تازيون خبرون

Daily Archives: March 2, 2015

ڪراچي سپر هاءِ وي تي روڊ حادثي سبب 2 ڄڻا فوت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي تي انصاري پل ويجهو ٽريلر گاڏي کي ٽڪر هڻي ڪڍي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا ريسڪيو ذريعن مطابق ڪراچي کان حيدرآباد طرف ويندڙ انصاري پل ويجهو ٽريلر ۽ گاڏي وچ ۾ ٽڪر ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄنا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جا لاش ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن جڏهن ته زخمين کي سپر هاءِ وي ٽول پلازه تي قائم نجي اسپتال منتقل ڪيو يو آهي

 

سول اسپتال مٺي ۾ غذائي کوٽ ۽ ٻين مرضن سبب علاج هيٺ وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا

ٿرپارڪر(م ڊ): ٿرپارڪر ۾ غذائي کوٽ سبب مارچ جي پهرئين ئي ڏينهن 3 نوان ڄاول ٻارڙا فوت ٿي ويا، گذريل مهيني 36 ٻارڙا موت جي ننڊ سمهي پيا هئا سول اسپتال مٺي ۾ غذائي کوٽ ۽ ٻين مرضن سبب علاج هيٺ وڌيڪ 3 ٻارڙا فوتٿي ويا، فوت ٿيندڙ ٻارڙن جو تعلق اسلام ڪوٽ، ڏيپلو ۽ مٺي جي ڏورانهين ڳوٺ سان آهي فيبروري ۾ مختلف بيمارين ۽ غذائي کوٽ 36 ٻارن جي حياتي کسي ورتي هئي.

 

عوام کي پوليس ۽ ملٽري ڪورٽس مڙهيون ويون آهن، غنويٰ ڀٽو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو گروپ جي چيئرپرسن غنويَ ڀٽو چيو آهي ته عوام تي پوليس ۽ ملٽري ڪورٽس مڙهيون ويون آهن ذوالفقارعلي ڀٽو جي دور ۾ ماڻهو پنهنجي ملڪ تي قربان ٿيڻ لاءِ تيار هئا ۽ اڄ ملڪ کي بچائڻ لاءِ ڪوئي تيار نه آهي سياسي پارٽيون دهشتگردن جو ڇپر ڇانو آهن ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلر سياسي پارٽين جا آهن گلوبٽ ڪنهن جو آهي هر سياسي پارٽي جون هٿياربند ونگون آهن هڪ خاص انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪسن جو نظام غلط آهي ٽيڪسن جو نظام گراس روٽ ليول کان مٿي ٿيڻ گهرجي اهو غلط آهي ته اسلام آباد سڄي ملڪ مان ٽيڪس گڏ ڪري پوءِ پنهنجي مرضي سان حصو ڏي هن نظام ۾ بلوچستان کي آبادي گهٽ هجڻ کي سڀ کان گهٽ حصو ملي ٿو. بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ حالتون ڏسو ملڪ ۾ نوجوان ڪهڙي پارٽي مان سياسي ۾ هصو وٺي رهيا آهن ڇا وڏيرن جا پٽ يا زالون پارليامينٽ ۾ پهچڻ سان اهو تصور ڪري سگهجي ٿو ته نوجوان سياست ۾ حصو وٺي رهيا آهن اهڙي سياست سان ملڪ ۾ تبديلي نه ايندي رياست ۾ ڪجهه عنصر طالبان جا حامي ۽ ڪجهه مخالف آهن جڏهن رياستي عنصرن ۾ دهشتگردن جا حامي هوندا ته دهشتگردي ڪيئن ختم ٿيندي. آمريڪا پاڪستان جو نه پر اسان جي حڪمرانن جو دوست آهي.

 

مهيش ڀٽ پنهنجي ڌيءَ پوجا سان گڏ ڪراچي ايندو

نئين دلي:(شُوبز نيوز) بالي ووڊ جو مشهور فلساز مهيش ڀٽ پنهنجي ڌيءَ، اداڪاره ۽ هدايتڪاره پوجا ڀٽ سان گڏ 12 مارچ کان شروع ٿيندڙ ناپا انٽرنيشنل ٿيٽر فيسٽيول ۾ شرڪت لاءِ پنهنجي اسٽيج پلي ڊيڊي سان گڏ ڪراچي پهچي رهيو آهي، انڊيا ٽوڊي جي رپورٽ مطابق هو 1989ع ۾ ان ئي نالي سان هڪ فلم به ڊائرڪيٽ ڪري چڪو آهي جنهن ۾ اداڪاري سان پوجا ڀٽ پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي پر هان ڊيڊي ڪراچي ۾ اسٽيج ٿيڻ وارو آهي،  پوجا ڀٽ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته ڊرامي جي مرڪزي ڪردار ۾ دلي سان تعلق رکندڙ اداڪاره عمران زاهد ڪاسٽ آهي جڏهن ته عمران خان اسٽيج ڊرامي ۾ فلم ڊيڊي ۾ انوپم کير وارو ڪردار پيش ڪندو ناپا ري پيٽري ٿيٽر جي آرٽسٽڪ ڊائريڪٽر زين احمد مطابق مختلف ملڪن جا ڄاتل سڃاتل ٿيٽر آرٽسٽس فيسٽيول ۾ پنهنجو فن پيش ڪندا

 

عامر خان کي اشتهار ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ 2 ڪروڙ روپين جي آڇ

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ مسٽر پروفيڪٽ عامر خان باڪس آفيس جا سمورا رڪارڊ ٽوڙڻ کاپوءِ هاڻ ايڊورٽائزمينٽ جي دنيا ۾ به نئون رڪارڊ بڻائيندو، عامر خان کي هڪ نجي ڀارتي ڪمپني اشتهار لاءِ 2 ڪروڙ روپين جي آڇ ڪري ڇڏي بالي وُڊ جي مهانگي ترين اداڪارن ۾ شمار ٿيندڙ عامر خان اڄ ڪلهه ڀارت ۾ ايڊورٽائيزنگ ڪمپنين جي پهرين چوائس آهي فلم پي ڪي جي رڪارڊ ڪاميابي کانپوءِ هاڻ هو هڪ نجي ڪمپني سان اشتهار لاءِ 2 ڪروڙ روپيا وٺندو اشتهار جي خاص ڳالهه اها هوندي ته اشتهار ۾ ان جي گهرواري ڪرن رائو به نظر ايندي ان کان اڳ بالي وُڊ جا ڪيترائي جوڙا اشتهارن ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا آهن.

 

بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور سوائن فلو سبب اسپتال منتقل

احمد آباد(شوبز نيوز): بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور سوائن فلو ۾ مبتلا ٿيڻ سبب اسپتال منتقل ڪئي وئي آهي ڀارتي ميڊيا مطابق سونم ڪپور گجرات جي شهر راج ڪوٽ ۾ پنهنجي نئين فلم پريم رتن ڌن پايو جي شوٽنگ ۾ مصروف هئي ته ان دوران ان کي معمولي بخار جي شڪايت تي اسپتال نيو ويو جتي ان جي ميڊيڪل ٽيسٽ کانپوءِ ڊاڪٽرن سوائن فلو جي تصديق ڪري ڇڏي جنهن کانپوءِ ان کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جڏهن ته ڪجهه عرصو اڳ ان ئي فلم جي شوٽنگ دوران سونم کي ساهه ۾ تڪليف سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي ميڊيڪل ٽيسٽ کانپوءِ ان ۾ شوگر جي مرض جي تصديق ٿي هئي، ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته اداڪاره جو علاج جاري آهي جڏهن ته سوائن فلو سبب ڊاڪٽرن ان کي مڪمل صحتياب ٿيڻ تائينوڌيڪ ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

 

وڌندڙ عمر انسان کي باوقار بڻائي ٿي: ڪرينا ڪپور

نئين دلي(شوبز نيوز)ڪرينا ڪپور نئين دلي ۾ هڪ برانڊ جي اشتهاري تقريب دوران ڳالهائيندي چيو ته وڌندڙ عمر سان گڏ ماڻهو جي ذهانت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيندو آهي ڀارتي ميڊيا مطابق خوبصورت اداڪاره جو چوڻ آهي ته مان 34سالن جي آهيان ۽ مان پنهنجي حقيقي عمر جيتري ئي نظر اچڻ پسند ڪندي آهيان مان ان ڳالهه جي خواهشمند نه آهيان ته 18 يا 22 سالن جي نظر اچان ڪرينا ڪپور بالي ووڊ جي حسين ۽ باصلاحيت اداڪاره مڃي ويندي آهي ڪڀي خوشي ڪڀي غم، جب وي ميٽ، ٿري ايڊيٽس ۽ اوم ڪارا جهڙن فلمن ۾ ڪرينا پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.

 

پاڪستان زمبابوي کي سخت مقابلي کانپوءِ هارائي ورلڊ ڪپ ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي

برسبين(اسپورٽس نيوز)ورلڊ ڪپ 2015ع جي سخت مقابلي کانپوءِ پاڪستان زمبابوي کي شڪست ڏئي پهرين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي پنهنجي سالگرهه جي ڏينهن به شاهد آفريدي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو جڏهنته ناصر جمشيد ۽ احمد شهزاد به ڪامياب نه ٿي سگهيا، قومي ٽيم طرفان وهاب رياض بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو پاڪستان جي 235 جي هدف جي حاصلات ۾ زمبابوي جي پهرين وڪيٽ 14 جي مجموعي اسڪور تي 4.4 اوور ۾ ڪري جڏهن جبابا 9 رنسون ٺاهي عرفان جي بال تي حارث سهيل جي هٿن ۾ ڪيچ ڏنو، .6.4 اوورن ۾ مجموعي طور تي 22 رنسن تي سڪندر رضا 8 رنسون ٺاهي محمد عرفان جو شڪار بڻيو جڏهن ته 74 جي مجموعي اسڪور تي مساڪاڊزا 29 رنسون ٺاهي پويلين جو رخ ڪيو ۽ بهتر راند پيش ڪندڙ ٽيلر 128 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ففٽي مڪمل ڪري  وهاب رياض جي بال تي عمر  اڪمل هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، زمبابوي کي پنجين وڪيٽ کان ان وقت هٿ ڌوئڻو پيو جڏهن 33.2 اوورن ۾ مجموعي طور تي 150 رنسن تي 33 رنسون ٺاهي وليمز راحمد علي جي بال تي آئوٽ ٿيو، مجموعي طور تي 166 رنسن تي مائري اٺ رنسون ٺاهي محمد عرفان جي بال  تي عمل اڪمل کي ڪيچ ڏنو زمبابوي کي ستون نقصان هڪ ڀيرو ٻيهر وهاب رياآض پهچايو جڏهن اروين 39.2 اوورن ۾ مجموعي طور تي 168 رنسن تي عمل اڪمل هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو. قومي ٽيم طرفان محمد عرفان چار، وهاب رياض 3 ۽ راحت علي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، جڏهن ته بهترين ڪارڪردگي تي وهاب رياض کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

 

پي سي بي چيئرمين قومي ٽيم ۾ تبديل جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاهور(اسپورٽس نيوز)پي سي بي چيئرمين شهريار خان چيو آهي ته قومي ٽيم جي ڪاميابي ٿي خوشي ٿي آهي جڏهن ته ٽيم ۾ اهم تبديلي جي ضرورت آهي ميڊيا کي جاري پنهنجي بيان ۾ شهريار خان جو چوڻ هوته ناصر جمشيد جي جاءِ تي سرفراز احمد کي کيڏائڻ گهرجي ها جڏهن ته سرفراز احمد کان وڪيٽ ڪيپنگ سان گڏوگڏ اوپننگ به ڪرائڻ گهرجي، هن جو چوڻ هوته ناصر جمشيد هن وقت فارم ۾ ناهي ان لاءِ سليڪشن ڪميٽي کي گهرجي ته ان جي جاءِ تي سرفراز احمد کي ٽيم ۾ شامل ڪري ته جيئن ان جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو وٺي سگهجي هن وڌيڪ چيو ته اڄ جي ڪاميابي پاڪستان لاءِ انتهائي اهم هئي پر ان کان علاوه پاڪستان کي ايندڙ 3 ميچون به کٽڻيون پونديون هن جو چوڻ هو ته پاڪستان کي هاڻ گڏيل عرم امارات سميت ڏکڻ آفريڪا خلاف به ڀرپور ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ته جيئن پاڪستان ٻئي مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪري سگهي.

 

راجر فيڊرر دبئي ٽينس چيمپيئن شپ کٽي ورتي

دبئي(اسپورٽس نيوز)سوئٽزرلينڊ جي راجر فيڊرر سربيا جي نوواڪ جوڪووچ کي شڪست ڏئي دبئي ٽينس چيمپيئن شپ جو ٽائيٽلکٽي ورتو دبئي ۾ راجر فيڊرر ۽ نوواڪ چوڪووچ  وچ ۾ کيڏي ويندڙ فائنل هڪ طرفي ثابت ٿي راجر فيڊرر 3-6 ۽ 7-5 تان ڪاميابي ٿي ٽائيٽل کٽي ورتو، هي فيڊرر جي جوڪووچ خلاف 20 هين ڪاميابي آهي ٻئي طرف چيڪ ريپبلڪ جي لوشيا سفارووا قطر اوپن جو ٽائيٽل کٽي ورتو هن فائنل ۾ وڪٽوريا ازارينڪا کي شڪست ڏني.