تازيون خبرون

Daily Archives: March 19, 2015

شڪارپور ويجهو پراڻي دشمني تان هٿياربندن ناري ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

شڪارپور(ڊ.ر) شڪارپور ويجهو پراڻي دشمني تان هٿياربندن ناري ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. همايون ٿاڻي جي حد ڳوٺ روس معرفاڻي ۾ معرفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري لکڻ معرفاڻي ۽ مسمات شمع کي قتل ڪري ڇڏيو.. پوليس پهچي مارجي ويل عورت ۽ مرد جو لاش اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو، جڏهن ته ڌرين ۾ تڪرار تيز ٿي ويو آهي..

 

بوري والا ۾ بس ڪلٽي، 5 ڄڻا فوت ، 30 کان وڌيڪ زخمي

بوري والا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي علائقي بوري والا ويجهو سخي سرور جي ميلي تي ويندڙ پانڌيئڙن جي بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا  ۽ عورتن ۽ ٻارن سميت 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. پوليس موجب لڊن روڊ تي لاهور کان سخي سرور جي ميلي تي ويندڙ پانڌيئڙن جي بس برسات سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5  ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. پوليس موجب حادثي ۾ فوت ٿيلن لاش ۽ زخمين کي بوري والا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. اسپتال ۾ داخل زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، پوليس موجب حادثي ۾ فوت ٿيلن ۽ زخمين جو تعلق پنجاب جي منگا منڊي واري علائقي سان آهي.

 

ٿر ۾ موت جو راڄ، وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا

مٺي (نمائندو) ڏڪاريل ڏيهه ٿر ۾ موت جو رقص جاري آهي، سول اسپتال مٺي ۾ وڌيڪ 3 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن. ٿر ۾ خوراڪ جــِي  کوٽ، بيمارين ۽ علاج جون سهولتون نه هئڻ سبب موت جو پاڇو برقرار آهي. ننگرپارڪر جي ڳوٺ سندر واسي هڪ مهيني جي مهناز ڌيءَ لياقت سول اسپتال مٺي ۾ دم ڏنو. ڳوٺ ڀارنو واسڻ 11 ڏينهن جي اسماءَ ڌي سومار چلهار به سول اسپتال ۾ فوت ٿي وئي. سول اسپتال ۾ ئي جگديش جو تازو ڄاول ٻارڙو به فوت ٿي ويو، جنهن بعد اڄوڪي ڏينهن فوت ٿي ويل ٻارڙن جو انگ 3 ٿي ويو آهي.

 

اوٻاوڙو جي ڪچي ۾ پنجاب پوليس 4 مبينا ڦورن کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو

اوٻاوڙو (نمائندو) اوٻاوڙو جي ڪچي واري علائقي ۾ پنجاب پوليس 4 مبينا ڦورن کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو، جن جا لاش اوٻاوڙو جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. راونتي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ پنجاب جي ضلعي رحيميار خان جي پوليس 4 مبينا ڦورن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. راونتي پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل مبينا جوابدار پنجاب جا رهواسي آهن، جن جا لاش اوٻاڙي جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته مارجي ويلن مان هڪ جي فيض محمد طور سڃاڻپ ٿي آهي، مارجي ويلن جا وارثن اڃا تائين ناهن پهتا، جڏهن ته لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي. پنجاب پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري مختلف ڪيس ۾ گهربل هئا.

 

ايان علي جي اچڻ سان اڊيالا جيل جون اداسيون ختم، ڊانس پارٽين جو انڪشاف

اسلام آباد(شوبز نيوز)خابرو اداري مطابق اڊيالا جيل ۾ خوبصورت ماڊل ايان علي جي ايندي ئي جيل جون رونقون بحال ٿي ويون راولپنڊي جي بيوروڪريسي اڊيالا جيل پهچي وئي رحمان ملڪ جو ڀاءُ خالد ملڪ به اڊيالا جيل پهچي ويو ڊانس پارٽي جو انڪشاف ٿيو آهي جيل جي سيڪيورٽي لاءِ وڌيڪ نفري به طلب ڪئي وئي آهي ذريعن کان حاصل ڪيل معلومات مطابق ايان علي کي مهمان طور اڊيالا جيل ۾ وي آءِ پي پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي رحمان ملڪ جو ڀاءُ خالد ملڪ به اڊيالا جيل ملاقات لاءِ پهچي ويو ماڊل طرفان پي سي هوٽل جي کاڌن جي فرمائش کي خالد ملڪ طرفان پورو ڪيو ويو رابطو ڪرڻ تي رحمان ملڪ جي ڀاءُ خالد ملڪ موبائل فون بند ڪري ڇڏي ۽ موقف نه ڏنو.

 

خوفناڪ فلم انسيڊيئس چيپٽر ٿري جو نئون ٽريلر جاري

لاس اينجلس(شوبز نيوز)Leigh Whannell جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ هي فلم 2013ع ۾ رليز ٿيڻ واري انسيڊيئس چيپٽر ٽو جو  سڪوئل آهي، فلم جي ڪهاڻي هڪ اهڙي خاندان جي آهي، جنهن جي گهر ۾ پراسرار مخلوق جي ڪري مختلف واقعن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، دل کي دهلائيندڙ منظرن سان ڀريل انسيڊيئس چيپٽر ٿري 5 جون تي سينما گهرن جي زينت بڻجدي.

 

لارا دتا هڪ ڀيرو ٻيهر اسڪرين تي نظر ايندي

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي ميڊيا مطابق 2011ع ۾ شادي کان پوءِ فلمي شعبي کي الوداع ڪرڻ واري اداڪاره لارا دتا هڪ دفعو ٻيهر فلمن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي ۽ پرڀو ديوا جي هدايت ۾ ٺهندڙ  فلم “سنگ اس بلنگ” ۾ اداڪار اڪشي ڪمار سان گڏ نظر ايندي، ان حوالي سان اداڪاره سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجن مداحن کي پيغام ۾ چيو آهي، ته هو فلم“ سنگ اس بلنگ” ۾ خاص ڪردار ۾ نظر ايندي، جيڪا ان جي مداحن کي پسند ايندي.

 

عامر خان پنهنجي نئين فلم ۾ شرابي جو ڪردار نڀائيندو

نئي دهلي(شوبز نيوز): ذريعن  مطابق مسٽر پرفيڪٽ جي ايندڙ فلم جي لاءِ ان کي  شرابي جو ڪردار ڏنو ويندو، فلم “ پي ڪي” ۾ به عامر خان هڪ خاص ڪردار ادا ڪيو، جنهن ۾ ماڻهو ان کي چون ٿا ته“ پي ڪي آئي هو”، هاڻي ٻڌڻ ۾ آيو آهي، ته هو هڪ شرابي جو ڪردار نڀائڻ وارو آهي، فلم“دنگل” ۾ عامر خان ريسلر مها وير فوگٽ سنگهه جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

 

ڏکڻ آفريڪا سريلنڪا کي هارائي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو

سڊني(اسپورٽس نيوز)سڊني ڪرڪٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندڙ ڪوارٽر فائنل ميچ هڪ طرفي ثابت ٿي ڏکڻ آفريڪا بالنگ کانپوءِ بيٽنگ ۾ به شاندار راند جو مظاهرو ڪيو پروٽيز 134 رنسن جو آسان هدف هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 18 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو، اوپنر هاشم آملا 16 رنسون ٺاهي لسٿ ملنگا جي بال تي آئوٽ ٿيو جنهن کانپوءِ ڊي ڪوڪ ۽ ڊوپليسي  ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٻئين وڪيٽ تي 94 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي، ڪوڪ ون ڊي ڪيريئر جي پنجين هاف سينچري مڪمل ڪئي هن 78 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي ڊوپليسي 21 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو، ان کان اڳ سريلنڪن بيٽنگ لائن پروٽيز بالنگ سامهون واري جي ڀت ثابت ٿي ۽ پوري ٽيم 37.2 اوورن ۾ 133 رنسن تي ڍير ٿي وئي ست بيٽسمين ڊبل فگر ۾ به نه پهچي سگهيا ٽورنامينٽ ۾ هينئر تائين 4 سينچريون هڻي پهريون نمبر رهندڙ ڪمار سنگاڪار 45 جڏهن ته ٿريماني 41 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا ڏکڻ آفرڪا طرفان ڊوميني شاندار هيٽرڪ ڪئي ان کان علاوه ليگ اسپنر عمران طاهر به چار شڪار ڪيا، ڊيل اسٽين، ايبٽ ۽ مورڪل هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا.

 

پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ورلڊڪپ جي ٽين ڪوارٽر فائينل ميچ 20 مارچ تي کيڏي ويندي

ايڊيليڊ (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ورلڊڪپ جي ٽين ڪوارٽر فائينل ميچ 20 مارچ تي کيڏي ويندي. ميچ ايڊيليڊ ۾ هٿرادو روشنين ۾ کيڏي ويندي ۽ پاڪستاني وقت موجب صبح ساڍي 8 وڳي شروع ٿيندي. جڏهن ته ايڊيليڊ ۾ موجود قومي ٽيم ڀرپور ٽريننگ سيشن مان پڻ گذري، جنهن دوران آسٽريليا خلاف بيٽنگ، بالنگ ۽ خاص طور فيلڊنگ تي خاص ڌيان ڏئي رانديگرن کي ٽريننگ ڪرائي وئي، آءِ سي سي ناڪ آئوٽ رائونڊ لاءِ پڻ ڪو ريزرو ڏينهن ناهي رکيو، ان ڪري جيڪڏهن ڪوارٽر فائنل برسات سبب متاثر ٿي يا ميچ برابر ٿي ته پوءِ گروپ ميچن ۾ بهتر پوزيشن رکندڙ ٽيم سيمي فائنل لاءِ ڪوليفاءِ ڪندي. آسٽريليا پول اي ۾ ٻين ۽ پاڪستان پول بي ۾ ٽين پوزيشن تي آهن ان ڪري جيڪڏهن ميچ دوران برسات پئي يا ميچ ٽاءِ ٿي ته ڪينگروز ئي اڳتي ويندا. ان ڪري پاڪستان کي سٺي راند سان گڏوگڏ موسم پڻ سٺي رهڻ جي دعا ڪرڻي پوندي