تازيون خبرون

Daily Archives: April 13, 2015

نواز شريف هاڻي به آسمان تي گجگوڙ ڪندڙ ۽ ڪڙڪندڙ وڄ ۾ ڦاٿل آهي: شيخ رشيد

لاهور (بيورو) پاڪستان عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مان نواز شريف جو مقدر ته تبديل نه ٿو ڪري سگهان پر هو هاڻي به آسمان تي گجگوڙ ڪندڙ ۽ ڪڙڪندڙ وڄ ۾ ڦاٿل آهي ۽ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. جڊيشل ڪميشن کي غير سنجيدگيءَ سان نه ورتو وڃي هي نيون چونڊون ڪرائي سگهي ٿو ۽ سڀ کان اڳ جيڪو شخص ڊي سيٽ ٿيندو اهو اسپيڪر قومي اسيمبلي هوندو. پهريون ڀيرو چونڊيل اسيمبلين ۾ واپسي لاءِ بيتاب هئا جيتري قدر عمران خا جو تعلق آهي اهو ان لاءِ تيار نه هو. هڪ انٽرويو ۾ شيخ رشيد چيو ته پارليامينٽ ۾ جيڪو عمران خان سان ڪيو ويو هو افسوسناڪ آهي ڇو ته ان جو ماسٽر مائينڊ نواز شريف آهي ڇو ته نواز شريف ۽ خواجا آصف وزيراعظم هائوس مان گڏ ايوان ۾ پهتا. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته پارٽي جي سربراهه جي موجودگي ۾ هڪ ميمبر يا وزير اهڙي قسم جي ڳالهه ڪري. هن چيو ته مان اسپيڪر جي عهدي جو وڏو احترام ڪيان ٿو پر مون کي مجبور ڪيو پيو وڃي ته مان اسپيڪر ڊائيس آڏو ڌرڻو هڻان. جيڪڏهن مون کي نه ڳالهائڻ ڏنو ويندو ته پوءِ ڇا وزيراعظم ايوان ۾ ڳالهائي سگهندو ۽ منهنجو آواز پهريان تيز آهي ۽ مان ته پوءِ ننڊ به ايوان ۾ ئي ڪندس، هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان پنهنجو ڪيس صحيح نموني سان وڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته سڀني کي خبر پئجي ويندي. هن چيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر مون سان ٻن سالن کان غلط ورتاءُ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته مان بد دعا نه پيو ڏيان پر سڀ کان اڳ جيڪو شخص ڊي سيٽ ٿيندو اهو اياز صادق هوندو.

 

اڳوڻي وڏي وزير عبدالله شاهه جي ورسي 14 اپريل تي ملهائي ويندي، پ پ جلسو ڪندي، تياريون مڪمل

ڀان سيدآباد (رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي اٺين ورسي 14 اپريل تي اڱاري ڏينهن سندس اباڻي ڳوٺ واهڙ ۾ ملهائي ويندي،  ورسي جي موقعي تي ڳوٺ واهڙ ۾ حفاظتي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، ورسي جي موقعي تي 14 اپريل جي شام جو ڳوٺ واهڙ ۾ پ پ پ جو هڪ وڏو جلسو پڻ ٿيندو ، جنهن لاءِ سيد عبدالله شاهه جي رهائشگاهه ڀرسان هڪ وڏو پنڊال تيار ڪيو ويو آهي، پنڊال کي سيد عبدالله شاهه، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو،  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،  آصف علي زرداري ۽ سيد مراد علي شاهه جي تصويرن سان سينگاريو ويو آهي، ورسي تقريب جي شروعات کان اڳ سيد عبدالله شاهه جو فرزند ۽ ناڻي وارو صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻو ايم پي اي سيد عبدالنبي حسنين شاهه ۽ ٻيا سيد عبدالله شاهه جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي دعا گهرندا، جڏهن ته سيد عبدالله شاهه جي اٺين ورسي جي موقعي تي ورسي تقريبن ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ، اسپيڪر سنڌ اسميبلي آغا سراج دراني،صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر، ضلعي ڄامشوري مان چونڊيل پ پ ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر،ضلعي دادو مان چونڊيل ايم اين اي سردار رفيق احمد جمالي، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ،اڳوڻو صوبائي وزير پير مظهر الحق، ايم پي اي  سيد غلام شاهه جيلاني۽ ٻيا شرڪت ڪندا.

 

تربت سانحي ۾ مارجي ويلن جا لاش اباڻن علائقن ۾ آلين اکين سان مٽيءُ ماءُ حوالي، سوڳ وارو ماحول ڇانيل

مٺي/رحيم يار خان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تربت سانحي ۾ مارجي ويل پورهيتن کي سندن اباڻن علائقن آلين اکين سان دفنايو ويو، تربت ۾ افسوسناڪ واقعي ۾ رحيم يار خان جي 13 پورهيتن جا لاش سي ون ٿرٽي جي ذريعي پنو عاقل پهچايا ويا اتان کين ايمبولنس ۾ ڪوٽ سبزل پهچايو ويو، لاش اباڻن علائقن ۾ پهتا ته علائقن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو ان موقعي تي هر اک آلي  هئي مارجي ويل 7 ڄڻا سيٺار احمد مٺو، ملڪ حاجي محمد الدين، عبدالرحمان، طاهر زمان ۽ عاشق جي جنازي جي نماز گلاب چوڪ ۾ ادا ڪئي وئي. بلاول جي جنازي نماز اباڻي علائقي قمو شهيد ۾ ادا ڪئي وئي. مارجي ويل پنج ڄڻا ارشاد، فاروق ، ممتاز ، ساجد ۽ افضل جي جنازي نماز اسماعيل ماڇي ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ سندن وارثن سميت مٽن مائٽن کانسواءِ علائقي جي اهم شخصيتن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ فوتين کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن بلوچستان جي علائقي تربت ۾ دهشتگردن جي پورهيت ڪيمپ تي فائرنگ جي تيجي ۾ مارجي ويل اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ چوڻهار جي رهواسي هڪ ئي ڪٽنب جي پنجن پورهيتن جا مڙهه گذريل ڏينهن حيدرآباد رستي اباڻي علائقي پهچايا ويا. مارجي ويلن ۾ ٻه سڳا ڀائر سوڀدار ۽ مجنون ولد خميسو، مجيد ولد سونهارو، ڪارو ولد لقمان ۽ نالي مٺو ولد پيارو شامل هئا. پنجن ئي پورهيتن جو تعلق مڪواڻا برادري سان هو. رات هڪ وڳي ڌاري حيدرآباد کان ايمبولينسن ذريعي سندن مڙهه اباڻي علائقي پهچايا ويا. ڊي سي ٿرپارڪر محمد آصف جميل ٿر پهچڻ تي مقتول پورهيتن جا لاش وصول ڪيا. جيڪي بعد ۾ ڊي سي ۽ ايم اين اي فقير شير محمد بلالاڻي ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، پ پ اڳواڻ محمد نين بجير کڻائي سندن ڳوٺ پهچايا. جتي صبح نائين وڳي سندن جنازي نماز ادا ڪئي ويئي. جنازي نماز ۾ ڊي سي ٿرپارڪر، ايم اين اي فقير شير محمد بلالاڻي، ايم پي اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي کان علاوه علائقي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز بعد مڙهه اباڻي قبرستان ۾ دفنايا ويا. هڪ ئي ڳوٺ جي هڪ ڪٽنب سان تعلق رکندڙ پنجن پورهيتن جا مڙهه کڄڻ تي قهرام مچي ويو ۽ سڄي ڳوٺ ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي.

 

خيبر پختونخواهه حڪومت پاران ريحام خان کي انٽرنيشنل اسٽريٽ چلڊرين جو سفير بنائڻ جو اعلان

پشاور (بيورو) خيبر پختونخواهه حڪومت تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي زال ريحام خان کي انٽرنيشنل اسٽريٽ چلڊرين جو سفير بنائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پشاور ۾ اسٽريٽ چلڊرين ڊي جي حوالي سان رٿيل تقريب ۾ خيبر پختونخواهه حڪومت ريحام کي انٽرنيشنل اسٽريٽ چلڊرين جو سفير بنائڻ جو اعلان ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ريحام خان چيو ته ٻارڙا اسٽريٽ چلڊرين پاڻمرادو ناهن بڻجندا پر معاشرو کين اسٽريٽ چلڊرين بڻائيندو آهي ماءُ طور ڪنهن ٻارڙن کي خيرات وٺندي ڏسي ڏک ٿئي ٿو رستن تي گهمندڙ لاوارث ٻارڙا اسٽريٽ چلڊرين نه پر اسٽيٽ چلڊرين آهن ۽ انهن جي سارسنڀال اسان جي ذميواري آهي. هن چيو ته اسان جو دين ان ڳالهه جي اجازت نه ٿو ڏئي ته ڪنهن کي بري حال ۾ ڏسي ڪنڌ ڦيرائي ڇڏجي پر اسان جي ڪوشش هئڻ گهرجي ته هڪ به ٻارڙو اسٽريٽ جو سهارو نه بڻجي جيڪو سڀ کان بهترين صدقه جارهيه آهي. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کيس هار جي ڪهڙي ضرورت آهي الطاف ڀاءُ کي ڪجهه ڏيڻو آهي ته لاوارث ٻارڙن کي ڏئي. هن چيو ته هو ڪراچي جي تڪ اين اي 246 ۾ عورتن کي متحرڪ ڪندي. هن تڪ ۾ تبديلي عورتون ئي آڻينديون

 

خوبصورت شخصيت رکندڙ فنڪار شوبز ۾ جلد ڪامياب ٿيندا آهن: عائشه عمر

لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل عائشه عمر چيو آهي ته انسان جي شخصيت ان جي ڪردار جو آئينو هوندي آهي، ۽ اهي ئي فنڪار جلد ڪامياب به ٿيندا آهن.هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪستاني ٽي وي ۽ فلم انڊسٽري جي ڪيترن ئي پروڊيوسرن انڊسٽري کي بحران مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ اهم ڪردار نڀايو آهي. نوجوان فلم ميڪرز سٺيون ۽ مياري فلمون پڻ ٺاهي رهي آهن جنهن جي ڪري اداڪارن ۾ به اعتماد ۽ همت وڌي آهي. عائشه عمر چيو ته ٽي وي  جي چينلن جي وڌڻ ڪري فنڪارن جا معاشي مسئلا به گهڻي ڀاڱي حل ٿيا آهن جيڪا تمام سٺي ڳالهه آهي

 

ادتيا راءِ صرف منهنجو دوست آهي ان کان علاوه ڪجهه به نه آهي،شرڌا ڪپور

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار شرڌا ڪپور پنهنجي عاشقي واري خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ادتيا راءِ منهنجو بهترين دوست آهي.بالي ووڊ جي سپر هٽ فلم عاشقي 2 مان شهرت جي اوچائن تي پهچڻ واري بالي ووڊ اسٽار شرڌا ڪپور جو چوڻ آهي ته هو هميشه چوندي رهي آهي ته اسان ٻئي سٺا دوست آهيون ۽ رهنداسين هن جو چوڻ آهي ته فلم عاشقي 2 ۾ هن جو ۽ ادتيا راءِ جو هڪ خاص تجربو هو. جنهن کانپوءِ اسان جي دوستي ۾ وڌيڪ مضبوطي آئي.

 

ڊينيل ريڊ ڪلف نئين فلم “گرينڊ ٿيفٽ آٽو” ۾ ڪاسٽ

لنڊن(شوبز نيوز) هيري پوٽرکان فلمي دنيا ۾ شهرت حاصل ڪرڻ وارو اداڪار ڊينيل ريڊ ڪلف نئين فلم گرينڊ ٿيفٽ آٽو ۾ ڪاسٽ ٿي ويو ميڊيا رپورٽن  جي مطابق گرينڊ ٿيفٽ آٽو جي ڪهاڻي حقيقي زندگي جي واقعي تي ٻڌل آهي. گرينڊ ٿيفٽ جي نالي سان وڊيو گيم ٺاهڻ وارو سام هوزر اروان جي خلاف عدالتي جنگ وڙهڻ وارو ميامي جو وڪيل فلم جي مرڪزي ڪردار ۾ هوندو. فلم ۾ سام جو ڪردار 25 ساله ڊينيل ريڊ ڪلف کي ادا ڪرڻو آهي فلم جو ڊائريڪٽر اوون پيرس آهي.

 

مني لانڊرنگ ڪيس، ايان علي جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 24 اپريل تائين واڌ

راولپنڊي(شوبز نيوز) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ماڊل ايان علي جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 24 اپريل تائين واڌ ڪئي وئي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي ۾ ڪسٽم اختيارين کي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ماڊل ايان علي کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ کانپوءِ راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت جي جج چوڌري ممتاز حسين آڏو پيش ڪيو ويو ٻڌڻي دوران ڪسٽم اختيارين عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابداره خلاف چالان پيش ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مهلت ڏني وڃي عدالت ڪسٽم اختيارين جي استدعا منظور ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تائين چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ ماڊل ايان علي جي جوڊيشل رمانڊ ۾ واڌ ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 24 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ڪسٽم اختيارين کي چالان جي سموري ضروري ڪارروائي به مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ماڊل ايان علي کي 5 لک ڊالر پرڏيهي ملڪ اسمگل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار  ڪيو ويو هو.

 

فاسٽ بالر سهيل خان بنگلاديش جي خلاف ون ڊي سيريز مان ٻاهر

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي فاسٽ بالر سهيل خان تربيتي ڪيمپ جي دوران انجري ٿي پيو، جنهن کان پوءِ ان کي بنگلاديش جي دوري مان ڊروپ ڪيو ويو آهي، ميڊيا جي مطابق فاسٽ بالر بنگلاديش جي دوري  لاءِ لڳايل تربيتي ڪيمپ جي چوٿين ڏينهن اوچتو چيلهه جي تڪليف ٿي، جنهن کان پوءِ ان کي ڪيمپ کان ٻاهر ويهاريو ويو، پي سي بي جي ذريعن مطابق سهيل خان انجري جي سبب بنگلاديش جي دوري ۾ قومي ٽيم جو حصو نه بڻجي سگهندو، جڏهن ته ان جي جاءِ تي اسڪواڊ ۾ جنيد خان کي شامل ڪيو ويو آهي، واضع رهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم 13 اپريل تي بنگلاديش روانو ٿيندي، جڏهن ته قومي ٽيم بنگلاديش جي دوري ۾ 3 ون ڊي، هڪ ٽي ٽوئنٽي ۽ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي.

 

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني انگلينڊ جو دورو ڪندي

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز): نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني انگلينڊ جو دورو ڪندي، جتي هو ٻه ٽيسٽ، 5 ون ڊي ۽ هڪ ٽي – ٽوئنٽي ميچ کيڏندي، نيوزيلينڊ جي ٽيم دوري جي شروعات سمر سيٽ خلاف 4 ڏينهن واري ٽور ميچ سان ڪندي، اها ميچ 8 کان 11 مئي تائين ٽائونٽن ۾ کيڏي ويندي، ڪيوي ٽيم پنهنجي ٻئين وارم اپ ميچ 14 کان 17 مئي تائين وارسيٽر شائر خلاف کيڏندي، انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ 21 کان 25 مئي تائين لنڊن جڏهن ته ٻئين ٽيسٽ 29 مئي کان 2 جون تائين ليڊز ۾ کيڏي ويندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 5 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 9 جون تي برمنگهم، ٻين ون ڊي 12 جون تي، ٽئين 14 جون تي سائوٿمپٽن، چوٿين ون ڊي 17 جون تي نوٽنگهم جڏهن ته پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ 20 جون تي چيسٽمرلي اسٽريٽ ۾ کيڏي ويندي، دوري ۾ شامل واحد ٽي ٽوئنٽي ميچ 23 جون تي مانچسٽر ۾ کيڏي ويندي.