تازيون خبرون

Daily Archives: May 7, 2015

بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ۽ سياستدان هيما مالني به شرڌا ڪپور جي مداح

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ۽ سياستدان هيما مالني به شرڌا ڪپور جي مداح آهي. ماضيءَ جي ڊريم گرل نوجوان نسل جي اداڪارا کي اڄ جي ڊريم گرل قرار ڏنو. ماضيءَ جي ڊريم گرل هيما مالنيءَ جا اهڙا لفظ شرڌا جي لاءِ ڪنهن اعزاز کان گھٽ ناهن. تازو ئي هيما مالنيءَ ماٿوره ۾ هڪ تقريب جو اهتمام ڪيو هو، جنهن ۾ شرڌا ڪپور به ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪئي هئي. هيما مالنيءَ شرڌا جي ڪم کان تمام گھڻي متاثر نظر آئي ۽ هن خوش ٿي کيس اڄوڪي دور جي ڊريم گرل قرار ڏنو. شرڌا ڪپور جي آخري فلم ”حيدر“ باڪس آفيس تي ڪاميابيءَ جا جھنڊا کوڙيا هئا، جڏهن ته نوجوان اداڪارا جي ايندڙ فلم ”اي بي سي ڊي-2“ آهي.

 

فيصلو ٻڌندي ئي سلمان خان جو ڀاءُ سهيل خان عدالت کان ٻاهر هليو ويو

ممبئي(شوبز نيوز): مقامي عدالت اداڪار سلمان خان کي 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي اهو فيصلو ٻڌندي ئي خاندان جي سمورن ڀاتين سلمان خان کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو پر سهيل خان عدالت واري ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو ۽ ٻڌايو وڃي ٿو ته هو جذباتي ٿي ويو هو.ڀارتي ميڊيا مطابق سلمان خان جي وڪيل انسانيت جي ڀلائي وارن ڪمن سان گڏوگڏ  بيماري جو ڪارڻ ڄاڻائيندي سزا نه ڏيڻ جي اپيل ڪئي. وڪيل جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سلمان خان کي قيد جي سزا ٻڌائي وئي ته پوءِ طبعي سهولتن ڏيڻ جو پڻ حڪم ڏنو وڃي، جڏهن ته سلمان خان وڌيڪ ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.عدالت پاران ٻڌايل سزا  تي سلمان خان جي منهن تي ڪنهن به قسم جي پڇتاو جا آثار نظر نه ٿي آيا، جڏهن ته هن جو ڪنڌ جهڪيل هو ۽ جيل جي سزا ٻڌندي ئي سلمان خان جي خاندان جي ماڻهن کيس گهيري ڇڏيو جنهن کان پوءِ  سلمان خان جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا ۽ سندس ڀاءُ سهيل خان عدالت واري ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.سلمان خان جي وڪيلن فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت لاءِ درخواست  داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

 

فلم ”رئيس“ ۾ شاهه خان ”نواز الدين صديقي“ نالي ڊون جو ڪردار ادا ڪندو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان پنهنجي جواني واري عمر ۾ پنهنجي باڊي لاءِ ايترو پرجوش نظر نه ايندو هو، پر هاڻي جڏهن سندس عمر 50 سالن تي اچي پهتي آهي ته کيس سلو ڀائي جيان پنهنجي باڊي ۽ سڪس پيڪس جي ڳڻتي ورائي وئي آهي، ان ڏس ۾ شاهه رخ خان پنهنجي نئين فلم ”رئيس“ لاءِ گهڙيل سڪس پيڪس مداحن کي ڏيکاري چيو آهي ته اوم شانتي اوم ۽ هيپي نيو ايئر واري لڪ کان وڌيڪ بهتر آهي. راهول ڍولڪيا جي فلم ”رئيس“ ۾ شاهه خان ”نواز الدين صديقي“ نالي ڊون جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ هن سان گڏ پاڪستان جي اداڪار ماهرا خان اچي رهي آهي.

 

”ميري ڪوم“ منهنجي دل جو ٽڪرو آهي: پريانيڪا چوپڙا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا چيو آهي ته ”ميري ڪوم“ منهنجي دل جو ٽڪرو آهي ۽ ان فلم کي ڪامياب ڪرائڻ تي هو پنهنجي دوستن ۽ خاندان جي تمام گھڻي ٿورائتي آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ”ميري ڪوم“ منهنجي دل جو ٽڪرو آهي، هن چيو ته جڏهن توهان جو ڪو ڪم مختلف ڪندا آهيو ۽ جڏهن ان جو صلو ملندو آهي ته اوهان کي تمام گھڻي خوشي ٿيندي آهي ۽ اهو ئي حال منهنجو به آهي، هن چيو ته ان فلم کي بهترين مشهوري فلم جو ايوارڊ منهنجي لاءِ اعزاز جهڙي ڳالهه آهي، پريانڪا چيو ته ان فلم جي ڪاميابيءَ تي مان پنهنجي خاندان ۽ دوستن سان گڏوگڏ سموري ٽيم جي به تمام گھڻي ٿورائتي آهيان.

 

وڪٽ بولنگ جي لاءِ آهي ۽ ڪوشش هوندي ته پاڪستان کي گهٽ اسڪور تي آئوٽ ڪريون:مشفيق الرحيم

ميرپور(اسپورٽس نيوز)ٻئين ۽ آخري ٽيسٽ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پاڪستان خلاف پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ميرپور شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ بنگلاديش  جي ڪپتان مشفيق الرحيم ٽاس کٽي پهرين پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، مشفيق الرحيم جو چوڻ آهي ته وڪٽ بولنگ جي لاءِ آهي ۽ ڪوشش هوندي ته پاڪستان کي گهٽ اسڪور تي آئوٽ ڪريون. ان جو چوڻ هو ته ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي، روبيل جي جاءِ تي شهادت حسين کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ هو ته وڪٽ تي ڇپر ۽ بائونس آهي، اگر اسان به ٽاس کٽون ها ته پهريان بولنگ ڪريون ها. بنگلاديش خلاف وڏو اسڪور ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ميچ ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي، ذوالفقار بابر جي جاءِ تي عمران خان کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.پاڪستاني ٽيم مصباح الحق، محمد حفيظ، سميع اسلم، اظهر علي، يونس خان، اسد شفيق، سرفراز احمد، وهاب رياض، جنيد خان، ياسر شاهه ۽ عمران تي مشتمل آهي. واضح رهي ته دوره بنگلاديش ۾ پاڪستان ٽيم ڪاميابي کان اڃا تائين محروم آهي. ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ آهي ته رانديگر آخري ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ پر عزم آهن.

 

زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ جو 4 رڪني وفد لاهور پهچي ويو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ سيريز کان پهرين سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ جو 4 رڪني وفد لاهور پهچي ويو، زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو ڪيمبل جي قيادت ۾ 4 رڪني وفد رات دير سان لاهور پهتو، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. وفد اڄ منجهند قذافي اسٽيڊيم ۽ نيشنل هاڪي اسٽيڊيم جو دورو ڪندو ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺندو، وفد کي حڪومتي ۽ پي سي بي جا آفيسر سيڪيورٽي انتظامن جي باري ۾ بريفنگ ڏيندا، زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم 19 مئي کان 31 مئي تائين پاڪستان جو دورو ڪندي، پروگرام مطابق زمبابوي ٽيم 3 ون ڊي ۽ هڪ ٽي ٽوئنٽي مئچون کيڏندي.

 

سعيد اجمل ۽ محمد حفيظ کان پوءِ خرم منظور جو بالنگ ايڪشن به شڪي قرار

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي جادوگر اسپنر سعيد اجمل ۽ محمد حفيظ کان پوءِ خرم منظور جو بالنگ ايڪشن به شڪي قرار ڏنو ويو آهي. خابرو اداري موجب ڪولمبو ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا اي ٽيمن جي کيڏجندڙ فرسٽ ڪلاس ميچ ۾ فيلڊ امپائرن خرم منظور جو بالنگ ايڪشن به شڪي قرار ڏنو، امپائرن خرم منظور جي شڪي بالنگ ايڪشن رپورٽ ميچ ريفريءَ کي به ڏني. واضح رهي ته خرم منظور ٽيسٽ ۽ ون ڊي ۾ پاڪستان ڪرڪيت ٽيم جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، پر هن اڄ تائين ڪنهن انٽرنيشنل ميچ ۾ بالنگ نه ڪرائي هئي. سعيد اجمل ۽ محمد حفيظ جي بالنگ ايڪشن ۾ تبديليءَ کان پوءِ آءِ سي سيءَ کان منظور ڪرائي چڪا آهن.

 

پي سي بيءَ ٽيسٽ ڪرڪيٽر فيصل اقبال تي چئن ميچن جي پابندي هڻي ڇڏي

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پي سي بيءَ ٽيسٽ ڪرڪيٽر فيصل اقبال تي چئن ميچن جي پابندي هڻي ڇڏي آهي. هو 15 مئي کان شروع ٿيندڙ ڊوميسٽڪ سپر ايٽ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ نه کيڏي سگھندو. چار مهينا اڳ ڪراچي ۾ پينٽانگولر ڪپ ۾ فيصل اقبال ڪراچي ڊولفنز جي نمائندگي ڪري رهيو هو. ڪوچ توصيف احمد سان جھيڙي جي ڪري فيصل اقبال ميچ دوران ڊريسنگ روم ڇڏي بنا ٻڌائڻ جي گھر هليو ويو هو، جنهن تي مينيجر رپورٽ پيش ڪئي هئي، جنهن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ فيصل اقبال تي چئن ميچن جي پابندي هڻي ڇڏي آهي ۽ هاڻ هو سپر ايٽ ٽي ٽوئنٽي ۾ ڪراچي جي نمائندگي نه ڪري سگھندو.

 

مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت

 

لڳي ٿو ته حڪومت جي عوامي ڀلائي واري قدمن کي هڪ طرح جو بريڪ لڳي ويو آهي ۽ اهو قدم جن جي سڄي ملڪ ۾واهه واهه پئي ٿئي، هاڻ ڄڻ ته انهن کي رورس گيئر لڳي ويو هجي.ڪجهه وقت پهريان پيٽرول ۽ سي اين جي بعد ۾ بجلي سستي ڪئي وئي ته هر طرف حڪومت جي ساراهه جا بند ٻڌجڻ شروع ٿي ويا ۽ڳڻ ڳائڻ جو اهو سلسلو اڃا جاري هو ته وري سرڪار جيڪي فيصلا عوام جي بهتري لاءِ ڪيا اهي واپس وٺڻ شروع ٿي ويا.تيل جا اگهه عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽ هجڻ باوجود وڌايا ويا ۽ يمن جي صورتحال جي ڪري اڃان به امڪان آهي ته اهي وڌي وڃن، جڏهن ته هينئر وري آءِ ايم ايف جي خوشي لاءِ عوام کي بجلي ۽ گئس مهانگي ڪرڻ جي صورت ۾ جهٽڪا ڏيڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، اهو ان ڪري جو حڪومت کي آءِ ايم ايف کان قرض جي نئين قسط وٺڻي آهي پر ظاهر آهي ته آءِ ايم ايف قرض ڏيڻ لاءِ پنهنجا من پسند مطالبا به مڃرائيندو آهي، اهڙي ريت قرض جي ايندڙ چوٿين قسط لاءِ به 4 فرمائشون رکيون ويون آهن، جن کي سيپٽمبر 2015 تائين سرڪار کي پورو ڪرڻو آهي،ٻي صورت ۾ شايد قرض جي حاصلات ۾ رڪاوٽون اچن يا وري آءِ ايم ايف موقعي جو فائدو وٺندي اڃان به فرمائشي پروگرام کي وڌائي ڇڏي.هينئر جيڪي شرط رکيا ويا آهن اهي زهر جي گوري جيان آهن ڇاڪاڻ جو سڀ کان وڏو تلخ فيصلو مهانگائي جو طوفان برپا ڪرڻ جو آهي جيڪو بجلي ۽ گئس جون قيمتون وڌڻ جي صورت ۾ ايندو.طئي ڪيل شرطن موجب جولاءِ ۾ گئس جا اگهه وڌايا ويندا، جڏهن ته بجلي جي سبسڊي ۾ ڪٽوتي ڪئي ويندي.بجلي جي سبسڊي ۾ ڪَٽ لڳڻ جو مقصد مهانگائي آهي، آءِ ايم ايف کي خوش ڪرڻ لاءِ اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته جنوري کان بجلي تي في يونٽ 60 پئسا سرچارج لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف جا مطالبا ٻيا به ڪجهه سخت آهن جن موجب ٽيڪس چوريءَ کي مني لانڊرنگ جهڙي سنگين ڏوهه ۾ شامل ڪيو ويندو، هي معاملو آهي ته ڏاڍو بهتر پر سوال آهي عملدرآمد جو ڇو جو ٽيڪس چوري ڪو غريب ڪونهي ٿو ڪري پر امير طبقو ئي ان عمل ۾ ملوث هوندو آهي ۽ جيڪي ماڻهو اها چوري ڪن ٿا انهن تائين پهچڻ کان قانون قاصر آهي، هاڻ جيڪڏهن ٽيڪس چوري کي مني لانڊرنگ ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ وڏين مڇين جو ڇا ٿيندو، ڇاڪاڻ جو انهن جو سمورو گذر سفر هن غير قانوني ڌنڌي تي آهي.آءِ ايم ايف جي شرطن موجب ايندڙ بجيٽ ۾ ڪمپيوٽرائيزڊ سڃاڻپ ڪارڊ کي اين ٽي اين جو درجو ڏنو ويندو.هي پڻ بظاهر ته بهتر شرط آهي پر ان ڳالهه جي ڪهڙي گرنٽي آهي ته هر ماڻهو کان ٽيڪس ورتو ويندو ۽ ان کي رجسٽرڊ ڪيو ويندو،غريب ماڻهو کي پوليس ۽ ڏنڊي جي زور تي ان شرط تي ته مجبور ڪري سگهجي ٿو پر ڳالهه ڦري ساڳي اچي ٿي ته بااثرن کي ڪير مجبور ڪندو.هينئر ملڪ ۾ مهانگائي پنهنجي جاءِ تي برقرار آهي.حڪومت جي ڪوششن جي نتيجي ۾ معمولي مهانگائي ڪنٽرول ۾ آئي آهي پر اها ناڪافي چئبي،مطلب ته هتان جو ماڻهو مهانگائي جي چڪي ۾ بدستور پيڙهجندو پيو وڃي، تنهنڪري ان جي بچ بچاءَ جي ڪوشش ڪئي وڃي نه ڪي مختلف صورتن ۾ مهانگائي ڪري ان کي ويتر ماريو وڃي. ،

 

ڪالمن جي دنيا؛اي آر منگي

ڪالمن جي دنيا به عجيب آهي، هتي هر ان خبر يا حالت تي ڪالم ڇپجن ٿا، جنهن سان سماج ۾ موجود نظرين لاڙن ، خوبين ۽ خرا بين جي پروڙ پوي، پرهن ملڪ جي اخبارن ۽ رسالن ۾ هزارين قسمن جون ڪوڙيون خبرون ڇپجن ٿيون، جن جو حقيقت سان ڪوبه واسطو ناهي هوندو  انگريزي ، اردو ۽ علائقائي اخبارون روزانوهزارن جي انگ ۾ نڪرن ٿيون، جن ۾ شوبز کان وٺي هر قسم جا معاملا شامل هجن ٿا  ڪيترائي ڪالم لکجن ٿا ۽ ڪيترائي اهڙا وڏا وڏا ڪرپشن جا اسڪينڊل ڇاپجن ٿا جو عام ماڻهو جو مٿو چڪرائجي وڃي، اهي اخبارون سواءِ مالڪن کي امير ڪرڻ جي ٻيو ڪو به انقلاب هن مهل تائين ناهي آڻي سگهيون، ڇو ته انهن جا مالڪ سچ ناهن لکڻ ڏيندا۽ اهي سڀ جوسڀ سطحي طرح سان هلن ٿيون، ڪيترائي رپورٽر رڳو بليڪ ميل ڪري مٽ مائٽن لاءِ ٺيڪا وٺن ٿا، جيئن لاڙڪاڻي ضعلي جو هڪ اردو ڳالهائيندڙ نمائندو جيڪو هاڻي ميڊيا جو چڳو مڙس آهي، ڪروڙپتي ٿي ويو آهي، اهو سڀ جون سڀ ڪنٽرولڊ خبرون هلائيندو آهي يا هلرائيندوآهي، مجال آهي جو ڪا خبر هن جي مرضي کان سواءِ ڇپجي. اها آهي حالت ميڊيا جي، جيڪا شعور وڌائي تبديلي آڻيندي، هڪ اخبار جي رڳو زينت وڌائڻ لاءِ ۽ پنهنجي اخبارن جو وڪرو وڌائڻ اهڙن اخبارن جا مالڪ به هنن جا محتاج هوندا آهن ريڊ يمينٽ ليکڪن جي پويان ڊوڙندا هوندا، جيڪي مدي خارج سماج کي ٺاهڻ بدران ويتر تباهي ڏانهن وٺي ويندڙ هجن، هڪ سيکڙاٽ جي حيثيت ۾ مون به ڪالم لکڻ جو شروعات ڪئي، گذريل ٽن سالن کان پر نتيجو ڪجهه به نه مليو ڇو ته هن سماج کي شهرت جي اڏوهي لڳل آهي، جيڪا هاڻي ڪنهن به جيت مار دوا سان نه مرندي، جيستائين پوري وڻ کي نه وڌجي سنڌ صوبي جي سڀ کان وڏي سرڪيوليشن رکڻ واري هڪ اخبار به آهي پر بدقسمتي سان اها به سچ ڪونه ٿي لکي ڇو جو اها هڪ خاص طبقي کي ليڊ ٿي ڪري، جيڪو سڀ کان وڏو قدامت پسند ٿي سنڌ جي اشوز کي معروضي حالتن ۾ کڻي ٿو، جتي صحافت رڳو دهل شرنائن تي ٿي هلي،

هڪ عام ماڻهو کي ڇا کپي ان تي ڳالهائڻ سولو ڪم آهي پر انهن جي مدد ڪئين ڪجي، اهو ڪم ڏکيو آهي اڌ پيج ڏئي خبرن کي 13 روپيا ماڻهن کان ڦرڻ ڪهڙي صحافت آهي يا رڳو اخباري صفحي جي خطن واري حصي ۾ مسئلا لکڻ، ڇا ان طريقي سان سنڌ جو ڀلو ٿي سگهندو؟ اوهين پاڻ فيصلو ڪيو اچو ته هنن جي ڪالمن جي پيج تي نظر وجهون، جنهن ۾ رڳو الزام تراشيون ۽ ذاتي نوعيت جا غير سنجيدا ۽ منفي لاڙا نظر اچن ٿا. ڪيترين ئي اخبارن ۾ جيڪي وڏا ڏاها لکن ٿا انهن ۾ جيڪي به وڏا وڏا ليکڪ شامل آهن جن جي ڪالمن ۽ لکڻين مان  لڳندو ته ڄڻ  ڪو سنڌ واسين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪندا، هجن رڳُو الزام تراِشيون  رڳو معيارون ۽ ذاتي نوعيت جا حوالا ۽ حملا اها ڪهڙي حالت آهي لکڻ ۽ پڙهڻ جي، ظاهري طور تي نظر ايندڙ وڏا ماڻهو هڪ ٻئي جي مٿان اهڙا ته بهتان هڻندا جولڳندو ته ڄڻ پاڻ آب زم زم ۾ وهنجي نڪتا آهن. هڪ ڏينهن هڪ وڏي ماڻهو جو ڪالم هوندو ته ٻئي ڏينهن ان کان وڏي ماڻهو جو ڪالم نظر ايندو، قوم کي توهان ڇا ٿا ڏيو رڳو بهتان ۽ رسوائي اسان وٽ شهرت جي چڪر ۾ ڦاٿل ماڻهو تمام گهڻا وڌي ويا آهن عام پڙهندڙ هنن کي وچولي طبقي جا اڳواڻ ٿا سمجهن، جن جي ڪرپشن کي ڇڏي انهن جي مقبوليت لاءِ ماحول جوڙيون ٿا ڇا اسان وٽ پرنٽ ميڊيا جو رڳو اهو معيار بچيو آهي، ڪنهن سوچيو آهي ته اصل حالت ڇاآهي، ڪرپشن کي روڪڻ جا ڇا رڳو انگ اکر ڇاپڻ سان اها رڪجي ويندي، اهڙن ليکن کي عوام جي مسئلن جي صحيح حل لاءِ لکڻ گهرجي، مسئلا ته هر ڪو لکي ٿو پر ڇا ڪڏهن ڪنهن مسئلن جي حل تي لکيو آهي؟ اخبارن کي ڇاهي 13 روپيا ته عوام جا ٿا وڃن، باقي ڪرپشن ۾ سڀ جو سڀ ساٿاري آهن، پهرين ته اخبار جي مالڪن کي گهرجي ته اداري ۾ اهڙا ماڻهو ڀرتي ڪيو جن کي صحافت جي ڄاڻ هجي پوءِ اهو ڏسو ته انهن جي اداري سان ۽ پنهنجي ڪم سان ڪيتري سچائي آهي ۽ پنهنجين اخبارن جو پڇاڻو رکو، خبر چار رکو تهاخبار ذريعي عوام تائين ڇا پهچي رهيو آهي.جن به اهو فيصلو ڪيوته نقلي ليکڪن تي پابندي لڳائي وڃي بلڪل ٺيڪ فيصلو ڪيو، جيڪي خون جي خبر کي معمولي سرخي پيا بڻائن ۽ وزيرن جي خبرن کي هيڊ لائين ۾ پيا هڻن. اهڙيون اخبارون جيڪي سچ نه لکن يا سچ کي پاليسي ناهي جو نالو ڏين۽ وري چيو وڃي ٿو اخبار جي پاليسي مطابق لکو ۽ هڪ ٻئي جي ڪرپشن تي لکو، جيڪڏهن مالڪ حڪمرانن جا حمايتي آهن ته حڪومت خلاف ڪجهه ناهي لکڻو، جي مخالف آهن ته انهن تي لکو جي وڏا ماڻهو آهن ته انهن تي به نه لکو، ڇو جو اخبار ننڍڙي ۽ اهي وڏا آهن ٻن ڏينهن ۾ اخبار بند ٿي ويندي، ٽي جيڪي وڏا ٿنڀا آهن هن رياست جا انهن تي به نه لکو مذهبي اڳواڻن تي به نه لکو باقي ڪنهن تي لکجي پٽاٽن ۽ بصرن جي اگهن تي، يا هڪ سپاهي تي جيڪو ڊيوٽي نه ٿو ڪري يا هڪ گوسڙو ماستر تي يا وري رڳو ڪارو ڪاري تي لکجي.جڏهن به ڪنهن اخبار ۾ همت ڪري ڪو مضمون موڪليو وڃي ٿو ته چار صفحن جي پني کي اڌ صفحو ڪري هلايو وڃي ٿو اهو به خطن ۾،ڇا اها آهي آزاد ميڊيا؟