تازيون خبرون

Daily Archives: May 4, 2015

ساٿي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ تي ذوالفقار مرزا جي پوليس اسٽيشن تي چڙهائي، ڀڃ ڊاهه ، 20 ڄڻن تي ڪيس داخل

بدين(د ر)  ساٿي جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ تي اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ذوالفقار مرزا ساٿين سان گڏ ماڊل پوليس اسٽيشن تي حملو۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي.خبر مطابق ذوالفقار مرزا پنهنجي هڪ ساٿي نديم مغل تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف پنهنجي ساٿين سان گڏ پوليس اسٽيشن بدين پهتو ۽ اتي ٿاڻي تي موجود پوليس آفيسرن سان بدتميزي ڪندي ٽيبل جو شيشو ڀڃي ڇڏيو ۽ پوليس آفيسر جو موبائيل هن جي هٿ مان ڦري زمين تي اڇلي ڇڏيو، ذوالفقار مرزا پنهنجي دوست خلاف ڪيس داخل ٿيڻ تي بدين شهر جا دڪان پڻ بند ڪرائي تالا هڻائي ڇڏيا، ذولفقار مرزا ڳالهائيندي چيو ته مان پنهنجي دوستن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندس ۽ انهن جي خلاف انتقامي ڪارروائي برداشت نه ڪئي ويندي، منهنجي دوستن جو ڏوهه رڳو اهو هو ته اهي حق ۽ سچ جو ساٿ ڏئي رهيا هئا هن وڌيڪ چيو ته ذوالفقار علي ڀٽي لاءِ ڪوڙا کاڌا، جيلون ڪٽيون ۽ بينظير ڀٽو کي پنهنجي ڀيڻ ۽ ماءُ سمجهي ان جو ساٿ ڏنو. اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس 20 ساٿين خلاف ماڊل پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ڪيس ۾ مقامي واپارين جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ اقتدام قتل ۽ نجي ملڪيت کي نقصان پهچائڻ جا قلم لڳايا ويا آهن. پوليس موجب ذوالفقار مرزا خلاف ڊي ايس کي پي حراسان ڪرڻ سميت 3 مختلف ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيا ويا آهن.

 

زلزلي کان پوءِ پاڪستان پاران ڪيل مدد هميشه ياد رهندي: نيپالي آرمي چيف

راولپنڊي (م.ڊ) نيپال جي آرمي چيف جرنل گورو ايس جي بي راڻا نيپال ۾ آيل زلزلي کان پوءِ  پاڪستان پاران  زلزلي متاثرين  جي لاءِ ڪيل خدمتن جو شڪريو ادا ڪيو. نيپال جي آرمي چيف آچر جي ڏينهن نيپال ۾ پاڪستان آرمي طرفان قائم ڪيل فيلڊ اسپتال جو دورو ڪيو ۽ اتي مصروف پاڪستاني اهلڪارن سان ملاقات پڻ ڪئي. انهي موقعي تي جنرل گورو پاڪ فوج  پاران  هلندڙ امدادي ڪاررواين جي تعريف  ڪئي ۽ چيو ته کٽمنڊو جي عوام پاڪستان کي هميشه ياد رکندي ڇو ته پاڪستان آرمي جي ڊاڪٽرن بر وقت انهن جي مدد لاءِ موجود رهيا آهن بلڪه ڪافي مقدار ۾ دوائن جي کيپ به ڏني وئي آهي. آئي ايس پي آر مطابق پاڪ آرمي طرفان کٽمنڊو جي علائقي  بخت پور ۾ هنيل ڪئمپ زلزلي متاثرين ماڻهن جي لاءِ طبي امداد جو هڪ اهم ذريعو آهي. جڏهن ته پاڪستان آرمي اربن سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمون به پنهنجي ڪمن ۾ مصروف آهن.

 

نرگس فخري جي ايندڙ فلم ايڪشن هوندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره نرگس فخري جي ايندڙ فلم ايڪشن هوندي، ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب نرگس فخري جي آخري رليز ٿيندڙ فلم ”ڪڪ“ هئي، جنهن ۾ هن آئٽم گاني تي پرفارم ڪيو هو، اداڪاره جي ايندڙفلم ايڪشن تي ٻڌل هوندي، ذريعن موجب اداڪاره ڳجهي طور تي مارشل آرٽس جي تربيت وٺي رهي آهي، جيڪا امڪاني طور سندس ڪردار جي ڊمانڊ آهي، ان نئين فلمي پروجيڪٽ جو اعلان جلد ئي ڪيو ويندو.

 

فلم قيامت سي قيامت تڪ ۾ يادگار ڪردار نڀايم: عامر خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار عامر خان چيو آهي ته سندس فلم قيامت سي قيامت تڪ ۾ هن يادگار ڪردار ادا ڪيو، ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ عامر خان چيو ته فلم قيامت سي قيامت تڪ کي رليز ٿئي 27 سال مڪملٿي ويا آهن، ان جي باوجود فلم جي مقبوليت ۾ گهٽتائي ناهي آئي ۽ اڃا به سينيما گهرن ۾ فلم جي نمائش ٿيندي آهي ۽ هر عمر جو ماڻهو اها فلم ڏسڻ سينيما گهر اچي ٿو، هن چيو ته ان فلم مان کيس منفرد سڃاڻپ ملي ۽ اها فلم سندس ڪاميابي جي پهرين وک هئي.

 

بنگالي فلم ۾ ڪم ڪري پنهنجي والد جي خواهش پوري ڪيم: سشميتا سين

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره سشيميتا سين چيو آهي ته هن بنگالي فلم ”نيرباڪ“ ۾ ڪم ڪري پنهنجي والد جي خواهش پوري ڪئي آهي، پنهنجي هڪ تازي ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته ڇاڪاڻ ته سندس تعلق بنگالي ڪٽنب سان آهي تنهن ڪري سندس والد شوبر سين جي خواهش هئي ته آئون بنگالي فلم ۾ ڪم ڪيا ۽ هن بنگالي فلم جو حصو بڻجي والد جي پراڻي خواهش پوري ڪئي آهي، هوءَ هدايتڪار سرجيت مکرجي جي ٿورائتي آهي جنهن کيس ان فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو ۽ بنگالي زبان جي درستگي لاءِ سندس تربيت پڻ ڪئي، فلم سينيما گهرن جي زينت بڻجي چڪي آهي.

 

اداڪار غلام محي الدين طرفان پٽ کي اداڪاري جي ميدان ۾ آڻڻ جو فيصلو

لاهور (شوبز نيوز) نالي واري اداڪار غلام محي الدين پنهنجي پٽ کي به اداڪاري واري شعبي ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ سندس پٽ علي هدايتڪار جمشيد جان محمد جي نئين فلم ”سوال 7 ڪروڙ ڊالر ڪا“ ۾ هيرو جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ان فلم جي شوٽنگ لنڊن، بينڪاڪ ۽ ٻين ملڪن ۾ ٿيندي، غلام محي الدين جو پٽ اعليٰ تعليم يافته آهي، سندس والد جو چوڻ آهي ته فلم جي پڄاڻي تي باقاعده پريس ڪانفرنس ڪري علي بابت تفصيل ميڊيا کي فراهم ڪندس

 

اعصام الحق قريشي کي ايسٽورل اوپن مينز ڊبلز جي سيمي فائنل ۾ شڪست

ايسٽورل (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽينس اسٽار اعصام الحق قريشي ايسٽورل اوپن مينز ٽينس ٽورنامينٽ جي ڊبلز سيمي فائنل ۾ هارائي ويو، کيس ٽريٽ هوئي ۽ اسڪاٽ پلسڪائي هٿان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو، تفصيل موجب پرتگال جي شهر ايسٽورل ۾ جاري ٽينس ٽورنامينٽ جي مينز ڊبلز سيمي فائنل ۾ فلپائن جي ٽريٽ هوائي ۽ آمريڪا جي اسڪاٽ پلسڪائي پاڪستان جي اعصام الحق ۽ سندس جوڙي دار جائزل مولر کي اسٽريٽيٽس ۾ شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفائءِ ڪيو، سندن ڪاميابي جو اسڪور 6-7 ۽ 3-6 رهيو، ان کان اڳ کيڏيل پهرين سيمي فائنل ۾ هسپانوي جوڙي مارڪ لوپز ۽ ڊيوڊ مريرو پولينڊ جي فريسٽنبرگ ۽ بيلاروس جي ميڪس کي 4-6 ۽ 3-6 تان هارائي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.

 

پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻئين ٽيسٽ 6 مئي کان شروع ٿيندي

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻئين ۽ آخري ٽيسٽ 6 کان 10 مئي تائين شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏي ويندي، بنگلاديش جي دوري ۾ پاڪستان هن وقت تائين ڪا ڪاميابي حاصل ناهي ڪئي، وارم اپ ميچ سميت ان کي ٽن ون ڊي ميچجز جي سيريز ۽ واحد ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته سيريز جي پهرين ٽيسٽ ۾ پڻ پاڪستان ڪاميابي جو بهترين موقعو وڃائي ڇڏيو ۽ بنگلاديش ٽيسٽ ڊرا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، قومي ٽيم وٽ ون ڊي سيريز ۽ واحد ٽي – 20 ۾ شڪست جي ازالي جو اهو آخري موقعو آهي.

 

انگلينڊ جو مڊل آرڊر بيٽسمين اين بيل ٻنهي اننگز ۾ ٻڙي تي آئوٽ

بارباڊوس (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽسمين اين بيل ويسٽ انڊيز خلاف بارباڊوس ٽيسٽ ۾ پيئر حاصل ڪيو، هو ٻنهي اننگز ۾ ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويو. پهرين اننگ۾ کيس جيسن هولڊر پنهنجي ئي بال تي ڪيچ آئوٽ ڪيو جڏهن ته ٻي اننگ ۾ هو جيروم ٽيلر جي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو. ا

 

آءِ پي ايل ۾ اڄ ٻه ميچون کيڏيون وينديون

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ (اڄ) سومر تي وڌيڪ ٻه ميچون کيڏيون وينديون، پهرين ميچ ۾ چنائي سپر ڪنگز ۽ رائل چيلينجرز بنگلور جون ٽيمون چنائي ۾ آمهون سامهون ٿينديون، چنائي سپر ڪنگز 12 پوائنٽس سان ٽيبل تي پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته بنگلور 9 پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي آهي، ليگ جي ٻئين ميچ دفاعي چيمپين ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز ۽ سن رائيڊرز حيدرآباد وچ ۾ وانکيڊي اسٽيڊيم ممبئي ۾ کيڏي ويندي، ڪولڪتا 9 پوائنٽس سان چوٿين ۽ حيدرآباد 8 پوائنٽس سان پنجين نمبر تي آهي