تازيون خبرون

Daily Archives: March 5, 2015

زبان ترڪي وئي…جيتري ٿي سگهي ڪرپشن جي ڪوششن ڪندا آهيون، منظور وساڻ جي بيان تي سنڌ اسيمبلي ۾ ٽهڪ

ڪراچي(اسٽآف رپورٽر) جيتري ٿي سگهي ڪرپشن جي ڪوشش ڪندا آهيون سنڌ اسيمبلي ۾ ڪرپشن جي بيان تي منظور وسان جي زبان ترڪي پئي، شهريار مهر چيو ته سچ زبان تي اچي ئي ويو وڏا چوندا آهن ته سوچي سمجهي ڳالهايو ۽ اهي ٺيڪ ئي چوندا آهن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران صوبائي وزير منظور وساڻ جي زبان ئي ترڪي پئي ان جي وات مان اهي لفظ مڪمل ٿيا ئي هئا ته ايوان ۾ ٽاڪڙو مچي ويو ان صورتحال ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج  دراني کي وضاحت ڪرني پئي ايتري ۾ اسيمبلي مان آواز آئي ته منظور وساڻ کي ڪو خواب ته نه آيو ڳالهه اتي ئي ختم نه ٿي اپوزيشن ليڊر شهريار مهر چيو ته آخر ڪڏهن نه ڪڏهن سچ زبان تي اچي ئي ويندو آهي پر اهو زبان جو ترڪڻ پهريون ڀيرو ناهي ٿيو ان کان اڳ به هڪ ڀيرو منظور وساڻ  جي زبان ترڪڻ سبب ڪافي شرمندو ٿيڻو پيو  هو.

 

جسقم پاران 21 مارچ تي سڄي سنڌ اندر شٽر بند هڙتال جو اعلان

حيدرآباد (بيورو) جسقم پاران شهيد مقصود قريشي، سلمان وڌو ۽ منظور چنا جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف 21 مارچ تي سموري سنڌ اندر شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال جو اعلان ڪيو آهي، جسقم چيئرمين صنعان قريشي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ڌاريان آباد ڪري سنڌين کي اقليتن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. حيدرآباد ۾پريس ڪانفرنس ڪندي جسقم چيئرمين صنعان قريشي، نياز ڪالاڻي ۽ ٻين چيو ته شهيد مقصود قريشي سميت 3 ڪارڪنن جا قاتل رياست گرفتار ناهي ڪري سگهي. هنن چيو ته ٽنهي جي شهادت واري ڏهاري 21 مارچ تي سموري سنڌ اندر شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي ويندي. هنن چيو ته 23 مارچ تي سموري سنڌ اندر سنڌ گهري ٿي آزادي جي نالي سان ريليون ڪڍيون وينديون ۽ 7 اپريل تي رتي ديري ۾ شهيد بشير خان قريسي جي ورسي ملهائي ويندي. صنعان قريشي جو چوڻ هو ته  سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪري سنڌي ماڻهن کي اقليتن ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جيڪا سنڌي عوام ناڪام بڻائي ڇڏيندو. هن چيو ته حڪمران سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿي سنڌي ماڻهن کي مرحومين ڏانهن ڌڪي رهيا آهن، جنهن خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

بلوچستان کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي: سردار اختر مينگل

ڪوئيٽا (بيورو) بي اين پي مينگل گروپ جي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته بلوچستان کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، خواجه سعد رفيق چيو آهي ته  هاڻي بلوچن کي نظر انداز نه ڪيو ويندو ۽ کين گڏ کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ڪوئٽيا ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سردار اختر مينگل چيو ته بلوچ عوام کي نظر انداز ٿيڻ جي هميشه کان شڪايت رهي آهي. هن چيو ته بلوچستان جي ماڻهن مان محرومي جو احساس ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت جو ڪو به ڪردار نظر نه پيو اچي. سردار اختر مينگل چيو ته بلوچستان جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ٿيڻ گهرجن، بلوچن کي گڏجي وٺي هلڻو آهي ته انهن کي فرسٽ سٽيزن سمجهڻو پوندو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته بريف ڪيس وارا ڪنهن ڪنهن جي به نمائندگي نه ٿا ڪن، هن چيو ته بلوچستان جا مسئلا ڳنڀير آهن، هتان جا مسئلا هتان جي سياسي جماعتن سان گڏجي حل ڪرڻا پوندا. خواجه سعد رفيق ميڊيا کي ٻڌايو ته سينيٽ چونڊن لاءِ چئن عورتن رابطو ڪيو هو، جن مان ڪلثوم پرويز کي تجربيڪار هجڻ سبب سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي.

 

لهڙي ۾ پُراڻي دشمنيءَ تان فائرنگ، 3 ماڻهو مارجي ويا

ڊيرا مراد جمالي(م.ڊ) بختيار آباد جي علائقي ۾ پُراڻي دشمنيءَ تان ٻن ڌُرين جي وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا. ليويز مطابق اربع ڏهاڙي بختيار آباد ليويز ٿاڻي جي حد تعلقي لهڙي ۾ خير محمد نالي شخص جي گهر تي اوچتو فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ خير محمد، هدايت الله ۽ هڪ اڻڄاتل شخص موقعي تي مارجي ويا. ليويز ۽ سيڪيورٽي فورسز اطلاع تي پهچي لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيا. ان سلسلي ۾ ليويز وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

 

شاهه رخ چنائي کان پوءِ هاڻي پنجاب ايڪسپريس ۾ نظر ايندو

ممبئي(شوبز نيوز): فلم چنائي ايڪسپريس جي ڪاميابي کان پوءِ هدايتڪار روهت شيٽي ٻيهر شاهه رخ خان سان گڏ فلم ٺاهي رهيو آهي، ممبئي ۾ هڪ پريس ڪانفرنس جي دوران پاڻ روهت شيٽي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي، پنهنجي هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي روهت شيٽي چيو ته: جي ها، مان شاهه رخ سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته هينئر شاهه رخ خان کان علاوه اسان ڪنهن ٻئي اسٽار ۽ فلم جي ٻين ڪردارن جي باري ۾ ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي، ان اهو به ٻڌايو ته ان جي موجوده فلم “ پنجاب ايڪسپريس” هوندي.جڏهن ته تازي رپوٽ جي مطابق شاهه رخ ۽ روهت فلم“دل والي ” جو حق رکڻ واري هيري باويجه سان ملاقات ڪئي ۽ ان سان فلم جي ٽائيٽل جي باري ۾ ڳالهايو.

 

عدالت طارق ٽيڊي جي گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور(اسپورٽس نيوز) اسٽيج ڪاميڊين  طارق ٽيڊي  کي عدالت هٿڪڙيون لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ان تي الزام هو ته هو پنهنجي ٻارن کي خرچ نه ڏئي رهيو هو، لاهور جي فيملي ڪورٽ ۾ طارق ٽيڊي جي گهرواري عاصمه ٻارن جي خرچ جي اپيل داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ موقف بيان ڪيو ويو آهي ته 2 پٽن جي پيدائش کان پوءِ طارق ٽيڊي انهن کي گهر مان ڪـڍي ڇڏيو هو، 2011 کان ٻارن جو خرچ به بند ڪري ڇڏيو ، عدالت جي هر هر  گهرائڻ جي باوجود پيش نه ٿيڻ تي طارق ٽيڊي جا عدالت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 16 مارچ تي ٿيندي.

 

مليڪا شراوت نه پر شرافت آهي: اوم پوري

ممبئي(شوبز نيوز)دنيا ڪجهه به چوي پر اوم پي مليڪا شراوت کي مليڪا شرافت قرار ڏئي ڇڏيو هن چيو ته مليڪا معصوم ۽ سادي ناري آهي بالي ووڊ اداڪار اوم پوري فلم ڊرٽي پاليٽڪس ۾ مليڪا شراوت سان گڏ ڪم ڪيو جنهن کانپوءِ مليڪا جي باري ۾ ان جا خيال ئي بدلجي ويا، اوم پوري جو چوڻ هو ته هن مليڪا جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌي رکيو هو پر ان سان ملي اندازو ٿيو ته هوءَ معصوم ۽ سادي ناري آهي اوم پوري چيو ته هو چاهي ٿو ت مليڪا شراوت جو نالو مليڪا شرافت رکيو وڃي.

 

بالي ووڊ جي اداڪاره شرڌا ڪپور ڇويهين سالگره ملهائي

ممبئي(شوبز نيوز)شڪتي ڪپور جي ڌي شرڌا ڪپور  بالي ووڊ جي اڀرندڙ اداڪاره آهي،   شرڌا ڪپور  کي فلم نگري ۾ ڪاميابي عاشقي ٽو کان ملي جنهن گهٽ عمر ۾ شرڌا کي شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو، گوري تيري پيار ۾ مهمان اداڪاره بنجڻ کان پوءِ شرڌا ايڪ ولن ۾ ڪمال اداڪاري ڏيکاري، ايڪ ولن ۽ حيدر ڪي هيروئن  انهن  ٻنهي فلمن ۾ ڳايو به آهي، مختصر فلمي ڪيريئر ۾ ڪيترائي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪرڻ واري اداڪاره شرڌا جلدي اي بي سي ڊي ٽو ۾ جلوه ڏيکاريندي

 

شاهد آفريدي ون ڪيريئر جون 8 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون

نيپيئر(اسپورٽس نيوز)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار آل رائونڊر شاهد خان آفريدي ون ڪيريئر ۾ 8 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون، نيوزيلينڊ جي شهر نيپيئر جي مڪلين پارڪ ۾ گڏيل عرب امارات خلاف 7 بالن ۾ 21 رنسون ٺاهيون ان سان گڏ ئي هو عالمي ميچن ۾ 8 هزار رنسون ٺاهيندڙ پاڪستان جو چوٿون بيٽسمين بڻجي ويو آهي بوم بوم آفريدي اهو اعزاز 395 ميچن ۾ 6 سينچرين ۽ 39 هاف سينچرين جي مدد سان 23.52 جي ايوريج سان بيٽنگ ڪندي حاصل ڪيو آهي ان کان علاوه شاهد آفريدي کي ون ڊي ميچن ۾ 400 وڪيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ صرف 7 وڪيٽن جي ضرورت آهي.

 

ٽنڊو محمد خان ۾ سنوڪر ٽورنامينٽ جو فائنل، جشميد سمون ڪامياب

ٽنڊو محمد خان(اسپورٽس نيوز)ٽنڊو محمد خان سنوڪر ٽورنامينٽ جو فائنل محله نصيرآباد ۾ آصف ميمڻ ۽ جمشيد سمون وچ ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ جمشيد سمون مسلسل ٻه گيم کٽي فائنل پنهنجي نالي ڪري ورتو ، جڏهن ته فائنل ٽورنامينٽ جو مهمان خاص ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري ونر ۽ رنر ڪپ رانديگرن ۾ ورهايا ۽ انعام پڻ ڏنو ، ياد رهي ته ٽورناممينٽ ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي جي 36 رانديگرن حصو ورتو هو .