تازيون خبرون

Daily Archives: March 27, 2015

اها ملڪ جي وڏي بدقسمتي هوندي جڏهن عمران خان وزير اعظم ٿيندو: خالد مقبول صديقي

اسلام آباد (بيورو) متحده قومي موومينٽ جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيملي جي ميمبر خالد مقبول صديقي جو چوڻ آهي ته عمران خان چور دروازي کان سياست ۾ آيو آهي ۽ جيڪڏهن چور دروازي کان وزيراعظم بڻجي ويو ته اها ملڪ جي وڏي بدنصيبي هوندي، ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ميمبر عمران خان طرفان الطاف حسين خلاف غير مناسب لفظ استعمال ڪرڻ تي قومي اسيمبلي ۾ سخت احتجاج ڪيو ۽ اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو، اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي جو چوڻ هو ته جنهن کي پنهنجي مقبوليت تي غرور هجي اهو ضرور ڪراچي اچي جيڪڏهن عمران خان کي سياست جو شوق آهي ته هوضرور ڪري ۽ جيڪڏهن ان کي اين اي 246 جي سيٽ تي اليڪشن وڙهڻي آهي ته به ضرور وڙهي ڪراچي واري به ان جون ضمانتون ضبط ڪري ڇڏينداسين، عمران خان چور دروازي کان سياست ۾ آيو آهي ۽ جيڪڏهن چور دروازي کان وزيراعظم به بڻجي ويو ته اها ملڪ جي وڏي بدنصيبي هوندي.

 

لاڙڪاڻي ۾ 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري حيسڪو ۽ سيپڪو آفيسر پنهنجي نااهلي جو بار عوام تي وجهي رهيا آهن: مراد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سيد مراد علي سنڌ جي خزاني ۽ توانائي واري وزير سيد مراد علي شاهه اندرون سنڌ خاص طور تي لاڙڪاڻي ڊويزن ۽ نئون ديرو ۾ 18 ڪلاڪن جي لوڊ شيڊنگ جو سختيءَ سان نوٽيس وٺندي ان کي سيپڪو جي آفيسرن جي نااهلي قرار ڏنو آهي. هن چيو ته سيپڪو ۽ حيسڪو آفيسر پنهنجي نااهلي جو ٻوجهه سنڌ جي عوام تي وجهندا ته سنڌ حڪومت عوامي مفاد جي تحفظ لاءِ مداخلت ڪندي. صوبائي وزيرمراد علي شاهه پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته سيپڪو آفيسرن گهٽ رڪوري جو جواز ڄاڻائي سنڌ جي عوام سان ٿيندڙ زيادتين جو سلسلو جاري رکيو آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته حيسڪو ۽ سيپڪو آفيسرن ملي ڀڳت ڪري بجلي چوري ڪرائي رهي آهي ۽ ان جو ٻوجهه عوام تي وڌو پيو وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هن لاڙڪاڻي ۽ خاص ڪري نئون ديرو ۾ 18 ڪلاڪن  جي لوڊشيڊنگ اتان جي عوام جي زندگي آزار بڻائي ڇڏي آهي ۽ اتان جي روزمرهه جي زندگي بري طريقي سان متاثر آهي. هن چيو ته گهٽ ريڪوري کي جواز ڄاڻائي 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪري سنڌ جي عوام سان زيادتي آهي. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ريڪوري ڪرڻ سيپڪو ۽ واپڊا جي ذميواري آهي جڏهن ته پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ ان جو ٻوجهه عوام تي وڌو پيو وڃي. هن تنبيهه ڪندي چيو ته اندورن سنڌ خاص ڪري لاڙڪاڻي ۽ نئون ديرو ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو سلسلو فوري طور تي بند ڪيو وڃي ۽ اتي به اهڙي ئي لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي جهڙي طرح ملڪ جي ٻين صوبن جي شهرن ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ايئن نه ڪرڻ تي سنڌ حڪومت عوام جي مفاد ۾ ان ۾ مداخلت ڪندي.

 

ايم ڪيو ايم اڳواڻ سان ملاقات جي سختي سان ترديد مرڻ جيئڻ پ پ سان آهي: ذوالفقار مرزا

بدين (م.ڊ) سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا هلندڙ مهيني دوران لنڊن يا دبئي ۾ ڪنهن به ايم ڪيو ايم اڳواڻ سان ملاقات جي خبرن جي سختي سان ترديد ڪري ڇڏي آهي لنڊن مان ٽيليفون جي ذريعي ميڊيا جي نمائندن  سان ڳالهائيندي سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير چيو ته هو سيپٽمبر 2011 ۾ ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف لڳايل الزامن تي قائم آهي ڄاڻايل پريس ڪانفرنس ۾ ذوالفقار مرزا قرآن پاڪ مٿي تي کڻي ايم ڪيو ايم جي سربراهه سميت پارٽي جي ڪيترن ئي اڳواڻن تي دهشتگردي ۽ وڏن ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جا الزام مڙهيا ۽ دعويٰ ڪئي ته ان وٽ ان حوالي سان ثبوت به موجود آهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته هو ڳجهين ملاقاتن تي يقين نٿو ڪري هن الزام عائد ڪيو ته بحريه ٽائون جو سربراهه ملڪ رياض ۽ مصطفيٰ ڪمال هاڻي به ايم ڪيو ايم جي ڏنل هدايتن مطابق ڪم ڪن ٿا ۽ هو اهڙن ماڻهن سان ڳالهائڻ جو سوچي به نٿو سگهي ان موقعي تي هن هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد کي عهدي تان هٽائڻ ۽ ان جي خلاف ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن صولت مرزا جي ڊيٿ سيل مان جاري ٿيل هڪ وڊيو ۾ لڳايل الزامن تي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو اڳوڻي صوبائي گهرو وزير چيو ته صولت مرزا جو وڊيو بيان ۽ ان پاران 2011 ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف لڳايل الزام هڪ جهڙا ئي آهن هن اهو عزم جو اظهار ڪيو ته هو ايم ڪيو ايم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ موجود دهشتگردن ۽ ڏوهارين جي خلاف پنهنجي جنگ جاري رکندا ذوالفقار مرزا هڪ دفعو ٻيهر تصديق ڪئي ته ان جو تعلق پيپلزپارٽي سان قائم ۽ دائم آهي ۽ هو پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پارٽي جي دشمنن خلاف پنهنجي مهم ٻيهر شروع ڪندو.

 

پ پ مسلسل 7 سال عوام جو رت پيتو ، سنڌ ۾ جلد گورنر راڄ لڳندو: لياقت جتوئي

خيرپور ناٿن شاهه (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي 7 سالن مسلسل عوام جو رت پيتو آهي، سنڌ ۾ جلد گورنر راڄ لڳندو، رينجرز کي سنڌ ۾ آپريشن ڪرڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ ايم پي اي لياقت علي جتوئي خيرپور ناٿن شاهه جي مدينه ڪالوني ۾ پارٽي ورڪر ڌڻي بخش ٻگهيو طرفان سندن مان ۾ آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته سنڌ ۾ دهشتگردي، ظلم ۽ ڏاڍ جو راڄ آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ گورنر راڄ جي ضرورت آهي، گورنر راڄ لڳندو ته اڇا ڪارا ظاهر ٿي پوندا، هن چيو ته ڊي جي رينجرز کي اندرون سنڌ ۾ آپريشن ڪرڻ جي ضرورت آهي، اندرون سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تمام گهڻي خراب ٿيندي پئي وڃي، خطاب بعد جلسي ۾ ويٺل هڪ ڪارڪن لياقت علي جتوئي کي دانهيو ته کيس خيرپور ناٿن شاهه جا 3 پوليس اهلڪار حاجي کوسو، مختيار شاهه ۽ والي ڏنو ڀتي لاءِ تنگ ڪندا آهن، جنهن تي هن چيو ته مان ان معاملي تحت ڊي آءِ جي حيدرآباد ڊاڪٽر ثناءُ الله عباسي سان ڳالهائيندس، جلسي ۾ لياقت علي جتوئي ڪارڪنن ۽ شهرين جي شڪايتن تي خيرپور ناٿن شاهه شهر ۾ خدمتگار يونٽ جي قيام جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ پارٽي جا ماڻهو شهر جي ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪندا، ان موقعي تي ڊاڪٽر غلام عباس مهيسر، سڪندر کوهارو، فقير محمد شيخ، ايڊووڪيٽ شعبان ملاح، عابد حسين ٻٻر ۽ ٻيا پڻ جلسي ۾ موجود هئا.

 

ڀارتين جي ذهن ۾ پاڪستان خلاف دشمني ڀري وئي: نصيرالدين شاهه

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي مشهور اداڪار نصير الدين ساهه چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڀارتي فنڪارن کي وڏي عزت ۽ پيار ڏنو ويندو آهي پر ڀارت ۾ پاڪستانين کي دشمن سمجهڻ لاءِ عوام کي همٿايوو يندو آهي ڀارتي ويب سائيٽ کي انٽرويو دوران نصير الدين شاهه چيو ته پاڪستاني فنڪارن کي ڀارت ۾ پرفارم نه ڪرڻ ڏنو وڃن گهري ڏک جي ڳالهه آهي حالانڪه پاڪستان ۾ ڀارتي فنڪارن کي کليل دل سان ڀليڪار چيو ويندو آهي هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ هڪ ٻئي جي پرفارمنس کي سارهيو ويندو آهي ان لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياسي اختلافن کي فنڪارن جي راهه جي رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجي ڀارتي عوام جو ان طرح برين واش ڪيو ويندو آهي جو هو تاريخ ڄاڻڻ بغير پاڪستان کي پنهنجو دشمن مڃڻ لڳندا آهن.

 

ٿيٽر جو عالمي ڏينهن (اڄ) 27 مارچ جمعي ڏينهن ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو

فيصل آباد (شوبز نيوز) ٿيٽر جو عالمي ڏينهن (اڄ) 27 مارچ جمعي ڏينهن ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو، ان موقعي تي صوبائي گادي وارن شهرن سميت سمورن ڊويزنل، ضلعي هيڊڪوارٽرن تي خاص تقريبون منعقد ڪيون وينديون، جڏهن ته ان ڏينهن جي مناسبت سان واڪس، سيمينار ۽ ڪانفرسون پڻ منعقد ڪيون وينديون، جن ۾ ٿيٽر جي اهميت تي روشني وڌي ويندي، ورلڊ ٿيٽر ڊي جي سلسلي ۾ اڄ فيصل آباد آرٽس ڪونسل جي انتظام هيٺ استاد نصرت فتح علي خان آڊيٽوريم ۾ اسٽيج ڊرامو پڻ پيش ڪيو ويندو.

 

ڀارتي اداڪاره وديا بالن جا هڪ ٽي وي ڊانس شو ۾ جج بڻجڻ جا امڪان وڌي ويا

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪاره وديا بالن جا هڪ ٽي وي ڊانس شو ۾ جج بڻجڻ جا امڪان وڌي ويا آهن، ڀارتي ميڊيا مطابق پروڊيوسر ايڪتا ڪپور جيڪا ٽي وي شو ”نچ بليي“ جي سيزن 7 کي به پروڊيوس ڪري رهي آهي، ان شو ۾ وديا بالن جي جج طور شامل ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي، پروڊيوسر جو چوڻ آهي ته اهو نالو فقط وديا بالن جو ئي آهي، ليکڪ چيتن ڀڳت اڳ ان شو جي جج پينل جو حصو هو، جڏهن ته ايڪتا اداڪاره وديا کي شو جي جج بڻجڻ جي آڇ ڪئي آهي ۽ امڪان آهي ته هوءَ ان لاءِ جلد راضپو ظاهر ڪندي، واضح رهي ته اهو شو جلد ڀارتي ٽي وي چينل تان آن ايئر ٿيندو.

 

فواد خان ڀارتي فلم” رام لکن “جي ريميڪ ۾ انيل ڪپور جو ڪردار نڀائيندو

ممبئي(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪار فواد خان بالي ووڊ فلم ”رام لکن“ جي ريميڪ ۾ انيل ڪپور جڏهن ته عاليه ڀٽ ماڌوري جو ڪردار نڀائيندي، روهت شيٽي بالي ووڊ فلم”رام لکن ”جو ري ميڪ ” ڪپور اينڊ سنز “ ٺاهي رهيو آهي، نئين فلم ۾ پاڪستاني اداڪار فواد خان انيل ڪپور ٿيندو، جڏهن ته عاليه ڀٽ ماڌوري جو ڪردار ڪندي، جيڪي شروف جي ڪردار جي لاءِ سڌارٿ ملهوترا کي ڪاسٽ ڪيو ويو آهي، 1989ع ۾ ٺهندڙ فلم رام لکن ۾ انيل ڪپور، ماڌوري ۽ جيڪي شروف ڪم ڪيو هو.

 

ڀارتي سورمائن جا خواب چڪنا چور، ورلڊ ڪپ کان ٻاهر، آسٽريليا فائنل ۾ پهچي ويو

سڊني(اسپورٽس نيوز)سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندڙ ٻئين سيمي فائنل ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏئي ڇڏي، ڀارتي جي پوري ٽيم 329 رنسن جو پيڇو ڪندي 233 رنسون ٺاهي پويلين واپس هلي وئي ڀارت طرفان صرف ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني سڀ کان وڌيڪ 65 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيو، روهت شرما 34، شکر ڌون 45، جڏهن ته رهاني صرف 44 رنسون ئي ٺاهي سگهيا، ان کان علاوه ڪوبه ٻيو ڀارتي رانديگر پنهنجي ٽيم لاءِ سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو، آسٽريليا طرفان فولڪنر 3، مچل اسٽارڪ ۽ جانسن 2، 2 جڏهن ته هيزل ووڊ هڪ رانديگر کي پويلين جي راهه ڏيکاري، ان کان اڳ آسٽريلوي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 328 رنسون ٺاهيون، ڪينگروز طرفان اسٽيون سمٿ 105 جي اننگز کيڏي نمايان بيٽسمين رهيو جڏهن ته ايرون فنچ به 81 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ڀارت طرفان يادو 4، شرما 2 جڏهن ته اشون هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو، فائنل ميچ ۾ آسٽريليا جو مقابلو نيوزيلينڊ سان ٿيندو.

 

ويرات ڪوهلي انوشڪا شرما کي مايوس ڪري ڇڏيو، صرف هڪ رنس ٺاهي آئوٽ

سڊني(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم طرفان نائب ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ اداڪاره انوشڪا شرما جي عشق جا چرچا ته عام آهن ۽ ان ئي دل جي هٿان مجبور ٿي انوشڪا شرما آسٽريليا خلاف سيمي فائنل ڏسڻ لاءِ گرائونڊ ۾ پهچي وئي جڏهن ته ان کي مايوسي جو منهن ڏسڻو پيو، ويرات ڪوهلي وڪيٽ تي آيو ته ڊريسنگ روم ۾ ويٺل انوشڪا شرما هٿ لوڏي ان جي گرائونڊ ۾ حوصلا افزائي ڪئي جڏهن ته جلد ئي سندس منهن تي مايوسي ڇانئجي وئي، ڪوهلي هڪ رنسن ٺاهي جونسن جي بال تي هيڊن ڪيچ ڏئي آئوٽ ٿي ويو جنهن تي انوشڪا منهن تي هٿ ڏئي ويهي رهي.