تازيون خبرون

Daily Archives: March 10, 2015

عمران خان نان اشوز تي سياست ڪرڻ بدران ڪي پي ڪي تي توجه ڏئي: عابد شير علي

ملتان (بيورو) پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته هلندڙ سال مئي واري مهيني تائين 1500 ميگا واٽ بجلي سسٽم جو حصو ٿي ويندي. ملتان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عابد شير علي چيو ته عمران خان کي گهرجي ته هو نان اشوز تي سياست ڪرڻ بدران ڪي پي ڪي تي توجهه ڏئي. هن چيو ته هن سال گرمين دوران شهرن ۾ ڇهه ۽ ڳوٺن ۾ 8 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ڪئي ويندي ۽ جيڪڏهن ڪٿي ڪو ٽرانسفارمر سڙندو ۽ تبديل نه ٿيندو ته اتان جي ايس ڊي او کي فوري طور تيمعطل ڪيو ويندو. هن چيو ته تربيلا ڊيم ۾ 1400 ميگا واٽ بجلي هن سال شامل ٿي ويندي، جڏهن ته بند پيل پاور پلانٽس کي جلد بحال ڪيو ويندو.

 

اين اي 122 جي فيصلي کانپوءِ رستن تي اچڻ جو فيصلو ڪنداسين: عمران خان

لاهور (م.ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان گلبرگ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو اين اي 122 جي فيصلي کانپوءِ رستن تي اچڻ جو فيصلو ڪنداسين جوڊيشل ڪميشن جي حوالي سان حڪومت سنجيدگي جو مظاهرو نه پئي ڪري جيڪڏهن اهو ئي رويو رهيو ته اسان احتجاجي تحريڪ ٻيهر شروع ڪنداسين عمران خان چيو ته اڳ به احتجاج ۾ لاهور وارن ڀرپور ساٿ ڏنو هاڻ به يقين آهي ته لاهور جا ماڻهو اسان سان گڏ هوندا  تحريڪ انصاف جو چيئرمين عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان تقريب ۾ شرڪت لاءِ لاهور آيو هو عمران خان چيو خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊون بائيوميٽرڪ سسٽم ذريعي ڪرائينداسين، سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو پارٽي اجلاس ۾ ٿيندو ۽ پنجاب ۽ سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن جو اعلان ٿينديو ته حصو وٺڻ جو سوچينداسين.

 

سعودي عرب هٿيارن جو سڀ کان وڏو خريدار بڻجي ويو، ڀارت ٻئين نمبر تي

واشنگٽن (م.ڊ) دنيا ۾ هٿيارن جي خريداري ۾ سعودي عرب ڀارت کان به گوءِ کڻي ويو 2014ع ۾ سعودي عرب هٿيار خريد ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ بڻجي ويو آهي، عالمي منڊي ۽ معيشت جي باري ۾ تحقيق ڪندڙ ڪمپني آءِ ايڇ ايس رپورٽ ۾ ٻڌايو ته گذريل 6 سالن کان دنيا ۾ دفاعي تجارت ۾ مسلسل اضافو ڏٺو ويو آهي ۽ 2014ع ۾ ڪل 64.4 ارب ڊالر جو واپار ٿيو جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ حصو سعودي عرب جو رهيو، آءِ ايڇ ايس مطابق هٿيارن جي واپار ۾ هن رڪارڊ اصافي جو سبب دنيا جي اڀرندڙ معيشتن طرفان فوجي جهازن جي گهرج ۾ اضافو ۽ وچ اوڀر ۽ ايشيائي بحرالڪاهل جي خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ آهي، 2013 وانگر 2014 ۾ به هٿيارن جي وڪري ۾ آمريڪا پهرين نمبر تي رهيو، ان کانپوءِ روس، فرانس، برطانيه ۽ جرمني جو نمبر رهيو هٿيارن جي عالمي تجارت جي سالياني رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سعودي عرب طرفان هٿيارن جي گهرج ۾ ڊرامائي اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي سعودي عرب جي آئنده خريداري جي آرڊرز کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته 2015ع ۾ انهن سودن جي لاڳت 9.8 ارب ڊالر ٿي ويندي جيڪا هٿيارن جي عالمي خريداري جو 52 سيڪڙو هوندو.

 

پ پ 40 ۽ 60 واري فارمولي تي عمل ڪري سنڌين جي فٽن تي لوڻ ٻرڪيندي رهي آهي: قادر مگسي

هنڱورجا (نمائندو)  سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سيد قائم علي شاهه نالي جو وزيراعلي آهي باقي سنڌ حڪومت کي ٻي هلائي رهيا آهن کيس جي ڪراچي جي ايس ايڇ او به نٿو ٻڌي ته وفاق ڪيڏانهن ٻڌندو. پ پ وارا سنڌ جي خلاف ٿيندڙ هر سازش ۾ برابر جا شريڪ رهيا آهن اهوئي سبب آهي جو سينيٽ جي چونڊ ۾ ووٽن جي لالچ ۾ايم ڪيو ايم کي ٻيهر حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي. پ پ 40 ۽ 60 واري فارمولي تي عمل ڪري سنڌين جي فٽن تي لوڻ ٻرڪيندي رهي آهي. گڏيجي ۾ پ ٽ الف اڳواڻ استاد منظور حسين سومرو جي ڀاءُ ۽ هنڱورجا ۾ ايس ٽي پي ڪارڪن طفيل ميمڻ جي والده جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ هڪ گهري سازش تحت دهشت گردي جو ٻج ڇٽي سنڌ ۾ دهشت گردي جا واقعا ڪرائي پرامن سنڌ کي دهشت گردن جي حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌ صوفين بزرگن ۽ پرامن سنڌين جي ڌرتي آهي پر وانا ۽ وزيرستان جي ڀاڳوڙن پٺاڻن کي سنڌ ۾ آڻي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ سان گڏ دهشت گردي جو ٻج پوکيو پيو وڃي. هن چيو ته حيدرآباد ۾ نفرت پکيڙڻ جي لاءِ الطاف جي نالي تي يونيورسٽي قائم ڪئي پئي وڃي جنهن جو نالو هر صورت ۾ مٽائي ڇڏينداسين. هن چيو ته سنڌ جا وزير ۽ مشير هٿن ۾ ٻهارو کڻي سنڌ کي صاف سٿرو ڪرڻ لاءِ ڦوٽو سيشن ڪرائن پيا پر جيسيتائين وزير مشير پنهنجي اندر ڪرپشن کان پاڪ نه ڪندا تيسين سنڌ صاف نه ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته وزيرن مشيرن ڪرپشن جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن ۽ پ پ جي 7 سالن جي اقتدار واري دور ۾ سنڌ 50 سال پوئتي ڌڪجي وئي آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي زراعت کي حڪمران هٿ وٺي تباهه ۽ برباد ڪري رهيا آهن . چانورن، ڦٽين جي آبادگارن کي صحيح اگهه نه ڏنو ويو ۽ هاڻي وري ڪمند جي آبادگار به صحيح اگهه نه ملڻ جي خلاف روڊن تي احتجاج ڪري رهيا آهن پر حڪومت پنهنجي ئي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڪمند جا آبادگار روڊن تي احتجاج ڪن ويا ته وري ڪڻڪ جو بحران هٿ سان پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي يوڪرين مان ڪڻڪ گهرائي سنڌ ۾ ٻيهر ڪڻڪ جو بحران ڪري ڪڻڪ جي آبادگارن کي به تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي اغوا ڪري انهن جي مٿان وحشياڻو تشدد ڪري انهن جا چچريل لاش موڪلي سنڌ ۾ بلوچستان جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڊاڪٽر قادر مگسي سان گڏ نصرت چنو، ڊاڪٽر ذاڪر سولنگي، بهلول سولنگي، فقير همٿ سولنگي، شفقت مهيسر ۽ ٻيا گڏ هيا

 

دپيڪا پڊوڪون“باجي راوء مستاني” ۾ 20 ڪلو وزني لباس پائيندي

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي  اداڪاره دپيڪا پڊوڪون پنهنجي نئين فلم جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ اڄڪلهه راجستان ۾ موجود آهي ۽ ان فلم ۾ مختلف جنگ جا منظر رڪارڊ ڪرائڻ جي لاءِ روايتي جنگي لوهي لباس پهريندي  جنهن جو وزن 20 ڪلو گرام آهي، دپيڪا  پڊوڪون ان فلم ۾ هڪ نئي انداز ۾ جلوه ڏيکاريندي ۽ ان فلم جي لاءِ خصوصي طور تي تلوار هلائڻ جي مهارت حاصل ڪري رهي آهي، ان کان پهرين دپيڪا فلم “ رام ليلا ” ۾ به 30 ڪلو وزني گاگهرو پهريو هو.

 

ايڪشن ٿرلر فلم “ نو اسڪيپ ” جو پهريون ٽريلر جاري

نيويارڪ(شوبز نيوز)هالي ووڊ اداڪارن اوون ولسن ۽ پيئرس براسنن جي ايڪشن ٿرلر فلم“ نو اسڪيپ” جو پهريون ٽريلر جاري ڪري ڇڏيو آهي، هدايتڪار جان ايرڪ ڊوڊل جي ان فلم ۾ اوون وسن ۽ پيئرس براسنن سان گڏ ليڪ بيل، اسٽرلنگ جيرنز ۽ اسپينسر گيرٽ خاص ڪردار نڀائي رهيا آهن، مائيڪل لٽوڪ ۽ ڊريو ڊوڊل جي پروڊيوس ڪندڙ ان فلم جي ڪهاڻي هڪ آمريڪي فيملي جي چوڌاري گهمي ٿي جيڪا اتر ڏکڻ ايشيا جي ملڪ منتقل ٿئي ٿي، جتي ٿيڻ واري بغاوت ۽ خانه جنگي سان پرڏيهن جي جانين  کي شديد خطرو هوندو آهي،ايڪشن ۽ ٿرل سان ڀرپور هي فلم 2 سيپٽمبر تي سينيما گهرن جي زينت بڻجدي.

 

ماسڪو فيشن شو ۾ ماڊلز جي چاڪليٽ سان سجيل لباس جي نمائش

ماسڪو(شوبز نيوز)ماسڪو فيشن شو ۾ ماڊلز چاڪليٽ سان سجيل لباس جي نمائش ڪئي، شوقين پرڪشش لباس سان گڏ چاڪليٽ جي سحر ۾ به گم رهيا، ريسائيڪل ڪيل ڪارڊ بورڊ تي چاڪليٽ ۽ ٽافين جي ڊزائيننگ لباس کي وڌيڪ پرڪشش بڻائي ڇڏيو، شو ۾ چاڪليٽ ٺاهڻ جو طريقو ۽ چاڪليٽ تي مختلف قسمن  جي  ورڪشاپن ۾ به شوقينن دلچسپي جو اظهار ڪيو.

 

ڀارتي اداڪار اديتيا پنچولي نائيٽ ڪلب ۾ مار ڪٽ ڪرڻ تي گرفتار

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي ميڊيا مطابق اديتيا پنچولي ممبئي جي هڪ نائيٽ ڪلب ۾ نشي جي حالت ۾ هڪ هندي گاني جي فرمائش ڪئي، پنهنجي خواهش پوري نه ٿيڻ تي بالي ووڊ اداڪار ڊي جي کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون،اهڙي صورتحال تي قابو آڻڻلاءِ موجود هڪ سيڪيورٽي گارڊ آيو ته هن ان کي به نه بخشيو ۽ ان تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ گارڊ زخمي ٿي پيو ۽ صورتحال ايتري ته بگڙجي وئي جو انتظاميا کي مجبورن پوليس گهرائڻي پئي،پوليس جو چوڻ هو ته اديتيا پنچولي جي خلاف نشي جي حالت ۾ جهيڙو ۽ ڌمڪين سميت مختلف ڏوهن جي هيٺ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ ان کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

 

بنگلاديش انگلينڊ کي شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو

ايڊليڊ(اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي اهم گروپ ميچ ۾ بنگلاديش دلچسپ مقابلي کانپوءِ انگلينڊ کي 15 رنسن تان شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آسٽريليا جي شهر ايڊليڊ ۾ کيڏي ويندر ميچ ۾ بنگلاديش مشڪلاتن جي باوجود محمد الله جي سينچري جي مدد سان انگلينڊ کي ڪاميابي لاءِ 276 رنسن جو هدف ڏنو جنهن جي جواب ۾ انگلش ٽيم 260 رنسن تي پويلين واپس هلي وئي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين جوس بٽلر 65 ۽ بيل 63 رنسن سان نمايان بيٽسمين رهيا جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ معين علي 19، اليڪس هيلز 27، جو روٽ 29، اسٽوئرٽ براڊ 9 جڏهن ته ڪپتان ايئن مورگن، جيمز ٽيلر ۽ ڪرس جورڊن کاتو کولڻ بنا ئي آئوٽ ٿي ويا، بنگلاديش طرفان روبيل حسين 4 جڏهن ته مشرفي مرتضيٰ ۽ تسڪين احمد 2،2 وڪيٽون حاصل ڪيون، ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي پيش ڪرڻ تي محمد الله کي مين آف دي ميچ جي اعزاز سان نوازيو ويو.

 

ڪمار سنگاڪارا 14 هزار رنسون مڪمل ڪندڙ ٻيون رانديگر بڻجي ويو

سڊني(اسپورٽس نيوز)سريلنڪا جو رانديگر ڪمار سنگاڪارا پنهنجي ون ڊي ڪرڪيٽ ڪيريئر جون 14 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون آهن ڪمار سنگاڪارا ٽنڊولڪر کانپوءِ 14 هزار رنسون مڪم لڪندڙ ٻيون رانديگر بڻجي ويو آهي هن پنهنجو هي رڪارڊ آسٽريليا خلاف ميچ ۾ مڪمل ڪيو.