ۽ چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر عبدالله سان ملاقات ڪندو اڳوڻي صدر زرداري جي وفد ۾ اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ اڳوڻي وزير شيرين رحمان شامل آهن. پرڏيهي وزارت جي ترجمان آصف علي زرداري جي ڪابل جي دوري جي آجيان ڪئي آهي.

 

آرمي چيف جي ميانمار جي ڪمانڊرچيف سان ملاقات

راولپنڊي(م.ڊ) ميانمار جي ڪمانڊرز چيف آف ڊفينس سروسز چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي اداري(آئي ايس پي آر) کي ڏنل بيان ۾ ٻڌايو ويوته آرمي چيف سان ميانمار جي ڪمانڊرز چيف آف ڊفينس سروسز ملاقات ڪئي جنهن دوران پيشاواراڻا معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.

 

اليڪشن ڪميشن سعد رفيق جي اسيمبلي ميمبرشپ رد ڪري ڇڏي، نوٽفڪيشن جاري

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن، مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجه سعد رفيق جي ايم اين اي طور ميمبرشپ ختم ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اين اي هڪ سئو 25 لاهور تي اليڪشن ٽربيونل فيصل آباد جو فيصلو ملڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن خواجه سعد رفيق جي ميمبرشپ ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته خواجه سعد رفيق جي ميمبرشپ ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي جي روشني ۾ جاري ڪيو ويو آهي. اليڪشن ٽربيونل فيصل آباد، تحريڪ انصاف جي حامد خان جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي تڪ تي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. مسلم ليگ نون پاران اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

 

پري اسڪين رپورٽ نادره ناهي ڏني، اليڪشن ٽربيونل کان ملي آهي: عمران خان جي وضاحت

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پري اسڪين رپورٽ نادره ناهي ڏني، اليڪشن ٽربيونل کان ملي آهي سعد رفيق به چوي ٿو ته رٽرننگ آڦيسرن داندلي ڪئي آهي ذميوارن کي سزا ڇو ملڻ گهرجي جڊيشل ڪميشن جو فيصلو قبول ڪنداسين نادره رپورٽ جلد اليڪشن ٽربيونل وٽ هلي ويندي ايندڙ هفتي ڪوڙ سچ پڌرو ٿي ويندو ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نادره مون کي پري اسڪين رپورٽ ناهي ڏني اسان کي اليڪشن ٽربيونل کان ملي آهي آفيشل رپورٽ اليڪشن ٽربيونل کان ملي آهي ۽ چيئرمين نادره تي اجادو چڙهائي ڪئي ويئي عمران خان ٻڌايو ته رپورٽ ۾ 3 شيون آڌو آيون آهن 30 پولنگ اسٽِشن ۾ ڊپليڪيٽ ڪاغذ مليا آهن ۽ اهي هڪ ئي سيريل نمبر جا آهن جاچ کان پوءِ خبر پوندي ته ڇو واڌو بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا آهن هن ٻڌايو ته 50 پولنگ اسٽيشن اندر ڪنهن ٻئي پولنگ اسٽيشن جا سيريل نمبر نڪتا آهن 34 پولنگ اسٽيشن ۾ اليڪٽرول لسٽون غائب ڪيون ويون جنهن سان خبر نٿي پوي ته آڱوٺا ڪنهن جا لڳا آهن نادره کان ايندڙ رپورٽ آڱوٺن جي نشاندي ڪندي هن چيو ته منڊي بهاولدين ۾ هڪ اميدوار اليڪشن ۾ درخواست داخل ڪري رهيو آهي ان جو موقف آهي ته پنجاب جي گورنمينٽ اليڪشن دوران گئس پائيپ وجهڻ شروع ڪري ڇڏي آهي اها سموري پري پول ڌانڌلي آهي جڊيشل ڪميشن جي قيام جي باوجود پنجاب حڪومت تي ڪوئي فرق نٿو پوي ۽ اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي رٿابندي ڪري رهيا آهيون هڪ وزير گاڏين ۾ ويهي چئمپين هلائي رهي آهي جڊيشل ڪميشن ۾ سموريون شيون آڏو اچي ويندي هن چيو ته اين اي 125 جي فيصلي جي خلاف حڪومت سپريم ڪورٽ هلي وييئ آهي هن چيو ته سعد رفيق چوي ٿو ته رٽرننگ آفيسر ڌانڌلي ڪئي آهي ۽ چوي ٿو ته مان ڌانڌلي نه ڪئي اسان چئون ٿا ته جنهن ڌانڌلي ڪئي آهي ان کي سزا ملڻ گهرجي هن چيو ته هاڻي نادره جي رپورٽ ٽربيونل اليڪشن وٽ هلي ويندي انشاءَالله اسان کي اميد آهي ته ايندڙ هفتي ڪوڙ سچ پڌرو ٿي ويندو.

 

مرزا فارم هائوس جو ٻيهر پوليس جو گهيراءُ، بڪتر بند گاڏيون پهچي ويون، هر حال ۾ مرزا جي گرفتاري جو امڪان

بدين (ڊ.ر)   مرزا فارم هائوس جي ٻيهر گهيراءُ لاءِ پوليس موبائيل ۽ بڪتر بند گاڏيون روانيون ٿي ويون آهن، جڏهن ته  ذوالفقار مرزا ۽ ڪيسن ۾ نامزد سندس حامين کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف واپاري اتحاد جي سڏ تي بدين ۾  شٽر بند هڙتال   ڪئي وئي آهي.مرزا فارم هائوس کي ٻيهر ڪڙو چاڙهڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن، موبائلز ۽ بڪتربند گاڏيون فارم هائوس طرف روانيون ٿي ويون  آهن.ايس ايس پي بدين خالد مصطفيٰ ڪورائي جو چوڻ آهي ته واپارين جا زوري دڪان بند ڪرائڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار مرزا هائوس ۾ موجود آهن ، جن کي هر حال ۾ گرفتار ڪيو ويندو،ذوالفقار مرزا ۽ سندس حامي گرفتار نه ٿيڻ تي بدين ۾ واپاري اتحاد جي سڏ تي سمورا ڪاروباري مرڪز بند آهن، جڏهن ته ٽريفڪ به معمول کان گهٽ هلي رهي آهي.ذوالفقار مرزا، فهميده مرزا، ڪيسن ۾ نامزد جوابدارن سميت 400 ماڻهو مرزا فارم هائوس تي موجود آهن،جڏهن ته مرزا فارم هائوس ڏانهن ويندڙ رستن تي وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، جن جو گشت به جاري آهي.

 

پاڪستاني اداڪارا به برطانيا وارين چونڊن ۾ اميدوار

لاهور(شوبز نيوز) مشهور ڊرامي “آنسو” ۽ “ديس پرديس” کان شهرت ماڻيندڙ تسمينه شيخ به اڄ برطانيا ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي.برطانوي اخبار  مطابق تسمينه احمد شيخ ڪنزرويٽو ۽ ليبر پارٽيز جي هڪ سرگرم ڪارڪن رهي چڪي آهي انڪري هاڻي هو اسڪاٽس نيشنل پارٽي(ايس اين پي) جي اهم اميدوار جي طور تي چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي.جڏهن ته هن جي مقابلي ۾ ليبر پارٽي جو اميدوار گورڊن بينڪ ۽ اسڪاٽش ڪنزرويٽو جون ميٽرڪ چونڊون وڙهي رهيو آهي.رپورٽ مطابق تسمينه احمد شيخ  اوچل ۽ سائوٿ پرتٿ شائر مان چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي، جتي ليبر پارٽي جي گهڻائي آهي.تسمينه گذريل سال تمام گهٽ مارڪن کان يورپي پارليامينٽ جو حصو بڻجڻ کان رهجي وئي.