تازيون خبرون

Daily Archives: May 1, 2015

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پورهيتن جو عالمي ڏينهن(اڄ) ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو

لاهور(اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ (اڄ) جمعي تي پورهيتن جو عالمي ڏينهن ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو. ان موقعي تي مختلف تقريبون، سيمينار، ڪانفرنسون ۽ ريليون منعقد ڪيون وينديون جن ۾ شڪاگو جي محنت ڪشن سان ايڪي جي اظهار سميت پورهيتن ۽ محنت ڪشن جي مسئلن کي نروار ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي حل لاءِ آواز پڻ اٿاريو ويندو. وفاقي گادي واري شهر ۽ چني صوبائي گادي وارن شهرن سميت سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ پاڪستان ليبر فيڊريشن، پاڪستان ورڪرز يونين ليبر قومي موومنٽ، پيپلز ليبر بيورو، ڪميونسٽ مزدور ڪسان پارٽي، مختلف سياسي پارٽين ۽ ٻين تنظيمن جي اهتمام هيٺ ريليون پڻ ڪڍيون وينديون جن ۾ سول سوسائٽي به شريڪ ٿيندي جڏهن ته صنعتي ورڪرز، پاور لومز جا پورهيت ۽ ٻين شعبن سان واسطو رکندڙ محنت ڪش به ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪندا. واضح رهي ته پهرين مئي تي هر سال اهو ڏينهن ان عزم سان ملهايو ويندو آهي ته پورهيتن جون معاشي حالتون تبديل ڪرڻ جون ڪوششن تيز ڪيون وڃن. پاڪستان ۾ قومي سطح تي يوم مئي ملهائڻ جي شروعات 1973ع ۾ ٿي، ملي تاريخ جي پهرين ليبر پاليسي جو اعلان ڪيو ويو ۽ پهرين مئي تي قومي موڪل جو اعلان ڪيو ويو.

 

مان هڪ ئي وقت هندو ۽ مسلمان آهيان: سلمان خان

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ميڊيا مطابق بالي ووڊ اسٽار سلمان خان غير قانوني هٿيار جي ڪيس  ٻڌڻي جي موقعي تي  جج جي طرف کان جڏهن سلمان خان کان سوال ڪيا ويا ته هڪ سوال جي جواب ۾ بالي ووڊ اسٽار جو چوڻ هو ته هو هڪ ڀارتي آهي، جڏهن ته ان جي والده هندو ۽ والد مسلمان آهي، ان لاءِ  هو هڪ ئي وقت هندو ۽ مسلمان آهي، واضح رهي ته سلمان خان تي 1998 ۾ جوڌ پور ۾ ڪاري هرڻ جي غير قانوني شڪار جو الزام لڳايو ويو آهي، جڏهن ته حڪومت ان جي خلاف ڪاري هرڻ جي شڪار کان  علاوه غير قانوني هٿيار رکڻ جو ڪيس به داخل ڪيو آهي.

 

اداڪار سنجي دت فلم ”ڪانٽي” جي سيڪوئل ۾ به ڪم ڪندو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”ڪانٽي” جي سيڪوئيل جو به اداڪار سنجي دت حصو هوندو. ڀارت جي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق سال 2012ع ۾ رليز ٿيل هٽ فلم ”ڪانٽي” جو سيڪوئل ٺاهيو پيو وڃي. فلم جي هدايتڪار سنجي گپتا چيو آهي ته هو سنجي دت کان بغير فلم نه ٺاهيندو ۽ فلم جي ٻي ڪاسٽ به ساڳي هوندي جيڪا اڳ ۾ هئي. هن چيو ته فلم جي شوٽنگ سنجي دت جي جيل مان آزادي بعد ڪئي ويندي.

 

منهنجي جي لاءِ منهنجي دوست انوشڪا شرما سڀ کان بهترين عورت آهي: ويرات ڪولهي

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽر ورات ڪوهليءَ جو چوڻ آهي ته منهنجي جي لاءِ منهنجي دوست انوشڪا شرما سڀ کان بهترينعورت آهي. ڀارتي ميڊيا موجب پنهنجي هڪ انٽرويوءَ ۾ ڀارتي ڪرڪيٽر ورات ڪوهليءَ جو چوڻ هو ته انوشڪا شرما تمام سادي ۽ پياري عورت آهي، هُن ۾ اهي سڀ خوبيون آهن جيڪي مون کي تمام گھڻيون پسند آهن، ان جي ڪري منهنجي دل انوشڪا شرما طرف ڇڪجي ويندي آهي. واضح رهي ته گذريل سال ورات ڪوهليءَ ۽ انوشڪا شرما وچ ۾ تمام گھاٽي دوستي هئي، پر انوشڪا شرما ڪڏهن به ان جو باضابطه اعلان ناهي ڪيو.

 

جيڪولين فرنينڊس پنج منٽن جي پرفامنس جا چار ڪروڙ وٺندي

ممبئي (شوبز نيوز) هالي ووڊ اداڪارا جيڪولين فرنينڊس لنڊن جي هڪ بزنسمين جي ڌيءُ جي شادي تي پرفارم ڪرڻ جي حامي ڀري آهي، ان پرفامنس تي سريلنڪن خوبصورت ادڪارا کي چار ڪروڙ ملندا، مئي جي آخر ۾ ٿيندڙ ان شادي ۾ شرڪت جي لاءِ جيڪولين فرنينڊس 2 ڏينهن لنڊن ۾ گذاريندي.

 

محمد حفيظ طرفان بنگلاديش خلاف ٽيسٽ ۾ پهرين ڊبل سينچري

کلنا(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر بيٽسمين محمد حفيظ بنگلاديش خلاف کلنا ٽيسٽ ۾ ڪيريئر جي پهرين ڊبل سينچري مڪمل ڪري ورتي، اهڙيءَ طرح هو لڳاتار پنجن اننگز ۾ اوپنر جي حيثيت سان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ دنيا جو چوٿون بيٽسمين بڻجي ويو. ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن محمد حفيظ شاندار بيٽنگ جو سلسلو جاري رکيو ۽ بنگالي بالرن کي ڪٽڪو ڪڍيو. هن 3 ڇڪن ۽ 24 چؤڪن جي مدد سان 224 رنسون ٺاهيون اها سندس ڪيريئر جي بهترين اننگ ۽ پهرين ٽيسٽ ڊبل سينچري آهي. هن 5 اننگز ۾ 2 سينچريون ۽ هڪ ڊبل سينچري عيوضي 642 رنسون اسڪور ڪيون آهن. اهڙيءَ ريت هو اوپنر جي حيثيت سان لڳاتار 5 اننگز ۾ ايتريون رنسون ٺاهيندڙ دنيا جو چوٿون بيٽسمين بڻجي ويو آهي. جڏهن ته انگلينڊ جو اڳوڻو ڪپتان گراهم گوچ 756 رنسن سان پهرئين، سريلنڪا جو جي سريا 678 رنسن سان ٻئي ۽ ڏکڻ آفريڪا جو گريم سمٿ 671 رنسن سان ٽئين نمبر تي آهي.

 

ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ اڄ کيڏي ويندي

بارباڊوس(اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيمن جي وچ ۾ آخري ۽ ٽين ٽيسٽ (اڄ) جمعي ڏينهن بارباڊوس ۾ کيڏي ويندي. 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ مهمان ٽيم انگلينڊ کي 0-1 جي برتري حاصل آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ اينٽگا ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ڊرا ٿي وئي هئي جڏهن ته سينٽ جارج ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ميچ انگلينڊ کٽي هئي.

 

ڪرس گيل جو منفرد رڪارڊ، ٽي 20 ميچن ۾ 500 ڇڪا هڻندڙ دنيا جو پهريون بيٽسمين بڻجي ويو

بينگلور(اسپورٽس نيوز) جارحاڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندڙ ويسٽ انڊيز ۽ رائل چئلينجرز بينگلور جو بيٽسمين ڪرس گيل ٽي 20 ميچن ۾ 500 ڇڪا هڻندڙ دنيا جو پهريون بيٽسمين بڻجي ويو آهي. ڪرس گيل آءِ پي ايل 8 راجستان رائلز خلاف ميچ ۾ اهڙو منفرد رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو. ڪرس گيل راجستان رائلز خلاف ميچ ۾ ڪيريئر جا 500 ڇڪا مڪمل ڪيا. ان کان علاوه ڪيرن پولارڊ 348 ڇڪن سان ٻئي نمبر تي موجود آهي.

 

آءِ پي ايل ۾ اڄ وڌيڪ 2 ميچن جو فيصلو ٿيندو

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي 8هين ايڊيشن ۾ (اڄ) جمعي ڏينهن وڌيڪ 2 ميچن جو فيصلو ٿيندو. پهرين ميچ ۾ دهلي ڊيئرز ڊيولز جو مقابلو ڪنگز اليون پنجاب سان، جڏهن ته ٻي ميچ ممبئي انڊينز ۽ راجستان رائلز جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي. ايونٽ ۾ مجموعي طور تي 60 ميچون کيڏيون وينديون. ميگا ايونٽ جي چيمپئن جو فيصلو 24 مئي تي ٿيندو.

 

سبين کانپوءِ ياسر : ڪراچي ۾ فهم جا قاتل ڪير؟ : عاجز جمالي

ياسر رضوي ڪراچي جو زبردست لکيل پڙهيل اسسٽنٽ پروفيسر سنڌ ۾ گڏيل فهم جو زبردست حامي، مذهبي گهراڻي جو هوندي نيڪ نمازي هجڻ باوجود مذهبي تنگ نظري، فرقيواريت، نسل پرستي ۽ هر قسم جي تنگ نظري کان خفا منهنجو دوست، ڪراچي شهر جي ڀريل رش ۾ سبين محمود وانگر قتل ٿي ويو.

سچ ته مون کي سندس قتل جي وقت خبر پئي ته سندس اصل نالو وحيد هو. سندس قتل جي واقعي کي مون بس هڪ استاد جو قتل سمجهي هڪ خبر جيتري اهميت ڏيندي جڏهن آفيس پهتس، خبر پئي ته مان پنهنجي هڪ بهترين اردو ڳالهائيندڙ دوست کان محروم ٿي چڪو هوس. مان سوچڻ لڳس ته ڪراچي ۾ شايد ماڻهوءَ جي مرڻ تي ڪير به ڏک نه ڪندو هوندو، بس ڪنهن دوست عزيز جي مرڻ جو ڏک هوندو. مون کي لڳو اسين سڀ مري رهيا آهيون، روز روز مري رهيا آهيون، مري مري جيئڻ جي جستجو ۾ ڀاڙيا ٿي چڪا آهيون، اسان روز روز مرڻ جي باوجود پنهنجي مرڻ تي سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڇو ته اسان کي ڊپ آهي ته سوچينداسين ته ماريا وينداسين. مان سبين جي قتل تي احتجاجي سٽون لکڻ پئي چاهيون، مون لفظن جو ڪارو ڏينهن ملهائڻ پئي چاهيو، مون وقت جي آقائن جي حڪم کان بغاوت ڪرڻ پئي چاهي، مون ماٺ نه پئي رهڻ چاهيو، مون سبين جي قتل جا پيرا ڳولڻ پئي چاهيا، پريس ڪلب اڳيان ميڻ بتيون ٻاريندڙ دوست صرف هي مارشل لا دور جو مشهور نعرو ئي هڻي سگهن ٿا ”يه جو دهشتگردي هي، اس ڪي پيڇهي وردي هي“ پر مان ان سڀ ڪجهه کي هاڻي مسئلي جو حل نه ٿو سمجهان.

سبين جي قتل تي حامد مير جي به جاندار ڪالم مان اصل ڌر غائب آهي، بلوچستان به غائب آهي، سبين جي قتل جا ٻئي وڏا سبب ملڪ جي ميڊيا تان غائب آهن، ٽي اينڪر هندستان، افغانستان، آمريڪا تائين پهچي ويا پر ڪنهن جي واتان اهو ڪو نه ٻڌو ته ڊفينس ڪراچي جي شاهراهه تي مارجي ويل سبين کي ڌمڪيون ڏيندڙ ڪير هئا، ڇا بلوچستان اسان جي ميڊيا ۾ ”ڪالعدم“ موضوع آهي، پابندي وڌل پارٽين جي اڳواڻن جا ته انٽرويو هلي سگهن ٿا پر بلوچستان تي جيڪو به ڳالهائيندو ماريو ويندو، ها نيٺ هوءَ مارجي وئي، هٿين خالي هڪ معصوم ڪمزور ڇوڪري کان خوفزده طاقتون ڊڄي ويون.

هاڻي خبر پئي ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ به بلوچستان جي حوالي سان ڪو پروگرام رٿيو ويو آهي. مون کي خبر ناهي ته ياسر رضوي سان ان پروگرام جو تعلق هوندو يا نه پر ياسر هن قسم جي سرگرمين ۾ اڳيان اڳيان هوندو هو. ياسر ماس ڪميونيڪيشن ڪرڻ کانپوءِ صحافت شروع ڪئي. سورهن سال اڳ اسان ٻن سالن تائين هڪ اردو اخبار ۾ گڏجي رپورٽنگ ڪئي، ياسر ۽ مسرور ڀائي سان اسان جون ڊگهيون ڪچهريون، کائڻ، پيئڻ، تبصرا، تنقيدون سڀ گڏ هونديون هيون.

ياسر ڪراچي پريس ڪلب جو ميمبر به رهيو ۽ بعد ۾ وري وفاقي اردو يونيورسٽي جي پروفيسر توصيف احمد سان گڏ ان ٽيم ۾ شامل رهيو، جيڪا هر سال ڪراچي پريس ڪلب جي اليڪشن ڪرائيندي آهي.

هن جي موت جي خبر ٻڌندي ئي اسپتال پهچڻ وارن ۾ سندس خاندان سان گڏ پروفيسر توصيف احمد به شامل هو. مون ٽي وي اسڪرين تي اڇي مٿي واري هن پروفيسر کي روئيندي ڏٺو، جنهن جو ياسر شاگرد هو. ياسر جون ٻه نياڻيون اڄ به بابا جي راهه تڪينديون هونديون ۽ امڙ جي حالت خبر ناهي ڇا هوندي! ياسر ڪراچي ۾ هڪ اهڙي هنڌ تي قتل ٿيو آهي جتي ڪجهه ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي جي ننڍي چونڊ جو جشن ملهايو ويو، ياسر جو گهر دستگير جي علائقي ۾ آهي، هو اتي ئي مارجي ويو. هي علائقو نائن زيرو جي پاڙي ۾ آهي. اربع تي ياسر گهر کان يونيورسٽي وڃڻ لاءِ نڪتو ته قتل ٿي ويو.

ياسر ماسٽرس ڪرڻ کانپوءِ ڪافي سال صحافت ڪئي، نيٺ کيس ڪراچي يونيورسٽي ۾ نوڪري ملي، جنهن سبب هو صحافت کان ته ڪٽجي ويو پر لکڻ جو سلسلو جاري رکيو ۽ ڪراچي پريس ڪلب سان به دوستي جاري رکي. البته هاڻي ڳچ سالن کان اسان جون محفلون ڪونه ٿينديون هيون.

هونئن ته وحشت ۽ دهشت جي شهر ۾ ٿيندڙ هر قتل دردناڪ آهي پر لاڳيتو هڪ هفتي اندر سبين محمود کانپوءِ ياسر رضوي جو قتل ڪراچي ۾ دهشتگردي خلاف آپريشن ڪندڙ قوتن لاءِ ڪيترائي سوال ٿو ڇڏي.

ڇا هي آپريشن صرف من پسند رخ تي هلي پيو، جيڪو دهشتگرد مخصوص آهي، اهو ئي دهشتگرد آهي يا هر بيگناهه ۽ معصوم شهرين جو قاتل به دهشتگرد آهي؟ هي اهو سوال آهي جيڪو ڪراچي آپريشن دوران اڪثر بحث جو موضوع بڻجي ٿو. ڇا آپريشن ڪندڙن جي ڊفينس ۽ دستگير تي نظر نه هوندي؟ ڇا آءِ ايس پي آر جي هڪ پريس رليز ڪافي آهي؟ ڇا ڪراچي ۾ وري ماڻهو مار مهم تيز نه ٿي وئي آهي؟ ڇا چونڊي چونڊي گڏيل فهم رکندڙ اردو ڳالهائيندڙ سڄاڻ ماڻهن کي ماريو ڪونه پيو وڃي؟ سبين وانگر يار رضوي به سنڌين ۽ بلوچن جي خيالن سان ڪافي اتفاق ڪندڙ هو، هو هر قسم جي تنگ نظري جي خلاف هو، منهنجي نظر ۾ ته سندس اهوئي سڀ کان وڏو گناهه هو. هڪ ته اردو ڳالهائيندڙ هجي، وري سنڌين، بلوچن ۽ هر قسم جي مظلومن جو حامي هجي، اهو ڪير قبول ڪندو؟ بس جيڪو به چپ کوليندو، ٻه اکر ڳالهائيندو، سو به سچ ڳالهائيندو ته ضرور ماريو ويندو.

آخري ڳالهه ته ياسر اين اي 246 ۾ کٽيندڙ ڌر جو حامي ڪو نه هو، سندس قتل جا پيرا ڪير ڳوليندو؟ شايد ڪير به نه، مارجي ويل هزارين لکيل پڙهيل ماڻهن جي فهرست ۾ هڪ واڌارو ٿيو، بس هن شهر ۾ بندوق بردار عقل، فهم، دانش، ادبي ماڻهن، استادن ۽ سچ ڳالهائيندڙن جي ڪا به اهميت ناهي!