تازيون خبرون

Daily Archives: March 25, 2015

عمران خان پارٽي جا ڳجها دستاويز ميڊيا کي ڏيڻ جي معاملي تي نوٽيس ورتو، ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پارٽي جا ڳجها دستاويز ميڊيا کي ڏيڻ جي معاملي جو سخت نوٽيس وٺندي ملوث پارٽي عهديدارن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي، عمران خان پارٽي جي سمورن سينيئر ۽ ٻين عهديدارن کي وارننگ ڏني آهي ته اهي آئينده اهڙي قسم جو پارٽي عهديدار اهڙي حرڪت ڪندو ته ان خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، جاري بيان ۾ هن چيو ت تحريڪ انصاف واحد جمهوري پارٽي آهي، جڏهن ته ڊسپلين جهڙن اصولن تي سوديبازي ممڪن نه آهي، احتساب ۽ ڪارڪنن جي عمل جي جاچ پڙتال تحريڪ انصاف جي ئي وڏائي آهي جنهن لاءِ باقائده نظام تيار ٿي چڪو آهي، ان جو اهو مطلب نه آهي ته پارٽي جي قيمت تي اندروني سرگرمين کي ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻايو وڃي، تحريڪ ان ڳالهه کي برداشت نه ڪندي ۽ ملوث ماڻهن خلاف ترت ڪارروائي ڪئي ويندي. جاري ڪيل پڌرنامي مطابق تحريڪ انصاف جي چيئرمين اليڪشن ٽربيونل بابت بيان ۽ دستاويز جي ميڊيا تائين پهچ جو سخت نوٽيس ورتو.

 

جماعت اسلامي گورنر سنڌ عشرت العباد کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاهور (بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد کي هٽائڻ جو مطالبو ڪندي الزام هنيو آهي ته ڪراچي ۾ ڏوهارين کي گورنر هائوس مان تحفظ ملندو آهي، شهر ۾ جاري آپريشن جي ڪاميابي لاءِ پرڏيهي مداخلت بند ٿيڻ ضروري آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن کي ناڪام بڻائڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن، شهر مان ڏوهن جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رهڻ گهرجي. هن چيو ته ڪراچي آپريشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن مان به مداخلت ٿي رهي آهي، آپريشن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ٻاهرين مداخلت کي روڪڻ ضروري آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سراج الحق چيو ته ڪراچي ۾ ڏوهارين کي گورنر هائوس مان تحفظ ملندو آهي، تنهن ڪري آپريشن جي ڪاميابي لاءِ گورنر کي هٽايو وڃي. جماعت اسلامي جي امير وڌيڪ چيو ته جڊيشل ڪميشن جي قيام تي اتفاق سٺو عمل آهي، حڪومت ڪميشن جي قيام ۾ دير جو مظاهرو ڪرڻ بدران فوري طور معاهدي تي عمل ڪري. سراج الحق جو چوڻ هو ته سياسي پارٽين کي پاڻ ۾ وڙهڻ بدران بيروزگاري ۽ مهانگائي خلاف وڙهڻ گهرجي.

 

سکر سينٽرل جيل ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌايل ٻن قيدين جي وارثن سان آخري ملاقات، اڄ ڦاهي چڙهندا، تياريون مڪمل

سکر (بيورو) سکر سينٽرل جيل ۾ ڦاهي جي سزا مليل ٻن قيدين جي وارثن ساڻن آخري ملاقات ڪري ڇڏي، اسر ويل ٻنهي قيدين کي ڦاهي تي لٽڪايو ويندو، سکر سينٽرل جيل  ۾ موت جي سزا آيل ٻن قيدين  مولوي عبدالرزاق چوهاڻ ۽ جلال عرف جليل موريجو کي اڄ اسر ويل ڦاهي ڏيڻ جاانتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، جيل انتظاميه موجب  ٻنهي قيدين جي وارثن کي ساڻن آخري ملاقات پڻ ڪرائي وئي آهي. بچل شاھ مياڻي واسي مولوي عبدالرزاق چوهاڻ سان سندس وارث عورتن وزير چوهاڻ جي اڳواڻي ۾ ۽ قيدي جلال عرف جليل مريجو سان سندس گھر واري، ڀائرن حمادالله، عبدالڪريم موريجو ۽ ٻين وارٽن الوداعي ملاقات ڪئي. موت جي سزا آيل قيدي مولوي عبدالرزاق چوهاڻ سکر جي بچل شاهه مياڻي جي مدرسي ۾ پاڪ ڪتاب حفظ ڪندڙ نينگر آفتاب عرف اقرار ميراڻي کي 2001ع ۾ بيدردي سان قتل ڪيو هو، 23 نومبر 2004ع تي  سکر جي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس ڦاهي جي سزا ٻڌائي هئي، جڏهن ته جلال عرف جليل موريجو 1997ع ۾ پنهنجي سئوٽ هارون موريجوکي قتل ڪيو هو، 7 اپريل 2000ع ۾ ايڊيشنل سيشن جج نوشهروفيروز جي عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس موت جي سزا ٻڌائي هئي، جيل انتظاميا موجب ملڪ جي اڳوڻن صدرن آصف علي زرداري ۽ پرويز مشرف طرفان جلال عرف جليل موريجو جي ڦاهي جو عمل روڪيو هو، ٻنهي قيدين جي رحم واريون اپيلون رد ٿيڻ بعد کين صبح ساجھر ڦاهي تي لٽڪايو ويندو. ٻئي طرف مولوي  عبدالرزاق چوهاڻ جي وارثن سکر سينٽرل جيل ٻاهران احتجاج ڪندي قومي شاهراه بلاڪ ڪري ڇڏيو، سندن چوڻ هو ته، هو خون معاف ڪرائڻ لاءِ ميراڻي برادري سان رابطي ۾ آهن ۽ خون بها لاءِ رقم گڏ ڪري رهيا آهن، ان ڪري مولوي جي ڦاهي جي سزا تي عمل کي روڪيو وڃي. روهڙي پوليس پهچي 10 عورتن  سميت 15 ڄڻن کي حراست ۾ وٺڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو.

 

بلوچستان ۾ ايف سي جو سرچ آپريشن، 6 جوابدار مارجي ويا

آواران (م.ڊ) آواران ضلعي جي علائقي مشڪي ۾ ايف سي طرفان سرچ آپريشن دوران ٻه طرفي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد جڏهن ته 6 هٿياربند مارجي ويا، ايف سي طرفان مشڪي ۾ شرپسندن جي موجودگي جي اطلاع تي سرچ آپريشن ڪيو ويو ۽ ان دوران هٿياربندن اهلڪارن کي ڏسندي ئي انڌا ڌند فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار موقع يتي شهيد ٿي ويو جڏهن ته ٻه طرفي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا ايف سي ترجمان مطابق آواران ضلعي جي علائقي مشڪي ۾ آپريشن دوران مارجي ويندڙن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي جڏهن ته جوابدارن قبضي مان 5 هٿيار ۽ 2 آءِ اي ڊيز هٿ ڪيون ويون آهن.

 

مني لانڊرنگ ۾ ملوث ماڊل ايان علي جي حوالگي لاءِ سنڌ حڪومت پاران وفاق کي خط

ڪراچي(شوبز نيوز)سينٽرل جيل ڪراچي ۾ ماڊل ايان علي جي امڪاني آمد کي نظر ۾ رکندي تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ڪيٽ واڪ ذريعي پاڻ کي مڃرائيندڙ ماڊل رقم منتقلي ڪيس جي جاچ دوران تمام گهڻا انڪشاف ڪيا آهن جنهن مختلف گروهن ۾ بيچيني پيدا ڪري ڇڏي آهي سنڌ حڪومت ماڊل ايان علي جي منتقلي لاءِ وفاق کي خط لکي ڇڏيو آهي متن مطابق ماڊل ايان علي ڪراچي کان 20 کان وڌيڪ ماڻهن جي رقم پرڏيهه منتقل ڪئي آهي جنهن جي جاچ لاءِ ماڊل ايان علي کي سنڌ پوليس حوالي ڪيو وڃي سينٽرل جيل ڪراچي ۾ ايان علي جي امڪاني آمد کي نظر ۾ رکندي تياريون شروع ڪيون ويون آهن.

 

لاهور ۾ اسٽيج اداڪاره شانزي خان تي قاتلاڻو حملو

لاهور(شوبز نيوز)گلبرگ ويجهو اڻڄاتل ماڻهن شانزي خان جي گاڏي تي فائرنگ ۽ پٿراءُ ڪيو جڏهن ته هوءَ محفوظ رهي، اداڪاره شانزي خان قذافي اسٽيڊيم هال ۾ اسٽيل شو ڪري پنهنجي گهروارن سان واپس وڃي رهي هئي ته 6 موٽرسائيڪلن تي سوار 12 ڄڻن گلبرگ سينٽر پوائنٽ تي ان جي گاڏي جو گهيراءُ ڪري فائرنگ ۽ پٿراءُ شروع ڪري ڇڏيو جڏهن ته خوشقسمتي سان ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪي جاچ  شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

ايان علي جو جيل ۾ 4 ڪلو وزن وڌي ويو، ورزش لاءِ مشينون گهري ورتيون

اسلام آباد(شوبز نيوز)ڪرنسي اسمگلنگ جي الزام ۾ گرفتار ماڊل ايان علي اڊيالا جيل ۾ مزي سان آهي ۽ ان کي ڪابه پري ساني ناهي، ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ماڊل جي وزن ۾ به 3 کان 4 ڪلو اضافو ٿي ويو آهي ان لاءِ ايان علي جيل اختيارين کان ورزش جون مشينون فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، هوڏانهن ايف بي آر جي ترجمان شهاد حشين اسد نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪسٽم ۽ انڪم ٽيڪس اختياريون ايان علي جي اثاثن جي جاچ ڪري رهيا آهن، قانوني طور تي 10 هزار ڊالر کان وڌيڪ ٻاهر کڻي وڃڻ جي اجازت ناهي.

 

سلمان خان بالي ووڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪار بڻجي ويو، هڪ فلم جا 60 ڪروڙ رپيا وٺي ٿو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان فلم نگري ۾ سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪار بڻجي ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب سلمان خان پنهنجي بلاڪ بسٽر ڪامياب فلمن جي ڪري مداحن ۾ تمام گهڻو مشهور آهي ۽ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو سندس معاوضو 60 ڪروڙ رپيا آهي جڏهن ته ٻئي نمبر تي عامر خان 45 ڪروڙن جي لڳ ڀڳ معاوضو وٺي ٿو. اڪشي ڪمار 40 کان 45 ڪروڙ رپيا ۽ شاهه رخ خان 35 ڪروڙ رپيا جڏهن ته رتڪ روشن 25 ڪروڙ رپيا معاوضو وٺندو آهي.

 

ورلڊ ڪپ، پروٽيز چوڪرز جو داڳ پاڻ تان نه هٽائي سگهيا، نيوزيلينڊ فائنل ۾ داخل

آڪلينڊ(اسپورٽس نيوز)ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان اي بي ڊويليئرز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو پروٽيز پهريان کيڏندي مقرر 43 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 281 رنسون ٺاهيون برسات سبب ڊڪ ورٿ لوئس سسٽم تحت ڏکڻ آفريڪا کي اضافي 18 رنسون ڏنيون وين ۽ ان طرح نيوزيلينڊ کي ڪاميابي لاءِ 298ع رنسن جو هدف مليو، ڏکڻ آفريڪا طرفان اوپننگ بيٽسمين هاشم عاملا 10، ڊي ڪوڪ 14 رنسون ٺاهي پويلين واپس هليا هليا، ڊوپليسز هڪ 6 ۽ ستن چوڪن جي مدد سان 82 رنسن جي انگ کيڏي نمايان رهيو روسو 53 بالن تي 39، ملر 18 بالن تي 49 رنسن جي اننگ کيڏي، ڊويليئرز 65 اجي اسڪور سان ناقابل شڪست رهيو، نيوزيلينڊ طرفان بولٽ 2 ۽ اينڊرسن 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو نيوزيلينڊ گهربل هدف 6 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، نيوزيلينڊ طرفان اوپننگ بيٽسمين گپٽل 34 رنسون ٺاهيون جڏهن ته ميڪلم 4 ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مد سان 26 بالن تي 59 رنسن جي جارحاڻي اننگ کيڏي، وليمسن صرف 6 رنسن جو اضافو ڪري سگهيو، ٽيلر 30 ۽ اينڊرسن 58 جي اسڪور تي پويلين هليا ويا ايليٽ 73 بالن تي 84 رنسن جي ڪامياب اننگ کيڏي.

 

ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جلد بحال نه ٿي ته بچيل ٽيلنٽ به ختم ٿي ويندو: وقار يونس

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ وقار يونس جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم جيڪڏهن پاڪستاني ڪرڪيٽ کي بچائڻو آهي ته فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جي ڍانچي کي معياري بڻائڻو پوندو ته جئين رانديگر جڏهن عالمي ڪرڪيٽ ۾ اچن ته هو ٻين ٽيمن جو اعتماد سان مقابلو ڪري سگهن ڪوچ مطابق ٽيم پنهنجي ڪنڊيشنز ۾ سٺو کيڏندي آهي پر جڏهن بيٽسمين ٻاهر جي ڪنڊيشنز ۾ وڃي کيڏندو آهي ته هو پاڻ کي تمام پوئتي ڏسندو آهي خاص طور تي بيٽسمين کي سيم، سوئنگ ۽ بائونس تي چڱي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، اڳوڻي ڪپتان چيو ته بورڊ کي اهڙا بيٽسمين ڳولڻا پوندا جيڪي 300 رنسن تائين اسڪور کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکندا هجن، هن چيو ته 1992ع ۾ پاڪستاني ٽيم عالمي ڪپ کان 6 هفتا اڳ آسٽريليا پهتي هئي ۽ ان کي انهن ڪنڊيشنز بابت ڄاڻن جو سٺو موقعو مليو هو قومي ڪوچ پاڪستاني ٽيم جي ورلڊ ڪپ ڪوارٽر فائنل کان اڳتي نه وڌڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو وقار يونس چيو ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جيڪڏهن گهڻي عرصي تائين ٻهال نه ٿي ته اهو ڊپ آهي ته بچيل ٽيلنٽ به ختم ٿي ويندو