تازيون خبرون

Daily Archives: April 14, 2015

مڪران ۾ سڪيورٽي فورسز جو ٽارگيٽڊ آپريشن ، چڪرين دوران 11 دهشتگرد مارجي ويا

مڪران (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مڪران ۾ سڪيورٽي فورسز جو ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري آهي، جنهن ۾ چڪرين دوران 11 دهشتگرد مارجي ويا آهن. مڪران ۾ سڪيورٽي فورسز ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو، جنهن ۾ 11 دهشتگرد  مارجي ويا. سڪيورٽي فورسز دعويٰ ڪئي آهي ته ٽارگيٽيڊ آپريشن دوران ٽن دهشتگردن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. سڪيورٽي فورسز موجب ٽارگيٽيڊ آپريشن دهشتگردن جي خاتمي تائين جاري رهندو.

 

سلمان تاثير قتل ڪيس، ممتاز قادري سزاءِ موت خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي پنجاب گورنر سلمان تاثير جي قتل جي ڏوهاري ممتاز قادري سزاءِ موت خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي. خواجا شريف ايڊووڪيٽ ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو آئين ۽ قانون سان مطابقت نٿو رکي. تعزيرات پاڪستان جي دفعه 2 0 3  تحت گهٽ ۾ گهٽ سزا ڏني وڃي، معاملو قتل جو نه فوري اشتعال جو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ممتاز قادري جي سزاءِ موت برقرار رکي هئي  جنهن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. ممتاز قادري اڳوڻي پنجاب گورنر سلمان تاثير کي اسلام آباد جي ڪوهسار مارڪيٽ ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن تي کيس موت جي سزا ٻڌائي وئي.

 

اسڪولن لاءِ مخصوص 4ار ارب رپين جي بجيٽ مان 2 ارب جاري ٿي چڪا آهن: نثار کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر تعليم واري وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته اسڪولن لاءِ مخصوص چار ارب رپين جي بجيٽ مان 2 ارب رپيا جاري ٿي چڪا آهن هن بجيٽ مان اسڪولن کي اسٽيشنري، راندين جو سامان، لائبريز لاءِ ڪتاب ۽ ليبارٽريز لاءِ اوازار ۽ ٻيو سامان مهيا ڪيو ويندو. سامان جي خريداري لاءِ  ٽينڊرز به جاري ڪيا ويا آهن. هو سومر تي ايم ڪيو ايم جي ميمبر حير اسماعيل سوهو جي توجهه ڏياريو نوٽيس تي جواب ڏئي رهيو هو. نثار کهڙو چيو ته 4 ارب رپين مان 3.2 رپين پرائمري اسڪولن ۽ 0.8   رپيا سيڪنڊري اسڪولن لاءِ رکيا آهن هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا سامان خريد ڪندي هي سامان ان کانپوءِ اسڪولن ۾ ورهايو ويندو. 37 هزار اسڪولن مان23096 اسڪولن جي ريڪوزيشن به اسان کي ملي چڪي آهي. ٻئي طرف سر سيد گورنمينٽ گرلز ڪاليج ۾ آل پاڪستان في البديعه گولڊ ميڊل تقريري مقابلي جو شاندار احتمام ڪيو ويو جنهن جي صدارت نثار احمد کهڙو ڪئي فائينل ۾ 10 شاگردن في البديعه تقريرون ڪيون جن مقرر وقت ۾ قرعه اندازي ذريعي چونڊيل عنوان تي روشني وڌي تعليم جي صوبائي وزير خطاب ڪندي چيو ته سر سيد گرلز ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ لاءِ قانوني سازي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن لاءِ صوبائي وزارت قانون سان گڏجي ضروري قانونسازي ڪئي ويندي هن وڌيڪ چيو ته سر سيد ڪاليج جنهن تيزي سان ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي اهو وقت پري نه آهي جڏهن جلد ئي پاڪستان جي هڪ ممتاز في ميل يونيورسٽي بڻجي ويندي نثار کهڙو چيو ته ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ شاگردن جو تعاون ضروري آهي تنهنڪري جڏهن اهي ڪاپي ڪندا آهن ته هو خود به شاگرد جو حق ڦٻائيندا آهن ڊائريڪٽر ڪاليجز پروفيسر ڊاڪٽر ناصر انصار ان موقعي تي چيو ته سر سيد گرلز ڪاليج ۾ جلد پوسٽ گريجوئيٽ ڪلاسز جاري ٿيڻ وارا آهن جن لاءِ ايس اين اي به منظور ٿي چڪي آهي هن مقابلي جي اهتمام کي ساراهيو ۽ ڪاليج کي هڪ ماڊل ڪاليج قرار ڏنو آر ڊي ڪاليجز پروفيسر انعام احمد چيو ته تقريري مقابلن جو اهتمام هڪ ڪابل تحسين عمل آهي سمورن مقررن پنهنجي عنوان کي بهتر انداز ۾ پيش ڪيو تقريب جي آخر ۾ تعليم جي صوبائي وزير مقابلي ۾ پهرين پوزيشن کڻندڙ سوئڊش انسٽيٽيوٽ جي مقرر ثعبان بيد کي گولڊ ميڊل پارايو ۽ منصفين ۾ سونيئر ورهايا.

 

تحفظ حرمين شريفين اسان جو منشور آهي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو) قومي ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته تحفظ حرمين  شريفين اسان جو منشور آهي حڪمران آمريڪا جا اتحادي بڻجي رهيا آهن پارليمينٽ جي قرارداد بابت اسان کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو يمن ۾ شيعا سني جو نالو استعمال ڪيو پيو وڃي اولهه مسلم قوم کي ختم ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيو آهي جنهن کان اسان کي هوشيار رهڻو پوندو اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعيت علماءِ اسلام ڄمون ۽ ڪشمير جي اعليٰ سطحي وفد جنهن جي قيادت امير جي يو آءِ ڄمون ۽ ڪشمير مولانا سعيد يوسف ڪري رهيو هو پنهنجي رهائشگاهه تي هو ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو وفد ۾ شيخ التفسير حضرت مولانا محمد اسحاق خان مدني سرپرست مولانا قاري عبدالمالڪ توهيدي، مولانا عبدالحئي مولانا قاري افضل خان، مولانا قاري عبدالماجد مولانا يونس شاڪر، مولانا هدايت الله مولانا سليم اعجاز ۽ ٻيا شامل هئا مولانا فضل الرحمان چيو ته غلط تاثر ڦهلايو پيو وڃي ته شيعن جو قتل عام ٿي رهيو آهي، صدام معمر قذافي شاهه فيصل ۽ ياسر عرفات سني هئا سامراجي طاقتون ڪنهن ٻئي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيون آهن هن چيو ته ايران پاڻ چوي ٿو ته حوثي باغي شيعا نه آهن ته پوءِ شيعا سني جي ڳالهه ڇو ٿي ڪئي وڃي سعودي عرب علائقائي تحفظ ڪري رهيو آهي هي ان جي ذميواري آهي پر ايران کي ڪهڙي صرورت آهي جو هو يمن ۾ مداخلت ڪري.

 

مهدي حسن جا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ چورائيندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ دائر درخواست عدالت اڪلائي ڇڏي

لاهور (شوبز نيوز) لاهور هاءِ ڪورٽ مهدي حسن جي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽس چوري ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ دائر درخواست اڪلائي ڇڏي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اها درخواست سندس ننهن عمائمه طرفان دائر ڪئي وئي آهي، عمائمه جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪرائيدارن سندس اصيل جي گهر مان چوري ڪئي ۽ ويندي ويندي مهدي حسن جا سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ به کڻي ويا، هن عدالت کي ٻڌايو ته چوري جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿيا آهن، سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته درخواست گذار جوابدارن جي گرفتاري لاءِ عدالت سان رابطو ئي ناهي، جڏهن ته ان ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي، جنهن تي عدالت درخواست اڪلائيندي مهدي حسن جي ننهن کي سيشن ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 

ڀارتي فلم ”شعلي“ 17 اپريل تي پاڪستان ۾ رليز ڪئي ويندي

لاهور (شوبز نيوز) ڀارتي سپر هٽ فلم ”شعلي“ 3 ڊي سسٽم سان 17 اپريل تي پاڪستان ۾ رليز ڪئي ويندي، فلم شعلي پنهنجي دور جي سپر هٽ فلم هئي، جنهن ۾ امتياڀ بچن، ڌرمينڌرهيما مالني، سنجيو ڪمار، جيا بهادري ۽ امجد خان ڪردار ادا ڪيو هو، فلم جي سپر هٽ ميوزڪ آر ڊي بدمن ڏني، جڏهن ته لتا منگيشڪر ۽ ڪشور ڪمار گانا ڳايا، جديد ٽيڪنالاجي سان شعلي ٻيهر سڄي دنيا ۾ پيش ڪئي پئي وڃي، فلم جو رائيٽر سليم خان ۽ جاويد اختر هو.

 

لوڪ ميلا پنجاب ميوزڪ نائيٽ ۾ لوڪ فنڪارن جي شاندار پرفارمنس

اسلام آباد (شوبز نيوز) لوڪ ورثه ۾ پڄاڻي تي پهتل لو ميلي جي آخري رات پنجاب آرٽس ڪائونسل جي انتظام هيٺ پنجاب ميوزڪ نائيٽ ۾پنجاب سان تعلق رکندڙ لوڪ فنڪارن شاندار پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو، ميوزڪ نائيٽ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر پنجاب آرٽس ڪائونسل سعيد احمد خان خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جنهن تقريب ۾ لوڪ ورثه طرفان بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا، ميلي ۾ روبي، ريشمان، بشير لوهاري، اختر علي ۽ ٻين فنڪارن لوڪ گانن ذريعي مداحن کي لطف اندوز ڪيو.

 

هلندڙ سال منهنجي 5 نين فلمن جي نمائش ٿيندي: همايون سعيد

لاهور (شوبز نيوز) اداڪار همايون سعيد چيو آهي ته هلندڙ سال منهنجون 5 نيون فلمون نمائش لاءِ پيش ڪيون وينديون، همايون سعيد جو چوڻ آهي ته منهنجين سمورين فلمن ۾ مختلف نوعيت جا ڪردار آهن، جيڪي عوام کي پسند ايندا، همايون سعيد جي فلمن ۾ يلغار، ڪمبخت، ارٿ ٽو، جواني ڦر نهين آني ۽ همايون جي هڪ ذاتي فلم شامل آهي، ماضي ۾ همايون سعيد جون فلمون انتها ۽ مين هون شاهد آفريدي عوام گهڻيون پسند ڪيون هيون.

 

ثانيا مرزا ۽ مارٽينا هنگس فيملي سرڪل ڪپ ڊبلز ٽائيٽل کٽي ورتو

چارليسٽن (اسپورٽس نيوز) ثانيا مرزا ۽ مارٽينا هنگس فيملي سرڪل ڪپ ڊبلز تائيٽل کٽي ورتو، فيصلائي مقابلي ۾ هنن ڪيس ڊيلاڪوووا ۽ داريجا جوارڪ کي شڪست ڏني، ان ڪاميابي کان پوءِ ثانيا مرزا وومينز ڊبلزجي عالمي ريڪنگ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي، تفصيل موجب سائوٿ ڪيرولينا، چالرسٽن ۾ کيڏيل فيميل سرڪل وومينز ڊبلز مقابلن جي فائنل ۾ ڀارت جي ثانيا مرزا ۽ سندس سوئس پارٽنر مارٽينا هنگس آسٽريليا جي ڪيسي ڊيلاڪووا ۽ ڪروشيا جي داريجا جوارڪ کي اسٽويٽ سيٽس ۾ شڪست ڏني ۽ ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو، هنن جي ڪاميابي جو اسڪور 0-6 ۽ 4-6 رهيو، اڳوڻي عالمي نمبر هڪ مارٽينا هنگس جو هي مجموعي طور تي تي 44هون جڏهن ته ثانيا مرزا جو 26هون ڊبلز ٽائيٽل آهي، واضح رهي ته ثانيا مرزا وومينز ڊبلز مقابلن جي عالمي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن تي پهچندڙ پهرين ڀارتي عورت رانديگرياڻي بڻجي وئي.

 

ثانيا مرزا ويمنز ڊبلز جي عالمي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري نيئن تاريخ رقم ڪري ورتي

چارليسٽن (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا ويمنز دبلز مقابلن ۾ عالمي ريڪنگ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري نئين تاريخ قائم ڪري ورتيو، هو اهو اعزاز حاصل ڪندڙ پهرين ڀارتي عورت رانديگرياڻي بڻجي وئي آهي، تفصيل مطابق چارليسٽن ۾ فيملي سرڪل ڪپ ويمنز ڊبلز جو ٽائيٽل کٽڻ کان پوءِ ثانيه مرزا ورلڊ ڊبلز رينڪنگ ۾ نمبر ون پوزيشن تي پهچي چڪي آهي، ايونٽ ۾ سندس پارٽنر سوئس ٽينس اسٽار مارٽينا هنگس هئي، ثانيا مرزا جو اهو 26هون دبلز ٽائيٽل آهي، جڏهن ته هو گذريل 12 مهينن ۾ ست ڊبليو ٽي اي ٽائيٽلز پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي.