تازيون خبرون

Daily Archives: April 2, 2015

لنڊن ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جو اڳواڻ محمد انور گرفتار، پڇا ڳاڇا جاري

لنڊن (م.ڊ) لنڊن ۾ اسڪاٽلينڊ يارڊ جي ڪائونٽر ٽيررزم اسڪواڊ مني لانڊرنگ جي الزام ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ محمد انور کي گرفتار ڪري ورتو آهي ان کان اڳ اطلاع هئا ته 64 سالا شخص کي مني لانڊرنگ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ايم ڪيو ايم لنڊن ۾ رابطه ڪميٽي جي ميمبر محمد انور جي گرفتاري  جي تصديق ڪري ڇڏي آهي محمد انور کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ پڇا ڳاڇا لاءِ سينٽرل لنڊن پوليس اسٽيشن نيو ويو آهي اها گرفتاري نارٿ ويسٽ لنڊن جي گهر مان عمل ۾ آئي، اسڪاٽلينڊ يارڊ گهر جي وڌيڪ ڳولا ڪي رهي آهي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پهريان گرفتار ٿيل 5 ماڻهو اپريل تائين ضمانت تي آهن ضمانت تي آزاد هڪ شخص 73 سال، ٻيو 44 سالن جو آهي جڏهن ته هڪ 41 سالا جوابدار پوليس جي گهرائڻ تي پيش ٿيو ته ان کي به گرفتار ڪيو ويو هو پنجون جوابدار 27 سالن جو آهي ۽ ان کي به پوليس اسٽيشن گهرائي گرفتار ڪيو ويو.

 

ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف ۾ معاملا طئي ٿي ويا، پي ٽي آءِ کي جلسي جي به اجازت

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ متحده قومي مومينٽ وچ ۾ معاملا طئه ٿي ويا، تحريڪ انصاف کي جناح گرائونڊ ۾ جلسو ڪرڻ جي اجازت به ملي وئي گورنر هائوس سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنهن دوپران عشرت العباد ٻنهي تنظيمن ۾ ٺاهه ڪرائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ٻنهي تنظيمن وچ ۾ معاملا طئه ٿي ويا آهن، اجلاس ۾ تحريڪ انصاف طرفان عمران اسماعيل، عارف علوي، فردوس شميم شامل هئا ۽ ايم ڪيو ايم طرفان خالد مقبول صديقي ۽ ڪنور جميل اجلاس ۾ شريڪ ٿيا ٻنهي تنظيمن ۾ ٺاهه جي عمل کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ ڪراچي پوليس جي اعليٰ اختيارين ۽ ڪمشنر ڪراچي به شرڪت ڪئي اجلاس ختم ٿيڻ تي ٻنهي تنظيمن ميڊيا سان گڏيل ڳالهه ٻولهه ئي ان موقعي تي گورنر سنڌ چيو ته الطاف حسين واقعي جا تفصيل ورتا ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ الطاف حسين تحريڪ انصاف کي ڀليڪار چيو ته هو آچن ۽ جلسو ڪن پر شهداءَ جي يادگار جو احترام ڪيو وڃي جنهن کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته الطاف حسين جي بيان کي ڀليڪار چئون ٿا ۽ الطاف حسين جي قدمن کي ساراهيون ٿا ۽ تحريڪ انصاف طرفان هو عشرت العباد جو شڪريو ادا ڪن ٿا.

 

عدالتي حڪم تي پرويز مشرف جو طبي معائنو، ميڊيڪل بورڊ پاران ايم آر آءِ ڪرائڻ جو مشورو

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) ڪراچي ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو طبي معائنو مڪمل ڪيو ويو آهي طبي ماهرن طرفان اڳوڻي صدر جو ايم آر آءِ ڪرائڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي پرويز مشرف جي سرڪاري ميڊيڪل بورڊ ۾ به تبديلي ڪئي وئي آهي بلوچستان جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي طبي معائني جو حڪم ڏنو هو جنهن تحت ميڊيڪل بورڊ اڳوڻي صدر جو طبي معائنو ڪيو  طبي ماهرن طرفان اڳوڻي صدر جو ايم آر آءِ ڪرائڻ جو مشورو ڏنو ويو ان کان علاوه پرويز مشرف جي سرڪاري ميڊيڪل بورڊ ۾ پروفيسر انيس ڀٽي جي جاءِ تي ڊاڪٽر امتياز هاشمي کي شامل ڪيو يوو جيڪو اڳوڻي صدر آصف زرداري جو طبي معاون به رهي چڪو آهي ڊاڪٽر امتياز هاشمي نجي اسپتال ۾ ڪم ڪندو آهي ۽ نيورو اسپائنل ڪورڊ جو سرجن آهي جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته قائدن تحت سرڪاري ميڊيڪل بورڊ جو سربراهه ڪنهن جي اسپتال جو ڊاڪٽر نه ٿو بڻجي سگهي ان کان اڳ به پرويز مشرف جي معائني لاءِ ٻه ڀيرا ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو هو جڏهن ته اهو بورڊ جي سامهون پيش نه ٿيو هو.

 

 

صولت مرزا جي انڪشافن کانپوءِ گهروارن کي ڌمڪيون ملڻ لڳيون، ڏکڻ آفريڪا ۽ ڪئنيڊا مان فون پيا اچن: صولت مرزا جي گهر واري

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ڪارڪن ۽ موت جي سزا ٻڌايل قيدي صولت مرزا طرفان اهم انڪشاف ڪرڻ کانپوءِ ان جي گهرواري الزام لڳايو آهي ته ان کي ڌمڪين واري فون ڪئي پئي وڃي نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي صولت مرزا جي گهرواري جو چوڻ هو ته ان کي ڏکڻ آفريڪا ۽ ڪينيڊا جي نمبرن تان فون ڪال اچي رهيون آهن جنهن ۾ فون ڪرڻ وارن طرفان ايم ڪيو ايم جي باري ۾ ميڊيا تي بيان بازي ڪرڻ تي سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن صولت مرزا جي گهرواري ٻڌايو ته اڃان تائين ان کي 3 فون ڪال آيون آهن جن مان 2 نمبرن کي هو پهريان ئي سڃاڻي ٿي هن جو چوڻ هو ته فون ڪندڙ پنهنجي سڃاڻپ نه پيا ٻڌائن پر انهن طرفان ان کي چيو پيو وڃي ته توهان جيڪو ڪري رهيا آهيو ان جو انجام سوچي ڇڏيو سيڪيورٽي جي حوالي سان  صولت مرزا جي گهرواري جو چوڻ هو ته ان کي سيڪيورٽي لاءِ هڪ پوليس موبائل ڏني وئي آهي ۽ اهلڪار ان جي گهر ٻاهران به مقرر آهن.

 

امن امان سبب پاڪستان اچي فلم نه ٿا ٺاهي سگهون: مهيش ڀٽ

ڪراچي(شوبز نيوز) ناپا انسٽيٽيوٽ ڪراچي ۾ بالي ووڊ جي مشهور ڊائريڪٽر مهيش ڀٽ پنهنجي ڌيءَ پوجا ڀٽ سام گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جون فلمون بول، خدا ڪي لئي ۽ وار تمام گهڻو متاثر ڪيو ٻنهي ملڪن کي ويڇا ختم ڪرڻ لاءِ هڪ هڪ قدم اڳتي وڌڻو پوندو ان موقعي تي اداڪاره پوجا ڀٽ جو چوڻ هو ته عاليه هڪ سٺي ۽ ٽيلينٽيڊ اداڪاره آهي ماڻهو تمام جلد هڪ ڀيرو ٻيهر ان کي پردي تي ڏسندا مهيش ڀٽ جو چوڻ هو ته فواد خان، عاطف اسلم کي انڊيا ۾ ماڻهو ڏاڍو پسند ڪن ٿا جڏهن ته انڊيا ۾ پاڪستان خلاف منفي سوچ تي فلمون ٺهنديون آهن ته شرمندگي ٿيندي آهي.

 

هالي ووڊ ايڪشن فلم “ ميڊ ميڪس فيوري روڊ ” جو نئون ٽريلر جاري

نيويارڪ(شوبز نيوز) فلم جي ڪهاڻي ۾ ماڻهو موت سان وڙهندي نظر ايندا، ايڪشن  سان ڀرپور فلم پندرهن مئي تي رليز ڪئي ويندي، هالي ووڊ جي ايڪشن فلم “ ميڊ ميڪس فيوري روڊ ” جو نئون ٽريلر جاري ٿي ويو، ميڊ ميڪس سيريز جي چوٿين فلم جي ڪهاڻي اهڙي دنيا جي آهي، جتي ماڻهو موت سان وڙهندي نظر اچن ٿا، مار ڌاڙ سان ڀرپور ميڊ ميڪس فيوري روڊ 15 مئي تي سينما گهرن جي زينت بڻجدي .

 

عامر خان پنهنجي نئين فلم لاءِ زندگي داءُ تي لڳائي ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ميڊيا مطابق بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪٽ اداڪار عامر خان پنهنجي نئين فلم“ دنگل ” ۾ 55 سالن جي ريسلر جو ڪردار ادا ڪندو، جنهن جي لاءِ هن پنهنجو وزن 15 ڪلو گرام وڌائي ڇڏيو آهي، ماهرن جو چوڻ آهي، ته عامر خان پنهنجي قد جي مطابق 3 کان 4 ڪلو وزن تيزي سان گهٽائي ۽ وڌائي سگهي ٿو، ان سان هن جي صحت تي ڪو فرق نه پوندو، پر 10 ڪلو گرام کان وڌيڪ وزن ۾ اضافي جي لاءِ ان ايسٽيرائيڊز جو استعمال ڪيو آهي، جنهن سان چمڙي جا مسئلا، هائي بلڊ پريشر، دل جو دورو ۽ ايتري قدر موت به ٿي سگهي ٿي، واضع رهي ته عام طور تي رانديگر ۽ باڊي بلڊر پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌائڻ جي لاءِ ايسٽيرائيڊز جو استعمال ڪندا آهن، جڏهن ته ان جي منفي اثر جي سبب ان جو استعمال منع آهي.

 

شاهه رخ خان پنهنجي پٽ کي بالي ووڊ ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ممبئي(شوبز نيوز): شاهه رخ خان به ماضي جي فلمي ستارن وانگر پنهنجي پٽ کي بالي ووڊ ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن لاءِ هو هڪ فلم ٺاهيندو ڀارتي ميڊيا مطابق شاهه رخ خان جي پٽ آريان لنڊڻ ۾ پنهنجي والد کي 12سالن ۾ ٺهندڙ هالي ووڊ فلم هواءِ هوڊ بابت آگاهه ڪيو ۽ ان کي مشورو ڏنو ته هو اها فلم ضرور ڏسي شاهه رخ به ان فلم جي ڪهاڻي مان تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ هن فيصلو ڪيو ته هو فلم جي ڪهاڻي تي بالي ووڊ ۾ فلم ٺاهيندو ان سلسلي ۾ هن بواءِ هوڊ جي پروڊيوسرز کان ان جا حق خريد ڪرڻ لاءِ رابطو به ڪيو آهي شاهه رخ ان فيصلو ڪيو آهي هت ان فلم جو مرڪزي ڪردار ٻيو ڪري نه پر سندس وڏو پٽ آريان ادا ڪندو ان سلسلي ۾ هن مختلف ڊائريڪٽرز سان رابطا به شروع ڪري ڇڏيا آهن.

 

سچن ٽنڊولڪر ٽن سالن لاءِ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪوچ مقرر

ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ ليجنڊري لٽل ماسٽر سچن ٽنڊولڪر جون خدمتون وٺي ڇڏيون هو ڀارتي ڪوچ ڊنڪن فليچر جي جاءِ تي ذميواري نڀائيندو بي سي سي آءِ جي پريس رليز مطابق بورڊ سچن ٽنڊولڪر سان ڪوچ طور 3 سالن جو معاهدو ڪيو آهي هو پهريون ڀيرو ڪنهن انٽرنيشنل ٽيم لاءِ ڪوچنگ جا فرض انجام ڏيندو، سچن ٽنڊولڪر ڀارتي ٽيم کي آءِ پي ايل سيزن کانپوءِ جوائن ڪندو سچن ٽنڊولڪر ورلڊ ڪپ  2015ع جو سفير به رهجي چڪو آهي سچن ٽنڊولڪر پنهنجي ڪامياب ڪرڪيٽ ڪيريئر ۾ بيشمار رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي، هن 463 ون ڊي ميچن ۾ 49 سينچرين جي مدد سان 18426 رنسون اسڪور ڪيون ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 200 ميچن ۾ سچن ٽنڊولڪر کي 15921 رنسون جو اعزاز حاصل آهي.

 

ميامي اوپن ٽينس، اينڊي مري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو

ميامي(اسپورٽس نيوز) برطانيه جو اينڊي مري ميامي اوپن ٽينس جي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو  پري ڪوارٽر فائنل ۾ ڪون اينڊرسن کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، اينڊي مري 500 اي ٽي پي ڪلب ۾ شامل ٿي ويو ميامي اوپن جي ڪوارٽر فائنل ۾ برطانوي اسٽار ڏکڻ آفريڪا جي ڪيون اينڊرسن کي شڪست ڏني، ڪاميابي سان گڏ ئي اينڊي مري 500 اي ٽي پي ميچون کٽيندڙ رانديگر بڻجي ويو.